جو پيار بنا هوندو، جو پيار بنا هوندو، سو وقت قضا هوندو. تنهنجي راهه ۾ جو ايندو، سجدو سو ادا هوندو. منهنجو جو ڪو نه ٿيو، ڪنهن جي ته صدا هوندو. تنهنجو چهرو مون لاءِ ڄڻ، دردن جي دوا هوندو. هر در تي وڪامي ٿو، نالي ۾ وفا هوندو. **