ضرورت
ان هار ۾ آ دُر_شهوار جي ضرورت.
محبوب ماهِ لقا تنهن منٺار جي ضرورت،
دم دم پوي ٿي دل کي دلدار جي ضرورت.
رندن جي آهه محفل ساقي ۽ جام گهرجي،
شيشي جي پالڪيءَ ۾ گلفام نام گهرجي
اهڙي خوشيءَ کان پوءِ آ خُمار جي ضرورت.
تصور ته آهه دل ۾ ظاهر ڏسڻ ٿو چاهيان،
صورت نماڻي ان جي پل پل پسڻ ٿو چاهيان،
هڪ وار آهي دل کي ديدار جي ضرورت.
جاڪون ويو آ وڇڙي ابتر آ حال منهنجو،
سڀ ڪو سڏي سودائي خاصو نه خيال منهنجو،
دلدار جي آ دل کي آڌار جي ضرورت.
گلشن به آههِ ساڳيو نظري نه ٿي بهاري،
ڪوماڻي ٿو ڏسان گلشن جي ٽاري ٽاري،
گلشن ۾ بلبل کي آ اڄ گفتار جي ضرورت.
خالق خزان کُٽائي موٽي اچي بهاري،
حاصل قرار ٿئي شل ٿئي دور بيقراري،
ان راهه ۾ فقط آ اقرار جي ضرورت.
راضي رضا تي آهيون دانهن مان ڪجهه نه ٿيندو،
جيڪي لکيل قضا ۾ اهو ئي پيش ايندو،
تقدير ۾ نه ”حاذق“ آ تڪرار جي ضرورت.
**