يار جو ديدار مون لئه ڪافي آ،
عشق جو اظهار مون لئه ڪافي آ.
جام نيڻن جو پياري تو ڇڏيو،
قرب ۾ هي قرار مون لئه ڪافي آ.
ٻي دنيا مون کان کسي ڇڏجو ڀلي،
بس پرين جو پار مون لئه ڪافي آ.
دل جي دنيا بس رهي آباد شل،
۽ سڄڻ جو پيار مون لئه ڪافي آ.
مان ته ان جو هو به پنهنجو ٿو چوين،
تنهن جو هي آڌار مون لئه ڪافي آ.
حسن کي سجدا ڪيان دل ٿي چوي،
سونهن جو سنسار مون لئه ڪافي آ.
سڪ به هن جي سيني ۾ سانڍي رکيم،
۽ سڄڻ جي سار مون لئه ڪافي آ.
سنڌ تي سر مان ”جمالي“ گهوريان،
ماءُ جو هي پيار مون لئه ڪافي آ.
**