شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

دل اندر درد محسوس ٿئي ٿو پيو،

دل اندر درد محسوس ٿئي ٿو پيو،
هو جڏهن ياد مون کي اچي ٿو پيو.

خود به خود پير منهنجا ٿا اڳتي وڌن،
ڄڻ ته محبوب جو در ڇڪي ٿو پيو.

ڪوئي هن کي بچائي وٺي جلد ۾،
عشق جي سمنڊ ۾ هو ٻڏي ٿو پيو.

هن کي ڪنهن آدميءَ جو سهارو نه آ،
پوءِ ڀي پوڙهو لٺ تي گهمي ٿو پيو.

هو جڏهن کان ملڻ مون سان ويو آ ڇڏي،
رنگ زندگي جو ڦٽندو وڃي ٿو پيو.

مون کي ”اڪبر“ جهان ۾ اڪيلو ڏسي،
موت ڀي روز سڏڙا ڪري ٿو پيو.
**