عشق اول ٿو اچي ڪنهن خيال ۽ خمار سان،
جاءِ دل ۾ ٿو ڄمائي ڪنهن وڏي ويچار سان.
ديد ديدن سان ملي ۽ ٿو پوي دل تي اثر،
پو کلي خوشبوءَ ڪري کيڪار سان گفتار سان.
ٿي ويو دل جو ٽَڪر جي دل ڪنهن سان اوچتو،
يار جو پيشو ڪري هر گام تي رفتار سان.
پيو نهاري راهه رستا روز شب بس يار جا،
دوست ري دم دم کڻڻ ڀي ٿيو وڏي آزار سان.
آهَه زاريءَ ۾ گذاري ڏينهن سڄو سڏڪا ڀري،
رات ساري سو گذاري خالي ذڪر_يار سان.
پو ذرو ڀي دل نه سهندي غير سان ان جو ملڻ،
پيو ڪندو هر وقت سو تڪرار بس اغيار سان.
عشق وارو ٿو گذاري ڪيئن پنهنجي زندگي،
ٿي لڳي ان جي طبيعت هو بهو بيمار سان.
ڪو سودائي ٿو سڏي ڪو مست ديوانو سڏي،
هي لقب سڀئي مليا بس عشق جي اقرار سان.
عشق وارن جي اتي”حاذق“ ٿي بس منزل جتي،
عشق وارن جي هميشه عيد آ ديدار سان.
**