مور نه موٽيا ماڳن تي آ رات انڌيري ڇائنجي وئي،
ملڻو هاڻي ڀاڳن تي آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
آس جا ڏيئا ٻاري اکين ۾، ويٺي آ هوءَ ويچاري،
ٻيڙو آهي جھاڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
وڳر ڪري هُو وريا هن، جي صبح سويلي نڪتا ها،
ويٺا ٽارن ساڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
ڪانبي ۾ هوءَ ڪئين نه وجھي ٿي پئي سرنهن ۽ ڄانڀي جا پنَ،
سندس گذارو ساڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
ميلي تي مانڌاڻ مچائڻ، تبلي، چپڙي، يڪتاري سان،
بي سُريا هليا راڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
ها فائر جا آواز چوڌاري، ٿي رُت سان ڌرتي ڳاڙهي وئي،
وڙهيا خسيس مهاڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.
**