نه شڪوه ڪوئي قدرت کان،
نه مان مايوس قسمت کان.
پهاڙن کان به پختو آ،
پُڇو انسان جي عظمت کان.
هي دل آهي چري منهنجي،
جو تنگ ٿي آهي غُربت کان،
مسلسل موت جي ويجهو،
ڊُڪيو آهيان قيامت کان،
ڪريان ڪيئن الوداع يارو،
کڻان ڪيئن ساهه سنگت کان،
جي سنڌ ڪعبو ڪفر آهي،
مٽيان منهن ڇو نه جنت کان.
قيامت ٿا گهرن ماڻهو،
اهڙي جيوت جي ذلت کان.
ملي آ ڏات ورثي ۾،
نصيبن واري نعمت کان.
لکان سنڌ سونهن جي صدقي،
چڱي آ لوچ عظمت کان.
”رشيد“ الفت جي اوٿر ۾،
حماقت ڇا حقيقت کان.