شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

باغ ۾ گلڙا ٽِڙن توساڻ هٿ هٿ ۾ هجي،

باغ ۾ گلڙا ٽِڙن توساڻ هٿ هٿ ۾ هجي،
گل هجن گلزار ۾ گڏ پاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

شوق سان ميون پٽڻ ۾ سج ويو تنهنجو لهي،
مل اچي مونسان مٺا بس هاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

منهن لڪاءِ ڪين هل منهن تان پردو لاهه تون،
ڪر نه مونسان ڪابه تون ڇڪتاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

تابُ تجلو حسن جو انڊلٺ جيان تنهنجو چوان،
پاءِ سرمو چنڊ جي چانڊاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

ديد ديدن سان ملائي داد ڪرِ مل دلرُبا،
پلڪ نا ٿي تون پري واکاڻ هٿ هٿ ۾ هجي.

ٻاجهه ٻهڳڻ ڪر اچي تون آءُ ”حاذق“ سان ملڻ،
ڇو پري توکان رهان تو ساڻ هٿ هٿ ۾ هجي.
**