ڪتاب جو نالو: علامه علي خان ابڙو علمي خدمتون
مصنف: بدر ابڙو / ثناءُ الله سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 08 فيبروري 2020 ع
پڙهيو ويو: 1255 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 175 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • ٿورا
  • ٻه اکر
  • حصو پهريون: شخصيت، سيرت ۽ شاعري

  • مرحوم علي خان ابڙو: اياز قادري
  • علي خان ابڙو: جمال ابڙو
  • امر شخصيت: عبدالستار ڀٽي
  • تاثرات
  • علامه علي خان ابڙو جا خط مولانا دين محمد وفائي مدير “توحيد” ڏانهن
  • شاعري
  • حصو ٻيون: اسلام

  • اسلام ۽ ترقي
  • اسلام ڇا آهي؟
  • عقل ۽ روحاني جذبا
  • اڄوڪا بزرگ ۽ سچي بزرگي
  • ڪلمو شريف
  • نماز
  • خطبو
  • دعا
  • روزا
  • زڪوات
  • حج
  • صلوات، تسبي ۽ وظيفا
  • تقدير، دين ۽ دنيا، رزق، موت
  • الدين يسر يعني دين سولو آهي
  • شفاعت
  • سچو تصوف ۽ اڄوڪا ڪوڙا درويش
  • معجزا ۽ ڪرامتون (خرق عادت)
  • قبا ۽ قبرون
  • ملپي ۽ مرده شوئي جو ڌنڌو
  • ناسخ منسوخ
  • وهابيت
  • شيخ حافظ وهبه نجدي جي تقرير جو اختصار
  • تبليغ
  • فرقا ۽ اتفاق
  • ڪتب خانه ۽ مطالعي جو شوق
  • تعليم
  • اسلام ڇا آهي؟
  • تعليمات اسلام
  • حالات نبوي عرف حيات النبي ﷺ
  • علم ۽ ديني علم
  • اخلاقي ۽ مذهبي تعليم
  • خيرات لاءِ قرآن پاڪ جو ارشاد
  • پيغمبر اسلام جي حياتي تي غور ڪريو ته اسلام جي سچائي معلوم ٿئي
  • اسلام ۽ اليڪشن
  • اخلاقي گلدستو
  • قرآن شريف ۽ ڪانسٽيٽيوشن
  • رسومات تباهي
  • اهل حق ۽ قرآن مجيد جي مخالفت
  • هاڻوڪو تصوف
  • وهابي ڪنهن کي ٿا ڪوٺين ؟
  • محبت جو اسلامي فلسفو
  • قرآني معارف
  • قرآن شريف مان اخلاقي سبق
  • قرآن شريف معنيٰ سان نه پڙهڻ گهرجي ڇا؟
  • ڀتين جي سينگار ۽ نصحيت لاءِ چند آيات و احاديث وغيرھ
  • مذهب ڇا آهي
  • اسلام ۽ سلامتي
  • مذهب ۽ اقتصادي حالت
  • تعليمات قرآن
  • قاديانيت کي لوهار وارو ڌڪ
  • ترقي ۽ خود حڪومت ڪيئن حاصل ٿيندي؟
  • وهابيت
  • حج، عيدالضحيٰ ۽ عاشورا
  • آزادي ۽ غلامي
  • فرعونيت ۽ غلامي
  • اسلام آهي اتحاد ۽ نظام
  • غير مسلمانن کي دعوت
  • پير ۽ سندن ڪرام
  • سادگي
  • تصنيفات ۽ ترقي
  • فقهه شريف
  • اسان خدا جي عبادت ڪندڙ آهيون يا شيطان جي
  • تاريخ اسلام جو هڪ واقعو
  • امام اعظم نمبر 3
  • امام اعظم نمبر 4
  • امام اعظم نمبر 6
  • ايمان ۽ عمل
  • ديني ڪتابن جي ضرورت
  • حصو ٽيون: تعليم ۽ تدريس

  • ابتدائي تعليم جي حالت
  • ماسترن جا فرض ۽ جوابداريون
  • ترقي ۽ تعليم
  • تعليم ۽ ترقي
  • تعليم جي ضرورت ۽ اهميت
  • علم ۽ ترقي (ڊائيلاگ)
  • دماغي تعليم
  • سبقن جي سمجهاڻي ۽ انهن تي سوال پڇڻ
  • ورنيڪيولر فائينل امتحان 1928ع جي مضمون جو پيپر
  • مڊل اسڪول اسڪالر شپ امتحان سڀني قومن جي شاگردن لاءِ کليل ڀيٽ
  • بلند خيالي (IDEALISM)
  • مضمون نويسي
  • سٺا اکر !
  • پهريون تعليمي تجربو
  • ٻيو تعليمي تجربو - ٻاراڻو ڪلاس
  • ٽيون تعليمي تجربو
  • 33 سيڪڙو مارڪون ۽ ڪي تعليمي هدايتون
  • ٽريننگ ڪاليج جي پهرئين سال جي شاگردن جو امتحان
  • زناني تعليم، زنا ۽ جوهر عصمت
  • ٻاراڻن ڪلاسن بابت ڏنل هدايتن جو انتخاب
  • ملا اسڪولن جي سچائي ۽ ڪم
  • ملا اسڪولن جو دفتر
  • ملا اسڪولن کي نائب ڏيڻ
  • مڪتبن لاءِ جاين جا قسم
  • عام واقفيت وڌائڻ
  • تدريس لاءِ ضروري ڳالهيون
  • ضروري اطلاع
  • صفائي
  • سرڪيولر ز
  • تمام ضروري هدايتون
  • جاگرافي ڪيئن سيکارجي؟
  • تعلقي جي جاگرافي
  • تعليم جي اهميت
  • تعليم
  • پڙهائڻ جو هنر
  • ٻاراڻن ڪلاس بابت ڏنل هدايتن جو انتخاب
  • يڪ تندرستي هزار نعمت
  • شاگردن کي خطاب
  • حصو چوٿون : متفرقه مضمون ۽ مقالا

  • ڳوٺاڻن جو سڌارو
  • ڪامل تندرستي جا اسرار
  • ڪالرا يا وبا
  • نئون سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر)
  • پيسٽالازي
  • ائٽلس جاگرافي تعلقو قنبر
  • نئون اروگيه وگيان ( علم صحت)
  • ترقي سنڌ مسلم
  • سولي سنڌ جي تواريخ
  • وزير ۽ ڪامورا
  • پاڪستان جو دستور
  • آزادي ۽ غلامي

  • سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر
    280
    سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2010ع
    ڪتاب جو نالو : علامه علي خان ابڙو علمي خدمتون
    سهيڙيندڙ: بدر ابڙو، ثناءَ الله سومرو
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ:فهيم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

    قيمت : 700/= رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    “ALLAMA ALI KHAN ABRO- ILMI KHIDMATOON”
    (Collected Works of Allama Ali Khan Abro)
    Compiled by: Badar Abro, Sanaullah Soomro
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.net
    Email:sindhica_academy@yahoo.com
    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-3431115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھن تحقيقي ڪتاب جو سھيڙيندڙ محترم بدر ابڙو ۽ ثناءُ الله سومرو آھي.
    علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
    هي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    علامه علي خان ابڙي جي والد
    فقير عمر خان سانگي (ابڙو)
    جي نالي
    جنهن ان وقت پنهنجن پُٽن کي
    اعليٰ تعليم ڏياري، جڏهن
    سنڌي مسمانن ۾ علم جو شعور ڪونه هو


    ٿورا

    هن ڪتاب جي لاءِ مواد جو ڪجهه حصو
    محترم محمد عثمان عباسي
    عثمانيه لائبريري چنيهاڻي
    واري مهيا ڪيو، جنهن لاءِ اسان سندس بيحد ٿورائتا آهيون.


    ٻه اکر

    هڪ ڏينهن (1987ع ڌاري) جڏهن آئون هلال پاڪستان، ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر طور پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ مصروف هئس، هڪ جهونڙو شخص ڪورٽ وِيو بلڊنگ (بندر روڊ) ۾ چڙهي آيو. اچڻ سان سلام عليڪم چئي پڇيائين ”توهان مان بدر ابڙو ڪهڙو آهي؟“ مون کيس پنهنجي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاري، چانهه آڇي، ۽ چيم ”سائين آئون آهيان، حڪم ڪريو!“ چيائين ”ڪجهه به نه! علامه علي خان ابڙو منهنجو استاد هو، مون ٻڌو آهي ته ان جو پٽ جمال الدين ابڙو آفيسر آهي ۽ لکندو آهي، ۽ تنهن جو پٽ بدر ابڙو به لکندو آهي ۽ هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو آهي. آئون فقط پنهنجي استاد جي سِڪ لاهڻ لاءِ توکي ڏسڻ آيو آهيان!“ پوءِ هو هليو ويو. هي ماستر بشير احمد جوکيو هو، جنهن جو ڳوٺ ڪاٺوڙ، گڏاپ طرف هو. ابڙو صاحب گڏاپ اسڪول ڏانهن اٺ تي چڙهي ويندو هو.
    ماستر صاحب جي وڃڻ کانپوءِ، پهريون ڀيرو مون سوچيو هو ته عليخان ابڙي جي شخصيت ڪافي اثر انگيز هوندي، جنهن جو شاگرد 35- 40 سالن جي سِڪ لاهڻ لاءِ مون سان اچي مليو آهي.
    ان کان پوءِ، اها سن 2000ع ڌاري جي ڳالهه هوندي، جڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين (جمال ابڙي) ڪنهن ڳالهه تي چيو، ”متان ڪڏهن وڏائيءَ ۾ پئو! توهان کي ڪا غلط فهمي نه هجي، انڪري ٿو چوان ته وڏائي ته جيڪر آئون ڪريان ها، ڇو ته منهنجو پيءُ توهان جي پيءُ کان وڏو ماڻهو هو“. هن جنهن وقت اهي اکر چيا، آئون سندس اکين جي چمڪ ڏسي حيران ٿي ويو هئس. بابا سائين هميشهه اکيون اکين سان ملائي ڳالهائيندو هو. مون کي اها چمڪ ۽ لهجو اڄ تائين ياد آهي. بابا سائين عدليه ۾ جج، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ۽ چيئرمن اينٽي ڪرپشن جي عهدن تي رهي چڪو هو، منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ته عليخان ابڙو هن کان وڏو ماڻهو ڪيئن هو؟
    ماستر صاحب کان پوءِ بابا سائين جا لفظ منهنجي لاءِ اتساهه بڻجي ويا ته آئون عليخان ابڙي کي ٻيهر ڳوليان، سندس گم ٿيل ڪتابڙا، مضمون ۽ تقريرون جيڪي سڀ وقت جي دز ۾ گم ٿي چڪا هئا، جمع ڪري ٻيهر شايع ڪرايان. ايئن ثناءُالله سومرو به گڏجي پيو. سچ پچ ته مواد سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ هن علي خان ابڙي صاحب سان پنهنجي محبت جو پورو ثبوت ڏنو. مون مواد سهيڙڻ لاءِ تڏهوڪين اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا هئا، ۽ ثناءُالله کي شهر شهر وڃي لائبررين مان مواد ڳولڻو پيو.
    مون کي گهڻي کان گهڻو مواد سنڌالاجي (ڄامشورو)، سنڌ آرڪائيوز (ڪراچي)، سکر ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي لائبررين مان مليو. ڪجهه مواد گهوٽڪي، ماٿيلي، ميرپورخاص، ڇِني، گڏاپ ۽ ٻين شهرن مان ذاتي لائبررين مان مليو، ڪجهه مواد منهنجي ذاتي لائبرريءَ ۾ موجود هو. اهو سڄو مواد سهيڙيو ۽ ترتيب ڏنو ويو ته خبر پئي ته انهن ۾ سڀ کان پراڻو مضمون 1917 جو آهي، جيڪو ايترو پڪو پختو آهي جو صاف ڏسجي ٿو ته ليکڪ ان کان ڪافي اڳ لکندو رهيو آهي. ابڙو صاحب 91-1890ع ڌاري ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ۾ پيدا ٿيو. يعني هٿن ڪتاب ۾ 1917 وارو مضمون ان وقت جو آهي جڏهن سندن عمر 27 سال هئي. منهنجو اندازو آهي ته ابڙي صاحب 1910 کان 1915 ڌاري ڪنهن وقت باقاعدي لکڻ شروع ڪيو هوندو.
    ابڙو صاحب پوريءَ طرح شمس العلماءَ دائودپوٽي جو همعصر آهي. سندن ٻيا همعصر اديب ۽ عالم خاص ڪري علامه آءِ آءِ قاضي (1968ــ1886)، مولانا دين محمد وفائي (1950ـ1893) ، ڀيرومل مهرچند اڏواڻي (1950ـ 1876) ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي (1947ـ1884)، خانبهادر محمد صديق ميمڻ وغيره آهن. ابڙو صاحب آگسٽ 1954 ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذاري ويو. سندس آخري آرام گاهه قائم شاهه بخاري جي درگاهه جي اتر ۾ آهي.
    جيئن ته ابڙو صاحب رٽائرمينٽ کانپوءِ دل جي بيماريءَ سبب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو ماحول ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ گوشه نشين ٿي قرآن شريف جي ”تفسير المنير“ جي نازڪ ڪم ۾ مشغول ٿي ويو، ۽ علمي ماحول ۽ مذاڪرن کان پاسيرو رهيو ۽ ٽن چئن سالن جي مختصر عرصي ۾ گذاري ويو، انڪري جلد ئي وقت جي ڪوهيڙي ۾ لڪي ويو.
    علامه صاحب جا ڪتابڙا ۽ اخباري مضمون، محفوظ نه رهيا، خود سندن ذاتي لئبريري 1942 واري ڪاري ٻوڏ ۾ لڙهي وئي، جيڪا ڳوٺ سانگي (ميهڙ) ۾ هئي. (هي ڳوٺ تازو 5 سيپٽمبر 2010 تي ٻيهر ڪاري ٻوڏ هيٺ آيو). سندن علمي پورهيو ’تفسير المنير‘ سندن حياتيءَ ۾ ڪو نه ڇپيو. بلڪه اهو پورا پنجاهه سال پوءِ ’سنڌيڪا‘ مان ڇپجي سگهيو. اها سعادت به مونکي ملڻي هئي، مون تفسير المنير جو مسودو 1994ع ۾ پنهنجي گهر ۾ ئي ڪمپوز ڪرايو ۽ پوءِ سائين نور احمد ميمڻ جي شوق تي کيس ڏيئي ڇڏيم. ”تفسير المنير“ جي پڌرائيءَ کانپوءِ علامه علي خان ابڙو ٻيهر ڪوهيڙي مان ظاهر ٿيو. ان وقت تائين سنڌي قوم هن عظيم تعليمدان، اصلاح پسند صحافي ۽ سندس ٻاجهاري لب لهجي کي بنهه وساري چڪي هئي. ان وچ ۾ ٻه نسل گذري ويا آهن. هاڻي، خود لاڙڪاڻي واسين لاءِ اها حيرت جي خبر آهي ته سنڌي ماڻهن جي تعليم ۽ اخلاقي اصلاح لاءِ پاڻ کي ارپيندڙ هي صاحب هن ئي شهر ۾ ابدي ننڊ ڪري رهيو آهي.
    بس! منهنجي اها ئي ننڍڙي خواهش هئي ته علامه علي خان ابڙي جي شخصيت کي سندس مقام ڏيارجي ۽ سندس تحريرون گڏ ڪري اها امانت سنڌ واسين تائين پهچائجي. سندس تحريرن کي ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي واضح طور تي درسي تعليم، اسلامي تعليمات، سماجي ۽ سياسي موضوعن ۾ ورهايل آهن. منهنجي ڪوشش هئي ته ابڙي صاحب جا سمورا ڪتاب، ڪتابڙا ۽ مضمون هڪ هنڌ شايع ڪجن، پر مون کي سڄو مواد هٿ اچي نه سگهيو، پر هڪ اندازو اٿم ته هتي سندن 90 سيڪڙو تحريرون شامل آهن. آئون وري به سنڌيڪا ۽ ڀائو نور احمد ميمڻ جو ٿورائتو آهيان جنهن سنڌ جي هن لائق پٽ کي ٻيهر ظاهر ڪرڻ ۾ پنهنجوڪردار ادا ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي استادن ۽ عالمن لاءِ سٺي سوکڙي ثابت ٿيندو.

    شال قبول پوي

    بدر ابڙو


    حصو پهريون: شخصيت، سيرت ۽ شاعري

    مرحوم علي خان ابڙو: اياز قادري

    ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
    آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
    جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا“

    (شاهه)

    اسلام جو پروانو، اخلاق جو صاحب ۽ همت جو پتلو، مرحوم علي خان ابڙو انهيءَ خاندان جو چشم و چراغ هو، جنهن دنيا جي ڪروڙن خاندانن وانگر زمين کي کيڙي پنهنجي پگهر سان، سرسبز ۽ سائو ٿي ڪيو. مرحوم جي سڄي عمر قوم جي بهتريءَ خاطر، مسلسل ۽ بي باڪ جدوجهد، سندس شاندار هاريءَ ۽ پورهيت واري، صاف ۽ سون جهڙي خون جو ڪامل ثبوت آهي.
    ميهڙ کان ڇهه ميل پري ۽ گودڙئي کان اوريان پوٺي ۾ هڪ ننڍرو ڳوٺڙو آهي . هي 1888ع جي قريب جو واقعو آهي جڏهن ان تر ۾ جوئر ۽ تر ٿيندا هئا ۽ ميهن ۽ ونگن جون واڙيون هونديون هيون. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي ڪچي ۽ ڪاڇي جي وچ وارو ڳوٺڙو، انهيءَ سن ۾ هڪ اهو فرد پيدا ڪندو جو اڳتي هلي سنڌ جو پهريون (يا ٻيو) ايم اي ٿيندو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر کڻندو.
    مرحوم سانگي قوم جو فرد هو ۽ پاڻ پهريون دفعو ابڙو سڏائڻ شروع ڪيائون. سندن وڏا نج سنڌي باشندا، لاڙڪاڻي ضلع جا ويٺل هئا.سندن والد صاحب، عمر فقير، آس پاس جو هڪ مشهور عاقل ۽ برجستو شخص هو. مرحوم علي خان ابڙو ننڍي هوندي کان ئي ضعيف ۽ لاغرالجسم هو. سندن والد صاحب کي دوستن ۽ عزيزن مزاقيه چيو ”ڇا هي به هر ڪاهي سگهندو؟“ مرحوم عمر فقير پنهنجي پٽ جي آڱر جهلي چيو ”انشاءَ الله اوهين سڀ هن جا ڳيجهو ٿيندا“ سبحان الله! اها پيشن گوئي سورنهن آنا سچي ثابت ٿي ۽ سڄو سانگين جو ڳوٺ ۽ آس پاس ، مرحوم جي بدولت، علم سان مالا مال ٿي ويو. آفرين هجي مرحوم عمر فقير کي جنهن لاجواب عزم ۽ استقلال سان مفلسيءَ جي دور ۾ ڪمال دور اُنديشيءَ کان ڪم وٺي پنهنجي فرزند کي 1901ع ۾ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ مدرسه ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو. مرحوم عمر فقير جي اها دانشمندي ان زماني ۾ هڪ ڪرشمه آهي. ان وقت موٽر ۽ فونا اڃا نڪتا هئا. ۽ ٽرامون گهوڙا ڇڪيندا هئا.
    مرحوم علي خان ابڙو جنهن ماحول ۾ پليو ان جو ذڪرسندس ئي قلم موجب ڏجي ٿو جو مرحوم پنهنجي شاهڪار ڪتاب، ”اسلام ۽ ترقي“ جي پهريئن حصي ۾ ڪيو آهي. مرحوم جي صاف گوئي ۽ سليس ۽ سولي لکڻي هن ٽڪر مان چڱي طرح ظاهر آهي. فرمائي ٿو: ”منهنجو مرشد ۽ منهنجو والد صوفي هئا، مگر اڻ پڙهيل هئا. اسلام جي کين ڪابه خبر ڪانه هئي. اگرچه هو فهم ۽ عقل وارا هئا ۽ نيڪ نيت ۽ اخلاص وارا به هئا. مگر اسلام جي واقفيت نه هئڻ ڪري ۽ هاڻوڪي ڪوڙي تصوف جي رواج هئڻ ڪري شريعت کان پري هئا. روزي ۽ نماز کان غافل هئا. بلڪ نشو ڪرڻ، ذڪر پچائڻ واريءَ حالت ۾ مباح ڄاڻندا هئا. بهشت فقط دلاسو ۽ دوزخ فقط دڙڪو سمجهندا هئا.“
    ”سنڌ مدرسي ۾ جبراً پنجئي وقت نماز پڙهائي ويندي هئي ۽ روزا رکايا ويندا هئا. مولوي صاحب مرحوم هر جمعه تي وعظ به ڪندو هو. سمجهڻ ۾ ائين ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبراً نماز پڙهائي ٿي وڃي، تيئن مولوي صاحب به مجبورا وعظ ٿو ڪري. مدرسي ڇڏڻ کان پوءِ نماز ۽ روزا به ڇڏي ڏنم، بلڪ جڏهن پنهنجي ڳوٺ ۾ موڪلن تي هوندو هوس تڏهن نماز ۽ روزن کان به موڪل وٺندو هوس.“
    هي اهڙو ته صاف ۽ سچو بيان آهي جو اڄ به ڄڻ ته هر شاگرد جي دل مان ٿو نڪري. اهو هو پس منظر جنهن مرحوم کي ننڍي هوندي ئي باغي بنايو ۽ صحيح علم جي تحقيق لاءِ سندن دل ۽ دماغ کي خالي رکيو.
    مرحوم اسڪول جي زماني کان ئي نهايت محنتي هو ۽ جلدئي 1906ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان شاندار ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو جنهن لاءِ اڄ به سنڌ مدرسي ۾ لڳل بورڊ شاهدي ڏئي رهيو آهي. پرنسيپال وائينس صاحب جي شفقت ۽ همت افزائيءَ سان مرحوم جهونا ڳڙه ۽ بمبئيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ فيلو ٿي رهيو. 1912ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين. مرحوم جا همعصر يونيورسٽيءَ جا دفتري اڄ تائين مرحوم جي خدا داد عقل ۽ قابليت جو داد ڏيندا رهن ٿا.
    مگر مرحوم ڄاڻي ٻجهي تعليم کاتي کي پسند ڪيو ۽ اين جي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪيائون. منجهن جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپ ۽ بي چيني هئي سا سيلاب وانگر وهي هلي. ڏينهن ۽ رات ڪتابن جي انبارن ۾ غرق رهڻ لڳا. هر قسم جا ڪتاب، ادب، مذهب تاريخ ۽ فلسفي وغيره جا سندن مطالع هيٺ آيا. مرحوم يورپي مصنفن جا ڪتاب خاص شوق سان پڙهيا. سندن قول مطابق ”يورپي مصنفن جا هر قسم جا سوين بلڪ هزارين ڪتاب مطالعه هيٺ آيا.“ (”اسلام ۽ ترقي“ حصه پهريون صفحه 9)
    مرحوم کي مولانا حالي جي مسدس پڙهڻ کانپوءِ اسلام جي واقفيت جو شوق پيدا ٿيو. پوءِ ته اسلام متعلق شايد ئي ڪو ڪتاب ڇڏيائون. انگريزي، فارسيءَ ۽ اردو زبانن ۾ شايع ٿيل اسلامي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪيائون . عربي زبان گهر ۾ پاڻ مرادو پڙهڻ شروع ڪيائون. ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪري ويا. قرآن حڪيم جا سڀ مشهور تفسير مطالعه ڪيائون. علم حديث ۽ فقه جو گهرو مطالعه ڪيائون. بس علم جو هڪ درياهه گڏ ڪيائون جنهن کي ڇنڊي ڇاڻي، وقت جي ضرورت مطابق، قوم جي بهتريءَ خاطر ڪم آندائون ۽ ان لاءِ همه تن جدوجهد ڪيائون. منجهن ايمان ۽ يقين جو اهو اضطراب ۽ ولولو پيدا ٿيو جو اُخير عمر تائين حق جي تبليغ ڪندا رهيا. انهيءَ جذبه جو پنهنجي ڪتاب ۾ ڪهڙو نه سهڻو ذڪر ڪيو اٿن:
    ”مٿين ڪتابن پڙهڻ بعد مون کي اسلام جي تبليغ جو شوق گهڻي قدر پيدا ٿيو جا ڳالهه عجب جهڙي ڪانهي. انسان جي فطرت ئي ائين آهي. جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندو ۽ جنهن جو کيس شوق هوندو سا ڳالهه سڀ ڪنهن سان ڪندو. کيس ان ڳالهه ڪرڻ کان روڪڻ، اهڙو آهي، جهڙو درياهه کي وهڻ کان روڪڻ.“ ٿيو به ائين مرحوم جو قلم بي اختيار ۽ بي حجاب ٿي، ويو پيرن، فقيرن، ملن، مجاورن ۽ پيٽوڙين ۽ مفت خورن جون ڌڄيون اڏائيندو. هر فرسوده رسم جي خلاف مرحوم جهاد ڪيو. ۽ ”رسومات تباهي“ نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو. ناظرين ڪرام هي ڳالهه رواجي نه سمجهن جو ان وقت ملان، مولوي، مجاور ۽ پير نهايت زور وارا ۽ اڇي ڪاري جا مالڪ هئا. مرحوم تي هر طرف کان ڪفر جون فتوائون نڪتيون ۽ پنهنجا به پراوا ٿي ويا. ڀلا ڇو نه ٿيندا. ڏسو ته اڄ به اهي ڳالهيون اوهان کي ڏکيون لڳن ٿيون يانه:
    ”(1) نور نامه ڪوڙو آهي. (2) دعا گنج العرش جون اسنادون ڪوڙيون آهن. (3) ڪيترا معجزه ڪوڙا آهن.(4) تسبيح (مڻين واري) پڙهڻ فضول آهي. (5) اسقاط ڪرڻ غلط آهي. (6) تعويذ لکڻ غلط آهي. (7) مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ لک صلواتون ڪڍڻ غلط آهي. (8) اڪيلو يا گڏجي ”الله الله!“ يا ”هو- هو“ ڪرڻ (رواجي ذڪر) غلط آهي. (9) قرآن بخشائڻ وغيره وغيره غلط آهي.
    مرحوم نه صرف اهي عقيدهه لکيا، پر ان لاءِ جدوجهد به ڪئي بحث مباحثه جي وسيلي، گفتگو جي ذريعي ۽ مضمون ۽ ڪتابن جي دوران.
    مرحوم نه رڳو مذهبي پر سماجي خرابين جي دور ڪرڻ لاءِ به ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ قلمي جهاد ڪيو. جهنڊ، ڇٺي، طهر، شادي، موت وغيره، جي موقعن تي جي گنديون رسمون هيون تن جي قلعي کولي رکيائون ته ڪيئن نه انهن اسان جي اقتصادي حالت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.
    مرحوم مولوي حاجي الاهي بخش صاحب، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم علي خان ابڙو ۽ ٻين چند عالمن جو هڪ اهڙو گروهه هو جي هر وقت اسان جي بيمار جسم ۾ چڱائي جون انجيڪشنون هڻندا آيا ۽ خرابين تي جرح ڪندا آيا. چيخ و پڪار ۽ اعتراضن جي ڪا پرواهه ڪانه ڪيائون، افسوس جو مرحوم علي خان ابڙي جي وفات سان ڄڻ ته اهو دور ئي ختم ٿي ويو.
    مرحوم هميشه اعلان ڪندو هو ته اسلام 1- ملائيت 2- فرعونيت ۽ 3- قارونيت کي ختم ڪرڻ آيو آهي، مرحوم پنهنجي اوائلي جدوجهد ۾ ئي ملائيت جون پاڙون ڪمزور ٿيندي ڏٺيون جنهن ڪري مرحوم پنهنجي جهاد جي ٻئي دؤر ۾ قدم رکيو.
    سرڪاري ملازم ٿي ڪري مرحوم جنهن جرائت ۽ همت سان سياسي رهنمائن جي خلاف قلم کنيو سو سندن ايمان جي پختگيءَ جو بي مثال ثبوت آهي. مرحوم جو هي فيصلائتو شده رايو هو ته سياست جو بنياد اخلاق تي هئڻ لازمي آهي، ورنه فرعونيت جو پيدا ٿيڻ اڻ ٽر آهي. پڙهندڙن کي حيرت لڳندي ته مرحوم وفات ڪرڻ کان صرف ڇهه ڏينهن اڳ ۾ علالت ۽ غنودگيءَ جي حالت ۾ فرمايو:
    ”مؤمن جي نشاني آهي ته آخري وقت ۾ هن دنيا مان مشڪندو وڃي. ڏسو مان کلان پيو. صرف هڪ ارمان اٿم جو باقي هڪڙو مضمون نه لکي سگهيو آهيان“ سندن چوڻ موجب پنو ۽ قلم کنيو ويو ۽ پاڻ مضمون لکائڻ شروع ڪيائون جنهن جو موضوع هو ”دنيا جي سڀني مسلم حڪومتن کي انتباهه!“ مرحوم اڃا تمهيد لکائي رهيو هو جو کيس ساڻائي وٺي ويئي. افسوس جو اهو مضمون پورو ڪرائي نه سگهيا. مرحوم ان آخري اڌوري مضمون ۾ اعلان ٿو ڪري.”جيڪو به ٻئي تي حڪومت ٿو هلائي سو پاڻ کي خدا ٿو سڏائي ۽ جيڪو به ٻئي جي غلامي ٿو ڪڍي سو به خدا کي ڇڏي ٻين جي پوڄا ٿو ڪري.“ ڏسو ته سياست ۾ ڪيڏو نه شاندار بنيادي اصول رکيو ويو آهي. ۽ ڪيڏو نه اهو انقلابي نعرو آهي.
    مرحوم جو عقيدو هو ته انقلاب جو بنياد اخلاق آهي. يعني ايمان، اتحاد، ايثار، تنظيم، اطاعت وغيره، ”اسلام نه رڳو اخلاقن جي تعليم ڏئي ٿو پر اخلاق پيدا ڪرڻ جي قوت رکي ٿو.“ ان لاءِ مرحوم نماز، روزي، حج ۽ زڪوات جي تنظيم لاءِ پنهنجون تجويزون مضمونن جي صورت ۾ پيش ڪيون جي مرحوم وفائي جي ڏينهن ۾ رساله توحيد ۾ ڪجهه وقت لاءِ شايع ٿينديون رهيون.
    مرحوم جي زندگيءَ جو شاهڪار سندن تفسير قرآن الحڪيم آهي. آخرين ڇهه سال مرحوم صبح و شام ڊاڪٽرن جي منع هوندي به مسلسل، هن تفسير تي محنت ڪندو آيو.
    مرحوم جي تمام عمر جي تفڪر ۽ هزارين ڪتابن جي علم جو نچوڙ هن تفسير کي تيار ڪرڻ ۾ ڪم آندو ويو آهي. دنيا جي تمام ازمس “ISMS” جي قرآن جي ڪسوٽيءَ تي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک ڪئي وئي آهي. مرحوم پنهنجي جان هن تفسير ۾ وجهي ڇڏي. جنوري 1954ع ۾ هي تفسير پورو ٿيو ۽ فيبروري 1954ع جي شروع ۾ سندن دل جي رفتار بي ترتيب ٿي ويئي.
    مرحوم جي شايع ٿيل ڪجهه ڪتابن جا پرچا هٿ نٿا اچن. مرحوم نهايت گهٽ ڳالهائيندڙ هو. ان ڪري معلوم نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب سندن زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. بهرحال هيٺيان ڪتاب سندن حياتيءَ ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا. (1) حالات نبوي (2) احاديث (3) رسومات تباهي (4) تعليمات اسلام- حصو اول (5) تعليمات اسلام- حصو ٻيو (6) اسلام ۽ ترقي چئن حصن ۾ (7) اخلاقي گلدستو (8) اسلام ۽ چونڊون ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪيترا اڪيچار درسي ڪتاب مرحوم جي نالي سان ڇپجي ظاهر ٿيا هئا جيڪي معلوم ٿئي ٿو ته مرحوم جا لکيل نه هئا سواءِ چند اسلامي درسي ڪتابن جي.
    مرحوم جا ڇپيل ڪتاب هي آهن ته (1) تفسير قرآن مجيد (2) اسلام ۽ ڪميونزم (3) اسلام جو مالي نظام (4) اسلام ۽ ڪميونزم (انگريزي) ۾ ۽ ٻيا ڪيترا مضمون ۽ ڪجهه شعر.
    مرحوم جي لکڻي (Style) نهايت سڌي، سولي ۽ سادي هئي. نه منجهن طنز (Satire) هئي نه وري مذاح (Humour) هو. اهو انهيءَ ڪري هو جو سندس لکڻ صرف لکڻ خاطر نه، بلڪ اصلاح خاطر هو. سندن مراد ادب پيدا ڪرڻ جي نه هئي پر صحيح راهه ڏيکارڻ جي هئي. اعمال جا نهايت قائل هئا ۽ اکرن ۾ ڪڏهن نه اڙيا. جيتوڻيڪ عربي، فارسي ۽ سنڌي جا ماهر هئا ليڪن ڪڏهن به گول مول جملا ۽ ڳاٽي ڀڳا اکر ڪم نه آندائون. جيئن ۽ جيڪي لکندا هئا سو واقعي محسوس ڪندا هئا. انهيءَ ڪري سندن لکڻيءَ ۾ ڪافي جا ذبيت آهي.
    مرحوم هڪ ڊرامو ”يوسف زليخا“ به لکيو هو، افسوس جو اهو ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا ننڍا پمفليٽ سندن ڪاغذن مان غائب آهن. مرحوم شاعر نه هو پر سندن ٻه چار شعر مليا آهن. جيتوڻيڪ سندن شعر بحر وزن تي ٿا ڏسجن تاهم منجهن شاعريءَ واري نزاڪت ڪانه آهي. شعر جي هڪ هڪ بند ۾ ڪنهن حقيقت جو اظهار ڪيل آهي، جنهن تي وڏا مضمون لکي سگهجن ٿا.
    سنڌ جي تعليمي ترقيءَ کي مرحوم علي خان ابڙي جي شخصيت کان جدا ڪري نٿو سگهجي. هن محڪمي جو هر هڪ فرد انهيءَ حقيقت کي پوريءَ طرح ڄاڻي ٿو ته مرحوم هن محڪمي جي پنهنجي خون ۽ پگهر سان پرورش ڪئي. سندن نالو انهيءَ ڏس ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، مرحوم تعليم کي مروج ڪرڻ لاءِ ۽ پڙهائي جا صحيح طريقا سيکارڻ لاءِ سنڌ جي چپي چپي ۾ ويو، هر هنڌ ڪانفرنسون ڪيائين ۽ ليڪچر ڏنائين. ڪچي، ڪاڇي ۽ ٿر جي دور دراز ڳوٺن تائين به ويو. هر هنڌ ماستر صاحبن ۽ ملا صاحبن کي ٻارن جي نفسيات تي ۽ تعليمي طريقن تي ليڪچر ڏنائين. تعليم مخزن ۾ وقت بوقت اهڙا مضمون ڏنائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ايڏي محنت ۽ جان فشاني ڪيائين جو سندن لاءِ اُهي سرڪاري ريمارڪ هئا ته ”هو هڪ يگانه (Ideal) ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آهي.“ ۽ ”هڪ بي لوث مبلغ واري چاهه سان ڪم ڪندڙ آهي.“ (Works with missionary Spirit) مرحوم جي تعليمي قابليت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو جو پندرهن منٽ صبح ۽ شام پڙهائڻ سان ٽن مهينن ۾ ٻاراڻو درجو ختم ڪرائي ويندا هئا ۽ سندن شاگرد الف- ب- سکڻ کان پوءِ ٽئين درجي جو ڪتاب آسانيءَ سان پڙهي ويندا هئا. هيءَ هڪ حقيقت آهي ۽ اهي سڀ شاگرد اڃا زنده آهن.
    مرحوم وٽ ڪتابن جي هڪ چڱي خاصي لائبريري هئي؛ افسوس جو اهي ڪتابن جا ڪٻٽ 1942ع واري ٻوڏ ۾ لڙهي ويا.
    مرحوم پنهنجي خانگي مسئلن کان گهڻو بي نياز هو، 1914ع ڌاري ڀرواري ڳوٺ مان هڪ معمولي وڏيري جي گهران شادي ڪيائون؛ سندن زال بلڪل اڻ پڙهيل ۽ عام رواجي عورتن وانگر هئي. پاڻ کيس ڪجهه پڙهايائون ۽ ٿوري قرآني تعليم پڻ ڏنائون. عزت سان کيس ”بيگم“ ڪري سڏيندا هئا. سندن اها ”بيگم“ اڃا حيات آهي. مرحوم جا ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون به حيات آهن.
    مرحوم جي سچائي، ايمانداري، همدرديءَ ۽ بي ڊپائيءَ جا ڪئين مثال آهن. بلڪل بااصول هئا ۽ پنهنجي اصول کي ڪڏهن به ڪنهن به، قيمت تي ڪونه ڇڏيائون. سفارش ته پنهنجي عملدارن جي به ڪانه ٻڌندا هئا.
    مرحوم قد جا ننڍا ۽ بدن جا سنهڙا هئا. نهايت سادهه ۽ نهٺا هئا. رهائش ۽ پوشاڪ ۾ ڪوبه اڊمبر يا وڏائي ڪانه هئن. کاڌو جهڙو به ڏبو هون، تهڙو کائي ويندا هئا ۽ شڪايت نه ڪندا هئا. سندن مائٽ گهڻو ڪري گندڙا ۽ گوڏر هئا. پر انهن کي وڏن جهڙي عزت ڏيندا هئا.
    سندن اخلاق جو اهو سڀ کان وڏو ثبوت هو جو سندن گهر جا ڀاتي، عزيز ۽ نوڪر، سندن خلق جا گرويده هئا. سندن نوڪر ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به سڪ سان وٽن ايندا هئا، ۽ بدلي ٿيڻ مهل روئي وهندا هئا. مرحوم ڪنهن کي به رنج نه پهچايو ۽ ڪوبه دشمن پيدا نه ڪيو، سندن دل نهايت نرم ۽ همدرديءَ سان ڀريل هئي. مرحوم علي بخش چنا صاحب، مسٽر الهه بخش انصاري صاحب ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، سان سندن دلي دوستي هئي. هُو صاحب سندس اخلاق تي وڌيڪ روشني وجهي سگهندا.
    1940ع ۾ ميرپور خاص مدرسي جي هاسٽل تان هڪ شاگرد ڪري پيو ۽ سندس جيرو ڦاٽي پيو. سول سرجن ڊاڪٽر سونڀار چيو ته ڪونه بچندو. مرحوم روئي ويٺو ۽ ڏاڍيون دعائون گهريائين. قدرت الاهي ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر چيو ته هن کي دوائن نه پر دعائن بچايو آهي.
    لڪيءَ ۾ ٻن پهرن جو نٽهڻ اس ۾ چيائون ته اڄ جي مينهن پوي ته واهه جو نظارو ٿئي. پٽيوالن (جن مان هڪ اسماعيل اڃا جيئرو آهي ۽ سکر ۾ پٽيوالو آهي.) ان وقت ئي سس پس ڪئي ته ”خدا خير ڪري اڄ ڏاڍو مينهن پوندو.“ شام جو ڍنڍون ڍورا لڳي ويا. الله تعالى فطرت جي قوتن کي پنهنجي صالح بندن جو مطيع ڪري ڇڏيو آهي. ۽ کين اراده جي قوت سان نوازيو آهي.
    مرحوم ۾ تعصب تِر ماتر به نه هو، سندن هندو ۽ مسلم شاگرد کين هڪ جهڙا پيارا هئا. کين انسان ذات سان محبت هئي.
    مرحوم نهايت محنتي ۽ وقت جا پابند هئا. صوم ۽ صلواة تي سختيءَ سان عمل پيرا هئا. سندن اٿڻ، پڙهڻ، لکڻ، کائڻ، گهمڻ ۽ سمهڻ وقت تي هو. انهيءَ پروگرام ۾ منٽ جو تفاوت به مشڪل سان ٿيندو هو. ڪڏهن عيد جي ڏينهن به مرحوم ويهي پنهنجي ٻارن سان ڪچهري نه ڪئي. نماز بعد وڃي پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي لڳندا هئا.
    مرحوم عملي زندگيءَ جا نهايت قائل هئا، ايمان جي ڪسوٽي اعمال کي سمجهندا هئا. وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ سندن ننڍي ڀاءُ کين چيو ته ” هي ڪلمن پڙهڻ. جو وقت آهي. ڪلمان پڙهو پاڻ ڏانهس نهاري چيائون ته ”ڪلمي پڙهڻ جو مطلب آهي ته ان تي عمل پيرا رهڻ، اهو وقت ته گذري ويو. هي ته بيڪاريءَ جو وقت آهي. ڏسو آخري وقت ۾ به جذبات کان ڪيترو پري ۽ صحيح نظريه تي قائم هئا. نهايت متوڪل شخص هئا. هن بي يقيني ۽ تذ بذب واري دؤر ۾ سندن شخصيت ايمان تازو ڪري ڇڏيندي هئي. دنيوي ڪمن کان مرحوم يا ته بي نياز هئا يا بيخبر. هو پنهنجي ڌُن وارا هئا. وقتي پنهنجي سوچ ۽ تفڪر ۾ ايترو ته ٽٻجي ويندا هئا جي کانس مزيدار کل جهڙيون ڳالهيون ٿي وينديون هيون.
    مرحوم ٻهراڙيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هو ۽ 1944ع ۾ ريٽائر ڪرڻ بعد گهڻو ڪري ڳوٺڙن ۾ گذاريندا هئا. صبح و شام هڪ هڪ ڪلاڪ وڻن هيٺان اڪيلا ويٺا هوندا هئا. پڇاڙيءَ وارو ڪجهه عرصو پنهنجي ننڍي نياڻي وٽ خيرپور جوسي ۾ گذاريائون جتي فيبروري 1954ع ۾ بيمار ٿيا کين لاڙڪاڻي آندو ويو.
    گهڻي محنت سببان سندن دل وڌي وڏي ٿي پيئي هئي. کين پنهنجي ابدي سفر جا ڀرون پئجي ويا. چوندا رهيا ته ملا مون کي غسل نه ڏئي. ڪفن به درزي سبي. ملا جنازه نماز نه پڙهائي، پٿر نه ڪجو.کٽون اونڌيون نه ڪجو، کير ۽ کاڌو بلاشڪ استعمال ڪجو، ختمي جو ثواب مون کي نه پهچندو. منهنجي تربت وڏي نه ڪجو، جمعه 16 جولاءِ سندن زندگيءَ جو آخري ڏينهن هو. سندن سڄو ڪٽنب اچي ڪٺو ٿيو هو. آخرين ڏينهن تي مرحوم غسل لاءِ گهڻو زور ڀريو. ٻن پهرن جو ماني ڪانه کاڌائون ۽ دوا پيڻ کان انڪار ڪيائون. پڇاڙيءَ تائين ڳالهائيندا رهيا. سادگيءَ جي تلقين ڪندا رهيا ۽ مشڪندا رهيا. سوا ڇهين بجي مهل ٽنهي پٽن کي گهرائي محبت سان هلڻ جي تلقين ڪيائون. پوڻين ستين بجي شام جو پاسيرا سمهيا پيا هئا ته کين هلڪو دؤرو ٿيو. اوچتو سٽ ڏيئي سڌا ٿي سمهيا. سندن قيمتي روح جنت البقا ڏانهن اڏامي ويا.
    ”جوڳي پنهنجي جوءِ ويا، جهڙ جان نيڻ جهمن،
    سخت ساميئڙن هنيئڙي منجهه هرن،
    سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام ٿئي.“

    سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهل دل ۽ اهل قلم حضرات ماتم ڪيو. الوحيد کين ”سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو“ سڏيو. نواءِ سنڌ کين ”سنڌ جو ممتاز اديب ۽ تعليمي ماهر“ ظاهر ڪيو. حريت کين ”مفڪر ۽ دانشمند“ سمجهيو. ماستر صاحبن پنهنجي جهوني محسن لاءِ ”غم ۽ افسوس“ جو اظهار ڪيو.
    مرحوم کي سترهين جولاءِ 1954ع تي صبح جو ساڍي نوين بجي لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاريءَ جي درگاهه ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
    اڄ نه اطاقن ۾ تازا پٿر ڪک،
    آديسي اٿي ويا. پيئي اڏامي رک،
    سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

    (شاهه)

    (ماهوار نئين زندگي حيدرآباد نومبر 1954ع)


    علي خان ابڙو: جمال ابڙو

    جناب علي خان ولد عمر خان ابڙو 1888ع ڌاري تعلقي ميهڙ ضلعي دادو (تنهن وقت ضلعو لاڙڪاڻو) جي هڪ ننڍي ڳوٺڙي ’سانگي‘، تپو منگواڻِي ۾ پيدا ٿيو. سندس والده ماجده جو نالو بصره خاتون هو. علي خان، جنهن کي سڀ ڳوٺاڻا ’خان‘ ڪري سڏيندا هئا، نهايت ذهين ۽ قابل شاگرد ثابت ٿيو. انهيءَ ڪري سندس والد کيس سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۾ داخل ڪرايو. هُو ايڏو ته ذهين ۽ هوشيار هو جو سڄي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ يعني: سنڌ، گجرات، مهاراشٽر ، راجستان ۽ پُونا ۾ مئٽرڪ کان وٺي بِي اي، ايم اي تائين هندن توڙي مسلمانن ۾ پهريون نمبر آيو. اهڙو ڪارنامو ٻئي ڪنهن به هندو توڙي مسلمانن سر انجام نه ڏنو هو. کيس بمبمئي ۾ يونيورسٽيءَ جو فيلو مقرر ڪيو ويو. پوءِ ته مشهور تعليمدان ۽ استاد ٿيو. ٻالجتيءَ کان پنج وقتو نمازي ۽ خدا ترس بزرگ هو. عربي، فارسي ۽ انگريزي علوم جو ماهر هو.
    جيتوڻيڪ انگريزي ادب جا شاهڪار ڪتاب هميشهه پاڻ سان گڏ رکندو هو پر سندس والهانه محبت هئي حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ قرآن حڪيم سان. قرآن حڪيم جو ڪو اهڙو ترجمو يا تفسير نه هو جيڪو سندن مطالعي ۾ نه آيو. شاهه ولي الله، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا يوسف علي، لنڊن جي خواجه ڪمال الدين، مولانا ابوالاڪلام آزاد، پڪٿال، گابا ۽ علامه المشرقي وغيره جي لکڻين ۽ خيالات جو چڱيءَ طرح مطالعو هئس ۽ وٽس هر وقت عالم سڳورن جي آمد ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري هوندو هو. پاڻ مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان گهڻو متاثر هئا ۽ اڪثر وٽن حاضري ڀريندا هئا. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ 40 سال لکندا رهيا. انهن مان ڪيترا ئي ڪتاب قرآن، سيرت، اسلامي اخلاق ۽ معاشري بابت لکيائون جيڪي تمام مقبول ٿيا ۽ اسلامي سوچ جي جديد لهر سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿي. جديد معاشيات تي هڪ ڪتاب ’اسلام ۽ ڪميونزم‘ به لکيائون. محترم محمد عثمان ڏيپلائي کانئن گهڻو متاثر هو ۽ اڪثر وٽن ايندو هو. مولانا عبدالحق نصرپور وارو ۽ مولانا محمد اسماعيل لغاري مِسڻ وارو، جي وڏا انقلابي سوچ رکندڙ عالم هئا، سي به وٽس ايندا هئا. باقي، مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ پنهنجي سر وڃي علم جو فيض حاصل ڪندا هئا.
    هُن ’تفسير المُنير‘ جي نالي هيٺ هڪ تفسير ويهين صديءَ جي پُر آشوب ۽ اٿل پٿل واري دور ۾ ترتيب ڏنو يا لکيو. سڄي عمر روزانو قرآن شريف يا تفسير جو مطالعو ڪندي کين محسوس ٿيو ته کيس عوام الناس لاءِ سليس ترجمو ۽ تفسير لکڻ کپي. سو، ڪيترن عالمن سڳورن سان تبادله خيالات ڪندي 1945 ع ڌاري تفسير لکڻ شروع ڪيائين. جيڪي ڪجهه لکندو رهيو، سو عالمن سڳورن کي وقت به وقت ڏيکاريندو ۽ ان متعلق تبادله خيالات ڪندو رهيو. مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ علامه يوسف علي جا تفسير سندس پسنديده هئا پر سندس دلي ۽ روحاني لاڙو مولانا تاج محمود امروٽي ڏانهن هو. آخري دور ۾ هن جون تفصيلي ملاقاتون حضرت مولانا پير عبدالستار جان سرهندي سان رهيون جيڪو وڏو عالم ۽ روحانيت جو صاحب هو. تفسير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهو مولانا غلام محمد ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب به نظر مان ڪڍيو. اهو ترجمو ۽ تفسير مڪي معظم جي قاري سعيد احمد صاحب کي به نظر مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جنهن لکت ۾ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. وڏي ڳالهه ته اهو حضرت مولانا عبدالڪريم ٻير شريف وارن کي ڏنو به ويو، جنهن پڙهي فرمايو ته، ”اسان پاڻ تفسير لکڻ جو سوچيو هو، پر هي تفسير پڙهڻ کان پوءِ اسان کي ڪا خاص ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.“
    مون کي بابا جو (علي خان ابڙي صاحب جو) آخري خط 30 جون 1954ع ۾ مليو جنهن ۾ لکيو هئائون ته تفسير مڪمل ٿيڻ سان سندس زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو هو. پاڻ 16 جُولاءِ 1954ع تي وفات ڪيائون.

    (20 سيپٽمبر 1996، ڪراچي
    ( تفسير المنير جي مهاڳ تان ورتل ٽڪرو)


    امر شخصيت: عبدالستار ڀٽي

    سنڌ ڌرتيءَ جو قابل فرزند ممتاز تعليمي ماهر، علم ادب جو ناميارو استاد ، اسلام جي جديد انداز ۾ تشريح ۽ انقلابي نهج جي مطالعي ڪرڻ واري عظيم شخصيت علامه علي خان ولد عمر خان ابڙو سال 1888ع ۾ ڳوٺ سانگي، نزد ميهڙ دادو (تنهن وقت ضلعو لاڙڪاڻو جو حصو) ۾ پيدا ٿيا. سندس والد بزرگوار پڻ پنهنجي وقت جو هڪ نيڪ انسان هو، جنهن پاران اعليٰ تربيت سبب علي خان ابڙو صاحب تعليم، اخلاق کان علاوه روادراي ۽ حسن سلوڪ جي بَٺيءَ ۾ پچي ريٽو ۽ ڪندن بڻيو. کيس ماحول ته غريبيءَ وارو مليو پر قدرت پاران ذهانت، ڏاهپ ۽ محنت جي بي انداز دولت به نصيب ٿي هئي.
    ابتدائي تعليم ڳوٺ ڀرسان قائم منگواڻي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳوٺاڻا پيار منجهان ’خان‘ سڏيندا هئا. ذهانت، هوشياريءَ ۽ علم سان چاهه ڏسندي والد صاحب کين سنڌ مدرسته السلام اسڪول ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو. پاڻ ايترو ته هوشيار هو جو سڄي بمبئي يونيورسٽي يعني سنڌ، گجرات، مهاراشٽر، راجستان، ۽ پُونا سميت تمام علائقن ۾ مئٽرڪ جي امتحان کان وٺي بي اي، ايم اي تائين هِندن توڙي مسلمانن ۾ پهريون نمبر آيو. سال 1912ع جهونا ڳڙهه ڪاليج مان ايم اي پاس ڪري اهو ثابت ڪيائون ته ڪامل عزم ۽ جدوجهد سان انسان دنيا ۾ هر ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو. ان کان اڳ اهو ڪارنامو ڪنهن به سنڌي هِندو توڙي مسلمان سر انجام ڪونه ڏنو هو. هي وڏو اعزاز پڻ هڪ لاڙڪاڻي واسيءَ ماڻيو.
    کين بمبئي يونيورسٽيءَ جو فيلو مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد تمام ٿوري عرصي ۾ پاڻ هر دلعزيز استاد ۽ نامياري تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ سڃاتا ويندا هئا. در اصل، ننڍپڻ کان خان صاحب غريبي ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهيا ۽ پڙهيا تنهن ڪري کين ڪنهن ڏورانهين ٻهراڙين ۾ رهندڙ غريب ماروئڙن جي اولاد کي تعليمي سهوليتون ميسر نه هئڻ جو احساس هر وقت هوندو هو، انڪري غريبن سان محبت ڪرڻ ۽ غريبن جي اولاد ۾ تعليم جي دولت عام ڪرڻ کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين ۽ مقصيد حيات بڻايو. اهڙيءَ طرح پاڻ تعليم جي محڪمي ۾ ملازمت اختيار ڪيائون جڏهن ته کين ٻيون به ڪيتريون سڻڀيون نوڪريون پڻ ملي پئي سگهيون. علمي قابليت، سچائي، نظم ۽ ضبط سبب عام طرح کين ’خانصاحب‘ جي نالي سان مخاطب ڪيو ويندو هو. جڏهن پاڻ تعليم کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيا ته پوءِ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اُٺن تي سوار ٿي سفر ڪيائون. هن سلسلي ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪونڪر، ڪرچات، گڏاپ، جوهي، مٺي، نگرپارڪر، ڇاڇري، عمر ڪوٽ، ٺل، ڀان سيد آباد ۽ خدا آباد جهڙن پوئتي پيل ڏورانهن علائقن جا طوفاني دورا ڪري ڪيترا ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسڪول قائم ڪري تعليم جي روشني ڦهلائڻ جي سعادت حاصل ڪيائين. هن نيڪ ڪم ۾ گهڻو ڪري هندو واپاري سيٺ، مسلمان وڏيرن کان وڌيڪ مالي مدد ڪندا هئا.
    خانصاحب جي ايمانداري پڻ پنهنجو مثال پاڻ ۽ حد درجي جي بلندي تائين پهتل هئي. پاڻ به سرڪاري يا غير سرڪاري دوري وقت ڪنهن به استاد جي ماني ڪونه کائيندا هئا، ڪنهن جي به دعوت نه قبوليندا هئا. سفر ۾ هر وقت ساڻن کاڌي پيتي ۽ سيڌي سامان جي پيتي هڪ اُٺ تي گڏ هوندي هئي. در اصل، خانصاحب هڪ تبليغي جوش جذبي وارو تعليمي آفيسر هو، جيڪو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڏورانهين علائقي ۾ اسڪول قائم ڪرڻ جي جستجو ۾ مست ۽ مگن هوندو هو. تعليم لاءِ سندن اهو جوش جذبو ۽ وِلولو ڏسي اعليٰ انگريز عملدار کين هڪ آئڊيل يا تصوراتي تعليمي ماهر آفيسر سڏيندا هئا. علي خان ابڙي صاحب جي تعليمي خدمتن کي ڏسندي سرڪار پاران کين ’خانبهادر‘ لقب ڏيڻ جي آڇ به ٿي جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائون. حالانڪه ان دور ۾ انگريز سرڪار وٽ وقت جا نواب، سردار، وڏيرا، امير، ڪبير، خانبهادر لقب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي جتن، حيلا، دعوتون ۽ خوشامدون ڪندا هئا.
    علامه ابڙو صاحب ننڍپڻ کان ئي خدا ترس شخصيت جا مالڪ ۽ پنج ئي وقت نماز پڙهڻ جا پابند هئا. فارسي ۽ انگريزي علوم جا خاص ماهر هئڻ کان علاه انگريزي ادب جا شاهڪار ڪتاب هميشهه وٽن هوندا هئا. پر حضور اڪرم ﷺ ۽ قرآن مجيد سان والهانه محبت ۽ عقيدت هين. قرآن شريف جو ڪو به اهڙو ترجمو يا تفسير نه هوندو، جيڪو سندس مطالعي ۾ نه آيو هجي. شاهه ولي الله، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا يوسف علي، ابوالڪلام آزاد، پڪٿال، گابا ۽ علامه مشرقي جي لکڻين ۽ خيالن جو چڱيءَ طرح مطالعو هيس. وٽن هر وقت عالم سڳورن جي آمد ۽ بحث مباحثي جو سلسلو جاري هوندو هو. پاڻ مولانا تاج محمود امروٽي صاحب کان گهڻو متاثر هئا ۽ اڪثر وٽن حاضري ڀريندا هئا.
    جناب علي خان ابڙو صاحب 1930 ع ۾ مستقل طرح لاڙڪاڻي لڏي آيا ۽ شهر جي ڪرمان باغ جي پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪيائون. پاڻ تعليم کاتي ۾ آفيسر کان علاوه مختلف وڏن اسڪولن ۾ بحيثيت پرنسيپال پڻ ملازمت ڪيائون، جنهن ۾ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپور خاص جي پرنسپالي به شامل هئي. هن منصب تان 1944ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪيائون. رٽائرمينٽ کان پوءِ، سندن تعليمي خدمتون، بلند اخلاق، ايمانداري، سادگي ۽ ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي سنڌ بلوچستان جي وڏي محترم شخصيت نواب غيبي خان چانڊيي صاحب پڻ پنهنجي پوٽي نواب احمد سلطان خان چانڊيو صاحب جو اتاليق مقرر ڪيو.
    علامه ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ ته پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنهن ڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان به مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
    ابڙي صاحب جا مشهور ڪتاب ’اسلام ۽ ترقي‘، ’اسلام ۽ اليڪشن‘، ’حالات نبوي‘، ’رسومات تباهي‘، ’اخلاقي گلدستو‘، ’احاديث نبوي‘، ’تعليمات اسلام‘، ’اسلام ۽ ڪميونزم ‘ آهن. انهن کان علاوه ٻين علمي، تعليمي ۽ سماجي مسئلن تي لڳاتار لکندو رهيو. 1945ع کان 1954ع تائين قرآن شريف جو سليس ترجمو ۽ تفسير سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي مڪمل ڪيائين، جنهن ۾ قرآن شريف ۽ اسلام جي سولي تشريح ڪيل آهي. هيءَ هڪ وڏي محنت ۽ عظيم ڪارنامو آهي. هي تفسير ۽ ترجمو اٽڪل 1200 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سال 1998ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ٿيو آهي.
    خانصاحب علامه علي خان ابڙو صاحب تقسيم هند جو مخالف هو، هن ڏس ۾ پاڻ مختلف اخبارن ۾ ڪيترا مضمون لکيا اٿس، جنهن ۾ دليلن سان تقسيم هند جي مخالفت بابت پنهنجي سوچ ۽ راءِ جو اظهار ڪيو اٿس. هي عظيم انسان باڪمال، باعمل شخص، نيڪ سيرت ۽ صورت، اخلاق جو مجسمو، ايمانداري ۽ سچائيءَ جو مثال، سادگيءَ جو ساٿي، عزت جو رکوالو، ضمير جو سچو، قول ۽ فعل ۾ کرو، وڏو جرئتمند، جينيس، انقلابي، عالم فاضل مصنف، سماج سڌارڪ، سنڌ جو سر سيد احمد خان هو. تعليم جي شعبي ۾ خدمت وٽس عبادت برابر هئي.
    هي فرشتو تاريخ 16 جولاءِ 1954ع تي لاڙڪاڻي ۾ انتقال ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي شهر ۾ درگاه قائم شاهه بخاري لڳ قبرستان ۾ آهي.
    سندس اولاد ۾ شمس الدين ابڙو وڪيل لاڙڪاڻي جي مشهور ۽ قانوندادن شخصيت ٿي رهيو. ٻيو نمبر پٽ ناميارو ليکڪ جمال ابڙو صاحب عدليه جي شعبي سان وابسته رهيو ۽ ٽيون نمبر پٽ انجنيئر ڪمال الدين ابڙو هو.

    (لاڙڪاڻو، امر شخصيتون، آگسٽ 2000ع ۾ ڇپيل)


    تاثرات

    حضرت علامه علي خان ابڙو جي وفات حسرت آيات

    هيءَ خبر ٻڌي سنڌ جي مسلمانن کي سخت صدمه ۽ ارمان ٿيندو جوعلامه علي خان صاحب ابڙو 16 جولائي 1954ع تي ڪجهه عرصه بيماريءَ بعد لاڙڪاڻي شهر ۾ هن جهان فاني مان رحلت فرمائي ويو. انالله وانا اِليه راجعون. مرحوم صوم و صلوات ۽ شريعت جو سخت پابند هو. سوين ڪتاب لکي سنڌ ۾ علم ادب کي ترقيءَ جي منزل تي آندو. مرحوم سنڌي جي مايه ناز هستي هو. هن صاحب جيڪي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي ۽ شرڪ ۽ بدعت خلاف جهاد ڪري اسلام جي جيڪا خدمت ڪئي سا تواريخ ۾ هميشه يادگار رهندي. هن قضيه تي مان پنهنجي قوم ۽ جماعت پاران مرحوم جي وڏي فرزند ارجمند مسٽر شمس الدين وڪيل ۽ سندس ڀائرن ۽ عزيزن سان دلي همدردي ڪريان ٿو ۽ دعا گهران ٿو ته خدا تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پوين ۾ برڪت وجهي ۽ صالح ڪري. آمين

    فيض محمد سيال لاڙڪاڻو (الوحيد- 24 جولاءِ مخزن جنوري 1954ع)



    آه! مسٽر علي خان ابڙو

    سنڌ جي تعليم کاتي ۽ ديگر علم دوست حضرات وٽ هيءَ منحوس خبر نهايت ڏک ۽ الم سان ٻڌي ويندي ته سنڌ جو ديندار علم دوست ۽ تعليمي آفيسر مسٽر علي خان ابڙو داعي اجل کي لبيڪ چئي راهه عدم ڏي راهي ٿي ويو آهي. انا الله وانا اله راجعون اسان هن اداره طرفان سندس پسماندگان خصوصاّ مسٽر جمال الدين ۽ مسٽر شمس الدين صاحبان سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. شال مرحوم کي رب پاڪ غريق رحمت عطا ڪري آمين.

    (هفتيوار ”همدرد“ ميرپور خاص 6 آگسٽ 1954ع)


    علامه علي خان ابڙو جا خط مولانا دين محمد وفائي مدير “توحيد” ڏانهن

    (1)
    جناب مولوي دين محمد صاحب مدير رساله “توحيد“
    بعد اسلام عليڪم جي عرض ته ”توحيد“ جو پهريون نمبر عنايت ٿيو. بي انتها خوشي حاصل ٿي. ٻه رپيا چند و اڄ موڪليو ويندو. اڄ ئي جيڪب آباد ۾ پنهنجي دوستن کي توحيد جو پهريون نمبر ڏيکارڻ ويس جن رساله گهرائڻ وڏي خوشي سان قبول ڪيو. مهرباني ڪري کين پهريون نمبر ڏياري موڪلڻ فرمائيندا. ٻيا دوست اڄ نه ملي سگهيا. اميد ته هتان لاڙڪاڻي مان اٽڪل ويهه دوست اهڙا لڀي سگهندا جي خوشيءَ سان ”توحيد“ جا خريدار ٿيندا.
    تبليغ هڪ وڏي ۾ وڏو اسلامي فرض آهي. بلڪه سچو جهاد آهي، مگر تبليغ فقط غير مسلمانن لاءِ محدود سمجهڻ نه گهرجي. اڄ ڪلهه خود اسان مسلمانن جي اهڙي نازڪ حالت آهي جو مسلمانن ۾ ئي سچي اسلام جي اشاعت ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، مسلمان 95 في سيڪڙو بلڪل جاهل آهن، جيڪي پڙهيل آهن سي وري گهڻو ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيا آهن. جتي اسلام جو الف به ڪونه سيکاريو وڃي، ٻيا ته ڇڏيو پر ماستر به گهڻا اهڙا لڀندا جن کي ڪلمي شريف جي معنى به نه ٿي اچي. انگريزي دانن ۾ وري اهڙابه آهن جي مذهب کي پاڳلپڻو ٿا سمجهن، اهڙي حالت تي ويچار ٿو ڪجي ته مايوسي وٺيو وڃي، مگر مايوسي ۽ اسلام متضاد الفاظ آهن، فقط هڪڙوئي سچو مسلمان ڪم کي لڳي وڃي ته خدا تعالى جي اعانت سان انقلاب پيدا ڪري ڇڏي.
    منهنجو عرض آهي ته هن رساله ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ٽي صفحه سيرت النبي ﷺ لاءِ ڪيا وڃن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه صفحا قرآن مجيد جي ٿورين آيتن جي معنى ۽ سمجهاڻي لاءِ رکيا وڃن. انهيءَ لاءِ ته مسلمانن خواهه غير مسلمانن کي رسول ﷺ جن جي حميده صفات ۽ قرآن مجيد جي اعلى تعليمات ۽ خوبين جي واقفيت حاصل ٿيندي وڃي.
    مگر سوال آهي ته رسالو ڪيترن مسلمانن غيرمسلمانن وٽ پهچي فيض جو ڪم ڏيندو. مون قوم جي خدمت ۾ بار بار عرض پيش ڪيو ته جيستائين تنظيم جو ڪم هٿ ۾ نه کنيو ويندو تيستائين ڪابه ترقي ڪرڻ نهايت محال آهي. تنظيم جو پهريون ڏاڪو آهي هر هڪ مسجد کي مرڪز بنائڻ. جيڪڏهن هر هڪ مسجد جا جماعتي گڏجي هڪ اسلامي رسالو ۽ هڪ اسلامي اخبار گهرائي مسجد شريف جي حجري ۾ رکن، ته نهايت آسانيءَ سان تنظيم ڪري سگهن ٿا. گهر گهر تي فقط پيسو يا ٽڪو يا آنو ماهوار چندو رکجي، جيڪا رقم جمع ٿيندي تنهن مان نه رڳو هڪ رسالو ۽ هڪ اخبار گهرائي سگهبي، مگر بچت مان ٻيا ڪم به ڪري سگهبا. منهنجو عرض آهي ته عالم سڳورا ۽ ماستر ۽ معلم هن ڪم کي لڳي وڃن ۽ پنهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ اهو ڪم شروع ڪري ڏين. ٻي وڏي ضرورت هيءَ آهي ته اسان جي ٻچن کي اسلامي تعليم ضرور هئڻ گهرجي. اسڪول بورڊن جي ميمبرن کي عرض ڪجي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪلاڪ هفتي ۾ ديني تعليم کي ڏنا وڃن ۽ جناب مولوي فتح محمد صاحب جا ڪتاب پاڙهيا وڃن.
    افسوس آهي ته اڄ ڪلهه ڪن ماڻهن تبليغ ۾ شڌي تحريڪ جي باري ۾ قومي عداوت جو خيال پيدا ڪري وڌو آهي. هندو ڌرم ۾ اگرچه شڌي جائز نه آهي ته به ڪي هندو صاحب اسلام تي حملا ۽ شڌي جو پرچار فقط هن نيت سان ٿا ڪن ته هندن جو عدد گهٽجڻ بدران وڌي ۽ مسلمانن سان مقابله ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. اها نيت نهايت ڌڪار جوڳي آهي ۽ نهايت نقصان ڪار نتيجا پيدا ڪندي. اميد ته مسلمان انهيءَ نيت کان پاڻ بلڪل صاف پاڪ رکندا. نيت فقط هي رکڻ گهرجي ته مسلمان خواهه غير مسلمان سئين راهه تي اچن ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهبودي ۽ خوشنودي حاصل ڪن ۽ الله تعالى جو راضپو ۽ ديدار نصيب ٿين. فقط تعداد وڌيو ته ڇا ٿي پيو. هن وقت دنيا ۾ اٽڪل پنجاهه ڪروڙ مسلمان آهن. مگر انهن پنجاهه ڪروڙ جي بدران فقط پنجاهه مسلمان اصحابن سڳورن جهڙا خصوصا‌ّ سيدنا ابوبڪر صديق جهڙا هن وقت موجود هجن ها ته الله تعالى جي اعانت سان سڄي دنيا ۾ ڪروڙ سچا مسلمان پيدا ڪري ڇڏين ها ۽ غيرمسلمان يا ته ساڻن سچي صلح ۽ دوستي ۾ رهن ها يا ته وڙهي فنافي النار ٿي وڃن ها. ڏسو ته وائلي عرب مسلمان فقط چند هزار هئا، رسول ﷺ جي وصال وقت هر طرف، خود عربستان ۾ چوڌاري بغاوت ڦهلجي وئي ته ٻئي پاسي قيصر ۽ ڪسرى دنيا جا زبردست شهنشاهه مسلمانن کي پائمال ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا. مگر نتيجو هي نڪتو جو بي سرو سامان مسلمانن ساڳي ئي وقت بغاوتين کي به مغلوب ڪيو ۽ صرف ستن سالن اندر ڪسر ى جي سڄي سلطنت ۽ قيصر جي جو وڏو حصو به قبضو ڪري ورتو. تنهنڪري اسان کي تعداد جي ايتري ضرورت ناهي جيتري پاڻ کي سچي مسلمان بنائن جي. جيڪڏهن اسان سچا مسلمان ٿيون ته اسان هر طرح خوشحال ٿي وڃون ۽ ڪابه قوم اسان جو وار به ونگو نه ڪري سگهي. بلڪه سڀ قومون جوق درجوق اسلام ۾ داخل ٿي وڃن.
    اسلام جي تبليغ اسان جي هندو ڀائرن کي غصه ۾ بيتاب ڪري ٿي ڇڏي، مگر خبر ناهي ته ڇو؟ فطرتاّ هر ڪو انسان پنهنجي خيال جي اشاعت ڪري ٿو خوش ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪوبه انسان سندس خيال قبول ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن ڪو مسلمان يا هندو يا عيسائي پنهنجي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪري ته اهو اٽلندو چڱو ڪم آهي، مگر شرط آهي ته جائز طريقا ڪم آڻجن. زور زبردستي ڪم نه آڻجي، لالچ نه ڏجي. نڪي ننڍن ٻارن کي قبضي ۾ آڻي سندن اباڻي دين ۾ دست اندازي ڪجي.اڃا به وڏي ڳالهه آهي ته تبليغ ڪرڻ ۾ سچ ۽ انصاف کان ڪم وٺجي مثلاّ جيڪڏهن هندو صاحب ڄاڻي واڻي ڪوڙا حملا اسلام تي ڪندو رهي ۽ اگرچه مسلمانن وٽان انهن اعتراضن جو چڱو جواب کيس ملي وڃي ته به اهو جواب پنهنجي تحرير يا تقريرن ۾ نه ڄاڻائي بلڪ ساڳيا حملا ڪندو رهي ۽ پنهنجي ڌرم جون اُهي خوبيون ٻڌائيندو رهي جي در حقيقت ويدن ۾ هجن ئي ڪونه ۽ اُهي خاميون لڪائيندو رهي جي ويدن ۾ يا هندو سوسائٽي ۾ موجود هجن، ته اها پنهنجي هندو قوم سان وفاداري ناهي پر غداري آهي، چڱائي ناهي پر برائي آهي ۽ ان ۾ ترقي ناهي پر تباهي آهي. جيڪڏهن ويدن جي تعليم چڱي آهي ته ويدن جو ترجمو هندن ۽ غير هندن جي آڏو پيش ڪجي پر ترجمو به اهڙو ته هجي جنهن کي ترجمو چئي سگهجي. مسلمانن کي به اهائي صلاح ٿي ڏجي. مگر مسلمانن کي ان صلاح جي چند ان ضرورت ناهي. قرآن شريف ترجمي سان بيشمار موجود آهن ۽ رسول الله ﷺ جون سوانح عمريون به بيشمار موجود آهن، هندو صاحبن کي عرض آهي ته اُهي پڙهي پوءِ سچي نيت سان اعتراض ڪن ۽ انهن جا جواب طلب ڪن، باقي جيڪڏهن فقط تعداد وڌائڻ خيال سان حملا ڪندا ته اسلام ۽ مسلمانن کي ڪجهه به ڪري نه سگهندا. مگر پنهنجي قوم کي بي انتها نقصان پهچائيندا.

    بررسولان بلاغ باشدوبس (توحيد- مارچ 1934)


    (2)
    بخدمت جناب ايڊيٽر صاحب رساله توحيد
    بعد السلام عليڪم جي عرض ته توهان صاحبن منهنجي مضمون شائع ڪرڻ بعد جيڪو نوٽ فرمايو آهي تنهن به نسبت ڪجهه هيٺ لکان ٿو جو پڻ مهرباني ڪري رساله توحيد ۾ شايع ڪرڻ فرمائيندا ته نهايت ئي احسان.
    توهان صاحبن جيڪي الفاظ”ايمان بچائي خير جو وقت گذاري دنيا مان لڏي وڃڻ “ به نسبت لکڻ فرمايا آهن تن بابت منهنجو عرض آهي ته مان پاڻ سڄي حياتي اهڙن خيالن جي خلاف جهاد ڪيو آهي. مون هميشه اها تبليغ پي ڪئي آهي ته خالي الله الله ڪري صلواتون پڙهڻ، وظيفه ڪڍڻ بلڪ نماز روزا وغيره ادا ڪرڻ اسان جو رڳو هڪ جزو آهي. اسلام سڀني دنيائي امورن معاملن بابت اُهي سڀ اصول ۽ احڪام ڏئي ٿو جن تي عمل ڪرڻ سان انسان هن دنيا ۾ به اعلى درجي تي پهچي آزاد ۽ حڪمران ٿئي ٿو ۽ آخرت ۾ به جنت ۾ داخل ٿئي ٿو. اسلام نه رڳو اخلاقي تعليم ٿو ڏئي پر معاشرتي ۽ سياسي قانون، سِول ۽ فوجداري قاعدا، حڪمراني، جنگ ۽ صلح جا قانون ٿو سيکاري. دنيا جي سڀني ڪمن ڪارين جا بنيادي قانون قرآن شريف ۾ سيکاريل آهن. جيڪي مضمون تازو توهان صاحبن جي رسالي ۾ ڇپيا آهن تن ۾ به انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي. مان سمجهي نٿو سگهان ته ڪيئن ايتريقدر غلط فهمي پيدا ٿي آهي.
    توهان صاحبن پوءِ لکڻ فرمايو آهي ته جيڪڏهن سچي مسلمان جي اها معنى ڪڍجي جا مسٽر علي خان هتي سمجهائي آهي ته پوءِ مايوسي ۽ نااميدي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ نموني جا سچا مسلمان نڪي هن زماني ۾ پيدا ٿيندا نڪا خودحڪومت حاصل ٿيندي. مگر منهنجي سڀني مضمونن جو نچوڙ هي آهي ته قرآن شريف تي عمل ڪرڻ سان سڀ ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. ائين آهي ڇا ته عياشي، سُستي، بداخلاقي، نفاق، خود غرضي، ٺڳي، منافقي ۽ هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۽ گلا ڪرڻ سان ئي ترقي ڪري خود حڪومت حاصل ڪري سگهنداسين نه نيڪ اخلاقن، ايثار، جان نثاري، اتحاد ۽ اطاعت امير وغيره سان؟ منهنجو اهو مطلب به ڪونه آهي ته جيستائين مسلمان بااخلاق ۽ سچا مسلمان نه ٿيا آهن تيستائين هٿ تي هٿ رکي ويٺا هجن. آزادي ۽ خود حڪومت لاءِ گڏجي نظام ٺاهي جهاد ڪرڻ سوبه ته قراني تعليم ۾ داخل آهي. مطلب ته سڀني قرآني حڪمن تي هڪدم عمل شروع ڪري ڏجي عمل کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. مان به انهيءَ تي ايمان ۽ انهن ئي عملن جي تبليغ ٿو ڪيان جن جي ذريعه اوائلي مسلمانن رومته الڪبرى ۽ ايون ڪسرى تي قبضو ڪيو. اُهو ايمان ۽ اُهي اعمال قرآن شريف ۾ ڪونه سيکاريل آهن. ڇا؟ منهنجو عقيدو آهي ته دنيا ۾ ترقي، آزادي ۽ حڪومت جا بنيادي قانون ۽ وسيلا سڀ قرآن شريف ۾ موجود آهن جن تي عمل ڪرڻ لاءِ مسلمانن تي فرض آهي ته يڪمشت ٿي نظام ٺاهي گامزن ٿين. توهان صاحبن وڌيڪ لکڻ فرمايو آهي. ته ” جنهن ايمان ۽ اعمال سان اوائلي مسلمانن بلندي حاصل ڪئي سو فقط ڪلمون پاڪ يا صرف پرهيزگاري نه هئي پر ٻيو به ڪجهه هو جنهن جو شرح ولي اللهي رنگ ۾ حضرت امام عبيدالله سنڌي قدس سره جي سمجهايل طريقه تي اسان هن رساله جي ذريعه پيش ڪندا رهندا آهيون“ مان وري انهيءَ خيال جو آهيان ڇا ته رڳو ڪلمون پاڪ پڙهڻ ۾ گناهن کان پرهيز ڪرڻ سان (مگر ڪلمو پاڪ ۽ پرهيزگاري بنيادآهن) آزادي ۽ خود حڪومت ڪنهن ڪرامتي نموني سان پاڻهي اچي جهولي ۾ پوندي؟ جئين ڪي ماڻهو سمجهندا آهن ته کيتي ۽ ٻين ڌنڌن ڪرڻ بدران خدا تي توڪل رکي ويهي الله الله ڪجي ته آسمانن مان قسمن قسمن جا طعام لهي اچي اڳيان پون؟ مگر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن اسان بدا اخلاق هونداسين ۽ سستي ۽ گناهن وغيره ۾ غلطان هونداسين ته ڪئين اتحاد ۽ نظام قائم ڪري انهن رستن تي گامزن ٿينداسين جي آزادي ۽ خود حڪومت تائين پهچائيندا؟ آزادي ۽ خود حڪومت حاصل ڪرڻ بابت ولي اللهي فلسفو جيڪڏهن قرآن شريف جو مخالف آهي (مخالف هرگز نه هوندو) ته پوءِ ڪوبه مسلمان ان ڏي نهاريندو به نه. پر جيڪڏهن قرآن شريف کان مخالف ته نه آهي پر بلڪل الڳ آهي يعني جيڪڏهن قرآن شريف ۾ ان بابت ڪجهه به نه آهي ته پوءِ ائين سمجهبو ڇا ته قرآن شريف اهڙو نامڪمل آهي جو اسان کي هڪ وڏي ۾ وڏي ضرورت ۽ نعمت بابت ڪابه هدايت ڪانه ڏني اٿس. شايد توهان صاحب چوندؤ ته قرآن شريف ۾ سڀ ڪجهه آهي مگر قرآن شريف کي سمجهڻ محال آهي ۽ اها حقيقت فقط حضرت شاهه ولي الله ؓ ئي قرآن شريف مان استنباط ڪري سمجهائي آهي. پر مان چوان ٿو ته قرآن شريف ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته قرآن شريف ۽ اُن جون آيتون مُبين (چٽيون ) چٽائي ڪندڙ آهن. گهڻيون ئي آيتون محڪمات آهن ۽ اوا مر ۽ نواهي به سماجي فهم وارن ماڻهن لاءِ بلڪل چٽا آهن، تاهم ولي اللهي فلسفه تي غور ڪرڻ عالمن ۽ سياسي ليڊرن جو ڪم آهي.
    توهان صاحبن لکڻ فرمايو آهي ته: ”انهيءَ نموني جا سچا مسلمان نڪي هن زماني ۾ پيدا ٿيندا ۽ نه ڪا خود حڪومت حاصل ٿيندي. گويا هي مضمون مسلمانن لاءِ اڳتي وڌڻ جي بجاءِ هڪ نااميدي جو آئينو آهي، جنهن ۾ پنهنجا افعال ڏسي پوئتي هٽبا نڪي اڳتي وڌندا.“ جيڪڏهن منهنجو مضمون قرآن شريف تي ٻڌل آهي ته پوءِ ائين چئبو ته قرآن شريف ئي نااميديءَ جو آئينو آهي. حالانڪ الله تعالى فرمائي ٿو ته لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللهِ ؕ. اڄو ڪا مسلمان ڪهڙا به ڪريل آهن مگر جيڪڏهن سچي نيت سان قرآن شريف تي عمل ڪرڻ شروع ڪن ته الله تعالى سندن رهنمائي ڪري کين اوج تي رسائيندو. اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪيئن مسلمان قرآن شريف جي حڪمن کي سامهون رکڻ سان پوئتي هٽندا ۽ اڳتي نه وڌندا؟
    آخر ۾ مان خلوص نيت سان استدعا ٿو ڪيان ته مهرباني ڪري اسان مسلمانن کي آگاهه ڪرڻ فرمائيندا ته شاهه ولي الله ؓ آزاديءَ ۽ خود حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا حيلا وسيلا سيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙا قرآن شريف مان ۽ ڪهڙا پنهنجي مغز مان ڪڍيا اٿس.
    (علي خان ابڙو)
    نوٽ از مدير ”توحيد“
    مسٽر علي خان ايم اي منهنجو هڪ جهونو مهربان ۽ درد رکندڙ مسلمان آهي، آئون جڏهن 1918ع ۾ لاڪاڻي مان حضرت پير حڪيم عبدالقادر شاهه راشدي جي رفاقت ۾ ”الڪاشف“ رسالو ڪڍندو هوس ته ان وقت به محترم علي خان جا اصلاحي مضمون الڪاشف ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. مسٽر علي خان ملازمت هوندي به سمورو توجه سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري تي خرچ ڪيو آهي. فجز اه الله خير الجزاءِ مگر افسوس هي آهي ته سنڌ جي مسلمانن جي حالت مرڳو ئي ٻئي رنگ ۾ بدلجي رهي آهي. يعني ته اسلام تي پابندي جا جيترا به وعظ ڪيا وڃن ٿا تن جو اثر مرڳوئي ابتو نڪرندو رهي ٿو. يورپين تهذيب ۽ مغربي تعليم جي برڪت سان سمورو معاملو هڪ ٻيو رنگ اختيار ڪري رهيو آهي.
    مرض بڙهتا گيا جون جون دوا کي.

