پاڪ ڌرتيءَ مٿان باک ڦٽندي رهي،
داغ ڌرتيءَ سندا ماڪ ڌوئندي رهي.
گهر ڌياڻيءَ مٿان رات گوليون وسيون،
سوچ خاموش آ جانِ جلندي رهي.
لاش ٻورين مان بيڏوهه ملندا رهيا،
سُرت سورن ۽ دردن ۾ دکندي رهي.
سچ سوريءَ تي هر جاءِ چڙهندو ڏٺم،
ڪوڙ ڪلفت جي بازار مچندي رهي.
خون جا لُڙڪ لاڙي ڪو ساري پيو،
سار جي تار هينئڙي ۾ هُرندي رهي.
ڪنهن ته گلشن آ شمشان ٻيهر ٿيو،
من ۾ ”صابر“ جي سُرهاڻ سڙندي رهي.
**