شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

گهڙي لاءِ اهڙو نهاريو هيئه،

گهڙي لاءِ اهڙو نهاريو هيئه،
حياتي سڄي ئي جياريو هيئه.

نه آيو مون کي هوش آهي اڃا،
ڪهڙو جام جاني پياريو هيئه.

سڄو ساهه سرهاڻ منهنجو ٿيو،
جڏهن سڪ منجهان پئي نهاريو هئي.

هي تنهنجي هنر جو ئي آهي ڪمال،
مئي من کي جرڪي جياريو هيئه.

اکيون پير توڏي ڪري مان وڌيس،
ڏئي ڪوٺ جڏهين ته ساريو هيئه.

پکي ڪو نه واپس وريو شام ٿي،
بلنديءَ تي جنهن کي اڏاريو هيئه.

رهي ڇانوَ ”انجم“ نه آهي اُتي،
رهيا وڻ نه جاتي گذاريو هيئه.
**