    دنيا ۾ مسلمانن جي سڌاري لاءِ جيڪي به تحريڪون اٿيون آهن تن، سمورين جو بنياد هميشه ملڪي طاقت هٿ ڪرڻ واري نقطي تي هوندو آهي. يعني جيستائين ڪابه قوم ملڪي طاقت جي مالڪ نه آهي تيستائين هو بلڪل هن لاءِ ٻڌل نه آهي ته قرآن مجيد تي عمل ڪري. بلڪه اسان جو چوڻ آهي ته غلام قومون جيڪڏهن قرآن مجيد جي فقط اخلاقي پهلوءَ تي به عمل ڪنديون رهن ته ان مان قوم کي مجموعي طرح ڪهڙو فائدو پهچي سگهي ٿو. قرآن شريف جو اصلي نقطو جهاد يا انقلاب آهي. ان کان جيڪڏهن مسلمانن جو ڪوبه گروهه غافل رهجي ويو ته آخر هو حڪومت جو مالڪ ٿي قرآن جي بنيادي ڳالهه کي ماڻهن ۾ ڪيئن پهچائي سگهندو؟
    قرآن مجيد مولانا عبيدالله سنڌي جي ارشاد موجب هڪ انقلابي ڪتاب آهي. ان کانپوءِ ٻيو ڪجهه جيستائين ڪنهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ قرآن شريف تي عمل ڪرڻ وقت انقلاب جو نقطو موجود نه هوندو تيستائين هو قرآن مجيد کي صحيح رنگ ۾ سمجهي نٿو سگهي. انهيءَ انقلاب واري مقصد کي يورپ جون قومون سمجهن ٿيون تنهن ڪري هندستان ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سرڪاري طرح پيدا ٿيندا رهيا آهن جو فقط قرآن جي انقلابي تحريڪ کان روڪڻ لاءِ ڪڏهن نماز تحريڪ پيدا ڪندا آهن ته ڪڏهن سيرة النبي جا جلسا سڏائيندا آهن ۽ ڪڏهن ٻيون شيون مذهبي رنگ ۾ پيش ڪري خلق جي دل کي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن ماڻهن جو توجه فقط ڪنهن هڪ مذهبي ڳالهه ۾ اٽڪي پئي ۽ هو قرآن شريف جي اصلي مقصد انقلاب واري کان پوئتي هٽجي وڃن.
    قرآن شريف ۾ دنيائي زندگيءَ جو سمورو دستورالعمل آهي مگر ان تي جنهن جماعت شروع ۾ عمل ڪيو سا انقلابي جماعت هئي جنهن جو بنياد پهريان مڪي شريف ۾ پيو. ان کان پوءِ هن مدينه شريف ۾ پنهنجو مرڪز بڻايو.
    حضرت امام عبيدالله سنڌي قدس سره ۽ شاهه ولي الله جي تعليم موجب قرآن مجيد جي انهيءَ انقلابي جماعت جو پهريون دور خليفه سوئم حضرت عثمان جي شهادت تي ختم ٿئي ٿو ۽ ان کانپوءِ زمانه جي تبديلي ۽ اسلامي تحريڪ جي وڌندڙ حالت مطابق اها جماعت جدا جدا صورتون اختيار ڪندي هلندي وڃي ٿي، تان جو انٽرنيشنل يا بين الاقوامي پوزيشن اختيار ڪري ٿي. دمشق، بغداد، بخارا، غزني، دهلي ان ئي تحريڪ جون جدا جدا شڪليون ۽ مظاهر آهن. اگرچه هنن زمانن ۾ شروعاتي ٽن خليفن جو هو بهو قدم بقدم نقشو نٿو ملي مگر انهن زمانن جو اصل مقصد آسمان کان آيل انقلابي ڪتاب جي اصولن کي رائج ڪرڻ جو هو ۽ انهيءَ بنياد تي هو فيصلا ۽ معاملا نبيريندا هئا.
    حضرت مولانا عبيدالله جو ارشاد آهي ته قرآن شريف جيڪا شروع زمانه ۾ سوسائٽي قائم ڪئي انجي عبادت ۽ ان جا معاملا ڪيئن هوندا؟ تن کي جيڪڏهن صحيح رنگ ۾ ڏسڻو آهي ته اُهي سمورا فقط حديث جي ڪتاب موطا امام مالڪ ۾ ڏسجي سگهن ٿا. ان ۾ فقط مديني وارن جون روايتون آهن ۽ گهڻو ڪري اُهي شيون آهن جي حضرت عثمان جي خلافت تي ختم ٿين ٿيون.
    امام مالڪ پاڻ مدينه جو رهاڪو آهي ۽ ٽي وڏا خليفا به مدينه ۾ پنهنجي خلافت جو وقت گذاري وبا هئا ۽ اهي ٽيئي خليفا ۽ سندن ساٿي حضور رسول ڪريمﷺ سان هر هڪ معامله ۾ هر وقت گڏ رهندا آيا ٿي انهن جو ڪجهه قول يا فعل پيش ڪيو يا هنن کان صادر ٿيو سو ڪتاب موطا امام مالڪ ۾ محفوظ آهي. باقي ٻيا سمورا حديث جا ڪتاب موطا جا شاهد يا شرح آهن.
    حضرت مولانا سنڌي جو ارشاد آهي ته اهل سنت جماعت جي چئني مذهبن جو سرچشمو موطا امام مالڪ آهي. ڇاڪاڻ ته امام ابو حنيفه جو مذهب مرتب ڪندڙ امام محمد امام مالڪ جو شاگرد آهي. قاضي ابو يوسف به اتان فيض پرايو ۽ شافعي امام محمد کان ۽ امام مالڪ جي ٻين شاگردن کان حاصل ڪيو. امام احمد بن حنبل امام اهل سنت جماعت وري امام شافعي جو شاگرد آهي. اهڙي طرح سڀني مذهبن جو اصلي ماخذ موطا بنجي ٿي. پوءِ جيڪي مذهبن ۾ فروعي اختلاف آهن سي ملڪ ۽ ماڻهن جي حالتن موجب معمولي اختلاف آهن. باقي اصولي طور هڪ ئي ڳالهه آهي.
    اصل مطلب آهي ته مسلمانن جي دنيا ۾ پکڙجڻ کان پوءِ جتي به هو پهتا آهن تن جي سامهون اصولي طرح قرآن شريف ۽ مٿس عملي صورت جو سبق موطا امام مالڪ رهيو آهي. ان کانپوءِ نون واقعن ۽ نين حالتن موافق جيترا به قانون ۽ فقه جا مسئلا ٺهيا آهن، سي مٿين ٻن اصولن پٽاندر ٿيا آهن. تنهن ڪري حضرت مولانا جي سمجهاڻي موجب اسان کي حضرت عالمگير جي دور حڪومت دهلي کي مدينه شريف جي دور اول تائين مسلسل طريقي سان ڳنڍڻ ۾ ڪابه تڪليف درپيش نٿي اچي بلڪ اسان هن چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته قرآن شريف جي تعليم ذريعي جيڪا سوسائٽي مديني شريف ۾ پيدا ٿي تنهن جي ڪم کي مسلمانن اخير وقت تائين خاص رنگ ۾ ادا ڪندا قرآن شريف جو بنيادي حڪم جاري رکندا آيا.

    هاڻي ڇا ڪجي؟
    هن وقت اسلامي دنيا غلامي جي زنجير ۾ جڪڙجي چڪي آهي. هنن تي يورپين غلط تهذيب جو سخت اثر پئجي رهيو آهي. هو قرآن جو نالو وٺن ٿا پر ان تي هرگز هرگز عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. نه وري ڪا اهڙي طاقت آهي جو هنن کي مجبور ڪري ته اهي اخلاق ۽ افعال ڌارين جن جو قرآن مجيد ارشاد فرمايو آهي. اڄوڪي زماني جا ماڻهو مادر پدر آزاد خيال ٿي چڪا آهن. آخر انهن کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو ويهي عمدن اخلاقن حاصل ڪرڻ وارن وعظن تي ڪن ڏين. تنهن ڪري قومن جي درست ٿيڻ واري اصول موجب جيستائين هنن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ وارو موجوده حالتن موجب انقلابي تخيل پيدا نه ٿيندو، تيستائين هو فقط وهمي طرح ڪنهن به سکڻي اخلاقي وعظ مان ڪجهه به پرائي نٿا سگهن. فرض ڪريو ته مسلمانن جي هڪ ٽولي اندر گهڻي حد تائين چڱا لڇڻ پيدا ٿي ويا آهن مگر هو گهرن کان ٻاهر نٿا نڪرن يا حجرن ۽ مسجدن ۾ پنهنجي بلند اخلاقن موجب بند ٿيا ويٺا آهن ۽ ويٺا ٿا ڌارين لاءِ دعائون گهرن ۽ قرآن شريف جي صحيح انقلابي آزادي واري اصول کان بي خبر آهن ته ڇا مڪمل اخلاق حاصل ڪرڻ کان پوءِ هنن کي حڪومت حاصل ٿي سگهي ٿي؟ هرگز نه.
    قرآن کي اسان دنيا ۾ مڃائي ۽ رائج ڪري تڏهن سگهون ٿا جڏهن اسان وٽ دنيائي طاقت هجي ۽ انهيءَ دنيائي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اهي سڀ اصول اختيار ڪرڻا آهن جي موجوده زماني جي حالتن سارو اسان جي امداد ڪري سگهن ۽ انهن قرآن شريف جي پاران ڪوامتناعي حڪم به نه هجي.
    اوهان پنهنجي وڏن جي تاريخ تي غور ڪريو ته پهرين ٽن خليفن جي زماني کان پوءِ مسلمانن ايشياتي ۽ يورپ جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪيو ۽ آفريقا سندن هٿ ۾ آئي مگر هٿيار ۽ لڙائي جو هوبهو نمونو ۽ بدر حنين وارو ڪونه هو. پر فقط اصول ساڳو هو ته انسانيت جي خدمت لاءِ قرآن جا اصول دنيا ۾ طاقت سان پهچائڻا آهن. ان موجب حضرت امام عبيدالله جو ارشاد آهي ته موجوده زماني ۾ عدم تشدد جي ذريعي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه ملي ان کي حاصل ڪري اڳتي وڌجي. ان ريت اسلام کي هندستان ۾ دوباره زندهه ڪجي ۽ روس مان جيڪا بي ديني جي لهر ملڪ تي چڙهائي ڪندي اچي ٿي ان جو مقابلو ڪجي.
    تمته بحث
    اسان جو مطلب آهي ته قرآن شريف جو انقلابي اصول سامهون رکيو وڃي. ان کانپوءِ جو ڪجهه ڪرڻو هجي ان موجب ڪيو وڃي، جيڪڏهن اڄوڪي زماني ۾ هي وعظ ڪيو ويندو ته جيستائين صحابين جهڙا هوبهو مسلمان نه ٿيندا، تيستائين ڪجهه به نه بڻندو ته اسان ان جا قائل نه آهيون. اهي مايوسي جا سبق آهن جن کي غلامي پسند ماڻهو ملڪ ۾ پکيڙڻ گهرن ٿا. پر اسان جي اڳيان قرآني انقلاب جي 13 سو ورهن جي مسلسل تاريخ آهي، جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته زماني جي حالتن ۽ ملڪن جي آب هوا ۽ جغرافيائي حالات جي لحاظ موجب جدا جدا نمونن جي مسلمانن جدا جدا رنگ ۾ قرآن جي اصلي تعليم پکيڙڻ لاءِ حڪومت جي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ هو ان ۾ ڪامياب ٿيا آهن.
    خليفه عبدالملڪ بن مرو ان کان ڪن ماڻهن سوال ڪيو هو ته اوهان اڳين خليفن يعني خليفه راشدين جهڙا ڇونه بنجو ٿا ته جواب ۾ پاڻ چيو هئائين ته اوهان به انهن وڏن خليفن جهڙي رعيت بڻجو ته پوءِ آئون به اهڙو ٿي پوان!!
    مطلب آهي ته ڪابه تحريڪ پنهنجي اصلي شروعاتي رنگ ۾ قائم نه رهندي آهي پر هو پنهنجي حياتي جون جدا جدا منزلون طي ڪندي آهي تنهن ڪري هوبهو صحابه ڪرام جي اخلاق حاصل ڪرڻ کانپوءِ آزادي ۽ خود حڪومت جي حصي جو انتظار ڪجي، اها هڪ اهڙي ڳالهه آهي جا اسلامي ترقي جي تاريخي فلسفي جي برخلاف آهي.
    انقلابي ماڻهو ٿي ئي اهو سگهندو آهي جنهن ۾ بلندا خلاق هوندا. پوءِ جيستائين بلند اخلاق نه ايندا تيستائين هڪ بزدل ۽ گيدي ماڻهو جي دماغ ۾ انقلاب جو تصور ئي نه اچي سگهندو. اسان جو عرض آهي ته سڀ کان پهريان صحيح انقلابي هجڻ جو تصور پيدا ڪريو، ان کانپوءِ ڏسو ته ڪيئن نيڪ اخلاق حاصل ٿيندا رهن ٿا.
    قرآن شريف سمجهڻ بيشڪ آسان آهي مگر اسان کي اهو قرآن جو تفسير ۽ ترجمو نه گهرجي جو رڳو غلامي پرست انسانن جو تيار ڪيل هجي جنهن جي ذريعه رڳو ئي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي وڃون.
    يقين رکڻ گهرجي ته غلامي بداخلاقي جي جڙ آهي. انهيءَ لعنت کان وڌيڪ ٻئي ڪابه بداخلاقي نه ٿي ٿي سگهي. جيستائين ان کي دور نه ڪيو ويو آهي. تيستائين هڪ غلام بد اخلاق، انسان تي وعظ يا نصيحت ڪهڙو اثر ڪري سگهي ٿي.
    (توحيد- جنوري-فيبروري 1945ع)


    شاعري

    اچي ٿو غيب مان آواز، لڳائي ڪن ٻڌڻ گهرجي.
    پڙهي قرآن معنى سان، عمل تنهن تي ڪرڻ گهرجي.
    چوي هر ڪو ته مان عاقل، چڱو سڀ کان به مان ئي مان.
    ڪلام الله چٽو آهي، پرک تنهن تي وٺڻ گهرجي.
    علم اخلاق جنهن کي آه، ٿيو افضل فرشتن کان.
    ٻيا بدتر مرن کان ڀي، ڪميڻا سي چوڻ گهرجي.
    سڏن ان کي ٿا چالاڪي، چون بيشڪ ڪرڻ گهرجي.
    دغابازن ۽ ڪوڙن تي، وڌي لعنت خدا آهي.
    اُهي تڙيل خدا جا ٿيا، پري تن کان ڀڄڻ گهرجي.
    زنا چوري نشو خيانت، ڪري ٿو جو به مسلم آهه.
    وجهي ٿو پاڻ دوزخ ۾، حديثن ۾ ڏسڻ گهرجي.
    ڪري جو ظلم ٻين تي ٿو، ڪٽو ڪافر اهو آهي وڏو بيدين آهي سو.
    خدا راحم رحيم آهي، اسان کي پڻ ٿيڻ گهرجي.
    چوي خالق سکو اخلاق، رکو پڻ حب همدردي.
    اسان جو رب سڀن جورب، سبق سوئي سکڻ گهرجي.
    ڏسي اسلام رهو سالم، ڏکويو ڪين ڪنهن کي ڀي.
    ڪيو قائم امن امان، سچو مسلم ٿيڻ گهرجي.
    رکي جو خوف خاوند جو، گناهن کان ڀڄي جو ٿو.
    چون ان لئه ته احمق آه، وڏو سو فُول سڏڻ گهرجي.
    وڄي ٿو ناد از غيبي، تباهي يار اچڻي آه.
    پڙهي تاريخ قومن جي، سبق عبرت وٺڻ گهرجي.
    علي خان رک اميدون تون، وسي رحمت سدا رب جي.
    چيو هادي ڪيو ڪوشش، ڪمر همت ٻڌڻ گهرجي.

    (ملا اسڪولس مخزن جنوري 1948ع)


    حصو ٻيون: اسلام

    اسلام ۽ ترقي

    تمهيد
    واضع هجي ته سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي حالت بيان ڪرڻ کان اڳي اسلام جي تاريخ تمام مـختصر طور بيان ڪندس. پر تنهن کان اڳي مان پنهنجو احوال ناظرين جي آڏو پيش ڪرڻ ٿو گهران ته مان عالم ڪو نه آهيان، ۽ در حقيقت مون کي هن قسم جي ڪتاب لکڻ جي جرئت ڪرڻ نه گهربي هئي، مگر ڪن سببن ڪري مان هن ڪم کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان. اهي سبب هيٺين بيان ۾ اچي ويندا:
    منهنجو مرشد ۽ منهنجو والد صوفي هئا، مگر بي علم هئا. اسلام جي کين ڪا به خبر ڪانه هئي. اگرچه هو فهم ۽ عقل وارا هئا ۽ نيڪ نيت ۽ اخلاص وارا به هئا، مگر اسلام جي واقفيت نه هئڻ ڪري ۽ هاڻوڪي ڪوڙي تصوف جي رواج هئڻ ڪري شريعت کان پري هئا. روزي ۽ نماز کان غافل هئا، بلڪ نشو ڪرڻ کي ذڪر پچائڻ واريءَ حالت ۾ مباح ڄاڻندا هئا. بهشت فقط دلاسو ۽ دوزخ فقط دڙڪو سمجهندا هئا. مان به ننڍڙي کان ئي انهن جي زير اثر اهڙن خيالن ۽ ويساهن جو قائل هوس.
    سنه 1901ع ۾ ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ فري بورڊر ٿي انگريزي تعليم وٺڻ لڳس ۽ بورڊنگ هائوس ۾ رهندو هوس. ان وقت مولوي صاحب ميان محمد عثمان مرحوم هو. ساڍا پنج سال مدرسي ۾ رهيس. مولوي صاحب پنهنجا ٺاهيل ڪتاب تحفته الاسلام جا سبق سيکاريندو هو. انهن ۾ گهڻو ڪري فقط فقه يعني وضو، نماز، روزن، حج وغيره جا نفل سنتون واجب فرض ڏنل آهن. جبرن پنجئي وقت نماز پڙهائي ويندي هئي ۽ روزا رکايا ويندا هئا ۽ مولوي صاحب مرحوم هر جمعي تي وعظ به ڪندو هو.
    مگر شاگردن کي درحقيقت نڪا اسلام جي واقفيت حاصل ٿيندي هئي، نڪي هو ديندار ئي ٿيندا هئا. ان جو سبب هڪ ته هي هو جو اسلام جا مکيه ڪتاب ۽ مکيه تعليمات بلڪل ڪونه سيکاريا ويندا هئا. مثلن قرآن شريف ۽ حديثن مان چونڊيل ٽڪرا ترجمي ۽ سمجهاڻيءَ سان ڪونه سيکاربا هئا. اسلامي عقيدا سمجهاڻيءَ سان، اسلامي تاريخ، اسلامي فلسفو ۽ خود فقهه جا به ڪيترائي مکيه ڀاڱا ڪو نه سيکاريا ويندا هئا. مرحوم مولوي صاحب اگرچه رواجي عالمن کان صدبار بهتر هو ۽ گهڻو وقت ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهڻ ڪري ۽ مختلف قسمن جي ماڻهن ۽ انگريزي دانن سان هلڻ چلڻ ڪري دنيا جي ٿوري گهڻي واقفيت به حاصل ٿيس ۽ ڪي قدر فهم به تيز ٿيس. تاهم پڇاڙيءَ تائين پراڻن مولوين جي اثر مان ٻاهر نڪري نه سگهيو. جڏهن وعظ ڪندو هو تڏهن ائين سمجهه ۾ ايندو هو ته جيئن ڇوڪرن کي جبرن نماز پڙهائي ٿي وڃي، تيئن مولوي صاحب به مجبورن وعظ ٿو ڪري. جنهن ماڻهوءَ کي وعظ ڪرڻ جو شوق ئي ڪو نه هوندو تنهنجي وعظ ۾ ڪهڙي خوبي رهندي ۽ ان مان ڪهڙو اثر پيدا ٿيندو.
    مدرسو ڇڏڻ کان پوءِ نماز ۽ روزا به ڇڏي ڏنم، بلڪ مدرسي واري عرصي ۾ به جڏهين پنهنجي ڳوٺ ۾ موڪلن تي هوندو هوس، تڏهن نماز ۽ روزن کان به موڪل وٺندو هوس. صوفيانه خيال منهنجي دل ۾ وڌيڪ پڪا ٿيندا ويا. مان اسلام کي ڪوڙو ڪونه سمجهندو هوس، مگر منهنجي والد ۽ مرشد منهنجي دل تي اهو اثر وهاريو هو، ته قرآن شريف ۾ تصوف ئي تصوف سيکاريل آهي، مگر مولوي يا ته ان کي سمجهن نٿا، يا ته ڄاڻي واڻي عام ماڻهن کان لڪائين ٿا. 1910ع ۾ بي اي پاس ڪيم ۽ 1912ع ۾ ايم اي پاس ڪيم.
    پهريائين ڪراچيءَ جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ماستر هوس. ان عرصي ۾ ڪنهن دوست مون کي مولانا حاليءَ جي مسدس جو نسخو ڏنو. مان اگرچ ان کان اڳي ڪو اڙدو ڪتاب ڪو نه پڙهيو هو، ته به رفته رفته اهو ڪتاب پڙهي ۽ سمجهي ويس ۽ حاشين ۾ ڏنل نوٽن ۽ آيتن ۽ حديثن مان معلوم ٿيو ته اهو ڪتاب اسلام جي تعليمات تي مبني آهي. انهيءَ ڪتاب منهنجون اکيون کوليون ۽ ظاهر ڪري ڏيکاريائين ته اسلام اهو ناهي جو اڄوڪا صوفي ٿا سيکارين. نڪي اهو آهي جو جاهل ملان ۽ نيم خوانده مولوي ٿا ڏيکارين. مگر اسلام اها تعليم ٿو ڏئي جا ڪامل عقل تي ٻڌل آهي ۽ جنهن تي انسان جي ڪامل ترقي جو مدار آهي. مثلن اسلام علم پڙهڻ، تجارت، سير ۽ سفر، محنت ڪرڻ، وقت نه وڃائڻ، اسراف نه ڪرڻ، نيڪ اخلاق رکڻ وغيره وغيره جي تعليم ڏني آهي. مگر نيم خوانده مولوي نه رڳو اهي ڳالهيون ڪو نه سيکاريندا هئا، پر انهن مان ڪيترين ئي ڳالهين جي سخت مخالفت به ڪندا هئا، ۽ اڃا سوڌو ڪندا اچن. جنهن ڪري مسلمان اڃان سوڌو پست ۽ ذليل ۽ تباهه ٿيندا پيا وڃن.
    مولانا حاليءَ جي مسدس پڙهڻ کان پوءِ مون کي اسلام جي واقفيت جو شوق پيدا ٿيو. جلدئي مرحوم نواب محسن الملڪ جا ڪتاب جهڙوڪ: ”مسلمانون ڪي تهذيب“ ۽ ”مسلمانون ڪي ترقي اور تنزل ڪي اسباب“. مرحوم نواب صدرالدين جا ڪتاب جهڙوڪ اصلاح البشر ۽ ”اصلاح الرسوم،“ قاضي سليمان صاحب جو مشهور ڪتاب ”رحمت للعالمين“، مولانا شبلي مرحوم جا گهڻائي ڪتاب خصوصن ”سيرت النبي“، مولانا اقبال جا نظم، خواجه ڪمال الدين صاحب جون تصنيفون ۽ ٻيا سوين ڪتاب پڙهيم. ازانسواءِ خواجه ڪمال الدين لنڊن مان هڪ ماهوار انگريزي رسالو 1912ع ۾ جاري ڪيو سو اڄ تائين بلاناغه گهرائيندو آيو آهيان يعني اُهي رسالا اڄ تائين اٽڪل 230 گهرايا ۽ پڙهيا اٿم. ان سان قرآن شريف جي معنيٰ ۽ تفسير ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو اٿم. جيئن پوءِ تيئن خاطري ٿيندي پئي وئي آهي ته اسلام ڪمال عقل تي ٻڌل آهي، ۽ اسلام ئي ڪامل ترقيءَ جو وسيلو ٿي سگهي ٿو.
    حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته بعثت لاتمم مڪارم الاخلاق يعني مان انهيءَ لاءِ نبي ٿي آيو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان.
    قرآن شريف ۾ اسلام جو مقصد فلاح بيان ڪيل آهي. فلاح جي معنيٰ آهي ”ترقي ۽ بهبودي“ ۽ دنيا ۽ آخرت جي چڱائي يا سعادت. هڪڙي حديث سڳوري آهي ته خير الناس من ينفع الناس يعنيٰ ”سڀني کان چڱو انسان اُهو آهي جو ٻين کي نفعو پهچائي“ اسلام جا جيڪي به احڪام آهن تن تي عمل ڪرڻ سان يا پاڻ کي فائدو ٿو رسي يا ٻين کي فائدو ٿو رسائجي.
    وري عجيب حڪمت ۽ قدرت ته هيءَ آهي ته ٻين کي فائدي رسائڻ ۾ پنهنجو نقصان نٿو ٿئي، پر اٽلندو پنهنجو فائدو ٿوٿئي، ۽ ٻين کي نقصان رسائڻ ۾ وري پنهنجو ئي نقصان ٿو ٿئي. ٻين سان پيار ۽ عزت سان هلڻ ۾ پنهنجي ۽ ٻين جي به ترقي ٿي ٿئي. اوائلي مسلمان مٿين اصولن ۽ حڪمن تي هلڻ ڪري دولتمند ۽ حڪمران ٿي پيا.
    ٻيون قومون به اُنهن کان اُهي سبق سکي ترقي ڪري ويون ۽ اڃا به ترقي ڪن پيون. مگر پويان مسلمان انهن اصولن کي ڦٽي ڪري عيش عشرت ۽ گناهن ۾ غلطان ٿي پست پئجي مصيبتن ۾ مبتلا ٿيا ۽ اڃان به پيا ٿين. غير مسلمان چوندا آهن ته اُهي اصول ته اسان به ڄاڻون ٿا، سڀ ڪنهن مذهب جا اصول اهي ئي آهن. پوءِ ڪهڙو ضرور آهي هرو ڀرو اسلام اختيار ڪرڻ جو!؟
    اهو بحث تمام وڏو آهي. مگر هتي فقط هيترو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته غير مسلمانن اهي ۽ ٻيا ڪيترائيءَ اصول اسلام کان سکيا آهن. ٻيو ته ڪيترائي چڱا اصول اڃان اختيار نه ڪيا اٿن. ٽيون ته اسلام نه رڳو چڱاين ڪرڻ ۽ بڇڙاين کان پري رهڻ جو خالي حڪم ٿو ڏئي، پر اُهي عمل ٿو ڪرائي جن جي ڪري اسان ۾ چڱاين ڪرڻ ۽ بڇڙاين کان پاڻ کي روڪڻ جي عادت ۽ طاقت پيدا ٿئي ٿي. نماز روزا، حج ۽ زڪوات جيئن ادا ڪرڻان آهن تيئن ادا ڪجن، ته مسلمان وري به اهڙائي ٿي پون جهڙا اصحاب سڳورا هئا، بلڪ جهڙا انبياءَ عليهم الصلوات والسلام هئا ۽ اهڙائي تندرست سعادتمند، دولتمند ۽ حڪمران ٿي پون جهڙا اوائلي مسلمان هئا.
    جن مغربي تهذيب وارن دوستن سان مان اسلام جي سچائيءَ ۽ خوبين ۽ ڪمالن جو ذڪر ڪندو آهيان سي مشڪي فرمائيندا آهن ته ويچارو ضعيف انسان جن خيالن ۾ ڄائو نپيو آهي، تن کي ئي سچو ٿو سمجهي ۽ ٻيا خيال هن جي مغز ۾ ئي نٿا وهن. اِها ڳالهه بلڪل سچي آهي، پر منهنجي مٿين هسٽريءَ مان معلوم ٿيندو ته منهنجي حالت بلڪل نرالي آهي، مان جن خيالن ۾ ڄائس نپنس سي خيال بلڪل ٻيا هئا.
    ملن ۽ نيم خوانده مولوين جا جيڪي خيال هئا سي صوفياڻن خيالن جي اثر کان ڪوڙا ڏسڻ ۾ آيا ۽ صوفياڻا خيال وري وڏي هوندي مولانا حاليءَ جي مسدس پڙهڻ بعد دل تان مٽجڻ لڳا. سچي اسلام جي واقفيت مون تڏهن حاصل ڪئي جڏهن 23 ورهين جي عمر جو هوس، ۽ ايم اي اڳي پاس ڪئي هيم اُن وقت تائين منهنجا خيال بلڪل ٻيا هئا، بي اي ۽ ايم اي اهڙا امتحان آهن، جي جن پاس ڪيا آهن، تن جو دماغ ۽ عقل ضرور سالم تسليم ڪرڻو پوندو پر جن شخصن اهي امتحان پاس ڪيا آهن، تن ۾ به وري ٻن قسمن جا گريجوئيٽ آهن: هڪڙا اُهي جي وري ورلي ڪتابن کي هٿ ٿا لائين ۽ ٻيا اُهي جن کي بي اختيار ڪتاب مطالعو ڪرڻ جو شوق رهي ٿو. پوئين قسم جي گريجوئيٽن جو علم، عقل ۽ دماغ وڌيڪ ۽ وڌيڪ سالم ٿيندو ٿو وڃي. هن بندي کي خدا جي فضل سان ڪتابن پڙهڻ جو اهڙو شوق رهيو آهي جو يورپي مصنفن جا هر قسم جا سوين بلڪ هزارين ڪتاب مطالع هيٺ آيل آهن. تنهنڪري غير مسلمانن خواه يورپي خيالن وارن مسلمان دوستن کي ائين چوڻ جو حق بلڪل ڪونهي ته مان ننڍي هوندي کان اسلام جي زير اثر رهيو آهيان ۽ بنا غور ويچار جي اسلام جي تعليمات کي سچو بلڪ ڪامل سمجهي رهيو آهيان. مگر قصوئي اُبتڙ آهي، ڇو ته سچي اسلام جي واقيفت منهنجا ننڍائيءَ وارا خيال سڀ مٽائي ڇڏيا ۽ اسلام جي تعليمات جو اڀياس بلڪل کليل دماغ سان ڪيم ۽ انهن کي سڀ ڪنهن نقطئه نظر کان صحيح ۽ ڪامل ڏٺم. هي سڀ بيان انهي نيت سان ڪيو اٿم ته منهنجا انگريزي دان دوست به کليل دماغ سان اسلام جو اڀياس ڪن. جو الزام هو مون تي ٿا لڳائن، سو درحقيقت ساڻن لاڳو آهي. ڇو ته هو ننڍي هوندي کان فقط دنيوي تعيلم ۽ يورپي تعليم وٺي رهيا آهن ۽ اسلام جي حقيقت چڱي طرح پروڙڻ جي ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي اٿن.
    مولانا حاليءَ جي مسدس پڙهڻ کان پوءِ مون کي اسلام جي اسپرٽ (روح يا مغز يا جوهر) ۽ تعليمات جي سچائي يا ڪوڙائي پرکڻ جي ڪسوٽي يا معيار اهڙو هٿ اچي ويو جو وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ کان اڳيئي ائين چئي سگهندو هوس ته فلاڻي ڳالهه اسلام هرگز نه سيکاري هوندي ۽ فلاڻي ڳالهه اسلام بيشڪ سيکاري هوندي. اُها ڪسوٽي هيءَ آهي ته اُها تعليم جا ظاهر ظهور عقل جي خلاف هجي ۽ ظاهر ظهور پاڻ کي يا ٻين کي فائدي پهچائڻ بدران نقصان پهچائي ۽ منجهس ڪنهن به قسم جي ترقيءَ جو سبب رکيل ڪو نه هجي سا هرگز سچي نه هوندي. اهڙيون ڳالهيون جي مون کي سچيون ڏسڻ ۾ ڪو نه اينديون هيون تن بابت به چڱن عالمن کان پڇندو هوس ۽ سڀ ڪنهن حالت ۾ منهنجو خيال سچو نڪرندو هو. مثلن هيٺين ڳالهين بابت مون چڱن عالمن کان پڇا ڪئي ۽ انهن جو جواب منهنجي خيال موافق نڪتو. 1. نورنامون ڪوڙو آهي يا سچو، جواب ته ڪوڙو آهي. 2. دعا گنج العرش جون اسنادون سچيون آهن يا ڪوڙيون ، جواب ڪوڙيون. 3. امير حمزه جو قصو سچو آهي يا ڪوڙو، جواب ڪوڙو. 4. ڪن معجزن بابت پڇيم ته سچا آهن يا ڪوڙا جواب ڪوڙا. 5. رسول الله ﷺ جن جا اصحاب سڳورا تسبي ڪم آڻيندا هئا يا نه، جواب نه. 6. اسقاط ڪندا هئا يا نه، جواب نه. 7. عام طرح پيسا وٺي تعويذ لکندا هئا يا نه جواب نه. 8. مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ لک صلواتن جا ڪڍندا يا ڪڍرائيندا هئا يا نه، جواب نه. 9. اڪيلو يا گهڻا گڏجي الله الله هو هو (رواجي ذڪر) ڪندا هئا يا نه، جواب نه. 10. اڄوڪن صوفين وارا تصور وغيره پچائيندا هئا يا نه، جواب نه. 11. ماڻهن ۾ حال وجهي کين بيهوش ڪندا هئا يا نه، جواب نه. 12. قرآن شريف بخشيندا هئا يا نه، جواب نه. 13. فالون يا ڪتاب ڪڍي اڳواٽ غيب جو احوال ٻڌائيندا هئا يا نه، جواب نه وغيره وغيره.
    مٿين ڪتابن پڙهڻ بعد مون کي اسلام جي تبليغ جو شوق حدِ ڪمال پيدا ٿيو. اها ڳالهه ڪا عجب جهڙي ڪانهي، انسان جي فطرت ئي ائين آهي ته جنهن ڳالهه کي سچ سمجهندو ۽ جنهن جو کيس شوق هوندو سا ڳالهه سڀ ڪنهن سان ڪندو- ان کي ان ڳالهه ڪرڻ کان روڪڻ اهڙو آهي جهڙو درياه کي وهڻ کان روڪڻ يا ٻير کي منع ڪرڻ ته ٻير پيدا نه ڪر- سال 1914 کان وٺي اخبارن: الحق، آفتاب ۽ ٻين ۾ قسم قسم جا مضمون ڇپايا اٿم. ننڍڙا ڪتاب به تصنيف ڪري ڇڏيا اٿم. ڪيترائي ڪتاب ٻيا به تيار ڪيا اٿم جي اڃان ڇپيا نه آهن. گهڻي وقت کان منهنجو خيال رهيو آهي ته سرڪاري سنڌي توڙي انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم پڻ ڏيڻ ۾ اچي. ان لاءِ ڪوشش به گهڻي قدر پي ورتي اٿم ۽ ڪيترن ئي سالن کان ديني تعليم جا ڪتاب به تيار ڪري رکيا اٿم. زباني گفتگوءَ جي وسيلي به گهڻي قدر اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو آهيان. مولوي فتح محمد صاحب ۽ مرحوم مولوي الاهي بخش صاحب جي ڪتابن ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري سنڌ ۾ ڪي قدر سجاڳي ٿي آهي. جڏهن مان ننڍو هوس تڏهن جا حالت ڏسڻ ۾ ايندي هئي تنهنجي ۽ هاڻوڪي حالت جي وچ ۾ زمين آسمان جو تفاوت ٿي ويو آهي.
    بيشڪ اختلاف گهڻا ٿي پيا آهن پر اختلاف زندگيءَ جي نشاني آهي ۽ جهل وارو نفاق موت جي نشاني آهي. انشاءَالله ته ٿوريئي وقت ۾ قوم جي مذهبي حالت خواه دنيوي حالت بلڪل چڱي ٿي ويندي.
    منهنجا ڪتاب جيڪي به ڇپيا آهن سي غير مسلمانن گهڻو پسند ڪيا آهن. مسلمانن به پسند ڪيا آهن. ڪم از ڪم ڪنهن به غلطي ڪا نه ڪڍي آهي نڪو اعتراض اُٿاريو آهي. مگر مسلمانن ۾ ڪي اڳوڻا خيال اهڙا گهر ڪري ويا آهن جو اهڙن ڪتابن کي پڙهڻ ئي ڏکيو ٿو لڳين. سمجهڻ ۽ قدر شناسي ڪرڻ ته پري پر جن کي دماغ ۽ عقل آهي مثلن انگريزي دان، سي ته اهڙن ڪتابن کي هٿ ڇو ٿا لائين. وقت جي مد نظر اهي ڪتاب اهڙي طرز ۾ لکيا ويا جيئن مخالفت پيدا نه ٿئي، ته جيئن رفته رفته اهي خيال ماڻهن ۾ اثر ڪندا وڃن. مگر ڏسجي ٿو ته اهي ڪتاب قوم کي سجاڳ ڪرڻ ۾ اهڙا ڪارگر نه ٿيا آهن، ڇو ته قانون آهي ته جيڪڏهن ٻنيءَ ۾ جهنگ يا ڪلر آهي ته اُن ۾ ٻج نه ڄمندو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ماڻهن ۾ پراڻا خيال درختن وانگر پڪا ٿيا بيٺا آهن ته انهن ۾ نوان خيال ڪيئن پيدا ٿي سگهندا؟ تنهن ڪري هن ڪتاب لکڻ جي ضرورت محسوس ڪيم ته اهڙو ڪتاب لکان جنهن سان مسلمانن مان پراڻا خيال نڪري وڃن. انهيءَ ڪري مخالفت ضرور ٿيندي، پر جيڪڏهن خود غرضي ڦٽي ڪري ٿڌيءَ دل سان ۽ تهذيب جي طريقي سان بحث مباحثو ٿيندو ته سچ سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ ڪوڙ ٿيندو ۽ اسلام جي ترقي ٿيندي - انشاءَ الله ائين ئي ٿيندو.
    مون ڪجهه وقت کان وٺي عربي پڙهڻ ۽ سکڻ شروع ڪئي آهي. ارادو اٿم ته عربي سکڻ بعد قرآن شريف جا اوائلي عربي تفسير ۽ صحاح سته ۽ سڀني امامن جا فقه شريف مطالع ڪندس ۽ ان بعد اسلام بابت هڪ مڪمل ڪتاب لکندس.
    مگر حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي. تنهن ڪري هي ننڍڙو ڪتاب هاڻي ئي لکي ڇپائڻ جو ارادو ڪيو اٿم، جيڪڏهن حياتيءَ بقاءُ ڪيو ته انشاءَ الله تعاليٰ هڪ وڏو ڪتاب لکندس جنهن ۾ اسلام جي سڄي تاريخ اچي ويندي. مگر مون کي ايتري اميد ڪا نه ٿي ڏسجي ته ايترو علم حاصل ڪري اهڙي قسم جو ڪتاب لکي سگهندس. تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته ڪو زبردست عالم اهو ڪم هٿ ۾ کڻي جو مٿي ڄاڻايل ڪتاب سڀ پڙهي ۽ قرآن شريف جا سڀ تفسير نظر مان ڪڍي پوءِ سڀني تفسيرن جي تنقيد ڪري، اول کان اڄ تائين جيڪي اختلاف اسلامي اُصولن ۾ ٿيندا آيا آهن تن جو بيان ڪندو اچي.
    ناظرين کي منهنجو عرض آهي، ته خصوصن انهن کي جي منهنجن خيالن جا مخالف هجن ته شرافت ۽ فضليت سان ۽ عقلي ۽ نقلي دليلن سان نڪته چيني ڪن. جيڪڏهن قرآن شريف جي اوائلي تفسيرن ۽ صحيح بخاريءَ ۽ خلفاءِ راشدين جي صحيح هسٽريءَ ۽ امام اعظم سڳوري ۽ ٻين اهڙن اوائلي زبردست امامن جي سند سان منهن جا خيال غلط ثابت ڪيا ويندا ته مان نهايت ممنون ۽ مشڪور رهندس ۽ ٻئي ڇاپي ۾ درستيون ڪري ڇڏيندس. نڪته چيني ڪرڻ جو حق انهي کي آهي جو وڏو عالم هجي ۽ منهن جي سڄي ڪتاب جو مطالعو غور سان ڪري. ائين نه ٿئي ته ڪي ٽڪرا پڙهي پوءِ آپي کان ٻاهر نڪري وڃي.
    الله تعاليٰ کي سوال آهي ته شال هيءُ ڪتاب سنڌ جي مسلمانن کي سڄاڳ ڪرڻ لا‌ءِ صوراسرافيل جو ڪم ڏئي.
    (1935ع)

