سونهن سان سِرڙو لڳي هر هر مٺا،
سونهن تان قربان آ سر گهر مٺا.
خوبصورت سڀ شيءَ پياري لڳي،
هر ڪوئي آ سونهن جو نوڪر مٺا.
عشق سڪندر ۽ ڪيئي ڪونڌر ڪُٺا،
سونهن ڀي گهايا آهن قلندر مٺا.
هن بهارن ۾ بي منظر سونهن جا،
سونهن جي حد ناهي ڪا مقرر مٺا.
سونهن جي دلبر اکين ۾ منڌ ڀريل،
ساقي وٽ اهڙو نه آ ساغر مٺا.
سونهن تي مان ڇا لکان تخيل نه آ،
قلم جو اهڙو نه آ مقدر مٺا.
سونهن تان ”خيرل“ فدا مان ٿي وڃان،
سيلرا منصور ٿيان جيڪر مٺا.
**