شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

ڀٽائي

ڀلارا ڀٽائي ڀلارا ڀٽائي،
پسائي اسان کي نظارا ڀٽائي.

ملي ان کي مفهوم قرآن اڄ ڀي،
اگر ڪوئي سمجهي اشارا ڀٽائي.

ٿيو فيض تنهنجو جبل جهنگ جهر ۾،
نه اهڙو ڪو ٿيندو ڀلارا ڀٽائي.

فضيلت ۽ آداب سيکاريا تو،
اسان سنڌ واسين کي سارا ڀٽائي.

ڪرم جا ڪڪر سنڌ تي پيا وسن اڄ،
ڀلا ڀاڳ ٿيا اڄ ڀلارا ڀٽائي.

نگاهون ته ”حاذق“ جون بيتاب آهن،
ڏسن شال تنهنجا منارا ڀٽائي.
**