تنهنجي راهه نهاريان ويٺو، تنهنجي راهه نهاريان ويٺو، لُڙڪ اکين مان هاريان ويٺو. ايندين ساجن مون ڏي ڪڏهين، ان لئه پاڻ جئاريان ويٺو. نيڻ هي تنهنجي راهن ۾، ديپ ڪري مان ٻاريان ويٺو. تنهنجي اچڻ جي آس رکي ”گل“ ايئن اندر ٿو ٺاريان ويٺو. **