ڀونءِ ڏاڍي تتي تيز تڪڙا هلو،
آڳ من ۾ متي تيز تڪڙا هلو.
ربط ۽ ضبط سان وک وڌايو تِکي،
آ سفر فطرتي تيز تڪڙا هلو.
لاٽ ٻرندي رهي گام وڌندي رهي،
ٻاٽ ۾ ٿي بَتي تيز تڪڙا هلو.
هوش ۽ ولولي سان اَڪابر هلو،
جيئن لهي نا ڪَتي تيز تڪڙا هلو.
ڏور منزل نه آ هانءُ هاريو متان،
پنڌ باقي پَتي تيز تڪڙا هلو.
هٿ ۾ هٿڙا ڏيو جيئن ڪڙي ۾ ڪڙي،
مون نه رت جي رتي تيز تڪڙا هلو.
**