شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

عشق اوٿر جيان پيو ٿو اڏندو اچي،

عشق اوٿر جيان پيو ٿو اڏندو اچي،
نينهن ناسور بڻجي ٿو وڌندو اچي.

ڀورو بخمل بدن ۽ ٻيو ليڙون لٽا،
پيو ڪفن کان سوا لاش لڙهندو اچي.

سڀ ڪچا ۽ پڪا ويا مٽي ٿي مٽي،
وقت ويري ٿو جوڙن کي ڇنندو اچي.

ويو وسامي آ ڪنهنجي ته گھر جو ڏيئو،
ڪنهنجو گهر روز روشن ٿو ٿيندو اچي.

ساٿ جو سڏ ستايل کي جي ڪنهن ڏنو،
ان ئي جذبي تحت عشق اٿندو اچي.

باب بيداري وارا پيا ورجايون،
سنڌ جو سور دل ۾ ٿو چڀندو اچي.

ظلمتن جي گھڙين سان ڏئي مُنهن ”ضمير“
قوم جو هر الم غم ٿو سهندو اچي.
**