سونهن تنهنجي ثواب جهڙي آ، سونهن تنهنجي ثواب جهڙي آ، تنهنجي خوشبوءَ گلاب جهڙي آ. منهنجو هر هڪ سوال ناڪاره، مرڪ تنهنجي جواب جهڙي آ. تنهنجي ٻولي ۽ گفتگو سانئڻ، شاعري جي ڪتاب جهڙي آ. منهنجي نيڻن ۾ عشق ڇولي ”گل“ اک تنهنجي عقاب جهڙي آ. **