شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

زندگي بي ڪيف ۽ بيڪار ڪو آهي سفر،

زندگي بي ڪيف ۽ بيڪار ڪو آهي سفر،
درد جو دارون نه هت، ڪا پيار جي ناهي خبر.

تنهن پرينءَ دوکو ڏنو، جنهن تي ڪيو هو ناز مون،
بس پيو ماتم ڪجي، هر رات سنجهي ۽ سحر.

پيار جون پينگهون اڏيندي ڪين مون ڄاتو هيو،
ترت هُو ويندو ڇڏي ائين پيار جي پهرين پهر.

عشق منزل آهي جنهن جي، سور ان کي ڇا ڪندو،
سُک سمهي سو ڪيئن سگهي، جنهن کي مليو آهي هجر.

سُک سوين ماڻين پرين تون، شاد شل هردم رهين،
تنهنجي هر هڪ قول کي ساري، ڪيو ”صابر“ صبر.
**