شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

جھانجھريون پيرن ۾ پائي مان پرين نچندو رهيم،

جھانجھريون پيرن ۾ پائي مان پرين نچندو رهيم،
تنهنجي آمد جو ٻُڌي مان کنوڻ جيان کلندو رهيم.

موج مستيءَ دل جي وستي آهي جرڪائي ڇڏي،
مست ٿي مان رقص ۾ ئي خواب ڪي ڏسندو رهيم.

دل جي ڌرتيءَ تي خوشيءَ جي ناچڻي نچندي رهي،
جيئن ڇمڪو ڇير جو ٿيو، تيئن خوش ٿيندو رهيم.

مهڪ وکري واءُ ۾ جئن، ساهه سرها ٿي کڄيم،
پيار جا گلڙا ٽڙي پيا ڀؤنر جيان ڀُرندو رهيم.

اڄ خوشي اهڙي خوشي ٿي پيار ورڇيوسي ’’ضمير‘‘،
مرڪ جا تحفا ڏنئه امرت ڪري پيئندو رهيم.

**