ڪيم دانهون مان اُڀ ڦاڙي نه ٻڌو دلدار منهنجو سڏ،
لنوائي هو ويو جائي ايئن منٺار منهنجو سڏ.
صبا منهنجو نه نياپو نيو نه ٿيو قاصد ڪبوتر ڪو،
ڀلا ڏس تون ته ڪهڙي ريت وڃي ٻي پار منهنجو سڏ.
پکي خود فڪر ۾ ايندا ۽ درندا دهلجي ويندا،
جبل ٿيندا ڀڄي پرزا جي ٿيو ٻيهار منهنجو سڏ.
نه ڪو همدرد دنيا ۾ نه آ ڪو يار ياور هت،
سُڻي شل مهر سان سهڻو اچي هڪ وار منهنجو سڏ.
اڱڻ آيو ڀري پيرا ڪيائين عيد ”حاذق“ سان،
رهي قسمت بحمدُ الله نه ٿيو بيڪار منهنجو سڏ.
**