ڪچهري ڪنداسين
چانهه پيئنداسين
کلنداسين
روئينداسين
هُن مون سان
سڀاڻي ملڻ جو واعدو ڪيو آهي
ان کي خبر ناهي
سڀاڻو ڪنهن ڏٺو ئي ناهي.
**
جيئن ننڍڙو ٻار
پيٽ ۾ سور پوڻ ڪري
روئيندو آهي
پر ٻڌائين نه سگهندو آ
ڇو ٿو روئي.
مان تنهنجي
وڇوڙي کان پوءِ
بلڪل ائين روئندو آهيان.
**
مون سنڀالي رکي آهي.
تون ياد ڪر..!
تنهنجي پايل
ڪِٿي ڪري پئي هُئي؟
**
ڪڏهن ڪڏهن
سوچيندو آهيان!؟
مونکي اهو خوف
وڪوڙي ويو آهي
ته تو ڇو؟
ڪنڊي جيان ڪڍي
ڦٽي ڪري
گل کان ڌار ڪيو ٿي.
**
روز رات جو ايندو آ
ننڊ ۾ ڏسي موٽي ويندو آ.
منهنجو ڪيڏو خيال ٿو ڪري
اٿاريندو به ناهي.
ڏک منهنجي هٿن
۽ خوشي هُن جي
پيرن کي چُمي ڏيندي آهي.
تون زندگيءَ جي
سوال نامي جو
لازمي سوال آهين
جنهن جو جواب
هن وقت تائين
ڪنهن وٽ به ڪونهي ڪو.
**
رات ڏاڍو پريشان ٿيس،
ائين لڳو
هُن جي اکين جي آڳر تي
پاڻ وساري آيو آهيان
۽ هاڻي مان پريشان ٿيڻ
ڇڏي ڏنو آهي.
**
پنهنجي زندگيءَ جو بوڪ،
پڙهي، پڙهي
ٿڪجي پيو آهيان.
ڪو نئون نظم
ٻڌاءِ ته
مٺڙي ننڊ ڪري وٺان.
**
زندگيءَ کان وڌيڪ
توسان پيار ڪندو آهيان
اهو هُن کي
سمجهائيندي، سمجهائيندي
منهنجو،
پنهنجو ئي زندگيءَ سان
اختلاف ٿي ويو آهي.
**
توکي
منهنجي تحرير
سمجهه ۾ نه ٿي اچي
يا
توکي سمجهه ئي ڪونهي؟
**