شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

آزاد نظم

هڪ شام- اُداس،
جڏهن تون ڏيئي جي لاٽ کي،
پنهنجي زلفن جي پاڇولي ۾،
اوجهل ڪري،
هوا جي تيز جهوٽن کان بچائيندي،
منهنجي من مندر کي اجالو ڪرڻ لئه،
پنهنجي نرم نازڪ هٿن ۾،
کڻي ايندين،
تڏهن ان ڏيئي لاٽ ۾،
تنهنجو مکڙو ٻهڪڻ لڳندو،
ڏيئي جي لاٽ،
تنهنجي ٻهڪندڙ مُک کي،
ڇهڻ جي ناڪام ڪوشش ۾،
رڌل رهندي،
تنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ،
توکي اتاولو ڪري ٿي،
۽ ٻڌائي ٿي
ته اها ڏيئي جي لاٽ نه آ،
پر اهو آئون آهيان،
جو تنهنجي جدائي ۾ تڙپان ٿو،
۽ چاهيان ٿو ته هڪ دفعو،
تنهنجي چمڪندڙ ڦلڙين واري مُک کي،
پنهنجين هٿن ۾ وٺان،
۽ خوبصورت ۽ گلابي ڳلن کي،
سدائين ڏسندو رهان.