سوچ سُرهو سفر لوچ لهجو ته ٿيو،
عشق ارڏو سهي فِڪر ڦــٿــڪو ته ٿيو.
من به ماندو رهي، اک به آلي رهي،
ڳل تي ڳوڙها ڪِريا ساهه سُڏڪو ته ٿيو.
باهه شعلا مچن جهومي جذبا نچن،
ڇا هيو سلسلو برهه ڀڙڪو ته ٿيو.
پيار جو پاسبان مهربان ٿئي نه ٿئي،
چاهه چسڪو مگر عشق الڪو ته ٿيو.
سِر ٿيو ڪارگر رائگان ڪين ويو،
سونهن ۽ سنڌ تان کيس صدقو ته ٿيو.
منهنجي سڏڪن سان پرچن نه پرچن پرين،
ها روئڻ سان رڳو هانءُ هلڪو ته ٿيو.