ڏينهن اوهان، جو رات اوهان جي، ڏينهن اوهان، جو رات اوهان جي، مون کي آهي، تات اوهان جي. لُڙڪ اکين مان، وهن ٿا لارون، آهي ڏنل برسات اوهان جي. وسرين ڪين مٺا ٿو مون کان، روز لبن تي بات اوهان جي. هي ته ”وفا“ آ سادو سادو، اوچي آهي ذات اوهان جي. **