مان صحرا جي ڪا واري هان،
يا وسندڙ ڪڪري ڪاري هان.
جت پنڇي جو هو آکيرو،
سا وڻ جي ٽٽل ٽاري هان.
ڪنهن ظالم جي تهه خانن ۾،
مان گھايل جيوت ساري هان.
جا بيدريءَ سان بسمل آ،
معصوم سنڌياڻي ناري هان.
جت جنمن کان ڏيئو نه جليو،
سا اجڙيل گھرَ جي جاري هان.
جو قرضن مرضن ۾ ڦاٿل،
سو جيل نجيءَ جو هاري هان.
جا پيسن تي آ پيءُ ڏني،
سا نياڻي قسمت ماري هان.
ناهي ساوڪ جو ڪو تيلو،
ڪهڙي ”بشير“ مان ٻاري هان!
**