پنهنجا هوندي ڀي ڪٿي پنهنجا رهيا،
نانءُ ۾ ويڙهيل رڳو رشتا رهيا.
زندگي ٿي درد جي ڏاڪڻ لڳي،
ڏاڪي اڳيان ڄڻ ته ڏاڪا ٻيا رهيا.
تون نه منهنجو ٿي سگهين ٻي ڳالهه آ،
منهنجا ڳوڙها ڀي نه اڄ منهنجا رهيا.
جيئن تتل واري کي هوندي پياس آ،
نيڻ تاسا تو سوا ساڳيا رهيا.
ڪين ماڻيندي ڪڏهن ترقي اها،
قوم جنهن ۾ هن سدا درجا رهيا.
اي خدا، تنهنجي ته جوڙيل ڏيهه ۾،
بس غريبن جي ئي گهر سڏڪا رهيا.
يادگريون لُڙڪ ۽ ايذاءُ ڪجهه،
دوست تنهنجي پيار جا تحفا رهيا.
ٿي ضميرن جي لڳي بازار هت،
مون ڏٺا پئي آدمي سستا رهيا.
ڇا وڃي ”انجم“ جو دنيا سان پرين!
سارا ناتا توسان سڀ رشتا رهيا.