    اسلام جي مختصر تاريخ
    مرحوم رائيٽ آنربل سيد امير علي، جيڪو ڪلڪته هاءِ ڪوٽ جو جج هو، ۽ پوءِ انگلنڊ جي وڏي ۾ وڏي ڪورٽ يعني پروي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، ۽ جنهن محمدن لا يعني اسلامي شرعي قانونن جا ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ڪتابن تي هندوستان جي ڪورٽن ۾ فيصلا ٿا ٿين، تنهن ٻيا به ڪي ڪتاب انگريزيءَ ۾ اسلام ۽ اسلام جي تاريخ تي لکيا آهن جي سڄيءَ دنيا ۾ مسلمانن خواه غير مسلمانن جي ڪتب خانن ۾ موجود آهن، ۽ اهي بلڪل معتبر سمجهيا ٿا وڃن. جڏهن مرحوم مولانا محمد علي جو مرحوم سيد امير عليءَ سان تڪرار ٿي پيو هو تڏهن به مولانا محمد علي جي اخبارن ۾ قبول ڪيو ويندو هو ته سيد امير علي جيڪا اسلام جي خدمت ڪئي آهي سا بيشڪ تحسين جوڳي آهي ۽ سندس علميت ۽ قابليت جو اسان اعتراف ٿا ڪريون. مگر اهي ساڳيا ڪتاب جيڪڏهن سنڌي ۾ ترجمو ڪجن ته اسان جا سنڌ جا نيم خواندهه مولوي سيد امير علي کي ڪافر نه ته به وهابي ته ضرور سڏيندا، اگرچه هو پنهنجي ڪتابن ۾ وهابين جي خلاف ويو آهي. ڇو ته اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته نه رڳو سنڌ جا پر سڄيءَ دنيا جا نيم خوانده مولوي انهن سڀني کي وهابي سڏيندا آهن، جي بدعتن ، بدرسمن ۽ ڀرمن جي خلاف ويندا آهن ۽ اصلاح جي ڪوشش ڪندا آهن، اگرچه هو سچ پچ وهابين جي به برخلاف هوندا آهن.
    رائيٽ آنربل سيد امير علي جي مشهور ڪتاب ”اسپرٽ آف اِسلام“ مان ڪي ٽڪرا هت ڏيڻ گهران ٿو، مگر تنهن کان اڳي تمام ٿورڙي اسلام جي تاريخ تمهيد طور لکان ٿو! شيعن ۽ سنين جي اختلاف جي ڪري اها تاريخ ڏيڻ هڪ بلڪل نازڪ ڪم ٿي پيو آهي. مگر مان انهن اختلافن ۽ بحث مباحثن ۾ پوڻ نٿو گهران ۽ ناظرين کي پڻ استدعا ٿو ڪريان ته انهن جهڳڙن ۾ نه پون. آنربل سيد امير علي جا ابا ڏاڏا شيعا هئا ۽ پاڻ به شيعو هو. مگر سچو تاريخي علم انسان کي گهڻي قدر بي تعصب ۽ ڪشاده دماغ بنائي ٿو ڇڏي. سيد صاحب لکي ٿو ته حضرت رسول ﷺ جن جي رحلت بعد مسلمانن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي خليفو چونڊيو، ۽ اُهو اُصول قائم ڪيو، جنهن کان سواءِ حڪومت چڱيءَ طرح هلي نٿي سگهي. اهوئي سبب آهي، جو اڄ ڪلهه جتي ڪٿي چونڊن جو رواج قائم ٿي ويو آهي. خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته ”اَمرهم شوريٰ بينهم“ يعنيٰ مسلمانن جو ڪم ڪار مشاورت سان هئڻ گهرجي. رسول الله ﷺ جن پاڻ به سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ اصحابن سڳورن جي راءِ وٺندا هئا. سيد صاحب حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق  جي گهڻي تعريف ٿو ڪري. حضرت عثمان رضي الله جي به گهڻي تعريف ٿو ڪري، مگر لکي ٿو ته اُهي بنو اُميه، جيڪي هميشه رسول الله ﷺ جي مخالفت ڪندا رهيا ۽ بلڪل دير سان مسلمان ٿيا، تن کي حضرت عثمان وڏا وڏا عهدا ڏنا. انهن حڪومت چڱيءَ طرح نه هلائي ۽ وڏن عهدن جو وجهه وٺي پنهنجو زور وڌايائون، ۽ قدري ظلم به ڪرڻ لڳا. انهن جي ئي ڪري فساد شروع ٿيا، جن ۾ حضرت عثمان سڳورو شهيد ٿيو ۽ حضرت علي رضي الله سان جنگيون لڳيون ۽ آخر يزيد بن امير معاويه سڀني مسلمانن جو بادشاه ٿي ويو. چونڊ ۽ مشاورت جو رواج بند ٿي ويو. موروثي ۽ شخصي حڪومت قائم ٿي ويئي ۽ اسلام کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ان وقت جا گهڻو ڪري سڀ مسلمان امير معاويه ۽ يزيد جي برخلاف هئا، مگر ڪي دل و جان سان ساڻن نه لڙيا. هنن خيال ڪيو ته ٻئي طرف مسلمان آهن، ڇو ناحق خونريزي ٿئي. دنيائي حڪومت هنن جي ٿي ته ڇا، جي هنن جي ٿي ته ڇا. ان ۾ اسلام کي ته جوکو ڪونهي، مگر اها سندن غلطي هئي. هنن کي اهو خيال اچي ڪونه سگهيو، ته موروثي ۽ شخصي استبداردي حڪومت قائم ٿيڻ ڪري نه رڳو حڪومت چڱيءَ طرح ڪا نه هلندي پر آزادي نڪري وڃڻ ڪري خود اسلام ئي تباه ٿي ويندو. جيڪڏهن بادشاه جابر هوندو ته رعيت جي ڪنهن به شخص کي همت نه ٿيندي، جو اهڙي راءِ ڏئي جا بادشاه جي راءِ جي خلاف هجي. اهوئي سبب آهي جو انهيءَ ئي وقت هزارن عالمن فتويٰ ڏني، ته امام حسين بيشڪ واجب القتل هو.
    بنو اُميه خواه بنو عباس جي ڏينهن ۾ عالمن ڪوڙيون حديثون ٺاهيون ۽ ڪوڙيون فتوائون ڏنيون - جي عالم بادشاهن جي راين سان شامل نه ٿيا تن کي عهدا ڪو نه مليا، بلڪ انهن کي تڪليفون ۽ سزائون ڏنيون ويون، جيلن ۾ رکيا ويا ۽ بيگناهه قتل ڪيا ويا. امام اعظم ابو حنيفه ؓ اهڙن جابرن جي زيردستيءَ ۾ قاضيءَ جو عظيم الشان عهدو قبول نه ڪيو ته کيس جيل ۾ رکيو ويو. جيل قبول ڪيائين، مگر قاضي ٿيڻ قبول نه ڪيائين، ڇو ته قضا جي ڪم ۾ بعضي ضرور بادشاهه جي مرضيءَ تي هلڻو پويس ها.
    حضرت غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني ؓ بدعتن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته هزارن علمائن لکيل فتوا ڏني ته هو ڪافر آهي.
    هاڻي ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ سچو اسلام ڪيئن قائم رهي سگهندو. اسلام اُهو مذهب آهي جو دنيا جي هر امر بابت حڪم احڪام ٿو ڏئي. مگر جڏهن دنيا جابرن جي هٿ ۾ اچي وئي، تڏهن اسلام وڃي مسجدن جي ڪنڊن ۾ لڪو ۽ ٻيون گهڻيون ضروري ڳالهيون ڦٽي ڪري رڳو وردن وظائفن ۽ نماز وغيره تائين محدود رهيو. مگر اهي به جن طريقن سان ادا ٿيڻ گهرجن تن سان ادا ڪو نه ٿيا، تنهنڪري انهن مان جيڪي نتيجا ۽ فائدا نڪرڻ مقصود هئا، سي ڪو نه نڪتا. رفته رفته مسلمانن جا نه رڳو عمل خراب ٿي ويا، پر عقيدا به بگڙي ويا، جئين اڳتي بيان ڪيو ويندو.
    جيڪي مسلمان خواه غير مسلمان يورپي ترقي ۽ تهذيب جا گرويده آهن، تن کي جڏهن مان چوندو آهيان ته فقط اسلام ئي سچي ترقي ۽ تهذيب جو واحد وسيلو آهي، تڏهن هو کلندا آهن ۽ چوندا آهن ته پوءِ ڇو يورپ آمريڪا ۽ جپان وغيره هيترو خوشحال آهن ۽ ڇو مسلمان هيترو ذليل آهن. مان کين چوندو آهيان ته انهيءَ جو سبب هيءَ آهي ته مسلمانن اسلام جي احڪامن کي ڇڏي ڏنو، مگر يورپ اسلام جي ڪيترن ئي حڪمن ۽ اصولن تي عمل ڪيو، جنهن ڪري هو ترقي ڪري ويا ۽ مسلمان پست پئجي ويا. سو به يورپ جي ترقي ۽ خوشحالي اها هرگز نه آهي، جا اوائلي مسلمانن جي هئي. هنن جي اندروني حالت ۽ خوشي اهڙي هرگز نه آهي جا اوائلي مسلمانن کي نصيب هئي. ڇو ته هنن اسلام جا سڀ حڪم قبول ڪو نه ڪيا آهن. مثلن هنن شراب ڪو نه ڇڏيو آهي، جو شراب اُم الخبائث آهي ۽ ڪيتريون خرابيون پيدا ٿو ڪري. جيئن ته شراب ۾ اجايو پيسو ضايع ٿو ٿئي، تندرستي ٿي بگڙي، اُن مان جهيڙا ۽ فساد ٿا جاڳن، جن جي ڪري محبت ۽ مزي جي بدران ڪينو ۽ مصيبتون پيدا ٿيون ٿين. پوءِ هي سوال ٿا ڪن ته جيڪڏهن اسلام ۾ ايڏي حڪمت ۽ برڪت رکيل آهي ته مسلمانن ڇو اسلامي احڪامن کي ڦٽو ڪيو. ان جو هڪ جواب ته اڳيئي اچي ويو آهي ته ڪن مسلمانن اها غلطي ڪئي جو شخصي حڪومت ۾ جا تباهي رکيل آهي، سا محسوس نه ڪيائون، کين گهربو هو ته سڀئي متفق ٿي سر جو سانگو لاهي، يزيد سان لڙن ها، مگر سندس بيعت نه ڪن ها.
    تنهن تي وري چون ٿا ته چڱي ترقي مسلمانن جي ته انهيءَ وقت ٿي جو جڏهن شخصي حڪومت هئي. يعني عباسي خاندان جي عهد حڪومت ۾، نه خلافت راشده جي زماني ۾. اها سچي ڳالهه آهي ته عباسي خاندان جي زماني ۾ علمن ۽ هنرن جو گهڻو واڌارو ٿيو ۽ عاليشان شهر ٺهيا، جن ۾ هر طرح جي عيش عشرت جو سامان موجود هو. واپار ۽ ڪارخانن جو اوج هو، مگر انهيءَ جو بنياد اسلام هو. اسلام ئي علم تي زور ڏنو، مگر اوائلي مسلمان اگرچ علم ۾ به رفته رفته واڌارو ڪندا ويا مگر سندن گهڻو وقت جنگين ۾ صرف ٿيو. مگر جيڪا پوک اوائلي مسلمانن پوکي سا عباسي خاندان جي وقت ۾ پچي تيار ٿي، پر ان پڪل پوک سان گڏ ڪنڊا ۽ ڪرڙ به ڄمي ويا، جن آخر اسلام جي سرسبز کيت کي سڪائي نابود ڪري ڇڏيو. رسول الله ﷺ جن پيشنگوئي ڪرڻ فرمائي هئي، ته مون کي انديشو آهي ته مسلمان گهڻي دولت هئڻ ڪري عيش عشرت ۾ پئجي تباه ٿي ويندا، سو ٿيو به ائين. بنو اُميه عيش عشرت جي شوق ۽ حڪومت جي نشي ۾ آزادي کي نابود ڪيو. آزادي نه هئڻ ڪري اسلام جو زور گهٽجي ويو ۽ دولت مند مسلمانن عيش عشرت ۾ گرفتار ٿي ترقيءَ کي خيرباد ڪري ڇڏيو.
    آخري سوال هيءُ به ڪندا آهن، ته نه رڳو اوائلي مسلمانن ترقي ڪري ڏيکاري پر اڳي به گهڻين قومن عاليشان ترقي ڪري ڏيکاري هئي اگرچه هو اسلام تي نه هئا. منهنجو جواب هيءُ آهي ته اڳي سچو مذهب ڪو نه هو ڇا. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته مون سڀ ڪنهن ملڪ ۾ وقت بوقت پيغمبر ۽ مصلح ولي موڪليا آهن. جيڪڏهن ڪو دنيا جي تاريخ غور سان پڙهي ڏسي ته کيس معلوم ٿيندو، ته جڏهن جڏهن دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ترقي ٿي هوندي، تڏهن اُن کان اڳي ضرور پهريائين ڪو مذهبي پيغمبر يا مصلح پيدا ٿيو هوندو.
    مثلن ويدن جي ڪري هندن عاليشان ترقي ڪئي پر جڏهن ڪن خود غرضن برهمڻن مذهب بگاڙي ڇڏيو ته هندو خرابيءَ ۾ پئجي تباه ٿيا، تڏهن گوتم ٻڌ پيدا ٿيو. گوتم جي پيدا ٿيڻ بعد وري هندستان ۾ عاليشان ترقي ٿي ويئي. يورپ ۾ اسلام جي اثر جي ڪري نئون دور شروع ٿيو ۽ مارٽن ليوٽر رومن ڪئٿلڪ پادرين جي برخلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ يورپين تاريخ نويس قبول ٿا ڪن ته يورپ جي ترقي انهي ڪري شروع ٿي ويئي.
    ڪي مسلمان ڪيترن ئي غير مسلمانن وانگر اهڙا به آهن، جن جو خيال آهي ته الله تعاليٰ پيغمبر ۽ صحيفا اصل ڪونه موڪليا آهن، يعني وحي ۾ ويساه ڪو نه ٿا رکن. هو چون ٿا ته جيئن شاعر ۽ مصنف ۽ خطيب خداداد قابليت سان پنهنجي پنهنجي ملڪ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ گهڻو سڌارو ڪري سگهندا آهن. تيئن پيغمبر به پنهنجي ملڪ ۽ وقت لاءِ چڱا مصلح ٿي گذريا آهن. مگر اُهي نڪي ڪامل هوا نڪي سندن تعليم سڀ ڪنهن ملڪ ۽ سڀ ڪنهن وقت لاءِ ڪارگر ٿي سگهي ٿي. ڪي ته وري اهڙا به آهن، جي ظاهر ظهور دهريا آهن ۽ الله تعاليٰ جي وجود جا ئي منڪر آهن. انهن سڀني کي منهنجي استدعا آهي ته رسول الله ﷺ جون سوانح عمريون مثلن مولانا شبلي جو اڙدو ڪتاب سيرت النبي ۽ قاضي سليمان صاحب جو اڙدو ڪتاب رحمت اللعالمين ۽ خواجه ڪمال الدين صاحب جو انگريزي ڪتاب آيڊل پرافيٽ ۽ رائٽ آنربل سيد امير علي جو سپرٽ آف اسلام ۽ پڻ خواجهّ ڪمال الدين جو نئون انگريزي ڪتاب اسلام ائنڊ سوليزيشن جنهن جو اڙدو ترجمو اسلام اور تمدن تازو ڇپيو آهي، سي پڙهي پوءِ انصاف ڪن.
    هاڻي رائٽ آنربل سيد امير علي جي ڪتاب مان ڪي جملا ڏيان ٿو،جن مان خبر پوندي ته امير علي جهڙن عالمن ۽ اسان جي نيم خوانده مولوين جي خيالن ۾ ڪيترو تفاوت آهي، مگر هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مان ساڻس هروڀرو سڀني خيالن ۾ شامل راءِ نه آهيان.
    رسول الله ﷺ جن کان پڇيو ويو ته شيطان ڪٿي آهي. پاڻ فرمايائون ته انسان جي دل ۾، پاڻ فرمايائون ته بهشت سڄي دنيا کي وڪوڙيل آهي. ڪنهن شخص پڇيو ته پوءِ دوزح ڪٿي آهي. جواب ۾ فرمايائون ته سبحان الله! جڏهن ڏينهن آهي، تڏهن رات ڪٿي آهي؟ يعنيٰ جيئن ڏينهن ۽ رات اتيئي آهن تئن بهشت ۽ دوزخ به اتيئي آهن.
    پاڻ ﷺ فرمايو اٿن ته نماز دل جي حضور کان سواءِ ڪنهن به فائدي جي ناهي، ۽ الله تعاليٰ جا الفاظ، جي سڀني ماڻهن لاءِ آهن ۽ نه هڪ قوم لاءِ. تن جي اڀياس ڪرڻ ۾ دل ۽ زبان پوريءِ طرح سان شامل هئڻ گهرجن. حضرت علي رضي الله فرمايو آهي ته سمجهڻ کانسواءِ عبادت بيڪار آهي، ۽ منجهس ثواب ڪونهي. رسول اللهﷺ فرمايو آهي ته عبادت مان فقط اوترو ڀاڱو الله تعاليٰ وٽ مقبول ٿو ٿئي، جيتري قدر سمجهه ۽ دل جي صدق سان ادا ٿو ڪجي. ائين به لکيل آهي ته رسول اللهﷺ ڪن عجمي پرديسي ماڻهن کي پنهنجي زبان ۾ نماز ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني. هن حديث مان ڪم از ڪم ايترو ته معلوم ڪري سگهجي ٿو ته نماز جا الفاظ سمجهڻ ڪيتري قدر ضروري آهن!
    مسلمانن جو هاڻوڪي مرده حالت جو مکيه سبب هيءُ آهي، جو عام طرح هي خيال مسلمانن جي دلين ۾ ويهي ويو آهي ته عقل هلائڻ يا اجتهاد ڪرڻ جو حق فقط اوائلي امامن کي حاصل هو ۽ هن وقت عقل هلائڻ گناهه آهي. جيڪو چوي ته مان حضرت جن جو سچو امتي ٿيان، سو اوائلي امامن مان ڪنهن به هڪ امام جي مذهب تي هلي، ۽ پنهنجي عقل کي ڦٽي ڪري اُنهن جي فتوائن تي هلي. جي عيسوي نائينءَ صديءَ ۾ رهيا ۽ جن کي عيسوي ويهينءَ صديءَ جي ضرورتن جي ڪا به خبر نه هئي. رسول الله ﷺ عقل ڪم آڻڻ تي وڏو زور ڏيڻ فرمايو آهي، مگر اسان جا مسلمان ان کي ڏوهه ۽ گناهه ٿا سمجهن - مسلمان قرآن مجيد تي هلڻ ڇڏي ڏنو آهي جو اُن عليم ۽ حڪيم جو ڪلام آهي، جنهن جي نظر سڄي دنيا تي ۽ سڀني ايامن تي پوندڙ آهي.اُن جي بدران مجتهدن جي فتوائن تي هلن ٿا، جن جي محدود نظر فقط پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي وقت لاءِ محدود آهي. ازانسواءِ پيغمبرن کانسواءِ ٻيو ڪو به انسان ڪهڙو به عاقل هجي، ته به هو ڪامل ٿي نٿو سگهي. قبول ڪيو ويندو ته اسلام ۾ اصلاح يعني سڌارو تڏهن شروع ٿيندو، جڏهن الاهي ڪلام ڪهڙي به زبان ۾ ترجمو ڪجي ته به الاهي ڪلام ئي ٿي رهندو ۽ عبادت ڪهڙي به زبان ۾ الله تعاليٰ وٽ مقبول آهي. حضرت ﷺ جن پاڻ عجمي يعني پرديسي مسلمانن کي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ عربن کي موڪل ڏنائون ته قرآن شريف پنهنجي زبان ۾ پڙهن ۽ فرمايائون ته قرآن شريف مون کي ستن زبانن ۾ جبرائيل ؑ ٻڌائيندو آهي. اسلام جي اوائلي زماني ۾ انهي ڳالهه تي اتفاق هو، ته سمجهڻ کانسواءِ نماز بيڪار آهي. امام ابوحنيفه ؓ جي راءِ آهي ته نماز ۽ خطبو ڪهڙي به زبان ۾ پڙهجي ته جائز ۽ روا آهي. سندس شاگردن ابو يوسف ۽ محمد پنهنجي استاد جي اها راءِ ٿوريءَ تبديليءَ سان قبول ڪئي آهي. اُنهن جي راءِ آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص عربي ڄاڻندڙ نه هجي، ته پوءِ هو ڪهڙي به زبان ۾ نماز پڙهي ته جائز اٿس. اتي سيد امير علي ٿو فرمائي ته هڪڙو سبب آهي، جنهن ڪري جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر عربيءَ ۾ نماز پڙهڻ گهرجي. اُهو سبب هيءُ آهي ته عربي اسلام جي زبان آهي، ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي اشتراڪ ۽ اتفاق ۽ تبادلئه خيالات لاءِ ضروري آهي. خواجه ڪمال الدين جي فرقي وارا وري هي به سبب ڏيندا آهن ته عربي الفاظن ۾ ايتري معنيٰ سمايل آهي جا ترجمي ۾ گهڻو ڪري نٿي اچي سگهي.
    قرآن شريف ۾ آهي ته ”لااکراه في الدين“ يعني دين جي باري ۾ جبر يا زور ڪونهي، جنهن کي جهڙو دين وڻي تهڙو اختيار ڪري. اسلام ۾ جيڪا بي تعصبي ۽ رواداري سيکاريل آهي سا ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ نه هوندي، مگر پوين عالمن مٿين آيت سڳوريءَ کي منسوخ سمجهيو آهي ۽ خصوصن مرتد (اسلام کي ڇڏڻ واري) کي موت جي سزا جو ڏوهي ٺهرايو آهي.
    عورتن جا حق جهڙا اسلام سيکاريا آهن، ۽ عورتن کي جا عزت ۽ آزادي اسلام ڏني آهي سا ڪنهن به مذهب نه ڏني آهي. مگر پوين عالمن اهي حق گهڻو ڪري کسي ورتا آهن، ۽ اهڙن عالمن جي خيالن پڙهڻ سان عورتون شيطان سمجهڻ ۾ اينديون آهن. ڪيترا مسلمان چوندا آهن ته اسلام ۾ اها وڏي خرابي آهي، جو عورتن کي ملڪيت جو وارث ۽ حقدار بنايو اٿس، کين اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته ائين چوڻ سان پورا پورا ڪافر ٿا ٿين، ته الله تعاليٰ جي حڪم ۽ ڪلام کي ناقص ۽ غلط ٿا سمجهن.
    ٻانهن رکڻ جو رواج اسلام گهڻو ڪري بند ڪري ڇڏيو، فقط لڙائيءَ ۾ قيد ٿيلن کي ٻانهو ڪري رکڻ جائز ڪيو ويو. مگر اڪثر ڪري رسول الله ﷺ جن قيدين کي بروقت آزاد ڪري ڇڏيندا هئا. بعضي فديه وٺڻ سان، بعضي بنا فديه وٺڻ سان. ڪن ٿورين حالتن ۾ ڪي قيدي فديه نه ڏيڻ ڪري ڪن اصحابن سڳورن وٽ رکيا ويا، سو به انهيءَ شرط سان ته انهن قيدين (ڪافرن) سان اهڙي هلت ڪئي وڃي، جهڙي پنهنجي اولاد سان. ڪم جيترو پاڻ ڪجي اوترو انهن کان وٺجي ۽ جهڙو پاڻ کائجي ۽ چوڙجي، تهڙو انهن کي کارائجي ۽ چوڙائجي. مگر پوين مسلمانن مٿين سڀني ڳالهين ۾ ابتڙ روش ورتي ۽ ٻانهن جو واپار عام رواج ۾ اچي ويو.
    حنبلين جي مذهب وارن جو ويساهه آهي ته الله تعاليٰ کي جسم آهي ۽ آسمان ۾ عرش يا ڪرسي تي ويٺو آهي.
    انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته شروعات ۾ سڀني فرقن کان حنفي مذهب ۾ آزاد خيالي ۽ ڪشاده دلي گهڻي هئي. مگر جئين وقت گذرندو ويو، تيئن بادشاهن جي جبر سبب رفته رفته آزادي ۽ عقل هلائڻ جو مادو نڪري ويو ۽ جيڪا به فتويٰ بادشاه جا مقرر ڪيل عالم ڏيندا هئا، سا قبول ڪئي ويندي هئي.
    حنفي پاڻ کي اهل الراءِ والقياس سڏائيندا هئا ۽ ٻيا فرقا به کين ائين ئي سڏيندا هئا ۽ ٻين فرقن وارن کي اهل الحديث سڏيو ويندو هو. ڇو ته هو بنا سوچ ويچار جي سڀني حديثن کي قبول ڪري اُن تي عمل ڪندا هئا. مگر هاڻي حنفين گهڻي زماني کان راءِ ۽ قياس کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ قانونن خواه متن ۾ بنا سوچ ويچار جي وڏن جي فتوائن کي قبول ٿا ڪن. اسلام کڻي اُتر قطب جي اسڪيمو ماڻهن کي سيکارجي، ته به هروڀرو اٰنهن سڀني فروعي قانونن سميت سيکارجي، جي عراقي ماڻهن جي عمل لاءِ ٺاهيل هئا سا ڳالهه عقل کان ٻاهر آهي.
    غير مقلدن هن وقت اسلام ۾ به گهڻي قدر اصلاح ڪيو آهي. پهريائين ته کين ڪافر يا وهابي سڏيو ويندو هو، مگر هاڻي گهڻي قابليت حاصل ڪري چڪا آهن.
    زمخـشري جو قرآن شريف جو مشهور مفسر ٿي گذريو آهي، سو سورت علق جي پهرين آيت جي تفسير ۾ لکي ٿو، ته الله تعاليٰ جو وڏو فضل اسان تي اهو آهي، جو اسان کي قلم جي وسيلي علم سيکاريائين ۽ اُهو علم سيکاريائين جو اسان نه ڄاڻندا هئاسين. ۽ پڻ لکي ٿو ته جيڪڏهن قلم جي وسيلي ڪتاب نه لکجن ها ته دنيا ۽ دين جا امر ڪيئن سڌاري سگهجن ها ۽ ڪا به ترقي ڪا نه ٿئي ها. هن مان ۽ رسول الله ﷺ ۽ حضرت عليءَ رضي الله ۽ ٻين جي قولن مان ثابت آهي ته نه رڳو ديني علم پر دنيوي علم ماڻڻ بابت به سخت تاڪيد ڪيل آهي. خصوصن حضرت عليءَ کي علم جو گهڻو شوق هو، تقريرون ڪندو هو ۽ شعر چوندو هو. ديني عقيدن ۽ احڪامن جي سمجهاڻي عقل ۽ فلسفي سان ڏيندو هو. سندس خطبا اڃا تائين صحيح حالت ۾ موجود آهن. حضرت جعفر صادق رضي الله علم جي تعريف هن طرح ڪئي آهي: ”دل جي روشنائي علم جو جوهر آهي، سچ اُن جو مکيه مقصد آهي، الهام اٰن کي رهنمائي ڪندڙ آهي، عقل اٰن جو قبول ڪندڙ آهي. الله تعاليٰ ۾ اٰن جو ملهم آهي، ۽ انسان جا الفاظ اٰن کي ظاهر ڪندڙ آهن.“
    تنگ خيال عالمن جي مخالفت هوندي به مسلمانن دنيائي علومن ۽ هنرن ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي. اسپين ۾ بنو اُميه وارن ڪيترائي علم ۽ هنر ايجاد ڪيا. عباسي خاندان جي زماني ۾ بغداد ۾ سائنس ۽ فلسفو تمام گهڻو زور وٺندو ويو، تان جو تاتارين ملڪ فتح ڪري بغداد کي ناس ڪري ڇڏيو. مگر اُهي ساڳيا جهنگلي جن خلافت ۽ ترقي کي برباد ڪري ڇڏيو، جڏهن پاڻ مسلمان ٿيا، تڏهن وري علم کي ترقي وٺائيندڙ ٿي پيا. مگر جيئن پوءِ تيئن جاهل، ظالم ۽ عياش بادشاهن ترقيءَ کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.
    تقدير جي مسئلي بابت مرحوم رائيٽ آنربل امير علي ٿو لکي ته اسلام کان اڳي عربن جو قسمت ۾ ڪلي ويساهه هو ۽ سمجهندا هئا ته انسان کي قسمت پَنَ وانگر ٿي نچائي ۽ انسان جي وس ۾ ڪجهه به ناهي. انهيءَ ڪري عربن ۾ عملن جي جوابدهي جو انگ بلڪل ڪو نه هو، نڪي قيامت کي مڃيندا هئا، تنهن ڪري هو بلڪل بيپرواهي سان جئين وڻندو هون تيئن ڪندا هئا. قرآن شريف جي هڪ حيرت جهڙي خصوصيت هيءَ آهي جو هڪ پاسي الله تعاليٰ جي رضا ۽ ڪلي اختيار ۽ قدرت بيان ڪيل آهي، ته ٻئي پاسي وري انسان جي آزادي ۽ جوابدهي بيان ڪيل آهي. ظاهر ۾ ماڻهوءَ کي ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته اها ڳالهه ٿيڻي ناهي، جو سڀ ڪم ۾ الله تعاليٰ جو به هٿ هجي، ۽ انسان کي اختيار به هجي ته وڻيس ته خراب عمل ڪري. جيڪي آيتون انسان جي جوابدهي ٿيون ڏيکارين، تن مان ڪي هي آهن: ”اِنَّ اللهَ لَا یُغَیِّرُ مَابِقَوْمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوْا مَابِاَنْفُسِہِمْ“ يعني الله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو ڦيرائي جيستائين پاڻ پنهنجي حالت نٿا ڦيرائين. قرآن شريف جي ڪيترين ئي آيتن ۾ الله تعاليٰ جي قدر يا امر يا حڪم جي معنيٰ آهي قدرت جو قانون. سج، چنڊ، تارا وغيره. سڀ قدرت جي قانون موافق پنهنجو پنهنجو ڪم پيا ڪن. بيشڪ اهڙيون آيتون آهن جن ۾ اشارو آهي ته انسان جي مرضيءَ ۾ به الله تعاليٰ جو هٿ آهي پر ٻيون آيتون وري ڏيکارين ٿيون ته ان ۾ انسان جي ارادي جو دخل آهي.
    جو شخص الله تعاليٰ کان مدد ٿو گهري، تنهن کي ئي الله تعاليٰ مدد ٿو ڏئي ۽ جو شخص پنهنجي روح کي پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تنهن کي ئي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان توفيق ٿو ڏئي. جنهن مان ثابت آهي ته انسان جو فرض آهي ڪوشش ڪرڻ ۽ پڻ الله تعاليٰ کان مدد گهرڻ.
    ٻيون آيتون هيءُ آهن: ”وَمَنْ یَّكْسِبْ اِثْمًا فَاِنَّمَا یَكْسِبُہٗ عَلٰی نَفْسِہٖ“ يعني جو گناهه ٿو ڪري سو پنهنجي جوابداريءَ تي ٿو ڪري. ”اِنَّ اللهَ لَا یَاْمُرُ بِالْفَحْشَآءِ“ يعني تحقيق الله تعاليٰ گناهه ڪرڻ جو امر ڪونه ٿو ڪڍي. ”وَلٰکِنْ کَانُوْۤا اَنْفُسَہُمْ یَظْلِمُوْنَ“ مگر پاڻ تي ٿا ظلم ڪن. ”فَمَنِ اهْتَدٰی فَاِنَّمَا یَہْتَدِیْ لِنَفْسِہٖۚ وَ مَنْ ضَلَّ فَاِنَّمَا یَضِلُّ عَلَیْہَا“ جنهن هدايت جو رستو ورتو سو پنهنجي لاءِ ٿو وٺي ۽ جو گمراهيءَ جو رستو ٿو وٺي سو پاڻ ٿو پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي. انهن ۽ ٻين ڪيترين آيتن مان رسول الله ﷺ ۽ سندس ناٺي حضرت علي رضي الله ۽ ٻين جي قولن مان قضا ۽ قدر يا جبر ۽ اختيار جي مسئلي تي پوري پوري روشنائي پوي ٿي ۽ پڪيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ انسان کي عقل ڏنو آهي ۽ خيال ۽ عمل جي آزادي ڏني آهي. پوءِ جيڪڏهن چڱو رستو وٺندو ته پنهنجي لاءِ چڱائي ڪندو، خراب رستو وٺندو ته ان جو خراب نتيجو به پاڻ ئي لوڙيندو.
    مخالف خيال وارن اُن جي برخلاف حديثون پيش ڪيون آهن، پر اُهي ڪوڙيون ۽ هٿرادو ٺهيل آهن. رسول الله ﷺ جي بيشمار معتبر قولن مان ثابت ٿو ٿئي ته کين انسان جي ارادي جي آزاديءَ ۾ به ويساهه هو. موروثي گمراهي ۽ فطرتي گنهگاريءَ کان کين ڪامل انڪار هو. پاڻ ﷺ فرمائيندا هئا ته سڀ ڪو ٻار صاف ۽ سچو ڄمي ٿو، پوءِ جيڪڏهن سچائي ۽ سڌي رستي کان ڦري ٿو ته اُهو غلط تعليم ۽ تربيت ۽ خراب صحبت جو نتيجو آهي.
    سڀ ڪو ماڻهو فطرتي دين تي پيدا ٿو ٿئي، (يعني اسلام تي) مگر سندس والدين ئي آهن، جي کيس يهودي يا ڪرستان يا صابئي ٿا بنائين. اوهان جي چال ئي آهي، جا اوهان کي بهشت يا دوزخ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. انسان ۾ ٻه رغبتون آهن، هڪڙي کيس نيڪيءَ ڏانهن ڇڪي ٿي ۽ ٻي بديءَ ڏانهن. پر الله تعاليٰ جي مدد ترغيب آهي ۽ جو شخص بديءَ جي ترغيب تي غالب پوڻ لاءِ الله تعاليٰ جي مدد ٿو گهري، تنهن کي مدد ٿي ملي. سڀ ڪنهن کي سندس چال موجب هدايت ملي ٿي.
    حضرت عليءَ رضي الله جا قول به ان بابت چٽائي ٿا ڪن: ”تحقيق جيڪڏهن تون پاڻ کي هدايت نه ڪندين ۽ خبردار نه ڪندين ته ٻيو ڪو به تو کي سڌي رستي تي ڪونه هلائي سگهندو. مان توهان کي تاڪيد سان چوان ٿوته رب جي عبادت سچائيءَ ۽ پاڪائيءَ سان ڪريو هن توهان کي نجات جو رستو ۽ هن دنيا جون لالچون کولي ڏيکاريون آهن. خرابيءَ کان پرهيز ڪيو، اگرچه توهان کي اُها چڱي ڏسڻ ۾ اچي، گناهه کان پري ڀڄو اگرچه وڻندڙ هجي، ڇو ته توهان کي خبر آهي ته گناهه توهان کي رب کان ڪيترو پري اُڇلائي ٿو ڇڏي.“
    ”اي خدا جا بندؤ! پنهنجا فرض بجا آڻيو، ڇو ته انهن کان غفلت ڪرڻ ۾ ئي توهان جي خرابي آهي، ۽ فقط توهان جا چڱا عمل توهان جي موت وارو رستو آسان ڪندا. پاڪائيءَ سان رهو، چڱا ڪم ڪريو، ۽ خدا کان دعا گهرو ته توهان جي نيڪ ڪوششن ۾ توهان کي مدد ڏئي ۽ توهان جون گذريل خطائون معاف ڪري. جو شخص نيڪيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو پنهنجي روح کي آرام ٿو ڏئي، جو خبردار ٿو ٿئي ۽ خدا کان ڊڄي ٿو ۽ حق کي پروڙي ٿو سو ڪامل علم يا معرفت حاصل ٿو ڪري.“
    هي الفاظ قسمت ۽ جبر ۽ انهيءَ عقيدي، ته سڀ ڪجهه اسان جي مقدر ۾ اڳواٽ لکيل آهي جي خلاف آهن. بلڪ اهي الفاظ الله تعاليٰ ۾ پڪي ويساهه سان گڏ اهو ويساهه به ڏيکارين ٿا ته انسان ۾ ترقي ڪرڻ جو مادو آهي، ته جنهن ترقيءَ جو مدار انفرادي ڪوشش تي آهي جا ڪوشش وري انسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي.
    ڪنهن شخص حضرت عليءَ رضي الله کان قضا ۽ قدر جي معنيٰ پڇي. جواب ۾ فرمايائون ته پهرئين لفظ جي معنيٰ آهي خدا جي حڪمن جي پيروي ۽ گناهه کان پرهيز، ۽ ٻئي لفظ جي معنيٰ آهي پاڪ زندگي گذارڻ جي قابليت، ۽ اُهي ڪم ڪرڻ جيڪي خدا جو قرب حاصل ڪرائين، ۽ اُنهن ڪمن کان پرهيز ڪرڻ، جي سندس ڪماليت کان پري اُڇلائي ڇڏين. ايئن نه چئبو ته انسان مجبور آهي، يعني اُن تي الله تعاليٰ جبر ٿو ڪري، ڇو ته ائين چوڻ جو مطلب اهو ٿيندو ته ”الله تعاليٰ ظالم آهي“ نڪي ائين چئو ته انسان کي ڪلي اختيار آهي. پر حقيقت هيئن آهي: ته سندس مدد ۽ فضل سان اسان کي نيڪيءَ جي ڪمن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ همت ملي ٿي. اسان گمراهه هن ڪري ٿيون ٿا جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ کان لنوايون ٿا.ڪنهن شخص سوال ڪيو ته پوءِ لاحول ولا قوت الا بالله (ناهي ڪا طاقت ۽ مدد خدا کانسوا) جو مطلب ڇاهي؟
    جواب ۾ فرمايائون ته اُن جو مطلب آهي، ته مون کي الله تعاليٰ جي غضب جو خوف ڪونهي پر مون کي سندس پاڪائيءَ جو خوف آهي، نڪا مون کي طاقت آهي سندس حڪمن تي هلڻ جي، پر منهن جي طاقت سندس مدد ۾ آهي.
    الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي، ته اسان توهان جي آزمائش وٺي ڏسنداسين ته ڪهڙا مجاهدين (ڪوشش ڪندڙ) آهن، ۽ ڪهڙا تحمل ۽ صبر وارا آهن ۽ توهان جي عملن جي پرک وٺنداسين ۽ اسان توهان جي مدد ڪنداسين ته بتدريج اهو فائدو حاصل ڪيو، جنهن جي توهان کي خبر ڪانهي. هي آيتون انسان جي ارادي جي آزاديءَ جي ثابتي ٿيون ڏين. قرآن شريف جي هيءَ آيت: ته الله تعاليٰ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي هدايت ٿو ڪري، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهنکي گمراهه ٿو ڪري ان آيت جي سمجهاڻي ڏيندي، حضرت علي رضي الله فرمايو ته انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته الله تعاليٰ اسان کي جبرن گناهه يا نيڪيءَ جا ڪم ٿو ڪرائي، نڪي اهو مطلب آهي ته هو بنا سبب ڪنهن کي هدايت ٿو ڪري ۽ ڪنهن کي نٿو ڪري، ڇو ته ائين هجي ها ته پوءِ انسان پنهنجي عملن لاءِ جوابدار ڪو نه هجي ها. پر ان آيت جو مطلب هيءُ آهي ته الله تعاليٰ حق جو رستو ڏيکاري ٿو، ۽ ماڻهن کي اختيار آهي ته جيڪو رستو وڻين سو وٺن. حضرت علي رضي الله، الله تعاليٰ جي ڪلام ۽ حضرت ﷺ جن جي قولن تي فلسفي جو بنيان ٻڌو ۽ مديني منور ۾ سڀ مسلمان سندس ئي فلسفي ۽ راين سان شامل هئا. ساڳيو ئي فلسفو ۽ خيال مديني مان دمشق، ڪوفي، بصره ۽ بغداد ۾ وڃي رائج ٿيا ۽ عباسي خاندان جي اوائلي زماني ۾ اِهو فلسفو اوج تي رسيو.
    ڪربلا جي ڪوس ۽ مديني منور جي ڦرلٽ کان پوءِ مدينه منوره واريءَ علمي ترقيءَ کي شڪست آئي. مگر پوءِ وري حضرت جعفر صادق جو گهڻن علومن جو ماهر هو ۽ ڪرستانن ۽ يهودين وغيره سان بحث مباحثا ڪيا هئائين، تنهن حضرت علي رضي الله جي فلسفي کي ترقي وٺرائي. جبر جي سوال تي فرمايائين ته ”جيڪي ماڻهو جبر جا قائل آهن، سي الله تعاليٰ کي انهن سڀني گناهن ۾ شريڪ ٿا ڪن جيڪي هو پاڻ ٿا ڪن“.
    جيڪڏهن الله تعاليٰ گناهه به پاڻ ٿو ڪرائي ۽ انهن لاءِ سزا به ٿو ڏئي ته پوءِ چئبو ته هو سخت ظالم آهي. (نعوذ بالله منها) هيءُ ڪفر آهي. جبر جو متو الله تعالي کي بي انصاف ڌڻي ٿو بنائي. جبر جي ابتڙ وري تفويض جو جيڪو متو آهي ته انسان کي ڪلي اختيار آهي ۽ جيئن جنهن کي مناسب نظر اچي تئين ڪري سو به بلڪل خراب آهي. ڇو ته اهو اصول اخلاقن جي بنياد کي ئي اکوڙي ٿو ڇڏي ۽ سڀ ڪنهن انسان کي جيئن وڻندو تيئن پنهنجي حرص و حوس کي ڇوٽ ڇڏي ڏيندو. ڇو ته جيڪڏهن سڀ ڪنهن شخص کي ڪلي اختيار ڏجي ته هو پنهنجي لاءِ حق ۽ ناحق پاڻ پروڙي اختيار ڪري ته پوءِ ساڻس ڪو به قاعدو يا قانون لڳائي نه سگهبو. پر اختيار تفويض کان ٻيءَ طرح آهي. الله تعاليٰ سڀ ڪنهن انسان کي طاقت ڏني آهي ته سندس حڪمن کي سمجهي ۽ اُنهن تي عمل ڪري. جي ماڻهو ڪوشش ٿا ڪن ته پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان رهون، تن کي الله تعاليٰ اُن ۾ مدد ٿو ڪري. اهيئي آهن جو سندس راضپو حاصل ٿا ڪن. مگر اٰهي جي سندس حڪمن جي نافرماني ٿا ڪن سي گنهگار آهن.
    عباسي خاندان جي زماني ۾ يونان ۽ هندوستان مان يوناني ۽ سنسڪرت ڪتاب آڻائي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا ۽ علم ۽ فلسفي جي ڌُم لڳي ويئي. انهيءَ زماني ٻه فرقا پيدا ٿيا، هڪ معتزله ۾ ٻيا صفاتيه. اُنهن جو بيان وڏو آهي، مگر ايترو ٻڌائجي ٿو ته معتزله عقل، فلسفي ۽ دليلن کان ڪم وٺندا هئا ۽ صفاتيه بنا سوچ ويچار جي جيڪي وڏن يا عالمن لکيو يا چيو سو قبول ڪندا هئا. ايترو به خيال ڪو نه ڪندا هئا ته ڪهڙيون حديثون معتبر آهن ۽ ڪهڙيون غير معتبر، ۽ فلاڻا متا يا اصول هڪ ٻئي سان موافق آهن يا مخالف. اڄوڪا عالم اڪثر ڪري معتزله فرقه جي خلاف آهن، ۽ پاڻ به صفاتيه فرقي وانگرسڀني گذريل علمائن جي قولن ۽ متن کي بنا سوچ ويچار جي قبول ڪندا آهن، ۽ اهو خيال به نه ڪندا آهن ته اُنهن متن مان ڪيترائي نه رڳو قرآن شريف ۾ معتبر حديثن جي خلاف آهن پر هڪ ٻئي جي به خلاف آهن.
    منهنجو خيال آهي ته معتزله به گهڻي قدر غلط هئا، ڇو ته هنن افلاطون ۽ ارسطوءَ کي سورنهن آنا سچو سمجهي، قرآن شريف جا تاويلات اُنهن جي فلسفي جي اصولن مطابق ڪيا. تاهم ايترو ته آهي ته هو عقل کان ڪم وٺندا هئا ۽ صفاتين کان ڪن ڳالهين ۾ بهتر هئا. حڪومت جا عهدا جيستائين معتزله فرقي وارن جي هٿ ۾ رهيا، تيستائين حڪومت جو سرشتو ۽ انتظام عاليشان رهيو. جڏهن عباسي خاندان جي پوين تنگ خيال بادشاهن معتزله فرقي وارن کي معزول ڪري ڇڏيو، تڏهن حڪومت جو انتظام بگڙي ويو. علم جي ترقي رڪجي ويئي، عقل جو دروازو بند ٿي ويو، ۽ ديني خواهه دنيائي تنزل ۽ بگاڙو روز بروز ترقي ڪندو ويو.
    معتزله فرقي وارن هڪ نئين علم جو بنياد وڌو، جنهن کي علم الڪلام يعني عقل جو علم سڏبو هو. اُن علم جي وسيلي هو هڪ طرف غير مسلمانن سان مذهبي مناظره ڪري اسلام جي حمايت ڪري سگهندا هئا، ۽ ٻئي طرف تنگ خيال عالمن سان مقابله ڪري سگهندا هئا. اگرچه ابن رشد ۽ ابوسينا جهڙا فيلسوف پوءِ پيدا ٿيا، مگر عمومن اسلامي دنيا کي تنزل جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ وڪوڙيندو ويو.
    عيسوي ڏهين صديءَ جي آخر وارو زمانو عقل ۽ سائنس لاءِ هڪ بدقسمتيءَ جو زمانو هو. شاهوڪار عياش ۽ بيدين هئا، ۽ مسڪين جاهل ۽ تعصبي هئا. ان وقت به هڪ چڱي ٽولي پيدا ٿي جن پاڻ کي اخوان الصفا يعني پاڪائيءَ جا ڀائر سڏايو. هنن جا اخلاقي خيال خود اڀياس يعني ذاتي تعليم ۽ خيالن جي پاڪائيءَ تي ٻڌل هئا. هنن جي خيالن مان ڪي خيال هي آهن ته: دماغي ڪمالات کان به اخلاقي فضائل بهتر آهن. روحاني طاقت جنهن جو مدار پاڻ کي صبر اورچائيءَ سان انتظام هيٺ رکڻ ۽ پاڻ کي وس ۾ رکڻ تي آهي، ان روحاني طاقت کي سڀ کان افضل سمجهندا هئا. عمل کان سواءِ ايمان کي، ۽ عقل کان سواءِ علم کي بيڪار سمجهندا هئا. صبر ۽ تحمل، نرمي ۽ محبت، انصاف، رحم، سچ ۽ اخلاقي بلندي، ٻين جي ڀلي لاءِ خود قرباني ڪرڻ تي زور ڏيندا هئا. منافقي، ٺڳي، حسد، هٺ، ظلم، ڪوڙ کي پنهنجي تصنيفن ۾ هر صفحه تي ننديندا هئا. ان وقت جا مذهبي عالم سندن ايتري قدر دشمن ٿي پيا جو متعصب خليفه معتصم کي برغلائي سندن علمي ڪتابن کي ساڙائي ڇڏيائون.
    رائيٽ آنربل سيد امير علي لکي ٿو ته امام اعظم ابو حنيفه ۽ امام مالڪ بن انس ڪجهه وقت امام جعفر صادق وٽ تعليم حاصل ڪئي.
    امام ابو حنيفه عراق جو ويٺل هو، ۽ امام مالڪ مدنيه منوره جو. ٻئي نيڪ اخلاقن جا پتلا هئا ۽ نهايت شفيق ۽ مهربان هئا ۽ اسلام جي بنياد کي وسيع ڪرڻ لاءِ جوشيلا هئا. آل رسول ﷺ جا حمايتي هئا، جنهن ڪري کين تڪليفون به برادشت ڪرڻيون پيون. امام ابو حنيفه مدينه منور مان موٽڻ وقت ڪوفه ۾ پنهنجو مدرسو کوليو، جو حنفي مذهب جو پايو وجهندڙ ٿيو. گهڻين حديثن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيائين، ۽ سندس تعليمات جو گهڻو مدار قرآن شريف تي رهيو، جنهن مان تمثيل ۽ استنباط جي وسيلي سڀ ڪنهن امر ۽ حالت لاءِ فتوائون ڏنائين. سندس شاگردن ابو يوسف ۽ محمد سندس خيالن کي ترتيب ڏيئي وڌيڪ مروج ڪيو. امام مالڪ وري ٻيو رستو ورتو، هن استنباط کي بلڪل بيدخل ڪيو ۽ پوري پرک کانسواءِ حديثون گڏ ڪري اُنهن تي پنهنجي مذهب جو بنياد ٻڌائين.
    ڪاليجن ۾ عقل ۽ فلسفي جو دور هو، ته مسجدن ۽ منبرن ۾ وري حنفي مذهب جو لاڙو ڪجهه قدر صفاتيه فرقي ڏي ٿيندو ويو.
    امام حنبل جي ڪتابن ۾ ڪجهه اهڙيون روايتون شامل هيون جي هڪ ٻئي جون مخالف، عقل کان بعيد ۽ حيرت ۾ وجهندڙ هيون. گهڻيون ته هڪ ٻئي سان ئي ٺهڪي ڦهڪي نٿي آيون، ۽ ظاهر ظهور هٿراڌو ٺاهيل هيون. پوءِ ته ترقي ۽ تنزل جي ٽولين جي پاڻ ۾ سخت جنگ شروع ٿي ويئي. ابن حنبل صفاتيه فرقي وارن جا خيال اختيار ڪيا، ۽ سيکاريائين ته الله تعاليٰ کي اکين سان ڏسي سگهجي ٿو، سندس صفتون سندس ذات کان جدا آهن، سندس ڪرسي ۽ عرش تي ويهڻ جو مطلب ظاهري معنيٰ ۾ وٺڻ گهرجي، انسان کي ڪو اختيار ڪونهي، انسان جو سڀ ڪو فعل الله تعاليٰ جو فعل آهي وغيره وغيره. علم ۽ سائنس جي سخت مخالفت ڪيائين، ۽ عقل ۽ فلسفي جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيائين، عام ماڻهن سندس فصاحت ۽ جوش کان متاثر ٿي سندس طرفداري ڪئي. حنفي مذهب وارن جي مقبوليت جو مدار به عام ماڻهن تي هو، ۽ درٻاري ماڻهو فيلسوفن ۽ سائنس دانن جا حاسد هئا، تنهنڪري هو به ابن حنبل سان شامل ٿي ويا. منبرن تان فلسفي ۽ سائنس وارن تي سخت حملا ۽ ڪفر ۽ دوزخ جون فتوائون جاري ٿيون. بغداد جي گهٽين ۾ ڪيترائي فساد ۽ خونريزيون ٿيون. خليفن معتصم ۽ واثق سختيءَ سان سندن جوشيلا حملا روڪيا، ۽ سندن مکيه مهندار کي جيل ۾ رکيو ويو جتي وفات ڪيائين، جنهنڪري هو مقدس شهيد سمجهيو ويو ۽ سندس جنازه سان هڪ لک چاليهه هزار مرد ۽ عورتون شامل ٿيا. سندس مذهب گهڻو زور ڪونه ورتو، مگر سندس خيال حنفي مذهب ۾ گڏجي ويا ايتري قدر جي حنفي متن ۽ اصولن کي نئون رنگ اچي ويو.
    هن کان پوءِ حنفي مذهب امام ابو حنيفه ۽ امام ابن حنبل جي تعليمات جو مرڪب ٿي پيو.
    جڏهن متوڪل تخت تي ويٺو تڏهن سڀئي ملڪي طاقتون فيلسوفن جي هٿ ۾ هيون. مکيه جوابداري وارا عهدا سندن هٿ ۾ هئا. اٰهي ڪاليجن جا پروفيسر، اسپتالن جا سپرنٽينڊنٽ ۽ رسد گاهن جا ڊائريڪٽر ۽ واپاري هئا. مطلب ته سڄي بادشاهت جي عقل ۽ دولت جا نمائندا ئي فيلسوف هئا. تعليم يافته، دماغي ۽ وقار وارن سڀني فرقن جو مذهب، عقل ۽ فلسفو هو. صفاتيه مذهب مسڪين فرقن ۾ رائج هو. گهڻا قاضي ۽ واعظ ۽ فقيهه انهيءَ فرقي جا هئا. خليفه متوڪل ظالم، نشئي ۽ وقتي سودائي به هو، مگر کيس اهو عقل هٿ آيو ته سندس فائدو ۽ زور انهي ۾ آهي ته پوئين فرقي کي همٿايان ته هڪدم عام ماڻهن ۾ هردلعزيز ٿي پوندس، ۽ متعصب ماڻهن لاءِ چڱو خليفه سمجهڻ ۾ ايندس. هڪدم فرمان ڪڍيائين ته ترقيءَ واري ٽولي کي سڀني عهدن کان معزول ڪيو وڃي. ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ٿيون. علم، ادب، سائنس ۽ فلسفو سيکارڻ ۽ مشهور ڪرڻ جي منع ٿي ويئي، ۽ فيلسوفن کي شهر مان ڪڍيو ويو. متوڪل حضرت عليءَ رضي الله ۽ سندس پٽن جو مقبرو ڊهرائي ڇڏيو. متعصب ۽ تنگ خيال فقيهن کي سڀ عهدا مليا. متوڪل وفات ڪئي ته مستنصر خليفو ٿيو جنهن جي وقت ۾ وري ترقيءَ پسند ٽولي کي عهدا مليا.
    پر بيرحم ۽ خونخوار منتظم با الله جي عهد خلافت ۾ وري ساڳيو تنزل وارو ٽولو زور وٺي ويو. انهن جي راءِ هئي ته جئين الله تعاليٰ کي ڪلي اختيار آهي تيئن سندس عيوض بادشاه کي به ڪلي اختيار آهي، جئين وڻيس تيئن ڪري.
    امام غزاليؓ ننڍي هوندي کان مختلف علومن، فلسفي ۽ سائنس حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو وقت صرف ڪيو، پر قلبي تشفي نه هئڻ ڪري تصوف ڏي موٽي پيو. اگرچه فلسفي ۽ سائنس کي مذهبي اطمينان ۽ قلبي آرام لاءِ ڇڏي ڏنائين، تڏهن به سندس تصنيفن ۾ بلڪل سهڻا خيال آهن. هو عقل جي تعريف ٿو ڪري، ۽ اُن کي خيالي ويساهه کان بهتر ٿو سمجهي ۽ بي سوچ ۽ تعصبي ايمان جي مخالفت ٿو ڪري جو عقلي تحقيق ۽ علم کي انهيءَ ڪري رد ٿو ڪري ته اهي فيلسوفن وٽان آيل آهن. هو بي سوچ ايمان کي اسلام جو نادان دوست ٿو ڪوٺي. سندس تعليمات بابت ذاتي آزادي، اخلاقي هلت، تزڪيئه نفس، ۽ پنهنجي وقت جي ملن جي بد اخلاق ۽ بيڪار زندگين جي ڌڪار، اهي سڀ ڏيکارين ٿا ته ڪيتري قدر هو نيڪ طبيعت هو.
    سال 1150 عيسوي ۾ خليفه مسنصر جي حڪم سان ابن سينا جا فلسفي جا ڪتاب ۽ اخوان الصفا جا رسالا جيڪي خانگي خواه پبلڪ ڪتب خانن ۾ موجود هئا سي سڀ ساڙيا ويا. 1192ع ۾ حڪيم الرڪن عبدالسلام تي ڪفر جو الزام رکيو ويو، ۽ جاهلن ۽ ملن گڏجي سندس ڪتابن کي ڍير ڪري ساڙي ڇڏيو. جيڪو ملان انهن جو مهندار هو سو اُن وقت ڪرسي تي چڙهي بيٺو ۽ فلسفه جي خلاف ليڪچر ڏنائين. هڪڙو شخص جو اُن وقت حاضر هو سو لکي ٿو ته، مون ڏٺو ته اُن ملان جي هٿ ۾ ابن الحزن جو هڪ ڪتاب هو جو ستارن جي علم بابت هو. ملان ڇا ڪيو جو اُهو ڪتاب کولي هڪ گول جي شڪل ماڻهن کي ڏيکاري چيائين ته هي ڏسو! مصيبت! بيان کان ٻاهر مصيبت! ائين چوندي ڪتاب کڻي باهه ۾ وڌائين.
    ايترين ڳالهين هوندي به جهل عقل تي غالب نه پوي ها، پر تاتاري مغلن ڪم ئي پورو ڪري ڇڏيو. جيڪي نادان ملن بچايو، سو اُنهن تاتارين باهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. تاتاري ان وقت اهڙا جهنگلي هئا جن جو بيان پارسي شعر ۾ اڃا موجود آهي، جتي ڏيکاريل آهي ته سڀني جي وارن ۾ به سؤ جوئان جا هونديون هئن.
    حضرت رسول ﷺ عقل ڪم آڻڻ جو تاڪيد ڪيو. مگر اڄوڪن ملن گهڻو ڪري عقل ڪم آڻڻ کي گناهه سمجهيو آهي. پاڻ صه انسان جي پوڄا ڪرڻ يا حد کان ٻاهر عزت ڏيڻ کان منع فرمايائون، مگر اڄوڪن سڀني مسلمانن چئن امامن پنجتن ۽ سلف صالحين کي اهڙو وزن ڏنو آهي جهڙو وحي کي! بلڪ ان کان به وڌيڪ، ۽ شيعن وري پنهنجي مجتهدن کي. انهن جي خيالن کان ٿورڙو ئي تجاوز ٿو ڪجي، پوءِ اگرچه اهو تجاوز رسول الله ﷺ جي تعليمات ۽ عقل سان موافق هجي ته به اُن کي گناهه سمجهيو ٿو وڃي. پاڻ فرمايائون ته جنن ڀوتن وغيره جو اسلام سان ڪو تعلق ڪونهي، مگر ڪن مسلمانن جو انهن ۾ پڪو ايمان آهي. پاڻ تاڪيد ڪيائون ته علم جي طلب ۾ ڪافرن جي ملڪ ڏي به مسافري ڪري وڃو مگر اڄوڪا مسلمان گهر جي اسڪولن ۾ به تعليم وٺڻ کان انڪار ٿا ڪن.
    تصوف جو عمل ۽ فلسفو، جو پوءِ اسلام ۾ زور شور سان ٿيو تنهن جو بنياد قرآن شريف جي ڪن آيتن ۽ رسول الله ﷺجي قول ۽ فعل تي ٻڌو ويو. مگر اهو فلسفو عوام الناس کي گمراه ڪري ٿو ڇڏي، ۽ مسلمانن ۾ انهي تصوف جا نتيجا اهڙا برا نڪتا آهن جو الله جي امان. امام غزالي پڻ اهڙي شڪايت ڪئي آهي.
    رائيٽ آنربل امير علي جا ڪتاب تمام وڏا آهن. انهن مان فقط ڪي ٿورڙا جملا چونڊي مٿي ڏنا ويا آهن. سنڌ جي مسلمانن جي اهڙي حالت آهي جو ننڍڙا اسلامي ڪتاب چئن پنجن آنن(روپين) وارا به خريد ڪري نٿا سگهن، اگرچه اهي اسلامي ڪتاب عاليشان هجن، ۽ سڀڪنهن فرقي جي مسلمانن وٽ مقبول هجن. پوءِ جيڪڏهن امير علي جا ڪتاب ترجمو ڪري ڇپائجن، ۽ هر هڪ جي قيمت چار روپيه رکجي ته ڪهڙو مسلمان خريد ڪندو. خريد ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ، پر اٽلندو مٿي بيان ڪيل ملن وانگر انهن ڪتابن کي باهه جي حوالي ڪري ڇڏيندو. مگر اسان جو فرض آهي ته تعصب ۽ تنگ خيالي دور ڪري اهڙن ڪتابن جو اڀياس کليل دماغ سان ڪيون، ۽ عقلي ۽ نقلي دليلن سان انهن جي تنقيد ڪيون، ۽ صحيح خيالات جي تائيد ڪيون، غلط خيالن جي ترديد ڪيون، ته حق حق ٿئي ۽ باطل باطل ٿئي. تڏهن ئي مسلمانن ۾ ترقيءَ جو دور شروع ٿيندو. اکين ٻوٽڻ سان ترقي ڪانه ٿيندي. رڳو اهڙا ڪتاب ئي نه پر خود مـخالفن ۽ ڪافرن جا ڪتاب ۽ غير مذهبن جا ڪتاب به پڙهڻ گهرجن. امير علي جي ڪتابن پڙهندڙن کي اهو يقين ته هڪدم ٿيندو ته سندس علم ۽ قابليت کي آفرين آهي. ڏسجي ٿو ته هن نه رڳو اسلام جي ديني ۽ دنيوي تاريخ سڄي پڙهي آهي، ۽ سڀني سنين توڙي شيعن جي امامن جون تصنيفون فقه ۽ حديثن جا ڪتاب ۽ تفسير پڙهيا آهن، پر دنيا جي هر مذهب ۽ هر ملڪ جي تاريخ جو اڀياس پڻ ڪيو آهي. هو قديم خواه جديد علومن ۽ فلسفو جو ماهر آهي. اهڙي مصنف جون تصنيفون پڙهڻ ته ضرور گهرجن، پوءِ جيڪڏهن ڪي غلطيون نظر اچن ته انهن بابت تحقيقات ڪري پوءِ انهن جي ترديد ڪجي.

    مسلمانن ۾ ٽي فرقا
    اڄوڪي زماني ۾ ترقيءَ جي نقطئه نظر سان ڏسبو ته مسلمانن ۾ (خواه ٻين مذهبن ۾) ٽي فرقا آهن. هڪ فرقو انهن جو آهي جي اڄ ڪلهه جي عقل ۽ سائنس ۽ يورپي ترقي ۽ تهذيب جي اثر هيٺ اچي مذهب کي اجايو ۽ بي سود سمجهڻ لڳا آهن. ٻيا اهي جيڪي اڌ پڙهيل مولوي ۽ ملان ۽ عوام الناس آهن، جن کي عقل ۽ تميز ايتري به ڪانهي جو ڪنهن به متي يا خيال بابت چئي سگهن ته قرآن شريف ۽ حديثن سان موافق آهي يا مخالف. اهو فرقو اهڙو خوش اعتقاد آهي جو جيڪي به وڏن چيو آهي يا شاعرن چيو آهي تنهن کي سچ سمجهندا آهن. ٽيون فرقو انهن جو آهي جو سڌيءَ طرح قرآن شريف ۽ صحيح حديثن کان ڪم وٺن ٿا ۽ اوائلي تفسيرن ۽ اصحابن سڳورن جي عملن سان موافقت ٿا رکن. اهو فرقو گهڻي قدر عقل کان ڪم وٺي ٿو. انهن کي اڪثر ڪري اهل الحديث يا غير مقلد يا وهابي سڏيو وڃي ٿو، اگرچه هو سچ پچ وهابي نه آهن. هاڻي انهن ٽن فرقن به نسبت ڪجهه نه ڪجهه بيان ڏبو.
    يورپي ترقي ۽ تهذيب جا گرويده ايتري حد کي پهچي ويا آهن جو اُهي مسلمان ئي نه رهيا آهن. هو فقط منافقي طور پاڻ کي مسلمان سڏائين ٿا ڇو ته هنن جا تعلقات مسلمانن سان آهن. جيڪڏهن پاڻ کي مسلمان نه سڏائين ته تڪليفن هيٺ اچي ويندا. مگر منافقي ڪفر کان به خراب آهي. منافقي اسلام کي سخت صدمو ۽ شڪست ٿي پهچائي. ڇو ته نادان عوام الناس مسلمان سندن اسلامي احڪامن کان غفلت ۽ منهن موڙ ڏسي پاڻ به بي دين ٿي ٿا پون. پهاڪو آهي ته الناس علي دين ملوڪهم يعني عام ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي روش ٿا وٺن. اسان جا يورپي ترقي جا شائق اڪثر ڪري وڏا آفيسر، ليڊر ۽ پوزيشن وارا ماڻهو آهن، تنهڪري عام ماڻهو ضرور انهن جوئي نقل ڪندا، ۽ سندن روش وٺندا. تنهن ڪري انهن صاحبن کي گهرجي ته همت ۽ جرئت رکي پاڻ کي کليو کلايو دهريو سڏائين، ۽ بزدل ٿي مسلمان نه سڏائين، ۽ ناحق مسلمانن کي کوه ۾ نه ٻوڙين، نڪي غير مسلمانن جي نظر ۾ اسلام کي حقير ۽ بدنام ڪن. کليو کلايو اسلام کان انڪار ڪندا، بلڪ اسلام جي مخالفت ڪندا ته انهيءَ ۾ اسلام کي نقصان ڪونهي پر اٽلندو اسلام جو فائدو آهي، ڇو ته پوءِ بحث مباحثي ۽ مناظري جي ڪري ڪوڙ ۽ سچ ظاهر ٿي پوندو. درحقيقت انهي فرقي کي سچي اسلام جي خبر ئي ڪانهي. هنن کي رڳو اهي خبرون آهن جي نيم خوانده مولوين ۽ ملن کان ٻڌيون اٿن جي سچ پچ به عقل ۽ علم واري انسان کي ايمان مان ڪڍي ٿيون ڇڏين. قوم جي سچن مسلمانن کي به گهرجي ته اهڙن بي دينن کي پنهنجو ليڊر نه بنائين، ۽ انهن کي فخرِ اسلام ڪوٺڻ بدارن لنگئه اسلام سڏين. ارمان ته پيٽ پالو اخباري ايڊيٽرن جو آهي جي پاڻ کي جوشيلا مسلمان به سڏائين ۽ اهڙن ڪوڙن منافقن کي فخر اسلام جا لقب به ڏين. اسان کي گهرجي ته جي شخص نماز روزي ۽ ٻين اسلامي رڪنن جا پابند ناهن تن کي ليڊريءَ تان لاهي ڇڏيون، ۽ انهن کي ليڊر بنايون جيڪي ليڊر شب جي قابل به هجن، پر ان سان گڏ اسلامي احڪامن جي پيروي ڪندڙ به هجن. ليڊر جي معني آهي رهبر، مگر اسان جا گهڻا ليڊر رهبر نه پر رهزن آهن. انهن منافقن کي جيڪڏهن چئجي ٿو ته توهان اسلام بابت جديد ڪتاب پڙهي ڏسو ته هو چون ٿا ته جيڪڏهن اسلام جي تعليم اها آهي جا جديد ڪتابن ۾ ڏيکاري وڃي ٿي ته پوءِ بيشڪ اسلام چڱو چئبو. پر چون ٿا ته حقيقت اها ناهي، اها رڳي مصنفن جي ٺڳي آهي جو تاويلات ڪري اسلام جي اڳوڻي تعليم کي هاڻوڪي خيالن ۽ عقل سان موافق ڪري ٿا ڏيکارين. انهي جو جواب هي آهي ته ڀلا توهان اهي ڪتاب کڻي نه پڙهو. توهان رڳو قرآن۽ حديث جي اصولن کي نظر ۾ رکي قرآن شريف ۽ صحيح بخاري پڙهي ڏسو، يا اوائلي تفسير پڙهي ڏسو، پوءِ توهان ڏسي سگهندو ته ڪيتري قدر جديد ڪتاب انهن سان موافق آهن. الله تعاليٰ شال انهي فرقي کي منافقي کان ڇڏائي پورو مسلمان ڪري يا سندن ڪفر ظاهر ڪري!
    ٻيو فرقو انهن جو آهي جن کي نه عقل آهي، نه تميز آهي، نه علم آهي، نه مناظره جي طاقت، نه دين جي خبر آهي نه دنيا جي. جديد علومن ۽ فلسفن کان غير واقف آهن. دنيا جي اڳوڻي تاريخ ته ٺهيو پر هن زماني ۾ ڇا ڇا هلي رهيو آهي تنهن جي به خبرنه اٿن. غير مذهبن ۽ غير مذهب جي ماڻهن جي خيالن جي خبر ته ڪانهين، پر رڳو پنهنجي مذهب اسلام جي به خبر ڪانهين. هو ظاهر زنده آهن، مگر مئلن جي قطار ۾ آهن. اکين هوندي انڌا، ڪنن هوندي ٻوڙا، ۽ دماغ هوندي بي عقل آهن. اخبارون پڙهن ڪين، جيڪي جيڪي اڳوڻن عالمن يا شاعرن چيو آهي يا لکيو آهي سو سڀ سچ ٿا سمجهن. اگرچه قرآن مجيد ۽ حديث جي مخالف هجي، يا خود اهي عالم ۽ شاعر پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مخالف هجن. پر جنهن صورت ۾ هن فرقه وارا سوچ ويچار ڪن ئي ڪو نه ۽ عقل کي پيتيءَ ۾ بند ڪري قفل هڻي ٿا ڇڏين ته پوءِ هنن کي مخالفت ڏسڻ ۾ ڪيئن اچي. نڪي اخبارون پڙهن، نڪي نون تحريڪن ۾ شريڪ ٿين، اٽلندو سڀ ڪنهن تحريڪ جي مخالفت ڪن. جيئن سکڻو گهڙو وڄندو آهي، تيئن هو گهر ويٺي هٺ ۾ پيا ڇڄن. ٻين خيالن جي ماڻهن سان ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ کان ائين ڇرڪندا آهن جيئن ڪانءُ ڪمان کان، تڏهن به پاڻ کي عقل ۽ علم جو درياه سمجهندا آهن. آکاڻي آهي ته هڪڙي ڏيڏري سڄي حياتي هڪ کوهه ۾ رهي هئي، نڪي پاڻ ڪڏهن ٻاهر نڪتي هئي، نڪا ڪا ٻاهرين ڏيڏري وٽس آئي هئي. اتفاقن درياه جي اٿل ٿيڻ ڪري پاڻي اچي کوهه ۾ پيو، ۽ ڪيتريون ئي ٻاهريون ڏيڏريون اچي کوهه ۾ پيون. حال احوال ڏيندي وٺندي کوهه واري ڏيڏري پڇيو ته ڇا درياه هن کوهه جي هن ڪنڊ جيڏو آهي؟ هنن چيو ته نه، درياه جي ڀيٽ کوهه سان ڪريئي ڪانه سگهبي. تڏهن وري پڇيائين ته ڀلا هن کوهه جي اڌ جيڏو آهي؟ جواب ڏنائون ته اجايو مغز ٿي کپائين، لک کوهه گڏجن ته به درياه جي مٽ نه ٿين. تنهن تي کوهه واريءَ ڏيڏريءَ چيو ته توهان ڪوڙ ٿيون ڳالهايو. ڪا به شي هن کوهه جيڏي وڏي ٿي ڪين سگهندي.
    نيم خوانده ملن ۽ مولوين جو حال به انهيءَ کوهه واريءَ ڏيڏريءَ جهڙو آهي. هنن ويچارن جيڪي پنهنجي استادن کان سکيو تنهن کان وڌيڪ ڪا به خبر ڪانهين. انهن جي لاءِ دنيا ۾ ٻيو علم آهي ئي ڪو نه. نه وري دنيا جي ملڪن جو سير ڪري زبردست عالمن سان گفتگو ڪئي اٿن. هو جيڪڏهن ڏهن ورهين جي قادياني ڇوڪر يا آريه ڇوڪر سان مناظره ڪن ته هڪ سوال جو جواب به ڪين ڏيئي سگهندا، گهڻي ۾ گهڻو ائين چوندا ته فلاڻي ڪتاب ۾ هيئن لکيل آهي. اُهو ڇوڪرو چوندو ته مان انهيءَ ڪتاب کي مڃان ئي ڪونه ٿو، تون مون کي عقل سان سوال جو جواب ڏي. مولوي صاحب چوندو ته خبيث آهين، منڪر آهين تو سان مون کي ڳالهائڻو ئي ناهي. هن فرقي وارن کي نه ڪتابن جي مطالعي جو شوق آهي، نه تبليغ ڪرڻ جي رغبت يا قابليت آهي. درحقيقت جنهن نالي جي مولوي کي قرآن شريف، حديثن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوق ناهي سو عالم ناهي پر جاهل آهي. ڇو ته جيڪڏهن قرآن ۽ حديث وغيره کيس سمجهه ۾ اچن ها ته ضرور وڻنس ها، ۽ جي وڻنس ها ته ضرور انهن کي بار بار پڙهي ها، ۽ ٻين کي به شوق ۽ جوش سان ٻڌائي ها. انهيءَ فرقي جون ٻيون خصوصيتون ۽ خيال هيٺين بابن ۾ اچي ويندا، تنهنڪري هت وڌيڪ بيان ڪرڻ نٿو گهران.
    ٽيون فرقو اُنهن جو آهي جن موجوده زماني، خصوصن يورپي عقل ۽ علم کان متاثر ٿي، اسلام جو اڀياس بلڪل نيئن نقطئه نظر سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي مذهبي آزادي هئڻ ڪري پوئين زماني جي خيالن کي ڇڏي اصل قرآن ۽ حديث ۽ اصحابن سڳورن جي قول ۽ فعل ڏي رجوع ٿيا آهن. نئون نقطئه نظر هي آهي ته آيا اسلام جي تعليم عقل جي موافق آهي يا نه، ۽ ان تعليم تي عمل ڪرڻ سان اسان سچي ترقي ۽ تهذيب ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهبودي حاصل ڪري سگهون ٿا يا نه. هي انهي کوجنا ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ کين يقين آهي ته اسلام ئي ڪامل مذهب آهي ۽ فقط اسلام ئي ڪامل ترقيءَ جو وسيلو آهي. تنهنڪري هنن کي اسلام جي تبليغ جو نهايت گهڻو چاهه آهي، هو غير مذهب وارن سان نه رڳو مناظرو ڪري سگهن ٿا، پر کين اسلام تي آڻي سگهن ٿا، ۽ آڻين پيا. هو غير مذهبن جو اڀياس ڪن ٿا ۽ اُن سان گڏ دنيا جي قديم ۽ جديد تاريخ ۽ فلسفو پڙهن ٿا، ۽ هلندڙ وقت جي حالتن ۽ خيالن جي پوري پوري واقفيت رکن ٿا اٰنهن کي نيم خوانده مولوي اڳي ڪافر سڏيندا هئا، پر هاڻي گهڻو ڪري اهل حديث يا غير مقلد يا وهابي سڏيندا آهن. هندستان ۾ اهو جهڳڙو گهڻو وقت اڳي شروع ٿيو هو. مولانا حالي ۽ مولانا شبلي جهڙن زبردست عالمن کي ڪافر سڏيو ويندو هو، مگر هاڻي هو عام قبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. سنڌ ۾ اڃا هاڻي اهڙا عالم پيدا ٿيڻ لڳا آهن، پر علم بلڪل ٿورو اٿن. اميد ته انهيءَ قسم جا عالم جلد گهڻا ٿيندا ۽ کين ورلي ڪو وهابي سڏيندو. هو به قبوليت عام حاصل ڪندا ۽ شرڪ ۽ بدعتون گهڻي قدر نڪري وينديون. انشاءَ الله.

    مذهبي بگاڙو
    حضرت رسول ﷺ جن جو قول آهي ته سڀ ڪنهن معاملي ۾ قرآن شريف مان هدايت وٺو. جيڪڏهن قرآن شريف مان ان امر به بابت حڪم نه ملي سگهي ته منهنجي قول ۽ فعل مان هدايت وٺو. جيڪڏهن اُنهن مان به نه ملي ته قياس ڪم آڻيو. پر ايئن به فرمايل آهي ته اصحاب سڳورا به هدايت جا ڏيئا آهن. مذهب مان سمجهبو ته قياس سان گڏ اصحابن سڳورن جي عام قول ۽ فعل کي ويچار هيٺ آڻڻو آهي. مگر اُن ۾ هيءَ احتياط ضروري آهي ته اهو قول ۽ فعل اصحابن سڳورن ۾ عام هجي، خصوصن مشهور اصحابن ۾. ائين نه ڪجي جو ڪنهن هڪ اصحابي جي قول يا فعل کي ايترو وزن ڏجي جيترو الله جي ڪلام کي. اصحاب سڳورا به انسان هوا، انسان کان ڪانه ڪا غلطي ضرور ٿيڻي آهي. فقط پيغمبر ئي ڪامل انسان آهن، سو به مذهب جي باري ۾، نه دنيا ئي معاملن ۾.
    اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جا مکيه احڪام قرآن شريف ۾ ئي اچي ٿا وڃن. پر افسوس اهو آهي ته اُن جي معنيٰ سمجهڻ ۽ تفسير ڪرڻ ۾ غلطيون ڪيون ٿيون وڃن. هڪڙو اصول هي آهي ته قرآن مجيد آسان ۽ چٽو آهي، جئين بار بار خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته اُن جا ڪي ڀاڱا بلڪل چٽا ۽ واضح آهن، باقي جيڪي ڀاڱا مثال يا استعاري طور آهن، تن جو تفسير انهن چٽن ڀاڱن موجب ڪرڻ گهرجي. ٻيو اصول هي آهي ته قرآن شريف جي ڪن آيتن جو تفسير ڪن ٻين آيتن ۾ ئي ملي ٿو. ٽيون اصول هي آهي ته ڪنهن به آيت جي معنيٰ ۽ تفسير اهو وٺجي جو قريني سان موافق هجي يعني انهي آيت کان اڳين ۽ پوين آيتن ۾ جيڪو مضمون هجي انهيءَ سان موافق هجي. چوٿون اصول هي آهي ته تفسير ڪرڻ ۾ صحيح حديثن ۽ اصحابن سڳورن جي عام قولن ۽ فعلن کان به مدد وٺجي. پنجون اصول هي آهي ته اهڙي معنيٰ ۽ مطلب به نه ڪڍجي جو ظاهر ظهور عقل جي خلاف هجي يا ان تي عمل ڪرڻ مان فائدي جي بدارن نقصان هجي. ڇهون اصول هي آهي ته گهڻي قدر اوائلي تفسيرن جي مدد وٺجي. اوائلي ۽ چڱا تفسير هي آهن:
    امام فخر الدين رازي جو تفسير ڪبير، ابن جرير جو طبري، زمخشريءَ جو ڪشاف، بيضاوي، ابن ڪثير، ۽ جامع البيان. (۽ هاڻوڪن عالمن مان مولانا آزاد جو ام الڪتاب/ترجمان القرآن ۽ مولاناعبيدالله سنڌيءَ جو الهام الرحمان ۽ المقام المحمود)
    پوين مفسرن ٻه وڏيون غلطيون هي ڪيون آهن جوهڪ ته ڪيترين ئي آيتن جو شان نزول ڪن ڪوڙين روايتن سان شامل ڪري پنهنجي معنيٰ ٺاهي اٿن، ۽ ٻيو ته سنئين سڌين ۽ چٽين آيتن، جن جو مطلب بلڪل ظاهر پيو آهي ۽ جن جي تفسير ڪرڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانهي، تن تي پنهنجي مغز خراشي ڪري اونهيون معنائون ۽ مطلب ڪڍيا اٿن، جي معنائون ۽ مطلب بلڪل غلط آهن. ستون اصول هي آهي ته قرآني الفاظن جي لغوي معنيٰ جو به ويچار ڪرڻ گهرجي. هڪڙي لغت آهي جنهن ۾ قرآن شريف جي الفاظن جي معنيٰ ڏنل آهي، اها ضرور ڪم آڻڻ گهرجي. اها لغت آهي امام راغب اصفهانيءَ جي جنهن جو نالو آهي ”مفردات في غريب القران.“ ابن اثير جي نهايه وري حديث لاءِ چڱي لغت آهي.
    مان عرض ڪري آيو آهيان ته سڀ کان پهريان اسان کي قرآن شريف تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ اوائلي مسلمان ڪندا به ائين هئا. مگر افسوس جو يزيد جي زماني کان وٺي مذهبي آزادي ڪانه رهي. هزارين ڪوڙيون حديثون ٺهيون، جي اڄ تائين به گمراهي جو سبب بنجي رهيون آهن. ان وقت گهڻي قدر قرآن شريف کي ڇڏي ڪوڙين حديثن تي عمل ڪرڻ ۾ آيو. اهو خيال به ڪو نه ڪيو ويو ته اهي حديثون قرآن شريف سان موافق آهن يا مخالف. امامن ۽ فقيهن سڳورن وري اسلامي احڪامن ۽ فرائضن کي ترتيب ڏئي اصولي ۽ فروعي قانون مرتب ڪيا. انهن اسلام جي عاليشان خدمت ڪئي ۽ عوام الناس جي رهبري ڪئي. مگر افسوس جو فقيهن جي فقه کي، بلڪ علمائن جي فتوائن کي ڪافي سمجهي قرآن شريف ڏي پورو توجهه ڪو نه ڏنو ويو ۽ سچين حديثن ڏي به پورو توجهه ڪو نه رهيو. ان کان پوءِ هزارين ڪوڙا ڪتاب لکيا ويا، جن جي ڪري هيڪاري گمراهي گهڻي ٿي وئي. ان سان گڏ صوفين جا فرقا پيدا ٿيا جن جي ڪري اصل اسلام کان گهڻي انحرافي ٿيندي وئي. سچو تصوف ته بلڪل چڱو هو، مگر ڪوڙن صوفين ۽ شاعرن اسلام کان عوام الناس کي بلڪل برطرف ڪري ڇڏيو. هن وقت اڪثر ڪري پڙهيل ماڻهو به صوفين ۽ شاعرن جي قولن کي سند ڪري وٺندا آهن ۽ قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪندا آهن، جنهن جو سبب هي ڏيندا آهن ته انهن ولين سڳورن قرآن شريف ۽ حديثن کي اوهان ملن ۽ مولوين کان بهتر سمجهيو هو. مگر قرآن شريف ۾ هڪ آيت آهي ته الشعراءَ يتبعهم الغاوون يعني گمراه ماڻهو ئي شاعرن جي پيروي ڪندا آهن. عوام الناس جي اهڙي حالت آهي جو مڪانن ۾ ڀنگ پيئندڙن، آفيم کائيندڙن، چرس ڇڪيندڙن ۽ نماز، روزي ۽ قرآن شريف کان پري ڀڄندڙن کي درويش ۽ ولي ٿا سمجهن. سوَ مان نوانوي ماڻهو انهن درويش ۾ ايمان ٿا رکن.
    جيڪڏهن اسان جا عالم خبردار هجن ها ته عوام الناس جي اهڙي حالت هرگز ڪا نه ٿئي ها. افسوس هي آهي ته خود عالمن به قرآن شريف کي ڇڏي ڏنو آهي. ڪيترن ئي عالمن جو خيال آهي ته جيڪڏهن قرآن شريف جي ڪنهن آيت ۽ ڪنهن حديث جي وچ ۾ اختلاف نظر اچي ته حديث کي وٺجي نه قرآن شريف جي آيت کي، ڇو ته ممڪن آهي ته اسان قرآن شريف جي ان آيت جو مفهوم پوري طرح سمجهي نٿا سگهون. جيڪڏهن ڪنهن حديث ۽ فقه جي ڪنهن قول ۾ تفاوت نظر اچي ته فقه جي قول کي وٺڻ گهرجي، ڇو ته ممڪن آهي ته اسان ان حديث کي پوري طرح سمجهي نٿا سگهون، ۽ فقيهن سڳورن کي حديثن جو علم وڌيڪ هو. جيڪڏهن فقه جي قول ۽ متاخرين مجتهدن جي ڪنهن فتويٰ ۾ اختلاف نظر اچي، ته ان فتويٰ تي عمل ڪجي نه فقه جي قول تي. ڇو ته مجتهدن جو دماغ اسان کان وڌيڪ سٺو هو. هن مان سمجهي سگهجي ٿو ته سچ پچ پوين عالمن قرآن شريف ۽ حديثن کي بلڪل ڇڏي ڏنو آهي.
    ٻيون ثابتيون هي آهن: جڏهن مان ننڍو هوس (خلافت واري گوڙ کان پوءِ حالتون ڪجهه ڪجهه ٻي طرح آهن). تڏهن عالمن کان جيڪڏهن قرآن شريف جي ڪنهن آيت جي معنيٰ پڇي ويندي هئي يا ائين پڇيو ويندو هو ته هن مسئلي بابت قرآن شريف ۾ ڇا فرمايل آهي ته جواب اهو ملندو هو ته قرآن شريف ڪنهن سمجهيو آهي ڇا؟ ارمان انهن جي عقل تي آهي جو خود الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته قرآن شريف جون هدايتون چٽيون آهن، مگر هي نالي جا عالم چون ته قرآن شريف ڪنهن سمجهيو ئي ناهي. پر هو سچ به ٿا چون، ڇو ته پاڻ جو ڪو نه سمجهيو هوندن! ٻي ثابتي هي آهي ته قرآن شريف جي معنيٰ نه خطبن ۾، نه وعظن ۾، نه ئي گفتگو ۾ ٻڌائيندا هئا ۽ نه وري ڪي اهڙا ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيائون جن ۾ قرآن شريف جي آيتن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي هجي. نڪو اهڙو ترجمون ۽ تفسير لکيائون جنهن ۾ بامحاوره سنڌي ڪم آيل هجي. جيڪڏهن هو قرآن شريف سچ پچ سمجهن ها، ۽ اُن تي عمل ڪندڙ هجن ها، ته ضرور کين وڻي ها، ۽ بي اختيار ان جي تبليغ به ڪن ها.
    ساڳي طرح جيڪڏهن حديثون پڙهن يا سمجهن ها ته ضرور تقريرن ۽ تحريرن جي وسيلي انهن جي اشاعت ڪن ها. حضرت رسول ﷺ جو قول آهي ته جيڪو چاليهه حديثون مشهور ڪندو، تنهن کي هيترو ڪي هيترو ثواب ملندو. هن اعتراض تي ڪي عالم جواب ڏيندا آهن ته هن ملڪ ۾ سنڌيءَ جو رواج ڪو نه هو، ڪتاب پارسيءَ ۾ لکيا ويندا هئا. خبر نه آهي ته پارسيءَ ۾ سنڌي عالمن جا ڪهڙا ڪتاب انهيءَ قسم جا لکيا ويا هئا، يا هاڻي به موجود آهن، جيڪڏهن اُهي سٺا آهن ته ڇو هن وقت اُنهن جو ترجمو ڪيو نه ٿو وڃي. مگر حقيقتن اهو جواب پورو نه آهي ڇو ته نورنامي ۽ امير حمزه جهڙا ڪوڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا ويا، باقي قرآن شريف ۽ حديثن کي ڇو ڇڏيو ويو؟ انگريزن جي اچڻ بعد ته سنڌيءَ جو رواج عام ٿي ويو. هزارين سنڌي ڪتاب خصوصن ڪوڙا قصا چار درويش، گل بڪاولي وغيره جهڙا ۽ عشقيہ ڪافيون ۽ غزل ڇپايا ويا، مگر ڪنهن به عالم کي اهو خيال نه آيو ته قرآن شريف منجهؤن ڪي آيتون ۽ صحيح بخاري مان ڪي حديثون چونڊي سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪري ڇپايون، ته ويچارن جاهل مسلمانن کي اسلام جي ڪجهه خبر پوي. سنڌي ته ڇڏيو پر پارسي زبان ۾ به سنڌي عالمن ڪو اهڙو ڪتاب ڪو نه لکيو جهڙو اڙدوءَ ۾ رحمته اللعالمين يا سيرت النبي آهي يا خواجه حسن نظامي جو تعليم القران آهي.
    رسول الله ﷺ جي سوانح عمري سنڌيءَ ۾ سڀ کان پهريائين هڪ هندوءِ لکي جنهن تي جناب مولوي فتح محمد سيوهاڻي کي رشڪ آئي ۽ حيات النبي لکي ڇپارايائين. پر اهو مولوي صاحب به انهيءَ فرقي مان آهي جنهن کي ڪي نادان وهابي سڏيندا هوندا.
    هڪ وڏو عالم هو جنهن وٽان تمام گهڻا شاگرد دستاربندي ڪري ويا آهن. ان عالم سان مون ڪنهن وقت ناسخ منسوخ جي مسئلي بابت گفتگو پئي ڪئي. پڇيومانس ته قرآن شريف جون ڪهڙيون آيتون منسوخ آهن؟ چيائين ته ياد ڪو نه اٿم. مون پڇيس ته جيڪڏهن توهان جهڙا عالم به اها يادگيري نه رکن ته پوءِ قرآن شريف پڙهندي ڪيئن هدايت وٺندو ته هنن آيتن جي حڪمن تي عمل ڪيان ۽ هنن تي عمل نه ڪيان ڇو ته هي منسوخ آهن. ٻيو هڪ عالم جو سندس پاسي ۾ ويٺو هو تنهن ٺڪ جواب ڏنو ( وڏو مولوي صاحب خاموش رهيو) ته عمل جي واسطي فقه ڪافي آهي، قرآن شريف رڳو ثواب واسطي پڙهجي ٿو. خدا خير ڪري! هي اٿو وڏن وڏن عالمن جا حال! خبر نه آهي ته ثواب جي معنيٰ ڪهڙي ٿا وٺن. ڪيئن به هجي مگر مٿئين جواب مان ثابت ٿي چڪو ته خود عالمن به قرآن مجيد ۽ حديث شريف کي سورهن آنا ڇڏي ڏنو آهي.
    فقه ڪيترو به چڱو هجي ۽ ڪيترو به صحيح هجي ته به اهڙو ڪافي هرگز ٿي نٿو سگهي جو قرآن ۽ حديث جي حاجت ئي ڪانه رهي، ڇو ته فقه جو بنياد ئي قرآن مجيد ۽ حديث شريف تي آهي. پوءِ جيڪڏهن اصل کي ڇڏي ڏيو ته اسلام صحيح طور سمجهي نه سگهبو. جيئن پاڻي جي تلاءَ کي واه کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ نئون نئون پاڻي منجهس نه وجهبو، ته تلاءُ بانس ڪري ويندو، تيئن فقه کي قرآن ۽ حديث کان جدا ڪرڻ به اها ئي اها حالت بڻي آهي. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن ۽ حديث ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون به آهن جي فقه ۾ آهن ئي ڪو نه. ٽئين ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن ۽ حديث جي ترتيب ٻي آهي ۽ فقه جي ترتيب بلڪل ٻي آهي. جو اثر دل ۽ دماغ تي قرآن شريف ۽ حديث پڙهڻ مان پوندو سو فقه پڙهڻ سان هرگزنه ٿي سگهندو. اهو ئي سبب آهي جو فقه ڪو ئي ڪو نه ٿو پڙهي. پڙهڻ لاءِ ماڻهو ڪوڙا قصا ۽ ڪوڙا ڪتاب خصوصن اهي جيڪي ولين جي ڪوڙن احوالن ۽ هٿراڌو ٺهيل ڪرامتن بابت لکيل آهن. اُهي ئي ڪتاب ماڻهو پڙهي گمراه ٿين ٿا. مگر قرآن ۽ حديث بلڪل ڪونه ٿا پڙهن. اڙدوءَ ۾ تجريد البخاري لکيل آهي. اهڙو ڪتاب سنڌيءَ ۾ به تيار ڪرڻ گهرجي ته هر ڪو سنڌي دان پڙهي فيض ۽ هدايت حاصل ڪري.(نوٽ: هاڻي مولوي دين محمد صاحب وفائي ڇپارايو آهي پر کيس به وهابي سڏيو ويندو آهي).
    عالمن تي ڪي ماڻهو اهو به الزام ٿا هڻن ته هو ڄاڻي واڻي قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي تبليغ نٿا ڪن، ۽ انهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نٿا ڪن. هن نيت سان ته جيڪڏهن ماڻهو قرآن ۽ حديث آسانيءَ سان پڙهي سگهندا ته اسان جو وقار ۽ عزت هلي ويندي. ٻيو ته سوال پڇي اسان جو مغز کپائيندا، ٽيون ته اسان جا روزگار جا اُپاءَ بند ٿي ويندا. ڏسجي به ائين پيو ته مولوين، ملن، پيرن، درويشن، مجاورن، تعويذ لکندڙن، سڳو ڌاڳو ٽوڻو ڦيڻو ڪندڙن، فال وجهندڙن ۽ جعفر ۽ رمل جو حساب ڪندڙن جي روزگار جو وسيلو ٿي پيو آهي عام ماڻهن کي هر حيلي سان ڦرڻ. جيڪڏهن ماڻهو جاهل نه هوندا ۽ قرآن ۽ حديث جو علم هوندن ته پوءِ اُنهن سڀني جا اهي روزگار جا وسيلا بند ٿي ويندا. دنيا جا جيڪي به مذهب ٿي گذريا آهن سي سڀ ملان فرقي بگاڙيا. نه رڳو ايترو پر صحيفن ۾ به ڪمي بيشي ڪري ڇڏيائون. اسلام ۾ ملان يا پير فرقو هئو ئي ڪونه. پر پوءِ جِهل وڌڻ ڪري اهي فرقا ٺهيا. ملن به اسلام کي بگاڙڻ موسؤن ڪين گهٽايو آهي، پر خدا جي فضل سان قرآن شريف ۽ صحيح بخاري صحيح سلامت موجود آهن. ماڻهو هاڻي به اٰنهن کي پڙهي ملن کان آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا، جن جي روزگار جو مدار ميتن کي وهنجارڻ، ڪفن دفن جو انتظام ڪرڻ، ختمن ڪڍڻ، جماڻا، ۽ ٽڪيون کائڻ، قرآن بخشڻ، اسقاط ڪرڻ، نڪاح پڙهڻ، تعويذ لکڻ، فالن وجهڻ وغيره وغيره تي آهي. ڪنهن بزرگ فرمايو آهي ته اسلام ۾ جيڪي آسانيون آهن سي سڀ الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي طرف کان آهن، ۽ جيڪي دشواريون ۽ تڪليفون آهن سي عالمن ٺاهيون آهن. ملان نڪاح ۽ مرده شوئي وغيره به نسبت چوندا آهن ته اهي ڪم بلڪل ڏکيا آهن، سڀ ڪنهن کي ڪو نه اچي سگهندا. حقيقتن اهي ڪم بلڪل سولا آهن. سڀ ڪنهن کي اچڻ گهرجن. ملان فرقي جو ڪو ضرور ئي ڪونهي.
    نواب مير صدرالدين حسين خان ٿو فرمائي ته اسلام ۾ غرض واري جي شاهدي يا فتويٰ يا راءِ قبول ئي ناهي. هاڻي جنهن صورت ۾ مٿين فرقن جي روزگار جو مدار ئي ماڻهن تي آهي، ۽ روزگار کان وڌيڪ ته ٻيو ڪو غرض ٿي ڪونه ٿو سگهي، ته درحقيقيت اهڙن غرض وارن ماڻهن کان ڪو به دين جو مسئلو نه پڇڻ گهرجي ۽ نه اُنهن عالمن جي راءِ کي وزن ڏيڻ گهرجي. صرف انهن ئي عالمن جي راءِ کي وزن ڏيڻ گهرجي جن به بابت پڪ هجي ته هنن کي هن مسئلي بابت پنهنجو ڪو غرض ڪونهي.

    عقل، اجتهاد، تقليد، اجماع امت وغيره
    حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته جا شيءَ الله تعاليٰ پهريائين خلقي سا آهي عقل. ائين به فرمايو اٿن ته ڪو شخص عبادت ڪري ٿو مگر ثواب فقط اوتري قدر ملندس جيتري قدر سمجهه ڪم آڻيندو. جيڪڏهن سمجهه ڪم نه آڻيندو ته ثواب ڪون ملندس، بلڪ ڪن حالتن ۾ ته گناهه ٿيندس. اڄ ڪلهه ماڻهو گهڻا ديني ڪم بنا سمجهه جي ٿا ڪن، مثلن نماز، روزا، حج، زڪوات، قرآن شريف پڙهڻ، وظيفا پڙهڻ، صلواتون ڪڍڻ وغيره وغيره. اسان هت فقط صدقه ۽ خيرات جو مثال پيش ٿا ڪيون. سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته جنهن شخص کي بک لڳي آهي، کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهيس، نڪي اهڙي ڪا شي اٿس جا وڪڻي اٽو وٺي، فقط اُن کي ئي پنڻ جائز آهي. چئبو ته ٻئي کي پنڻ جائز نه آهي، اگرچ هو انڌو، منڊو، جڏو ۽ محتاج هجي. جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ پنڻ حرام آهي ته پنندڙ کي ڏيڻ به حرام آهي. مگر اڄ ڪلهه ڪيترائي سياڻا پڙهيل ماڻهو پنندڙن کي خيرات ڏيندا آهن، مگر يتيمن رنن زالن ۽ پاڙيوارن مسڪينن محتاجن جي خبر ئي ڪانه لهندا آهن. حضرت رسول ﷺ بابت روايت آهي ته ڪنهن شخص اچي سوال ڪيو. رسول الله ﷺ هن کي حڪم ڪيو ته تون وڃي ڪهاڙي ۽ رسو وٺي اچ. جڏهن وٺي آيو تڏهن چيائينس ته هاڻي جهنگ مان ڪاٺيون وڍي وڃي وڪڻ. هڪڙو پينو حضرت عمر رضي الله وٽ آيو، ۽ اچي سوال ڪيائين. حضرت عمر ڏٺو ته پاسي ۾ ڳوٿري اٿس، جا اَن سان ڀري پئي اٿس. پوءِ اُهو اَن ڦري بيت المال ۾ رکيائين ۽ ٿورو اَن هڪ ويلي لاءِ خيرات ڏنائينس. قرآن شريف ۾ سورت والضحيٰ ۾ هڪ آيت آهي ته ”وَ اَمَّا السَّآئِلَ فَلَا تَنْہَرْ ﴿ؕ۱۰﴾“ يعنيٰ جيڪڏهن ڪو سائل هجي ته پوءِ اُن کي جهڻڪ نه. انهيءَ سورت کي غور سان پڙهي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته هت سائل جي معنيٰ پنندڙ نه آهي، پر مسئلو پڇندڙ آهي. ازانسواءِ فلا تنهر جي معنيٰ اها ناهي ته اُن کي خيرات ڏي. ٻيون حديثون اهڙيون آهن جن مان معلوم ٿو ٿئي ته سائل کي ڏيو، پوءِ اگرچ اڌ کارڪ ئي هجي. مگر مٿئين بيان مان معلوم ٿيندو ته اسان کي عقل ڪم آڻڻ گهرجي ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي ته برابر سائل کي گهرج آهي ۽ لاچاري موقعو اٿس يا رڳو پنڻ جو ڌنڌو کڻي اختيار ڪيو اٿس. در حقيقت پنندڙن کي گرفتار ڪري جيل ۾ خوب ڪمارائجي ته آئيندي لاءِ سستي ڇڏي ڪم کي وٺن. رڳو انڌن، منڊن، گونگن، ٻوڙن ۽ جڏن کي به پنهنجي لياقت آهر ڪو نه ڪو ڪم ڪرڻ ضرور گهرجي. پوءِ جيڪڏهن پنهن جي گذران جيترو نه ڪمائي سگهن ته پاڙيوارن تي فرض آهي ته گهرج واري ويلي تي هنن کي بنا سوال جي ايترو ڏين جو اُن وقت کائي ڍوُ ڪن. هن حالت ۾ پنڻ جو رواج بلڪل نڪري ويندو. ائين ڪونه ٿيندو جو هڪڙا رات ڏينهن پورهيو ڪري مس ڪجهه ڪمائين، ته ٻيا مفت خور پينو اچي اُنهن جي ڪمائيءَ جو حصو کڻي وڃن. جتي پينو گهڻا آهن اتي ماڻهو ڪنگال ٿا رهن. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته پنندڙن کي ڪجهه به نه ڏيون، بلڪ اُنهن کي شرمايون ته ڇو ٿا حرام جو ڪم ڪيو. پنندڙن کي ڏيڻ سندن لاءِ نقصان ڪرڻو آهي، ۽ نه ڏيڻ سندن لاءِ چڱائي آهي. ڇو ته کين نه ڏبو ته انهيءَ رذيل ڪم کان ڇٽي پوندا، يعني ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي کي لڳندا. حلال جو پورهيو ڪرڻ شرافت آهي. ارمان جي ڳالهه آهي جو اسان جا سيد پنجن تنن جي اولاد پنڻ جي رذيل ڪم کي لڳا آهن. کين اها به خبر ڪانهي ته حضرت جن ﷺ ۽ حضرت رضي الله ڪمائي گذران ڪندا هئا، ۽ ڪنهن به ڪم کان عار نه ڪندا هئا.
    بهتر صدقو ۽ خيرات اُها آهي جنهن مان قوم جي ترقي ٿئي، مثلن ڪنهن محنتي مسڪين کي جوڙو ڏاندن جو وٺي ڏيڻ ته هو پنهنجي ڌنڌي ۾ ترقي ڪري. طالب علمن ۽ معلمن جي مدد ڪرڻ، ڌنڌا ۽ ڪارخانا جاري ڪرڻ، اسڪول ۽ مدرسه کولڻ، خيراتي اسپتالون قائم ڪرڻ وغيره وغيره. مگر افسوس ته اڄ ڪلهه ڪوبه زڪوات ۽ صدقي جو انتظام ڪونهي. خيرات وارا پيسا قوم جي ترقي ته ڪانه ٿا ڪن، اٽلندو نقصان ٿا ڪن، جو مفت خورن جو تعداد ٿو وڌي. نه رڳو ايترو پر ڪن حالتن ۾ خيرات جا پيسا زنا، نشي، جوا ۽ ٻين بد ڪمن ۾ لڳايا ٿا وڃن. افسوس آهي اسان جي عقل تي!
    مٿي عقل جو شان ۽ ضرورت ڏيکاري وئي. قرآن شريف ۾ بار بار فرمايل آهي ته عقل ڪم آڻيو، سوچيو، ويچار ڪيو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت تي غور ڪيو. ڪافرن بابت چيو ويو آهي ته جاهل آهن نٿا ڄاڻڻ وغيره وغيره. مگر اڄوڪا عالم چون ٿا ته عقل کي پيتيءَ ۾ بند ڪري ڪلف هڻي ڇڏيوس. ڀلا عقل ڪا شي هجي ته بند ٿي سگهي. عقل اسان کي الله تعاليٰ ڏنو آهي. نه رڳو ڏنو آهي، پر حڪم ڪيو اٿس ته عقل کان ڪم وٺو. پر جي حڪم نه ڪري ها ته به عقل کان ڪم نه وٺجي ها ته بي عقلائي کان ڪم وٺجي ها ڇا؟ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي ڪا ڳالهه چوي ۽ اها منهنجي عقل موجب غلط نظر اچي ته مان ڪيئن قبول ڪري سگهندس، جيستائين اُهو ماڻهو مون کي پنهنجي عقل موجب سمجهائي نه سگهندو. عقل فقط هڪڙو ڪم ڪري نٿو سگهي سو آهي سچو دين يا مذهب ٺاهڻ. سچو دين يا مذهب فقط اُهو سيکاري سگهي ٿو جنهن دنيا خلقي آهي. مگر دين کي سمجهڻ لاءِ ڪوڙن مذهبن کي ڇڏي سچي مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ عقل جي ضرورت آهي. قرآن شريف ۾ بار بار ڪافرن کي چيو ويو آهي ته سمجهه کي ڪم آڻي ڏسو ته هي اسلام سچو آهي يا اوهان جي ابن ڏاڏن وارو دين سچو آهي. عقل ته فقط سچي دين جي تلاش ڪري اُن کي اختيار ڪرڻ لاءِ ڪم ٿو اچي پر ان دين جي تعليمات سمجهڻ لاءِ به ڪم ٿو اچي! عقل نه هوندو ته هر هڪ قول جي اُبتي معنيٰ ڪڍبي. ازانسواءِ عقل هن لاءِ به ڪم ٿو اچي ته ڪيئن ان دين جي تعليمات تي عمل ڪجي جيئن مٿي پنڻ جي مسئلي تي بحث ڪيو ويو آهي. چئبو ته عقل ٽن ضروري ڳالهين لاءِ ڪم ٿو اچي. (1) سچو دين اختيار ڪرڻ لاءِ (2) اُن جي تعليمات سمجهڻ لاءِ (3) اُن جي تعليمات تي چڱي طرح عمل ڪرڻ لاءِ.
    مان وري به چٽائيءَ سان ٿو چوان ته عقل فقط هڪڙي ڳالهه لاءِ ڪم نه ٿو اچي سو آهي نئون يا پنهنجو مذهب ٺاهڻ يا پنهنجون تعليمات بنائڻ لاءِ هڪڙو تاريخي مثال ان لاءِ بلڪل ڪافي دليل آهي! اڪبر بادشاه عقل ۾ لاثاني هو. ايتري قدر جو دنياوي معاملن ۾ سڀ ڪنهن کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ اڃا ننڍيءَ وهيءَ ۾ هوندو هو ته به جنگ جي فن ۾ پوڙهن تجربي ڪار جرنيلن کان به وڌيڪ سياڻپ ڏيکاريندو هو. جيڪڏهن ڪنهن جنگ لاءِ پنهنجا سپه سالار موڪليندو هو، ۽ انهن کي جنگ هلندي پڪ ٿيندي هئي ته هاڻي ضرور شڪست ايندي ته اڪبر بادشاه ڏي گهوڙي سوار کي ڀڄائيندا هئا. اڪبر بادشاه هڪدم اُڏامي ايندو هو ۽ هڪ منٽ ۾ وڙهندڙ لشڪرن کي نظر مان ڪڍي سپه سالارن کي هدايتون ڏيئي واپس هليو ويندو، ۽ سندس سپه سالار انهن هدايتن تي عمل ڪري جنگه کٽي ويندا هئا. اهڙي طرح ٻين دنيا ئي ڪمن ۾ به لاثاني عقل ڏيکاريندو هو. مگر هن کي ننڍي هوندي کان اسلامي تعليم ڪانه ملي هئي.
    ننڍيءَ ئي وهيءَ ۾ هن جو تعلق مختلف مذهبن جي ماڻهن سان رهيو، جن سان گفتگو ڪندي سندس عقل واري دماغ کي تسلي حاصل ڪانه ٿي، ڇو ته ان وقت جا خود مسلمان عالم به گهڻي قدر گمراه هئا، جيئن اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون. تنهن ڪري اڪبر خيال ڪيو ته سڀني جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجو دين ٺاهيان. اڪبر اگرچ عاقل حشمت وارو بادشاه هو ته به سندس حياتي جي ڏينهن ۾ فقط ڪن ٿورڙن خوشامدي درٻارين سندس دين قبول ڪيو سي به سندس مرڻ کان پوءِ ڦري ويا. خود پاڻ به مرڻ وقت ڪلمون شريف پڙهي وصيت ڪيائين ته مون کي اسلام جي رسمن موجب غسل وغيره ڏجو، ڇو ته مان مسلمان آهيان. هن تاريخي واقعي مان معلوم ٿيندو ته دين سيکارڻ فقط الله تعاليٰ جو ڪم آهي ۽ انسان جو فرض فقط هي آهي ته اُن کي سمجهي ۽ سمجهه سان اُن تي عمل ڪري.
    هاڻي اُنهن سوالن تي ٿا اچون جي تمام نازڪ آهن ۽ جن بابت گهڻو اختلاف آهي. اُهي آهن تقليد ۽ اجماع اُمت. عوام الناس کي ته ضرور پنهنجي پيشوائن يا رهبرن جي تقليد ڪرڻي آهي، ۽ اجماع اُمت تي هلڻو آهي، خصوصن انهن قاعدن قانونن وغيره ۾ جن جو تعلق سوسائٽي يا ملڪي معاملن يا ٻين ماڻهن جي حق سان آهي، بلڪ عالمن کي به ضرور اهڙن قانونن جي پابندي ڪرڻي آهي. مگر عقيدن يا ذاتي عملن بابت عالمن کي حق آهي ته پنهنجي سمجهه ڪم آڻين، ۽ جيڪڏهن سندن سمجهه غلط هجي ته وڌيڪ قابل عالمن جو فرض آهي ته هنن کي عقلي نقلي دليل ڏيئي سمجهائين، مگر محبت ۽ ميٺاج سان، نه گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان. گهٽ وڌ يا شوخي سان ڳالهائڻ ڪري اُٽلندو اُبتڙ نتيجو نڪرندو، يعني هن کي پڪ ٿيندي ته مان حق تي آهيان. اڄ ڪلهه گهڻا بيوقوف ماڻهو ٻين کي مڃائڻ لاءِ زبردستي ڪم آڻيندا آهن، زبردستيءَ سان ته کڻي ماڻهو مڃي وٺندو، ۽ موچڙن جي ڊپ کان منافقي طور چوندو ته برابر ائين آهي پر اندر ۾ ته اهو ئي عقيدو رهندو جو اڳي هوس. پوءِ اهڙي زبردستي جنهن مان منافقي پيدا ٿئي، تنهن مان فائدو ته ڪونه ٿيو، پر اُٽلندو نقصان ٿيو. جرمني ۾ هڪڙو مشهور سائنس دان گئليليو ٿي گذريو آهي جنهن پهريائين پهريائين دوربيني جو اوزار ٺاهيو. ان راءِ قائم ڪئي ته ڌرتي گول آهي. ڪرستان پادرين کيس چيو ته تون دين کان ٿو ڦرين ڇو ته بائبل ۾ ائين لکيل ڪونهي. هو تڏهن به نه مڙيو. پادرين هن کي جيل ۾ وجهايو، ته به هو نه مڙيو. جيڪڏهن منافق ٿئي ها ته سڄي دنيا لاءِ نقصان ٿئي ها، مگر همت ۽ جرات ۽ صبر سان تڪليفن سهڻ مان اهو نتيجو نڪتو، جو سڀني ماڻهن کي ان مسئلي تي غور ڪرڻ جو شوق ٿيو، آخر سڄي دنيا قبول ٿي ڪري ته ڌرتي برابر گول آهي.
    ان حقيقت تي پهچڻ ڪري جيڪي بي شمار فائدا نڪتا آهن تن جو هتي بيان ڪرڻ جو ضرور ناهي. مگر شرعي قانون، جن جو فيصلو قاضيءَ کي ڪرڻو آهي تن جي پابندي سڀ ڪنهن کي ڪرڻي آهي، بادشاه هجي توڙي گدا، جاهل هجي توڙي سڀني کان وڏو علامه هجي. اگرچه انهيءَ علامه کي پڪ هجي ته اهو قانون غلط آهي ته به کيس ان جي پابندي ڪرڻي آهي. جيڪڏهن پابندي نه ڪندو ته شرعي سزا صبر ۽ تحمل سان ڀوڳي، بلڪ هن جي اها بهادري چئبي، جيڪڏهن چوي ته قاضي صاحب مان ڄاڻان ٿو ته انهيءَ قانون تي اُمت جو اجماع آهي، تنهن ڪري توهان کي ضرور انصاف ڪري مون کي سزا ڏيڻي آهي ۽ مان صبر سان سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان. مون عقلي ۽ نقلي دليلن سان انهيءَ قانون جي ترديد ڪئي آهي. مگر اڃا منهنجو خيال قبوليت هيٺ نه آيو آهي، ۽ قانون رد نه ٿيو آهي، تنهن ڪري مان ڄاڻي واڻي انهيءَ قانون جي عملي انحرافي ڪري سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿو ٿيان، ته من پوءِ امت ان تي ويچار ڪري ان قانون کي مون وانگر غلط سمجهي، ۽ رد ڪري ڇڏي. اهڙا ماڻهو آفرين جا لائق آهن، نه ڌڪار جا، جيئن عام طرح سمجهيو ويندو آهي. هر ڪنهن انسان کي حق آهي پنهنجي ضمير تي هلڻ جو. ڌڪار جا لائق اُهي آهن جيڪي پنهنجي دنياوي غرضن لاءِ منافقي ڪن يا کليو کلايو لچايون ڪن. مگر جيڪو اخلاص ۽ سچائي سان اختلاف ڪري سو تحسين جي لائق آهي، اگرچه هو غلط هجي. هن جي دماغي گهٽتائي تي افسوس ڪجي نه ڌڪار. مگر هن جي جرات ۽ همت ۽ اخلاص تي آفرين چئجي. اختلافن تي غور ڪرڻ ۽ فتويٰ ڏيڻ لاءِ هر سال زبردست عالمن جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي.
    جيڪو به پاڻ کي مسلمان ٿو سڏائي تنهن کي قرآن شريف جي هر هڪ ڳالهه مڃڻي آهي ۽ سچي سمجهڻي آهي، نه ته هو مسلمان ئي ناهي. پر ڪن آيتن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍڻ ۾ اختلاف ٿي سگهن ٿا. اسان مٿي اُهي اصول ڏنا آهن. جن موجب قرآن شريف جو تفسير ڪرڻ گهرجي. پوءِ به ضرور اختلاف رهندا. پر اهي اختلاف گهڻو ڪري فروعي مسئلن بابت رهندا. اگرچه مکيه مسئلن ۾ اختلاف ٿين ته به نڪي جهيڙو ۽ فساد ڪجي، نڪي گهٽ وڌ ڳالهائجي، نڪي نفرت جهڙا نالا رکجن، مثلن ڪافر يا وهابي يا گمراه جهڙا لفظ ڪم نه آڻجن. هي ته مسلمان آهن مگر مشرڪن ۽ ڪافرن کي به گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا کين نفرت سان ڏسڻ جائز ناهي، بلڪ انهن کي اسلام ڏي ڪشش ئي تڏهن ٿيندي جڏهن هنن سان چڱو برتاءُ ڪبو، ۽ وڻندڙ نموني سان پيش اچبو. ٻيو نمبر وزن ڏيڻو آهي رسول الله ﷺ جي قول ۽ فعل کي. جيڪي پاڻ مذهب جي باري ۾ فرمايو يا ڪيو اٿن ۽ اهي حديثون جيڪڏهن روايت ۽ درايت جي اصولن موجب معتبر آهن ته پوءِ انهن کي به ضرور مڃڻو آهي.
    ٽيون نمبر وزن ڏيڻو آهي مشهور اصحابن جي عام قول ۽ فعل کي، خصوصن انهن اصحابن جي قول فعل کي جيڪي گهڻو وقت رسول الله ﷺ جي ڪچهري ۾ حاضر رهيا. پر شرط اهو آهي ته اُهي قول ۽ فعل روايت ۽ درايت جي اُصولن موجب معتبر هجن ۽ قرآن شريف جي تعليمات يا رسول الله ﷺ جي معتبر قول ۽ فعل جي مخالف نه هجن. نڪي وري اهڙا هجن جو ظاهر ظهور عقل جي مخالف هجن. اڪثر ڪري ملان ۽ مولوي پنهنجي ڪن عملن جي تائيد ۾ ڪنهن نه ڪنهن اصحابي يا تابعي يا تبع تابعي جو قول يا فعل بيان ڪندا آهن. مثلن چوندا آهن ته اسان جيڪڏهن پيسا وٺي قرآن شريف جو ختمون ڪڍيو ۽ ثواب اهل ميت کي بخشيو ته انهيءَ ۾ ڪهڙو گناهه آهي. فلاڻي اصحابي يا تابعي به ائين ڪيو هو. هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته اصحابين ۽ تابعين جي زماني ۾ اهو فعل عمومن ڪيو ويندو هو يا جي نه ڪيو ويندو هو ته هروڀرو ڪنهن هڪڙي ماڻهو ڪنهن خاص حالت ۾ اهڙو فعل ڪيو ته اهو سند ڪري هرگز نه وٺبو. اصحابي ۽ تابعي سڀ ته عالم ڪو نه هئا. ازانسواءِ روزمره ڏسبو آهي ته ساڳي ڳالهه ٻن ماڻهن جي زبان مان نڪرندي آهي ته مطلب ئي ڦري ويندو آهي. رواجي نياپو ڪنهن چڱي پڙهيل ماڻهو هٿ موڪلبو آهي ته به ڪيترائي ڀيرا غلط پهچندو آهي. پر جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي کي ٻيو ٽئين کي، ساڳي ڳالهه ٻڌائيندو آهي ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پوندو آهي.
    هڪ آکاڻي آهي ته ڪنهن شخص ٻئي سان ڳالهه ڪئي ته فلاڻي کي اُلٽيءَ ۾ ٽي ڪارا ڪانوَ نڪتا. اُن ماڻهوءِ پڇيس ته اها ڳالهه ڪنهن کان ٻڌيئي. جواب ڏنائين ته فلاڻي کان. هو هلي ويو اُنهيءَ وٽ. اُنهي چيس ته مون برابر اها ڳالهه ڪئي هئي، پر ٽي ڪانوَ نه چيا هيم، ٻه چيا هيم. پوءِ پڇيائينس ته تو ڪنهن کان ٻڌي، چي فلاڻي کان. هو هلي ويو اُنهيءَ وٽ. اُنهي چيو ته مون هڪڙو ڪانو چيو هو نه ٻه. پڇيائينس ته تو ڪنهن کان ٻڌي، چي فلاڻي کان. جڏهن اٰنهي کان وڃي پڇيائين، تڏهن چيائين ته مون برابر اها ڳالهه ڪئي هئي، پر مون چيو هو ته اُلٽي اهڙي ڪاري هئي جهڙو ڪارو ڪانءُ. هاڻي قياس ڪري ڏسو ته جڏهن روزمره اهڙي حالت ٿي ڏسجي تڏهن ڪيئن اهڙي تابعي يا اصحابي جي قول يا فعل کي سند ڪري وٺجي جو مشهور عالم يا مجتهد به نه هجي يا رسول الله ﷺ جي صحبت به ڪو ٿورو وقت ڪئي هجيس ۽ سندس انهيءَ قول يا فعل جي تائيد عام طرح اصحابين يا تابعين ۾ به نه لڀي.
    ڏٺو ويو آهي ته ڪن مذهبي مسئلن ۾ خود اصحاب سڳورن جا پاڻ ۾ به اختلاف آهن. اهڙيءَ طرح قرآن مجيد جا اوائلي تفسير بيشڪ بلڪل چڱا آهن ۽ اُهي ضرور پڙهڻ گهرجن مگر اُنهن ۾ به ڪجهه ڪجهه اختلاف آهن. مگر اختلاف اڪثر ڪري فروعي ڳالهين ۾ آهن. مکيه ڳالهين ۾ اختلاف ڪينهن. ياد رکڻ گهرجي ته اسلام جي تعليمات جو مکيه ڀاڱو اُهو آهي جنهن جو تعلق عملن سان آهي. ان ڀاڱي بابت به قرآن شريف جي آيتن جو تفسير بلڪل آساني سان ڪري سگهجي ٿو، سو هن طرح ته حديثن مان ڏسڻ گهرجي ته رسول الله ﷺ جو قول ۽ فعل ۽ اصحابن سڳورن جا قول ۽ فعل ان به بابت ڪهڙا هئا. پوءِ جيڪو اُنهن عمل ڪيو سو ئي ان آيت جو تفسير سمجهڻ گهرجي. مثلن قرآن شريف ۾ ذڪر ڪرڻ جو حڪم آهي. ذڪر ڪيئن ڪجي تنهن بابت به حديثن مان ڏسجي ته رسول الله ﷺ ۽ اصحاب سڳورا ڪيئن ذڪر ڪندا هئا. زالن جي پرده بابت اختلاف آهي ڪي چون ٿا منهن ۽ هٿن ۽ پيرن ڍڪڻ جو حڪم ڪونهي. ڪي چون ٿا ته آهي. اسان کي هن طرح فيصلو ڪرڻ گهرجي ته رسول اللهﷺ جا اهل بيت ۽ اصحابن سڳورن جون عورتون ٻاهر نڪرنديون هيون ته منهن ڍڪينديون هيون يا نه. مگر هن قسم جا اختلاف ته معراج جسماني هو يا روحاني حضرت عيسيٰؑ جيئرو آسمان تي چڙهي ويو يا نه. انهن مسئلن جو اسان جي عملن سان ڪو تعلق ڪونهي. تنهن ڪري اهي اهڙا ضروري نه آهن.
    هاڻي اچون ٿا فقه تي. فقه جي امامن پنهنجي علميت ۽ قابليت ۽ استنباط جي قوت سان مسلمانن جي هدايت ۽ عمل لاءِ فقه جا مسئله مرتب ڪيا. هنن اسلام جي بيشڪ وڏي خدمت ڪئي. فقه ۾ شرعي قانون آهن. گويا فقه جا امام قانون ساز ۽ قاضي آهن. فقه جو مدار قرآن شريف، حديثن ۽ قياس تي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته فقه جي امامن جو مرتبو ڪيڏو به عاليشان هجي، ته به هو پيغمبر نه آهن. جنهن ڪري هنن جو هر هڪ قول وحي جي برابر يا پيغمبرن جي قولن جي برابر سمجهڻ نه گهرجي. جيڪڏهن هو ڪامل هجن ها ته پاڻ ۾ ئي ايترو اختلاف نه هجين ها. امام جعفر صادق، امام اعظم، امام مالڪ، امام شافعي ۽ امام احمد بن حنبل (رحهم الله) جي وچ ۾ ڪيترائي اختلاف آهن. اگرچه اُنهن مان گهڻا اختلاف فروعي آهن، يعني تمام ننڍين ننڍين ڳالهين تي آهن. هڪڙي امام جي ڪنهن فتويٰ تي هلجي ته ڪا وڏي حرڪت ڪانهي. پر اختلافن مان ايتري ڳالهه ته سورهن آنا ثابت آهي ته امام سڳورا اهڙا ڪامل نه هئا جو انهن جو هر هڪ قول وحي وانگر صحيح ۽ سچو هجي. تاريخ مان ثابت آهي ته ڪن امامن حديثن کان تمام ٿورو ڪم ورتو ته ڪن وري تمام گهڻو. امام بخاري جنهن تمام گهڻي جفاڪشي ڪري صحيح حديثون قلم بند ڪيون سو هنن امامن کان پوءِ پيدا ٿيو. جيڪڏهن اڳي پيدا ٿئي ها، ته هنن امامن جي فقه تي سندس صحيح بخاري جو گهڻو چڱو اثر پوي ها. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته فقه جو مدار نه رڳو قرآن شريف ۽ حديثن تي آهي، پر امامن جي راءِ ۽ قياس تي به. ازانسواءِ فقه ۾ اهڙيون ڳالهيون به اچي ٿيون وڃن جن جو ذڪر قرآن شريف ۽ حديثن ۾ بلڪل ڪونهي. قرآن شريف ۽ رسول الله ﷺ جا مذهبي احڪام سڀني ملڪن ۽ سڀني وقتن لاءِ آهن. پر امامن جي نظر الله تعاليٰ جي نظر وانگر سڀني ملڪن ۽ ايندڙ وقتن تي ڪانه پئجي سگهي هوندي. جيڪي حڪم هنن پنهنجي راءِ، قياس ۽ استنباط جي قوت سان ڏنا سي گهڻي قدر سندن ملڪ ۽ سندن وقت لاءِ وڌيڪ موزون هئا. اگرچه ٻين ملڪن ۽ ٻين وقتن لاءِ به تمام گهڻي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. نه رڳو ايترو پر خود پنهنجي ملڪ ۽ سندن وقت لاءِ به هروڀرو سندن سڀ حڪم صحيح ڪو نه هئا. جيئن اڳيئي سمجهايو ويو آهي ته هو انسان هئا ۽ نه پيغمبر، ۽ ائين پڻ ٻڌايو ويو آهي ته هنن جا پاڻ ۾ ئي اختلاف هئا.
    خاص طرح امام اعظم ابوحنيفه ؓ جو مثال پيش ٿا ڪيون. ڪنهن بزرگ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته امام اعظم سڳورو امام بخاري ؓ کان اڳي ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري سندس فقه کي صحيح بخاريءَ کان وڌيڪ وزن ڏيڻو آهي. جيڪڏهن کڻي اها ڳالهه قبول به ڪجي ته به چئبو ته اهو بزرگ ايترو ته قبول ڪري چڪو ته صحيح بخاري ۽ حنفي فقه جي وچ ۾ اختلاف آهن. پوءِ جن حالتن ۾ اختلاف آهن تن ۾ چئبو ته صحيح بخاري واريون حديثون غير معتبر آهن. پر اها ڳالهه به اهو بزرگ هرگز قبول نه ڪندو، ڇو ته ان ساڳئي ئي ڪتاب ۾ صحيح بخاري جي صحت جي به شاهدي ٿو ڏئي. وڌيڪ عجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته اها ڳالهه بلڪل وساري ٿو ڇڏي ته حنفي فقه هوبهو امام اعظم سڳوري جو ٺاهيل هرگز نه آهي. جيڪڏهن اهو حنفي فقه لفظ به لفظ امام اعظم جو هجي ها ۽ اها به خاطري هجي ها ته امام صاحب امام بخاري جيتري يا وڌيڪ جفاڪشيءَ سان حديثون سکيون ۽ روايت ۽ درايت جي اصولن موجب ڪوڙيون ڦٽي ڪري سچيون اختيار ڪيائين ته پوءِ بيشڪ حنفي فقه کي صحيح بخاري کان وڌيڪ وزن ڏيڻو آهي. مگر خود امام اعظم سڳوري پاڻ فرمايو آهي ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن به فتويٰ جي خلاف ڪا صحيح حديث توهان کي ملي ته پوءِ ان حديث کي سچو سمجهو، نه ڪي منهن جي فتويٰ کي. امام صاحب ۽ سندس شاگردن کي اهل الراءِ و القياس ڪوٺيو ويندو هو، ۽ هو پاڻ کي به ائين سڏيندا هئا. امام صاحب کي استنباط جي طاقت اهڙي تکي هئي جو هو گهڻو ڪري سڀ حڪم ۽ فيصلا خود قرآن شريف مان ڪڍندو هو، رائٽ آنربل امير علي لکي ٿو ته: امام صاحب سير و سفر تمام ٿورو ڪيو جنهن ڪري حديثون بلڪل ٿوريون سکيائين ۽ انهن مان به گهڻين کي رد ڪيائين. مگر مولانا شبلي لکي ٿو ته حديثون بلڪل گهڻيون سکيائين، مگر رد فقط اُهي ڪيائين جي کيس قرآن شريف يا اسلامي تعليمات جي اسپرٽ موافق ڏسڻ ۾ نه آيون، والله اعلم باالصواب. پر مولانا شبلي لکي ٿو ته امام اعظم سڳوري جي ڪا به تصنيف موجود ڪانهي. هو فقط زباني تعليم ۽ تدريس ڏيندو هو. ڪجهه وقت پوءِ سندس شاگردن ابو يوسف ۽ محمد سندس فتوائن ۽ فيصلن کي مرتب ڪري فقه ٺاهيو، ۽ خود انهن شاگردن به ڪن مسئلن ۾ ساڻس اختلاف ڪيو. ازان بعد امام احمد بن حنبل جون تعليمات به حنفي فقه ۾ گڏجي ويون. نه رڳو ايترو پر ڀائنجي ٿو ته پوءِ به وقت بوقت حنفي فقه ۾ ڪمي بيشي ۽ تبديلي ٿيندي آئي آهي. اهڙي حالت ۾ ڪيئن چئي سگهبو ته هاڻوڪي حنفي فقه کي صحيح بخاري کان وڌيڪ وزن ڏيڻ گهرجي ڇو ته امام صاحب امام بخاري کان اڳي ٿي گذريو آهي.
    پراڻن خيالن وارا برزگ فرمائين ٿا ته اڳي اختلاف برابر هئا، پر پوءِ تحقيقات ۽ اجتهاد ڪرڻ سان اختلاف مٽبا ويا ۽ آخر حنفي فرقه وارن جو انهي فقه تي اتفاق ٿي ويو جو هاڻوڪي صورت ۾ موجود آهي. چئبو ته اسان اوائلي مسلمانن کان وڌيڪ نصيب وارا آهيون جو سندن ڏينهن ۾ اختلافن جي ڪري کين صحيح تعليم ۽ هدايت ڪانه ملي سگهي، ۽ اسان وٽ ڪامل صحيح تعليم موجود آهي. اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اوائلي مسلمان اتفاق ڪري ڪونه سگهيا، مگر آفرين آهي پوين جي عقل تي جن اڳوڻن جون غلطيون درست ڪري اتفاق قائم ڪيو. الحمد الله حيرت جهڙي ڳالهه اها به آهي جو بعضي اهي بزرگ قبول به ڪندا آهن ته اسلام جا اوائلي عالم پوين عالمن کان وڌيڪ قابل ۽ معتبر ۽ نيڪ هئا، ته به هو وزن فقط پوين کي ڏيندا آهن. نه اڳين کي. اهي پراڻن خيالن وارا بزرگ رڳو ايتري تي اڪتفا نه ٿا ڪن ته حنفي فقه سورهن آنا صحيح آهي، پر ايئن به ٿا چون ته جي عالم يا مجتهد ٻيا ڪتاب لکندا آيا آهن يا فتوائون ڏيندا آيا آهن، سي به سورهن آنا سچا آهن ۽ انهن کي مڃڻ ضروري آهي ڇو ته انهن تي امت جو اجماع رهيو آهي. جيڪو امت جو اجماع کي نه مڃيندو سو ڪم از ڪم فاسق آهي. انهن بزرگن کي ايترو علم به ناهي جو سمجهي سگهن ته اهي ڪتاب ۽ اهي فتوائون قرآن شريف ۽ صحيح حديثون ۽ خود فقه شريف سان موافق آهن يا نه. ٻيا ڪوڙا واهيات ڪتاب ڇڏي نورنامي ۽ دعا گنج العرش ۽ دلائل الخيرات جو مثال وٺو. نورنامو سڀني مڪتبن ۾ پڙهائڻ ۾ اچي ويو، تنهن ڪري چئبو ته اُن تي اُمت جو اجماع آهي. نورنامه جي پڇاڙي ۾ لکيل آهي ته جيڪو هن کي نه مڃيندو سو ڪافر آهي. دعا گنج العرش جي اسناد ۾ ٻين واهيات ڳالهين سان گڏ هي به لکيل آهي ته هن دعا کي هڪ ڀيرو پڙهڻ قرآن شريف کي هزار ڀيرا پڙهڻ کان بهتر آهي، ۽ لکيل آهي ته هي دعا حضرت جبرئيل الله تعاليٰ وٽان رسول الله ﷺ وٽ آندي. اهو سفيد ڪوڙ آهي. اها دعا الله تعاليٰ جي پاڪ ڪلام قرآن شريف کان ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي، سو سڀ ڪو ئي ذي فهم سمجهي سگهندو. مگر پراڻن خيالن جي عالمن کي اهي اسنادون به پسند آهن. انهن اسنادن جي پڇاڙي ۾ به لکيل آهي ته جيڪو نه مڃيندو سو ڪافر آهي. هڪڙي مولوي صاحب کان مون پڇيو ته مان نورنامه ڪوڙو ٿو سمجهان ۽ دعا گنج العرش ۽ دلائل الخيرات جون اسنادون به ڪوڙيون ٿو سمجهان. پوءِ مان ڪافر آهيان يا نه؟ پاڻ فرمايائين ته ڇو ٿا اهڙي زوراوري ڪريو. جيڪڏهن مون سان ادب جو تعلق نه هجيس ها ته ٺڪ چئي ڏئي ها: هائو تون ڪافر آهين مگر سندس مهرباني چئبي جو سهڻن لفظن ۾ چيائين ته هائو ڪافر آهيو.

    سڄي ڪتاب جو خلاصو
    تواريخ جو علم ترقي لاءِ نهايت ضروري آهي. خصوصن اسلام جي تاريخن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
    ڪنهن به زبردست عالم کي گهرجي ته قرآن شريف جي سڀني تفسيرن تي تبصرو ۽ ريويو ڪري ۽ پڻ اوائلي زماني کان وٺي اڄ تائين اسلامي عقيدن، خيالن ۽ رسمن ۾ تبديلين ٿيڻ جي هسٽري تيار ڪري.
    ظاهر آهي ته مسلمان جيئن پوءِ تيئن بگڙندا ويا آهن ۽ سندن عقيدا، خيال، رسمون وغيره اصحابن سڳورن واري زماني کان گهڻو مختلف ٿي ويا آهن. عقل دين سمجهڻ لاءِ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي دين سيکارڻ لاءِ نهايت ضروري آهي.
    اجتهاد جو دروازو نڪو ڪڏهن بند ٿيو آهي نڪي ٿيندو. تقليد ڪرڻ ۽ اجماع امت تي هلڻ ضروري آهي، پر ڪن شرطن سان. هڪ ضروري شرط هي آهي ته هر سال وڏن عالمن جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي، نه ته جاهلن جا خيال ۽ ڪتاب به رواج ۾ اچي ٿا وڃن. پوءِ اُنهن کي اجماع امت سمجهيو ٿو وڃي.
    اسلام اهو مذهب آهي جو ڪامل عقل تي مبني آهي، ۽ اُن تي عمل ڪرڻ ئي اسان جي بهبوديءَ ۽ ترقي جو مدار آهي.
    دنيا ۾ گناهن کان بچڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ لاءِ رڳو عقل ڪافي ناهي. روحاني جذبي کي زور وٺائڻ ۽ ان سان عقل کي شامل ڪرڻ سان ئي ماڻهو ترقي ڪري سگهي ٿو. اڄوڪا تعليم يافته چوندا آهن ته نماز روزي وغيره جو ضرور ڪهڙو آهي. کين خبر به آهي ته دنياوي ڪمن ۾ ڪاميابي لاءِ Discipline and self control ضابطي ۽ انتظام ۽ پاڻ کي وس ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. نماز ۽ روزو ٻين سون فائدن سان گڏ اعليٰ درجي جي ڊسپلن ۽ سيلف ڪنٽرول ٿا سيکارين. ازان سواءِ نماز ۽ روزا روحاني جذبه کي تقويت ٿا وٺائن. ۽ هر وقت الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري ٿا ڏيارين. ڪي مغربي خيالن وارا ماڻهو ته اصل دين ڌرم جي ضرورت ئي ڪانه ٿا ڏسن، بلڪ چون ٿا ته دنيا ۾ دين ۽ ڌرم جي ڪري جيڪي فساد فتنا ۽ جنگيون ۽ جهڳڙا پي ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، تهڙا ٻئي ڪنهن به سبب کان ڪونه ٿيا آهن. اها ڳالهه شايد برابر هجي به پر اهي فساد وغيره هميشه دين جي نه سمجهڻ سبب پي ٿيا آهن. سچو دين اٽلندو انهن ڳالهين جي پاڙ پٽيندڙ آهي. حقيقتن مذهب کان سواءِ انسان شتربي مهار آهي. جيئن ناڪيلي کان سواءِ اُٺ سڌو نه هلندو ۽ جيئن ٻيڙي سکيا کان سواءِ سڌي نه هلندي تيئن روحاني جذبي کان سواءِ انسان ڀٽڪي ڀٽڪي تباه ٿيندو، ڇو ته شريف روحاني جذبي جي اڻ موجودگي جي ڪري شيطاني يا نفساني جذبي جي غلبي هيٺ اچي هلاڪ ٿي ويندو.
    اڄوڪن بزرگن جو تسبيح ۽ گوشه نشينيءَ تي زور آهي. مگر اڳوڻن بزرگن جو خاصو هو دنيا ۾ عمل ڪري ڏيکارڻ، اعليٰ اخلاق رکڻ ۽ قوم جو فائدو ڪرڻ.
    اسلامي احڪامن تي اڄ ڪلهه عمل اهڙي طرح ڪيو ٿو وڃي جو انهن جو مقصد يا فائدو حاصل ڪونه ٿو ٿئي. گويا اسلام جو پاڇو وڃي رهيو آهي. بلڪ بدعتون ۽ بد رسمون جاري ٿي ويون آهن. قرآن شريف کي هڪ بي معنيٰ منتر سمجهيو وڃي ٿو. ويچارن جاهل مسلمانن ۾ دين جو ايڏو شوق آهي جو ڪروڙين مسلمان صبح جو اُٿي قرآن شريف جو دور ٿا ڪن ۽ اسر جو يا سومهڻي وقت هڪ قسم جو ذڪر ٿا ڪن. جيڪڏهن عالمن ۾ ڪجهه به فهم هجي ها ته ماڻهن کي سمجهائين ها ته معنيٰ سان قرآن شريف موجود آهن، صبح جي وقت جڏهن قرآن شريف جو دور ڪيو ٿا تڏهن معنيٰ کي ڏسو. ڏهه رڪوع بي معنيٰ پڙهي وڃو تنهن کان هڪ آيت معنيٰ سان پڙهو ۽ سمجهو ته گهڻو بهتر اٿو.
    صلواتن ۽ وظيفن پڙهڻ ۾ ۽ ٻين ڪن ڪمن ۾ افراط ۽ تفريط کان پاسو ڪجي. سڀني ڪمن ۾ اهو ئي نمونو وٺجي جو اصحاب سڳورا وٺندا هئا.
    مسئلن تي راءِ زني ڪرڻ يا انهن جي سمجهڻ ۾ هن اصول کي نه وسارجي ته سڀ ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دنوي طرح ڪوشش ڪرڻ به ضروري آهي ۽ ان سان گڏ الله تعاليٰ جي مدد گهرڻ به ضروري آهي. لَّیْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی
    الله تعاليٰ دين ۽ ديني هدايتون ان لاءِ ڏنيون آهن ته اسان گناهن کان بچون، چڱا عمل ڪيون، هڪ ٻئي کي فائدا ڏيون، پاڻ کي پاڪ رکون، فلاح پايون ۽ الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪري سندس جنت ۾ پهچڻ جا لائق ٿيون. الله تعاليٰ دين ۾ اسان لاءِ آسانيون ۽ فائدا رکيا آهن نه تڪليفون ۽ نقصان.
    شفاعت بر حق آهي. پر شفا مومن لاءِ آهي، انهن مومنن جي لاءِ جي هر طرح اسلام تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا رهن. پوءِ به اُهي شفاعت جو حق ڇڪي نٿا سگهن، مگر شفاعت جي اميد رکي سگهن ٿا. پوءِ پاڻ ﷺ جن سندن شفاعت ڪن يا نه ڪن.
    ڪوڙي تصوف اسلام کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ مسلمانن کي سچي اسلام کان بلڪل پري اڇلائي ڇڏيو آهي.
    معجزا ۽ ڪرامتون برحق آهن. پر انهن کي ڪنهن قسم جو وزن ڏيڻ نه گهرجي، ڇو ته يوگه ۽ مسمريزم وارا به خرق عادت جهڙا ڪم ڪري سگهن ٿا. سچن بزرگن جي سڃاڻپ جون نشانيون ٻيون آهن. سچا بزرگ اُهي آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ ڪمائي ڪن ۽ سخاوت ڪن، وٺڻ بدارن ڏين ۽ قوم جي بهتري لاءِ خود قربانيون ڪن. وڏي نشاني هيءَ به آهي ته انهن جي صحبت جي ڪري گناهن کان باز اچجي ۽ چڱن عملن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي.
    قبا ٺاهڻ نه گهرجن. اُن جي بدارن تعليم تي پيسا خرچ ڪرڻ گهرجن، قبرن جي زيارت ۾ وڏو ثواب آهي پر وڏيون تڪليفون ڪري دور دراز مسافريون ڪري قبرن تي وڃڻ نه گهرجي.
    ملن جو فرقو هئڻ ئي نه گهرجي. نڪي پيرن جو فرقو هئڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته انهن معلمن کي مان ۽ عزت ڏيون ۽ پگهارون مقرر ڪري ڏيون جيڪي اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي تعليم ڏين، ۽ پڻ انهن عالمن کي عزت ڏيون جيڪي اسلام تي عمل ڪندڙ ۽ مسلمانن کي حق ڏانهن سڏيندڙ هجن. جيڪڏهن تبليغ جي ڪم ڪرڻ ڪري هنن کي سادي گذران هوندي به روزگار جي تنگي ٿي رهي هجي ته انهن جي مدد به ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اها مدد انهن لاءِ ناهي پر قوم جي لاءِ آهي. مسڪين طالب علمن کي مدد ڪرڻ ۾ به وڏو ثواب آهي.
    قرآن شريف جي ڪيترن ئي آيتن کي منسوخ سمجهڻ ۾ وڏو نقصان آهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي ته اسان جي عملي هدايت لاءِ فقه ڪافي آهي، ۽ قرآن شريف فقط تبرڪ طور پڙهڻ گهرجي.
    نجدي غلطين کان خالي ڪو نه آهن پر عمل تي جيترو انهن جو زور آهي ۽ جيتري قدر هو قرآن شريف ۽ حديث تي ۽ شرعي قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، تيترو ٻي ڪا به قوم ۽ ڪا به اسلامي رياست ڪانه ٿي ڪري.
    ڪتابن يا شخصن يا فرقن يا غير مذهب ماڻهن تي راءِ زني ڪرڻ ۾ پهريائين سندن خوبين تي زور ڏجي نه عيب جوئي تي، پوءِ جيڪڏهن عيب جوئي به ڪجي ته بلڪل تهذيب جي نموني تي. اهڙي نموني جو خود انهن ماڻهن تي به چڱو اثر پوي. عيب جوئي انهي نيت سان ڪجي ته اهي ماڻهو راهه راست تي اچن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن غلطين کان احتراز ڪن. تعصب بلڪل ڪڍي ڇڏڻ گهرجي، سڀ ڪنهن قسم جي ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ گهرجي. فقط انهن ماڻهن کان منهن موڙجي جي بدڪار، بدگفتار ۽ فسادي هجن ۽ سمجهائڻ سان به بدڪارين کان نه مڙن.
    مسلمانن ۾ جيڪي ٽي فرقا آهن تن کي هڪ ڌاڳي ۾ آڻڻ جي هر طرح ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ۽ اختلافن هوندي به سڀني کي گڏجي نماز پڙهڻ گهرجي ۽ اهڙا ٻيا ضروري ڪم گڏجي ڪرڻ گهرجن. اسلامي ڪتب خانن جو اهتمام ضرور ڪرڻ گهرجي. علم اسلام جو بنياد آهي. دنوي خواه ديني تعليم تي ئي اسلام جو سڄو مدار آهي.

    دائمي ترقي ۽ سعادت لاءِ ڪيميائي نسخو ڇا هئڻ گهرجي؟
    علم سان گڏ عمل ۽ تقويٰ ۽ سخاوت سان گڏ انصاف، رحم، مساوات،نماڻائي ۽ همدردي .
    دعا گنج العرش ۽ دلائل الخيرات جي استادن جو نتيجو اهو ٿيو آهي، جو نه رڳو جاهل پر پڙهيل بلڪ عالم به اُن کي تعويذ وانگر پاڻ وٽ رکندا آهن ۽ هر روز پڙهندا آهن، ۽ عملن ڏيکاريندا آهن ته قرآن شريف کان انهن کي وڌيڪ چڱو ٿا سمجهن.
    جيڪا حالت فقه جي ٿي آهي، اها ئي قرآن شريف جي تفسيرن جي ٿي آهي. اسان جي خيال ۾ اڳوڻا تفسير وڌيڪ معتبر ۽ وڌيڪ چڱا آهن، مگر هي رواجي عالم اڳين تفسيرن کي ڏسن به ڪونه. هو پوين کي وڌيڪ معتبر ٿا سمجهن، ۽ ساڳيو دليل ٿا ڏين ته تحقيقات ۽ اجتهاد جي وسيلي اختلاف هلندا رهيا، ۽ آخر اتفاق قائم ٿي ويو. حقيقت ڇا آهي ته پوين مفسرن اڳوڻن اختلافن کي ويچار ۾ نه آندو آهي. ڪجهه اڳوڻا ڪجهه پنهنجا خيال گڏي نوان نوان تفسير ٺاهيندا ويا آهن، جن کي نيم خوانده مولوي سورهن آنا سچو ٿا سمجهن. اسانجو خيال آهي ته اڳوڻا تفسير وڌيڪ معتبر ۽ وڌيڪ صحيح هئا. نيم خوانده مولوين کي ايترو علم ۽ عقل ڪٿي آهي جو اڳوڻن ۽ پوين تفسيرن جي ڀيٽ ڪري ڏسن. هنن جيڪي پنهنجي استاد کان ٻڌو ۽ سکيو سوئي سچ آهي. ان کان ٻاهر جيڪو ٻڌندو سو غلط آهي، فاسق آهي، منڪر آهي، ڪافر آهي ۽ سڀ ڪجهه آهي. تفسير راشدي ۾ لکيل آهي ته قرآن شريف جي آيت ”وَابْتَغُوْۤا اِلَیْہِ الْوَسِیْلَۃَ“ جو مطلب آهي ته مرشد وٺو، ۽ پڻ هڪڙي حديث (جا هٿرادو گهڙيل ٿي ڏسجي) ڏني اٿس ته جنهن کي مرشد ناهي تنهن جو مرشد شيطان آهي. هڪڙي وڏي عالم بزرگ کان مون اهل مماتي وارن کان استمداد (مدد گهرڻ) بابت سوال پڇيو، فرمايائين ته قرآن شريف ۾ ”وَابْتَغُوْۤا اِلَیْہِ الْوَسِیْلَۃَ“ بيٺو آهي جنهن جي معني آهي ته ڳوليو الله تعاليٰ ڏانهن وسيلو. پوءِ اهل مماتي جي ولين جو وسيلو وٺڻ گهرجي. مان ڀانيان ٿو ته اوائلي تفسيرن ۾ هي ٻئي معنائون بلڪل ڪونه ڏيکاريل هونديون. پوين بزرگن قرآن شريف جي آيتن جون نيون نيون معنائون ۽ مطلب پنهنجا پنهنجا پئي ٺاهيا آهن.
    نئين روشني وارا عالم جڏهن پراڻن خيالن وارن مولوين سان اختلاف ڪندا آهن، تڏهن کين چيو ويندو آهي ته توهان مجتهد آهيو ڇا؟ جڏهن جواب ملندو اٿن ته اسان مجتهد نه آهيون نه اسان جا ڪي بزرگ مجتهد آهن، جن جا خيال اسان سچا ٿا سمجهون. تڏهن پراڻن خيالن وارا عالم چوندا آهن ته هن وقت اجتهاد جو دروازو بند آهي. جيڪڏهن اجتهاد ڪجي ته به اهڙو هجي جو اڳوڻن سان موافق هجي نه مخالف. اُنهن کان ڪو پڇي ته سندن خيال اوائلي عالمن سان موافق آهن ڇا؟ ۽ اجتهاد جو دروازو ڪڏهن بند ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ پنهنجي لاءِ به بند اٿن يا رڳو مخالفن لاءِ بند آهي؟ اڄ تائين نوان نوان خيال مقبول پوندا آيا آهن، اگرچه اهي قرآن ۽ حديثن ۽ عقل جي موافق به نه هئا. پوءِ هاڻي جيڪڏهن ڪو مجتهد اهڙو تفسير ڪڍي جو حديثن سان ۽ عقل سان موافق هجي ته کيس اجتهاد جو حق ڪونهي ڇا؟ پوءِ هو جواب ڏين ٿا ته اسان جا وڏا عقل وارا هئا، هاڻي عقل ڪٿي آهي؟ در حقيقت جيڪڏهن عقل تي بحث ڪجي ته جيترو عقل اڄوڪي زماني ۾ آهي اوترو اڳي ڪڏهن ڪونه ٿيو. هزارين علم ۽ هنر ايجاد ڪيا ويا آهن، ڏسو ريلون، هوائي جهاز، گرئموفون، سئنيما ۽ تارون وغيره وغيره.
    هيستائين عقل جي خلاف تفسيرن لکڻ جو حق سڀڪنهن کي هو ۽ آهي، مگر عقل ۽ سند سان موافق تفسيرن لکڻ جو حق نئين روشني وارن کي ڪونهي، تنهنجو سبب ڇا آهي؟ اسان کي بيشڪ اجماع اُمت تي هلڻو آهي، مگر هيستائين استبدادي حڪومت هئڻ ڪري مسلمان زنده درگور هئا، ۽ مذهبي آزادي نه هئڻ ڪري روز بروز بگاڙو ٿيندو ويو. نئين روشني وارن جو خيال آهي ته نئين سر اصل قرآن شريف ۽ صحيح حديثن ۽ فقه شريف کي ويچار ۾ آڻي، بدعتون ۽ غلطيون ڪڍي ڇڏجن، ۽ ان لاءِ زبردست عالمن جي سالياني ڪانفرنس ٿئي. پوءِ جنهن ڳالهه تي اجماع ٿئي اُن تي هلڻ گهرجي.
    مگر پراڻن خيالن وارا مولوي اهڙي ڪانفرنس کان ڪيٻائين ٿا، ڇو ته کين پڪ هوندي ته پلئٽ فارم تي نئين روشني وارن سان هڪ لفظ به نه ڳالهائي سگهندا. اڄ تائين جو اُنهن کي سڀڪنهن قسم جون نيون نيون ڳالهيون پسند پي آيون آهن، پر نئين روشني وارن جا خيال کين نٿا وڻن، تنهنجو سبب هڪ ته هي آهي ته نئين روشني وارن جا خيال سندن خيالن جي سراسر مخالف آهن، ۽ ٻيو سبب هيءُ آهي ته نوان خيال سندن روزگار جي وسيلن کي برباد ٿا ڪن. نوان خيال رائج ٿيندا ته پيرن، ملن ۽ ملن جهڙن مولوين، فقيرن، مجاورن وغيره جي ڪمائي به هلي ويندي، ۽ وقار به هلي ويندو. مان ائين نٿو چوان ته هروڀرو انهيءَ خيال سان مخالفت ٿا ڪن ته اسان جي روزگار جا وسيلا ۽ اسان جو وقار قائم رهي. پر فطرتي قانون آهي ته جنهن ڳالهه مان ڪنهن ماڻهو کي ذاتي فائدو ٿو رسي، تنهن کي ان ڳالهه بابت مخالف خيال تي رڳو ويچار ڪرڻ تي به دل نه ٿيندي. اُٽلندو هو اُهي دليل هٿ ڪندو وتندو جي سندس فائدي ۾ هجن. اهي اگرچه زور وارا نه هوندا ته به کيس بلڪل زور وارا پيا ڏسڻ ۾ ايندا.
    مون جيڪي مٿي چيو آهي تنهن جو ٿورن لفظن ۾ مطلب هي آهي ته عقلاً اجتهاد جو دروازو بند ڪونه ٿيو آهي. تقليد ڪرڻ ۽ اجماع اُمت تي هلڻ ضروري آهي، پر زبردست عالمن جي هر سال ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي، پوءِ جيڪو فيصلو ٿئي اُن کي اجماع اُٰمت سمجهڻ گهرجي ۽ اُٰن جي تقليد ڪرڻ گهرجي.
    نيم خوانده مولوي جڏهن جڏهن ڪنهن مسئلي تي بحث ڪرڻ ۾ سند يا دليل ڏيئي نٿا سگهن، تڏهن سلف صالحين جي اوٽ ۾ پناهه ٿا وٺن. سلف صالحن جو وڻندڙ لفظ کين ڏاڍي تسلي ٿو ڏئي. مشهور آهي ته جڏهن شتر مرغ شڪارين کان ڀڄي نه سگهندو آهي ۽ ٿڪجي پوندو آهي، تڏهن پنهنجو سڄو منهن واريءَ ۾ لڪائي بيهي رهندو آهي، ۽ سمجهندو آهي ته هاڻي مان شڪارين کان لڪي ويو آهيان، مگر شڪار ڪندڙ ان کي ان حالت ۾ اُٽلندو آسانيءَ سان پڪڙي سگهندا آهن. ساڳي حالت آهي اُنهن مولوين جيڪي سلف صالحين جي دامن ۾ لڪندا آهن. اهو خيال رکڻ ته اسان کون جيڪي اڳ ٿي گذريا آهن سي سڀ هروڀرو اسان کان عقل ۽ تقويٰ ۾ زياده هئا سا سخت غلطي آهي. تواريخ ڏسو ته سڀني پيغمبرن جون اُمتون ٿوري وقت کان پوءِ گمراهه ٿي ويون. حضرت موسيٰ ؑ رڳو ٿورڙي وقت لاءِ پنهنجي ماڻهن کي، پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون ؑ جي زير نظر ڇڏي ويو ته هو گابو ٺاهي ان جي پرستش ڪرڻ لڳا. خود رسول خدا ﷺ جا قول موجود آهن، جي ڏيکارين ٿا ته اهڙو زمانو ايندو جنهن ۾ مسلمان بگڙجي ويندا ۽ خود عالم به بيڪار ٿي پوندا (اُنهن حديثن جا الفاظ مون کي ياد نه آهن) پوءِ هروڀرو پاڻ کان اڳين جي آڙ ۾ لڪائڻ ڪيڏي نه غلطي آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته، ڪافر، رسول الله ﷺ کي چوندا هئا ته، ”اسان پنهنجي وڏن جو طريقو ڇو ڦٽي ڪريون؟“ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته انهن کي چؤ ته ”ڇا اوهان اُنهن جو طريقو نه ڦٽي ڪندو، اگرچه هو غلطيءَ تي هئا.“
    تاريخ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مسلمان ۽ سندن عالم جيئن پوءِ تيئن بگڙندا ويا. پوءِ ڪاڏي اُنهن سلفن جي سند، ڪاڏي الله جي ڪتاب ۽ رسول ﷺ جو قول ۽ فعل ۽ اصحابن سڳورن جي قولن ۽ فعلن جي سند. ازانسواءِ جن کي اڄوڪي دنيا جي واقفيت آهي، سي پڪ سان چوندا ته اڄوڪي زماني ۾ عقل ۽ علم بلڪل زور آهي. ايترو قبول ڪيان ٿو ته متاخرين ۾ به ڪي چڱا چڱا عالم ٿي گذريا آهن. مثلاً شاهه ولي الله صاحب دهلويؓ. مگر اهڙن زبردست عالمن جون تصنيفون اسان جي نيم خوانده مولوين کي نڪي سمجهه ۾ اچن نڪي وڻن. طوطي جو آواز نقارخانه ۾ ڪير ٻڌي؟


