شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

توسان منهنجو پيار،

توسان منهنجو پيار،
او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

ڪيٽي کان ڪشمور تائين،
تنهنجو آ وستار،
او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

آهن ساڳيا سهڻيءَ سنڌوءَ،
ناهي اڄ ميهار.
او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

وسري ڪين ٿي اڄ ڀي ڪنهن کان،
هوشوءَ جي للڪار،
او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

سچل، شاهه ڀٽائي جي ڏس،
جڳ ۾ آ هٻڪار،
او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

سسئي، مومل، نوريءَ، سورٺ،
ڌرتيءَ جا ڪردار،
او سنڌو! توسان منهنجو پيار.

هوشو، هيمو، دولهه، دودو،
سنڌين جا سردار،
او سنڌو، توسان منهنجو پيار.
**