پيار کان تون ڌار ناهين او پرين!
سار کان تون ڌار ناهين او پرين!
پل ۾ رسين ٿو، پل ۾ ٿو پرچين،
ٻار کان تون ڌار ناهين او پرين.
وقت آ بي رحم ڌوڻي ٿو پيو،
ڏار کان تون ڌار ناهين او پرين.
ماڪ ۾ مرڪي ٽڙيا گل هئا،
خوشبو کان تون ڌار ناهين او پرين.
درشني الجهي پئي، مون کي ڏسي،
سينگار کان تون ڌار ناهين او پرين.
تو خريدي ڇڏيو مون کي پيار ۾،
واپار کان تون ڌار ناهين او پرين.
فاصله ئي فاصله ڀل هجن پر،
نهار کان تون ڌار ناهين او پرين.
ساز ڪوئي تنهائي ڇيڙي پئي،
سِتارَ کان تون ڌار ناهين او پرين.
ڪا انا مان روح ۾ ناهي رکي،
دل يار تون ڌار ناهين او پرين.
اکيون ”ڪنول“ ميگهه ٿي برسن پيون،
ملهار کان تون ڌار ناهين او پرين.