قلم ڪيئن ڪيا تو سر، پڇين ٿو ڇا ڪيو آهي،
شهر ڪيئي بڻايئه بَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
محل ڪيئي ڪروڙن جا ٿيا کنڊرات جا منظر،
ڏنا ڪنڊا ڦٽا ٿن سرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
پگهر پنهنجو به پيئڻ لئه نه ڏئين ٿو ڇو وڏيرا تون،
سڪايا تو سوين هن جَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
ظلم ڇا وڌم به ٿيندو آ،زماني ۾ ٻڌايو هي،
نچايا تو ننَهن تي نَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
سُري کاڌل هڏا منهنجا لڳن ايئن اڄ مونکي،
رڳن کي تو ڏنا هن وَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
لتون ٺونشا هڻي ڪُک ۾ ڪيا تو بند سڀ نڪ ۾،
ڪيرايئي پيٽ وارا ڦَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
ڏسي ويران سارا گهر لڳي تن کي ويا هن چر،
دلين جا سڀ ڀڳا تو دَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
لهو سارو وئين پيئي غريبن جو غلامي سان،
کسي ڏوڪڙ ڀريا تو ڀرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
ٽڪر ڍوَ تي گهرون ٿا جي، ننڍن ٻارن جي لئه توکان،
کڻين ٿو نانگ وانگر ڪَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
وجهين ٿو وات ۾ واڳون ڳپل ٿيو چار منهن ٿاڪون،
ڏني تو ڪين آهي ڍرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
ڀڄي هوڙون پيون آهن ٺهي اوڙون پيون آهن،
هلايان هانءُ تي ٿو هرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
شڪر آهي اهو ”اشفاق“ اونڌا تنهنجا ڪيا هن طاق،
خبر ڏي مونکي اڄ سوئَرَ، پُڇين ٿو ڇا ڪيو آهي.
**