روز راهون تڪي جُهري پئي آ،
تنهنجي يادن سان دل ڀُري پئي آ.
ڏينهن ۾ ڏهه دفعا هئين ڏسندو،
بند هاڻي اها دري پئي آ.
عمر ڀر لئه جدا ڪري ويٺين،
ڪا نه تنهنجي خبر وري پئي آ.
رات چانڊوڪي ۽ مٿان مرڪون،
دل تي تصوير سا تري پئي آ.
واعدن جو ڀرم رکيم ڏاڍو،
پوءِ به تو وٽ وفا مري پئي آ.
غير من ۾ رکي سگهيو ناهيان،
پوءِ به دنيا سڄي ٻري پئي آ.
ڳالهه ”خيرل“ پرين چٽي ٿو ڪري،
دل ٿي تو بن صفا چري پئي آ.
**