سهڻن جو سردار مٺا تون، سهڻن جو سردار مٺا تون، منهنجو آن منٺار مٺا تون. تنهنجي ڇا تعريف ڪيان مان، گلڙن ۾ گلزار مٺا تون. منهنجي سِر جو آهين سهارو، دل جو آن دلدار مٺا تون. “نادر“ تو ۾ ساهه آ منهنجو، اکڙين جو آن ٺار مٺا تون. **