    اسلام ڇا آهي؟

    ارمان جي ڳالهه اها آهي، جو اسان جا عالم عوام الناس کي، قرآن مجيد ۽ صحيح حديثون ته ڪونه سيکارين، پر رڳو هنن کي ايترو به ڪونه ٻڌائيندا آهن، ته ايمان ۽ اسلام ڇا آهي، ۽ مومن ۽ مسلمان ڇا کي چئجي؟ جنهنجو نتيجو اُهو ٿيو آهي جو هزار مان نؤ سؤ نوانوي مسلمان اهڙا آهن جن کي مسلمان ئي سڏي نٿو سگهجي. هڪڙو انگريزي دان، جو پاڻ کي ليڊر سڏائيندو آهي، تنهن کان پڇيم ته مسلمان ڪنهن کي ٿو سڏجي؟ جواب ڏنائين ته ”مسلمان اُهو آهي، جو پاڻ کي مسلمان سڏائي.“عوام الناس جي حالت ته اُن کان به ابتر آهي. وري جن کي ڪجهه ڪجهه خبر آهي ته اسلام ڇا آهي، تن ۾ هزار مان نؤ سو نوانوي اسلام جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ڪونه ٿا ڪن. جن ڪجهه ڪجهه تعليم حاصل ڪئي آهي تن ۾ مطالعي جو شوق ڪونه آهي، ۽ انهن ۾ هزار مان نؤ سو نوانوي عملاً منڪر آهن. يعني الله تعاليٰ کي زبان سان ته مڃن ٿا مگر روزمره جي زندگي ۾ سندس حڪمن جي انحرافي پيا ڪن. هڪڙي تمام وڏي عالم کي چيم ته ارمان جي ڳالهه آهي، ته عالمن ۾ علم ڪونه آهي، پوءِ ٻين جي رهبري وري ڪيئن ڪري سگهندا؟ ازانسواءِ حديث موجب عالم بي عمل، جاهلن کان به خراب آهي. مولوي صاحب فرمايو ته شيطان به پنهنجو سڄو زور عالمن تي ٿو لڳائي، پوءِ عالم ويچارا ڇا ڪن! اهو جواب بلڪل واهيات آهي.
    رسول الله ﷺ جن وٽ ڪي ماڻهو مسلمان ٿيڻ ايندا هئا ته کانئن بروقت هي انجام ورتا ويندا هئا.
    1) اسان هڪ خدا جي عبادت (ٻانهپ) ڪنداسين ۽ ڪنهن کي هن جو شريڪ نه بنائينداسين.
    2) اسان چوري يا زنا ڪڏهن ڪين ڪنداسين.
    3) اسان پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنداسين.
    4) اسان ڪنهن تي ڪوڙي تهمت نه لڳائينداسين، نڪي چغلي هڻنداسين.
    5) اسان نبي ﷺ جي فرمانبرداري سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ ڪندا رهنداسين.
    هڪڙي اصحابيءَ کان روايت آهي، ته جڏهن پاڻ رسول الله ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪيائين تڏهن کانئس اسلام تي هلڻ، ۽ مسلمانن سان خير خواهي ڪرڻ جو شرط ورتو ويو.
    اسان جا پير ۽ مرشد اهڙا انجام بلڪل ڪونه وٺندا آهن. ڪي ته فقط چڳه وڍي مريد بنائيندا آهن ۽ حڪم ڪندا آهن ته ٻارهين ٻارهين مهيني مقرر ڪيل ڏن ڏيئي وڃجان. جيڪي چڱا عالم پير آهن، سي به اهڙيون ٻه چار ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جن مان نڪو نڪري کڙ نڪو تيل.
    ناظرين صاحبو! مٿي ڏنل پنجين فقره تي ته ڪجهه نظر ڪري انصاف ڪجو. پاڻ اگرچه پيغمبر هئا ته به اهڙو انجام ڪو نه وٺندا هئا ته سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ منهنجي فرمانبرداري ڪندو، پر ائين انجام وٺندا هئا ته، سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ منهنجي فرمانبداري ڪندو، مگر اڄوڪا عالم ۽ پير ۽ مرشد ۽ درويش اها تلقين ڪندا آهن ته، جيئن اسان حڪم ڪيون تيئن ڪيو، اگرچه توهان کي اهو ڪم گناهه جو ڏسڻ ۾ اچي. هڪڙي روايت مون کي ياد آهي ته، رسول الله ﷺ ڪنهن عورت کي گهرائي چيو ته مڙس سان هن ريت هلت ڪر. عورت پڇيو ته اهو حڪم مون کي اسلام جي مذهب موجب ٿا ڏيو يا ذاتي سفارش ٿا ڪيو؟ پاڻ فرمايائون ته ذاتي سفارش ٿو ڪريان. عورت چيو ته مان قبول ڪري نٿي سگهان. ﷺ کيس ڪجهه به نه چيو نڪي ناراضپو ڏيکاريو:
    اڄوڪا عالم نالي جي مسلمانن کي مسلمان بنائڻ لاءِ مٿيان انجام ته ڪونه وٺن پر رڳو ڪلمي شريف جي معنيٰ به ڪو نه سيکارين، پوءِ ڪيئن کين عالم ڪوٺجي، ۽ ڪيئن عوام الناس کي مسلمان ڪوٺجي؟ ياد رکڻ گهرجي ته ڪلمي پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان ڪونه ٿو ٿئي، پر ڪلمي تي ايمان آڻڻ سان، پوءِ توڙي سنڌيءَ ۾ پڙهجي. ايمان ڪنهن به ڳالهه تي تڏهن آڻبو، جڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي، ۽ دل سان لڳندي، ۽ سچي معلوم ٿيندي. ايمان آهي ”اقرار با اللسان و تصديق با القلب“ يعني زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ دل سان تصديق ڪرڻ. ڪلمي شريف جي معنيٰ هيءَ آهي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪو به معبود ڪونهي ۽ حضرت محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي.
    پهرئين ڀاڱي جو مطلب آهي ته فقط الله تعاليٰ جي عبادت ڪجي ۽ فقط سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪجي. ٻين جو حڪم تڏهن مڃجي جڏهن مناسب به هجي، ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف به نه هجي. اڄ ڪلهه ماڻهو ٻين جا حڪم مڃن ٿا، اگرچه الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف هجن. جنهنجو مطلب اهو ٿيو ته، هو الله تعاليٰ کان انهن کي وڏو ٿا سمجهن ۽ منجهن ايمان وڌيڪ اٿن ۽ خدا جي خوف کان سندن خوف وڌيڪ ٿا رکن. ڪي وري الله تعاليٰ جي حڪمن کان شيطان جي حڪم کي وڌيڪ ترجيح ٿا ڏين. الله تعاليٰ جا حڪم ڪهڙا آهن، تنهن جو جواب وري ڪلمي شريف جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي، يعني اهي حڪم اهي آهن جي سندس موڪليل پيغمبر سيکاريا آهن، يعني قرآن مجيد ۽ رسول الله ﷺ جا صحيح طور روايت ڪيل قول ۽ فعل.
    ڪلمي شريف جي معنيٰ مان ئي معلوم ڪري سگهبو ته اسان کي نه رڳو ڪلمي شريف جي معنيٰ سمجهي زبان سان اقرار ۽ قلب سان تصديق ڪرڻي آهي، پر الله تعاليٰ جي حڪمن جي فرمانبرداري به ڪرڻي آهي، اهو ئي سبب آهي جو لا اله الا الله جو ذڪر افضل سمجهيو ويندو آهي. ڇو ته ان ڪلمي ۾ سڄو اسلام اچي ويو. قرآن شريف ۾ ڪٿي به ائين فرمايل نه آهي ته جيڪو شخص رڳو ايمان آڻيندو سو بهشت ۾ ويندو. بلڪ جتي جتي ايمان آڻڻ جو حڪم ڪيل آهي، اتي چڱن عملن جو به حڪم ڪيل آهي. ”اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ“ جا الفاظ جتي ڪٿي گڏ آيل آهن. ٻين سون آيتن مان به ثابت آهي ته مومن ۽ مسلمان انهيءَ کي چئجي، جو الله تعاليٰ جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪري. ايمان بيشڪ مقدم آهي، ڇو ته چڱن عملن جو مدار صحيح عقيدن تي آهي. پر عملن کان سواءِ ايمان ائين آهي، جيئن ميوي کانسواءِ درخت. پوءِ ائين به آهي ته جنهن کي پڪو ايمان هوندو سو عمل به ضرور ڪندو. مثلن مون کي پڪ آهي ته باهه ۾ هٿ وجهندس ته ايذاءِ ايندو، تنهنڪري هٿ وجهندس ئي ڪين. مون کي ڪراچيءَ وڃڻو آهي، پڪو ويساهه اٿم ته ڏکڻ طرف آهي، تنهن ڪري ضرور ڏکڻ ويندس، اُتر هرگز ڪين ويندس. اسان ۽ اسان جا عالم جو عمل ۾ قاصر آهن، تنهن جو سبب رڳو هيءُ آهي، جو اسان جو ايمان به ضعيف آهي. اهڙا بزرگ آهن ئي ڪين جن جي صحبت اسان جي ايمان کي پڪو ڪري، ۽ اسان کي صالح عملن تي آماده ڪري. چيو اٿن ته ”جهڙي صحبت تهڙو اثر“.
    ناظرينو! ٻڌائڻ فرمايو، ته عالم ۽ پير ڪلمي شريف جي معنيٰ ٻڌائي اسان کي مسلمان ڪن ٿا يا نه. جي نه، ته ڇو نٿا ڪن؟ سبب هي آهي ته پاڻ ئي ڪونه ٿا سمجهن، ته اسلام ڇا آهي ۽ ڪلمي شريف ۾ ڪيتري حڪمت رکيل آهي. ائين ته نه آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي ڪلمي شريف جي معنيٰ جي خبر پوندي ته هو قرآن شريف ۽ حديث ڏي متوجه ٿيندا ۽ الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪندا، نه سندن؟ پر ائين ڇا هوندو!
    هيءَ ڳالهه به ضرور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ غني آهي، کيس اسان جي عبادت جو احتياج ڪونهي. جيڪڏهن اسان سندس فرمانبرداري نه ڪيون ته کيس ڪو به نقص يا نقصان نٿو رسي. باقي رهي هيءَ ڳالهه ته ڇو اسان تي نماز ۽ روزن وغيره جي تڪليف رکي اٿس. ظالم آهي ڇا؟ نه، هرگز نه! غور ۽ عقل سان ڏسندؤ ته جيڪي به اسان تي فرض رکيا اٿس، جيڪي به حڪم ڪيا اٿس، ۽ جيڪي به سيکاريو اٿس، سو سڀ اسان جي فائدي لاءِ آهي. هو ظالم نه آهي پر هو رحيم ۽ شفيق آهي. جيڪڏهن اسان کي اسان جي بد عملن جي سزا ٿو ڏئي ته اهو به سندس رحم آهي، ڇو ته سزا نه ڏئي ته وڌيڪ ۽ وڌيڪ خراب ٿيون. توهان ڏٺو هوندو ته الله تعاليٰ اسان کي وڌيڪ تڏهن ياد ايندو آهي، جڏهن اسان تي ڪا مصيبت يا تڪليف نازل ٿيندي آهي. پر افسوس جو اسان بي دين ان تڪليف گذارڻ بعد وري الله تعاليٰ کي وساري ڇڏيندا آهيون، اڳيئي چيو ويو آهي ته اسلام جو خاص مقصد آهي اخلاقن جو سڌارو ۽ ذات انسان جو ڀلو.
    حديث آهي ته الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته، ”اي انسان! مون سان محبت رکين ٿو ته پهريائين ذات انسان سان محبت رک. سڀ کان چڱو انسان اهو آهي، جنهن جا اخلاق چڱا هجن، ۽ جو خدا جي خلق کي فائدو پهچائي.“ تنهنڪري ضروري آهي ته اسان عقل جي وسيلي اسلام جي حڪمن ۽ تعليمات جون خوبيون ۽ فائدا بيان ڪيون. ان ۾ دنياوي فائدا به اچي ٿا وڃن. ڇو ته جيڪڏهن اهي بيان ٻڌائبا ته غير مسلمان اسلام ڏي مائل ٿيندا ۽ مسلمانن جو ايمان وڌيڪ پڪو ٿيندو. هڪڙي حديث آهي ته ڪو شخص دنيائي فائدي جي نيت سان ڪو شرعي ڪم ڪندو ته هن جو اهو عمل رد آهي. تنهنڪري بهتر آهي ته شرعي ڪم انهيءَ نيت سان ڪجن ته اهي مهربان مولا جا حڪم آهن سي ضرور مون کي مڃڻ گهرجن. جو مهربان مولا مون سان هيڏيون مهربانيون ٿو ڪري، تنهن جو شڪرگذار رهڻ، ۽ تنهنجا حڪم مڃڻ منهنجو فرض آهي. اهڙي مهربان مولا سان محبت رکندس، ۽ کيس راضي رکڻ جي ڪوشش ڪندس، ته هو مون تي وڌيڪ مهربان رهندو.
    انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته انهن شرعي حڪمن جي دنيائي فائدن جو ويچار ئي ڪرڻ نه گهرجي. مثلاً حضرت علي رضي الله فرمايو آهي ته، ”صوموا تصحوا- روزا رکو ۽ صحت پرايو،“ يعني روزا صحت وڌائين ٿا. ازانسواءِ مٿئين حديث شايد ٻئي مقصد سان فرمائي وئي آهي. مثلن نماز انهيءَ مقصد سان پڙهڻ ته ماڻهو مونکي نيڪ سمجهن، يا روزا انهيءَ نيت سان رکڻ ته ماني مفت جي ملي، يا قرآن شريف انهيءَ نيت سان پڙهائڻ ته ماڻهن کان پيسا ملن اهڙي نيت سان اهي ڪم ڪبا ته پوءِ بيشڪ اهي مردود آهن.
    اسلام جو مقصد مٿي سمجهايو ويو آهي، انهيءَ مقصد نه سمجهڻ ڪري اسلام ۽ مسلمانن بلڪ عالمن جي حالت حيرت ناڪ ٿي وئي آهي. اسلام ڪونهي، ان جو پاڇو سو آهي. جسم آهي، مگر منجهس روح يا زندگي ڪانهي. جيئن روح کان سواءِ جسم ڪنو ڍونڍ ٿي ٿو وڃي، اهائي حالت اسلام ۽ مسلمانن جي ٿي رهي آهي. نانگ نڪري ويو آهي. رڳو ليڪو پيو ٿو ڪُٽجي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن شريف معنيٰ سان ڪون ٿو پڙهيو وڃي. ان کي فقط پوتيون پارائي چميون ڏئي گهر ۾ رکيو ٿو وڃي. بيمارن جي سيني تي رکيو ٿو وڃي، بيمارن يا مردن کي بخشيو ٿو وڃي يا ان سان اسقاط ڪرايو ٿو وڃي يا وبا وغيره جي ڏينهن ۾ گهرن جي چوڌاري ڦيرايو ٿو وڃي. ڪروڙين مسلمان ان کي هر روز صبوح جو گهڙي کن پڙهن ٿا، مگر هنن کي ڪڏهن اهو خيال به ڪو نه ٿو اچي ته اسانکي الله تعاليٰ جو حڪم ڪيل آهي ته ان کي سمجهو ۽ ان تي عمل ڪيو. نماز وظيفا وغيره به ساڳيءَ طرح بنا سمجهڻ جي پڙهيا ٿا وڃن، گويا قرآن شريف ۽ ڪلمي شريف ۽ صلوات سڳوري کي جوڳين وارو منتر يا منڊ سمجهيو ٿو وڃي، جن جي رڳو اُچارڻ سان يعني رڳو زبان ۽ چپن هلائڻ سان دنيا ۽ آخرت جون مرادون حاصل ٿي وينديون.
    اهو ئي سبب آهي جو جنهن رسول مقبول ﷺ جي پيروي ڪرڻ جو قرآن شريف ۾ حڪم ڪيل آهي، ۽ فرمايل آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان محبت ٿا رکو ته سندس رسول ﷺ جي عملن جهڙا عمل ڪيو، تنهن رسول مقبول ﷺ جا عمل ۽ اخلاق ۽ حياتيءَ جو احوال ماڻهن کي ڪون ٿو ٻڌايو وڃي. ان جي عيوض ڪوڙا ۽ گمراهه ڪندڙ معجزا ۽ مغالطو ۾ وجهندڙ مولود ۽ اڪثر ڪري ڪوڙي تعريف بيان ڪئي ويندي آهي. هڪڙي ڀيري ٻن بزرگن تڪليف وٺي مهربانيون ڪري مون کي اچي چيو ته فلاڻا، فلاڻي هنڌ مولود خواني آهي هلو ته ٻڌون، مون چيو ته مون کي ڪوڙي تعريف ٻڌڻي ناهي. هنن جا ڏند چپن سان لڳي ويا، ۽ فرمايائون ته رسول اللهﷺ جي تعريف ڪوڙي ڪيئن ٿي سگهندي؟ جيڪا تعريف سندن ڪري سگهجي تنهن کان هو گهڻو مٿي هئا. انهن بزرگن مون کي منڪر سمجهيو هوندو، مگر زيردستي ڪري ڪڇي ڪون سگهيا. مان هڪڙي باب ۾ سمجهائيندس ته ڪوڙي تعريف ڪهڙي آهي، ۽ سچي ڪهڙي آهي، حقيقت اها آهي ته گهڻا مسلمان ۽ خود عالم رسول الله ﷺ ۽ اسلام جي گلا ۽ توهين ڪري رهيا آهن نه واکاڻ ۽ عزت.
    ڪوڙن معجزن بابت چيو ويندو آهي ته انهيءَ نيت سان ته ماڻهن ۾ رسول اللهﷺ لاءِ عزت ۽ حب وڌي، ڪوڙا معجزا ٺاهڻ ۽ ٻڌائڻ جائز آهي. خدا يا خير ڪر! ڪڏهن ڪوڙ هڻڻ به جائز ٿي سگهي ٿو؟ سچا معجزا ڪينهن ڇا؟ يا جيڪا سچي تعريف رسول الله ﷺ جي قرآن شريف ۽ صحيح بخاريءَ ۾ بيان ڪيل آهي، سا ٿوري آهي يا اڻپوري آهي ڇا؟ انهن جاهلن کي اها خبر ناهي ته دنيا ۾ عقل ۽ علم گهڻو وڌي ويو آهي، هو ڪوڙ سچ کي هڪدم پرکيو ٿا وٺن. مولودن ۾ جيڪي ڪوڙا معجزا يا تعريف، غير مسلمان يا يورپي تعليم يافته مسلمان ٻڌن ٿا، سي انهن ۾ اسلام ۽ اسلام جي باني ﷺ لاءِ نفرت پيدا ٿا ڪن. اڪثر ڪري مولودن ۾ حضرت پاڪ ﷺ کي رواجي معشوق بنايو ويندو آهي. مثلن ”اچ ٻارو چل اچ، پنهل ڄام پرچ الا، گهوريو وڇوڙيو ٿو ماري“. يا هن قسم جا واهيات جملا ڪم آندا ويندا آهن، جي ناحق هندن جون دليون ڏکوئين. مثلن ”هٽ ڀڃي حجرا ڪيو، مکي مٽ ڀري“. اڪثر ڪري رسول الله ﷺ کي الوهيت جو درجو ۽ صفتون ڏنيون وينديون آهن جيڪو شرڪ آهي.
    هڪڙي مولوي سڳوري هڪڙو غزل امام حسين رضي الله جي تعريف ۾ چيو آهي، جنهن ۾ چيو اٿس ته محشر جو ڪهڙو ڊپ آهي، جڏهن امام حسين منهنجو شافع آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته خدا ۽ محشر کان ڊڄڻ اجايو آهي، بيشڪ موجون ماڻجن ۽ گناهه ڪجن!
    منهنجو عرض ۽ غرض هي آهي ته اردوءَ ۾ گهڻن ئي قابل عالمن رسول اللهﷺ تي سچا ۽ سهڻا قصيدا ٺاهيا آهن، جي گمراهه ڪرڻ بدران رهنمائي ڪندڙ آهن. سنڌين کي گهرجي ته مبالغي جي مصالحي ۽ ڪوڙ جي چٽ کي ڇڏي سچ کي اختيار ڪن ۽ خدا جي خلق کي گمراهه نه ڪن. شاعرن ۽ ڳائيندڙن کي گهرجي ته جيستائين وڏن عالمن جي تصديق نه ڪرائين، تيستائين مولود ۽ قصيدا ڪنهن کي نه ٻڌائين. بهتر ائين ٿئي ته ڪو چڱو عالم چڱا قصيدا ۽ مولود ۽ غزل گڏ ڪري ڇپارائي راڳيندڙن کي هدايت ڪري ته فقط اُهي ڳائين.


    عقل ۽ روحاني جذبا

    اڳين بابن ۾ عقل جي ضرورت بيان ڪئي وئي آهي، مگر رڳو عقل ڪافي ناهي. انسان ۾ جذبا به رکيل آهن هڪڙا شريف ۽ ٻيا شيطاني، مگر ساڳيا ئي جذبا عقل سان شامل ڪبا ته شريف آهن، ۽ جيڪڏهن بي عقلائيءَ سان شامل ڪبا يعني عقل تي غالب پوندا ته شيطاني آهن. مثلن ڪاوڙ جو جذبو انسان ۾ رکيل آهي. جيڪڏهن ان کي پنهنجي وس ۾ رکجي ۽ مناسب موقعن تي ڪم آڻجي ته ان کي غيرت ٿو سڏجي. ظلم، زوري ۽ زنا جهڙن ڏوهن تي غيرت اچڻ گهرجي، ۽ جائز نموني سان ڏوهيءَ کي روڪجي، ۽ مظلوم جي مدد ڪجي، ته اهو هڪ تمام چڱو گڻ آهي. پر جيڪڏهن پنهنجي غرض ۽ پنهنجي حرصن جي آڏو ڪو اچي ته هڪدم آپي کان ٻاهر نڪري وحشين وانگر وير وٺڻ، سو آهي ڪاوڙ کي پاڻ تي غالب ڪرڻ ۽ ديوانگي جي حالت کي رسڻ. محبت به هڪ جذبو آهي، جيڪو عقل سان ڪم آڻجي ته نهايت عاليشان آهي، ۽ بيوقوفي سان ڪم آڻجي ۽ پاڻ تي غالب پوڻ ڏجي ته نقصان ڪار به آهي. اهڙي طرح ٻيا به ڪيترا جذبا انسان ۾ رکيل آهن. انهن مان روحاني جذبو به هڪ نهايت طاقتور جذبو آهي، جيڪو پڻ سڀني انسانن ۾ عام آهي. جهنگلي انسان به ڪنهن نه ڪنهن هستيءَ کي بالائي طاقت سمجهي ان جي پرستش ٿو ڪري، ۽ ان کان مدد ٿو گهري. فيلسوفن ۽ عاقلن ۾ به اهو جذبو موجود آهي، مگر ڪوڙن دليلن سان هو گهڻو ڪري ان جذبي کي دٻائي ٿا ڇڏين، ۽ پاڻ کي گمراهه ٿا ڪن. انهي جذبي جي جيڪڏهن پوري رهنمائي نٿي ٿئي ته ماڻهو سج، چنڊ، باهه، وڻ، انسان بلڪ بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳن ٿا ۽ پاڻ کي ڀرمن ۽ بد رسمن ۾ تباهه ٿا ڪن. پر جيڪڏهن انهي جي پوري رهنمائي ٿي ٿئي ته هو فقط هڪ الله جي ٻانهپ ٿا ڪن، ۽ اجاين سنسن ۽ بد رسمن ۽ ٻين جي غلاميءَ کان ڇٽي ٿا پون. جِهِل جي ڪري اسان مسلمانن ۾ به پير پرستي ۽ قبر پرستي گهڻي ٿي پيئي آهي. جاهل ته ڇڏيو پر پڙهيل ماڻهو به سڌيءَ طرح دين اسلام جي واقفيت حاصل ڪرڻ بدران پنهنجو بار پيرن تي لاهي ٿا وجهن ۽ سمجهن ٿا ته هو قيامت جي ڏينهن اسان کي ڇڏائيندا. اهڙا ماڻهو هزارين پيا ڏسجن جيڪي نه رڳو ديني ڪمن، پر دنيائي ڪمن ۾ به پنهنجي مرشد جي صلاح وٺندا آهن. جيئن هو حڪم ڪندو آهي تيئن ڪندا آهن. اگرچه ڪو ماڻهو ڪنهن کي دليل ڏئي يا قرآن شريف جون آيتون پڙهي سمجهائيندو آهي، ته به هو چوندو آهي ته مون کي جيئن مرشد چوندو تيئن مڃيندس ۽ تئين ڪندس. هن مان سمجهبو ته هو الله کي ڪو نه ٿو مڃي، مگر مرشد کي ٿو مڃي. اها آهي پير پرستي. ساڳي طرح يهودي به ڪندا هئا، جنهن ڪري الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ انهن بابت فرمائي ٿو: ته هو الله تعاليٰ جي بدران پنهنجي مجتهدن کي رب ڪري ٿا وٺن.
    خير اها ڳالهه ته هونئن ئي وچ ۾ اچي وئي. هاڻي اچون ٿا اصل مقصد تي ته پوري ترقيءَ لاءِ رڳو عقل ڪافي ناهي، مگر روحاني جذبي سان عقل شامل هجي. اڄوڪا دهريا ماڻهو فقط عقل کي ٿا وٺن، ۽ ڪو به دين اختيار نه ٿا ڪن. هنن جي ناداني اها آهي جو هو ٻين ڳالهين ۾ فطرت کي مڃين ٿا، مگر انهي ڳالهه کي ويچار ۾ نٿا آڻين، ته روحاني جذبو به اسان جي فطرت ۾ رکيل آهي. خود فيلسوف به بيهوشي ۾ بي اختيار ڌڻي تعالي کي پڪاريندا آهن. جنهن مان پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سڀني انسانن ۾ اهو جذبو فطرتن موجود آهي. نه رڳو ايترو پر فيلسوف به قبول ٿا ڪن ته ماڻهو عقل تي ايترو نه ٿا هلن جيترو جذبن تي. عقل ڪمزور ۽ ڍرو آهي، ۽ جذبا تڪڙا ۽ طاقتور آهن، جنهن ڪري اڪثر ڪري جذبا عقل تي غالب پئجيو وڃن. نه رڳو ايترو پر اڪثر ڪري عقل جذبي جو غلام ٿيو پوي ۽ اهي دليل پيو ڳولي ۽ هٿ ڪري، جيڪي ان جذبي جي مطابق هجن، ۽ اهڙو انڌو ٿيو پوي جو حق جي دليلن کي ڏسي ئي ڪو نه. اهوئي سبب آهي جو ديني جذبي کان سواءِ رڳو عقل جي وسيلي انسان اخلاقي ڪماليت حاصل ڪري نٿو سگهي. تنهن ڪري ضرور آهي ته اسان خود انهن جذبن کي سنوت ۾ آڻيون. جيڪڏهن اسان روحاني جذبي کي دٻائڻ بدران ان کي قوت وٺايون، ۽ سچي دين ۽ عقل سان شامل ڪريون ته پوءِ ويسر ۾ به اسان کان گناهه ڪون ٿيندو، ڇو ته گناهه ٿين ٿا بڇڙن جذبن جي ڪري. چوندا آهن ته ”جيتر للو کڻي لٺ، تيتر ڪره وڃي اجهامي.“ ساڳي طرح جيستائين عقل تيار ٿئي تيستائين خراب جذبن هيٺ خراب عمل ٿيو وڃن. پر جيڪڏهن خود جذبا ئي شريف ڪيا ويا آهن، ته گناهه جو ڪم ڇو ڪيو ويندو؟ جنهن ماڻهو جا جذبا شريف آهن تنهن کي گناهه جي ڪم کان نفرت ايندي. اهو ئي سبب آهي جو عام طرح چال سڌارڻ لاءِ ۽ شريف جذبن پيدا ڪرڻ لاءِ عاليشان شعرن جو سيکارڻ ۽ پڙهڻ ضروري سمجهيو ٿو وڃي.
    ٻي غلطي دهريا فيلسوف هيءَ به ٿا ڪن جو ائين نه ٿا ڄاڻن ته انسان ناقص العقل آهي. جڏهن فيلسوف ئي ناقص عقل آهن تڏهن ويچارن عام ماڻهن جي ڪهڙي حالت هوندي. جيڪڏهن هنن کي ڪجهه ڪجهه خدا جو خوف نه هجي ته ڪم عقلي جي ڪري خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا وحشي ڪم ڪري چڪن. پر عاقل ماڻهو به روحاني جذبي کان سواءِ وحشي ٿي پيا آهن. فقط هڪڙو مثال وٺو. تيرهن سؤ ورهيه اڳي هڪڙي جهنگلي قوم جي اڻ پڙهيل شخص (حضرت ﷺ جن) کي وحيءَ جي وسيلي سمجهايو ته شراب بلڪل خراب آهي. مگر يورپ جو سترهين صديءَ کان وٺي عقل ۽ علم ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري رهيو آهي، تنهن کي اسلام جي تعليمات جي خبر هوندي به اڃا هاڻي سمجهه اچڻ لڳي آهي ته شراب برابر خراب آهي، ته به شراب کي اڃا ڇڏي ڪون سگهيا آهن. مگر مديني شريف ۾ جڏهن شراب جي حرام ٿيڻ جو پڙهو گهميو، تڏهن سڀني مسلمانن هڪدم شراب جون صراحيون گهٽين ۾ هاري ڇڏيون. ان ڏينهن گهٽين ۾ شراب وهڻ لڳو ۽ شراب پيڻ بند ٿي ويو. اها آهي ايماني قوت، اهو آهي خدا جو خوف، ۽ اهو آهي روحاني جذبو.
    هاڻي سوال آهي ته اهو روحاني جذبو ڪيئن ٿو قوت وٺي؟ اهو جذبو ديندار والدين ۽ مائٽن ۽ دوستن جي صحبت سان ۽ قرآن ۽ حديث ۽ ٻين چڱن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان تقويت ٿو وٺي ۽ پڻ چڱي روحاني جذبي وارن جي صحبت سان زور ٿو وٺي. چون ٿا ته جمال الدين افغاني جيڪو اڻويهين صديءَ عيسويءَ جي آخر ۾ ڪلڪتي ۾ آيو هو، تنهن سان سڌو هيرا نند حيدرآبادي اتي مليو هو، دوستن پڇيس ته خبر ڪر ته جمال الدين افغاني ڪيئن ڏٺئي؟ جواب ۾ چيائين ته هو آگ آهي، ۽ جيڪو به وٽس وڃي ٿو تنهن کي به آگ لائي ٿو ڇڏي. پر انهي کي ڇڏي توهان گانڌي ۽ محمد علي جهڙن ليڊرن کي وٺو انهن کي پنهنجن پنهنجن خيالن ۽ عقيدن بابت ايڏو جوش آهي جو ڪو به شخص وٽن وڃي ٿو ته اهو به جوش سان ٽمٽار ٿي ٿو وڃي. ساڳي طرح مگر گهڻي بهتر نموني ۾ رسول الله ﷺ جو اثر سندس اصحابن سڳورن تي پيو، اهو اثر پشت به پشت هليو اچڻ گهربو هو، مگر افسوس جو اڳي ڄاڻايل سببن جي ڪري اسلام جو تنزل اچي ويو. هن وقت اهو حال آهي جو مان جن جن پيرن ۽ بزرگن وٽ ويو آهيان تن ۾ ڪنهن قسم جو جوش ته ڪون ڏٺم پر انهن وٽ رڳو اسلام جي گفتگو به ڪانه ٻڌم. ڪهڙي نه ارمان جي ڳالهه آهي، جو گانڌي جهڙا ماڻهو پنهنجن خيالن جي لاءِ ايترو جوش ٿا رکن ۽ انهن تي پاڻ به عمل ٿا ڪن ۽ ٻين کي به اهو عمل ٿا ڪرائين، ۽ انهي ڪم ۾ ٻين جي ڀلي لاءِ سر تريءَ تي کنيون ٿا وتن. مگر اسان جا پير ۽ بزرگ پياري اسلام لاءِ به ايترو جوش ڪون ٿا رکن جيترو ٻيا ماڻهو رواجي خيالن لاءِ رکن ٿا. جيترو هنن کي ملڪي حالت لاءِ درد آهي، تنهن جي هزارين پتي به هنن کي اسلام جي بربادي تي افسوس ڪون ٿو ٿئي. هو ٻين جي واسطي پنهنجو گهر ٻار، جند جان قربان ڪري رهيا آهن، ۽ هي دعوتن ۽ نذرانن جي ۽ عيش عشرت جي وسيلي ٻين جو گهر ٻار قربان ڪري رهيا آهن. پر دعوتن ۽ نذرانن جي عيوض ۾ هنن کي اسلام سيکارين ته به چڱو! باقي پير ۽ رهبر ڇا ۾ ٿيا آهن؟
    پير جو لفظ عربي ناهي. خبر ناهي ته اڄوڪي نموني جي پيري مريدي جو رواج ڪڏهن پيو؟ اڳي بيعت اسلام جي ورتي ويندي هئي، جيئن رسول الله ﷺ جي بيعت وٺڻ جو بيان مٿي اچي چڪو آهي، جڏهن جڏهن ڪو مسلمان ٿيندو هو تڏهن کيس اسلام سيکاريو ويندو هو، ٻئي قسم جي بيعت ملڪي هوندي هئي، يعني جو خليفو خلافت جو مالڪ ٿيندو هو تنهن جي تابعداري جو اقرار ڪيو ويندو هو، بلڪ ملڪي ۽ اسلامي ٻئي بيعتون هڪ ٻئي سان شامل ۽ ڳنڍيل هيون، مگر اڄوڪي بيعت بلڪل ٻئي نموني جي آهي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ وري تصوف جا نوان طريقا نڪتا انهن جي سکڻ لاءِ استاد يا مرشد وٺڻو پوندو هو، شايد پيري مريدي جو رواج ان مان وڌيو. سچو مرشد اهو آهي جنهن کي ايماني قوت يا روحاني جذبو تيز هجي، ايترو تيز هجي جو ان جي جوش ۽ صداقت واري تقرير ۽ گفتگو ٻين کي به ايماني قوت سان لبريز ڪري ڇڏي. مگر ان قسم جا مرشد اڄ ڪون ٿا ڏسجن، نڪي وري ماڻهو انهي نيت سان پيرن وٽ ٿا وڃن. اي الله سائين! اسان ۾ روحاني جذبي ۽ ايماني قوت ۽ صداقت ۽ جوش وارا مسلمان پيدا ڪر، جيڪي عوام الناس ۾ وري نئين سر صداقت جو روح ڦوڪين. آمين


    اڄوڪا بزرگ ۽ سچي بزرگي

    اڄ ڪلهه مڪانن ۾ ڀنگ پياڪ درويشن جي به وڏي عزت ڪئي ٿي وڃي، بلڪ کين ولي به سمجهيو ٿو وڃي. ڪي پير صاحب اهڙا به آهن جيڪي زنا ڪن، چوريون ڪرائين، خون ڪرائين، پراوا حق ۽ ملڪيتون کائين، جهيڙا ڪرائي رشوتون وٺن وغيره وغيره ته به پير ٿا سڏجن. انهن کي ماڻهو پيرين ٿا پون ۽ ٻارهين ٻارهين مهيني ڏن ٿا ڏين. مسلمانن جي مرده حالت جون ثابتيون هزار آهن، پر هيءَ هڪڙي به ڪافي آهي ته ماڻهو اهڙن ردي درويشن ۽ پيرن جي اڳيان به ڍيري ٿي پيا آهن.
    انهن کي ڇڏي اسان انهن بزرگن جو بيان ٿا ڪيون جيڪي انهن کان گهڻو چڱا آهن، مگر بزرگي اڃا ٻي شيءِ آهي. اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته فلاڻو ڏاڍو نيڪ آهي، سڄو ڏينهن مسجد ۾ تسبي کنيون الله جو نالو ويٺو وٺي. پوءِ روزگار ڪيئن ٿو ٿئيس؟ چي الله مالڪ آهي، جي بندا سندس نالو وٺندا تن کي ڇڏي ڏيندو؟ الله سائين ماڻهن جي دلين ۾ صدق ٿو وجهي، سي پاڻهي گهر ويٺي کيس ڏئي ٿا وڃن. منهنجي خيال ۾ ته ائين ٿو اچي ته اسلام موجب هيءَ تعريف ناهي پر گلا آهي. تسبي سورڻ کان اسلام سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ وڏو ثواب آهي، وٺڻ کان ڏيڻ ۾ ثواب آهي. ٻين جي پگهر جي ڪمائيءَ تي گذران ڪرڻ کان پاڻ ڪمائي ٻين کي ڏيڻ وڌيڪ افضل آهي. بعضي وري چيو ويندو آهي ته فلاڻو راتين جون راتيون ولين جي مقبرن تي وڃي جاڳندو آهي ۽ فلاڻو لک يا ڪروڙ صلواتون ڪڍندو آهي. صلوات پڙهڻ ۾ ته وڏو ثواب آهي پر ان بابت مفصل بحث پوءِ ڪيو ويندو. هت فقط ايترو چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته نماز، روزو، تسبي، وظيفا ۽ صلواتون ٿڌي ڇانو ۾ ادا ڪرڻ ۽ ان جي عيوض ۾ پرائي ڪمائي تي گذران ڪرڻ، اهي ڪم وڌيڪ ڏکيا آهن يا ڪڙميءَ وانگر ٿڌيءَ ڪوسيءَ ۾ رات ڏينهن ڪم ڪرڻ يا ٽوڪرا کڻڻ يا مزوري ڪرڻ؟! وري حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪيترائي ڪڙمي نماز به پڙهن ۽ روزا به رکن ۽ روزي سان سخت گرميءَ ۾ سخت ڪم به ڪندا وتن. انهن ويچارن جي ته تعريف ڪير ڪريئي ڪونه. اهي ته هنن بزرگن کان صدبار بهتر چئبا. ارمان جي ڳالهه آهي جو اهڙا ڪڙمي ماڻهو زاني ۽ بدڪار پيرن کي وڃي پيرين پون، ۽ پير پاڻ ڳاڙهيءَ کٽ تي ويهي هنن کي پٽ تي وهارين. ڇو نه انهن ڪڙمين کي کٽ تي وهاري، اهڙن پيرن کي چئجي ته سندن اڳيان پٽ تي وهن ۽ سندن پير ڌوئي پين؟
    جيڪي اسان ۾ وڌيڪ سياڻا ۽ وڌيڪ پڙهيل آهن، سي انهن پيرن ۽ بزرگن ۾ ويساهه ٿا رکن ۽ انهن جي تعريف ٿا ڪن، جي سچ پچ سنڌ ۾ تمام ٿورڙا آهن. ڏهاڪو کن مس ٿيندا، انهن کي عزت بيشڪ ڏيڻ گهرجي پر حد کان ٻاهر عزت ڏيڻ به مناسب ناهي. اهي بيشڪ عزت جا لائق آهن ۽ هن قحط الرجال جي زماني ۾ غنيمت آهن. اهي شريعت جا پابند يعني نماز، روزن، زڪوات ۽ حج جهڙا ارڪان ادا ڪن ٿا، تهجد ۽ اشراق به ٿا پڙهن. ڪبيرن گناهن کان به پرهيز ٿا ڪن. پر بزرگي يا رهبري اڃا به ٻي شيءَ آهي. هڪڙو نقص منجهن هي آهي ته هنن کي قوم جي اصلاح ۽ تبليغ جي نه قابليت آهي نه شوق آهي. حالانڪه قرآن شريف ۾ آهي ته توهان ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هئڻ کپن جيڪي امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪرڪن يعني ماڻهن کي چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪن، اهيئي فلاح پائيندا. حضرت رسول ﷺ جتي جتي ماڻهن جو ميڙ ڏسندا هئا اتي ماڻهن کي الله تعاليٰ ڏي سڏيندا هئا ۽ حڪم احڪام ٻڌائيندا هئا. مسافرن جي قافلن ۾ ۽ ميلن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ فرمائيندا هئا. سنڌ ۾ مون ڪڏهن به نه ٻڌو آهي ته ڪو پير يا عالم ڪنهن ميلي ۾ ويو اتي وڃي اسلام ٻڌايائين يا جوا واري کي جوا کان منع ڪيائين يا رنڊين کي انهيءَ بد ڪم کان باز اچڻ جي هدايت ڪيائين. سنڌ ۾ هدايت ڪرڻ جا موقعا بلڪل گهڻا آهن. اڪثر ڪري شادي ۽ غميءَ تي گهڻا ماڻهو اچي ٿا گڏ ٿين ۽ ميلا ملاکڙا به جتي ڪٿي عام جام آهن. وڏن شهرن ۾ ڪٿي به ڪنهن ميدان تي بيهي الله اڪبر جو نعرو هڻي ٽي ڀيرا پڪارجي ته اچو الله ۽ الله جي پياري رسول مقبول ﷺ جا حڪم ٻڌو ته مان ڀانيان ٿو ته سؤ ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا. وري هن زماني ۾ نالي جي مسلمانن ۾ اصلاح ڪرڻ جي گهرج ايتري آهي جيتري ڪڏهن به ڪانه ٿي هوندي، ڇو ته اڄوڪا مسلمان هر طرح بگڙجي ويا آهن. اگرچه هيءُ فرض اولين آهي، ته به جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر غير مسلمانن کي به اسلام ٻڌائجي، پر اهڙي سهڻي نموني سان جو هنن ۾ ڪشش پيدا ٿئي. پر هي سڀ ڪجهه تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن اسانجي بزرگن ۾ روحاني جذبو، ايماني قوت، علم ۽ عقل ۽ دنيا جي واقفيت هجي.
    ٻيو نقص اسانجي بزرگن ۾ هي آهي جو هو نه رڳو دعوتون ٿا کائين ۽ پيسا ٿا وٺن پر ان سان گڏ عيش عشرت به ٿا وٺن. لکين مسلمان اهڙا آهن جن کي ٿڌ کان بچڻ لاءِ پورو ڪپڙو ۽ بسترو موجود نه آهي، نه اهڙو گهر آهي جو مينهن کي روڪي سگهي، نه ايترو پيسو آهي جو بيماري جو علاج ڪرائي سگهي، ۽ نه اهڙي طاقت آهي جو ٻارن کي مڪتب يا اسڪول ۾ موڪلي سگهن. مگر هي سڳورا لکين روپيه ماڻهن کان وٺي پنهنجي سک ۽ آرام تي خرچ ٿا ڪن. قرآن شريف ۾ پيغمبرن جي سچائي جو هڪڙو ثبوت پيش ڪيل آهي ته هو تبليغ جي عيوض ۾ ماڻهن کان ڪو اجر يا اجورو ڪونه ٿا گهرن. اها ڳالهه رسول الله ﷺ جي باري ۾ خواه ٻين پيغمبرن علهيم السلام جي باري ۾ ڪيترائي ڀيرا قرآن شريف ۾ آيل آهي، ”قُلْ مَاