وساريم گھڻو ئي مگر ياد آيو،
اوهان جو چيل هر اکر ياد آيو.
هُري مشڪ عنبر جي خوشبو هوا ۾،
مٺي مون کي تنهنجو پگھر ياد آيو.
ڇُهي تو سڄي سونُ دنيا ڪئي آ،
مگر هي نه توکي بشر ياد آيو.
ٻه ٽي لڙڪ اکڙين مان برسي پيا ها،
توسان وينِ وارو سفر ياد آيو.
جڏهن کان ٿُڏيو تو، انهيءَ وقت کان پو،
نه گھر ياد آيو نه در ياد آيو.
ڏٺا نيڻ تنهنجا ڀريل آب کان ها،
وسڻ وارو مون کي ڪڪر ياد آيو.
جتي ڀي ويس مان اتي يار ”اشفاق!“
اوهان جي ئي دل جو شهر ياد آيو.
**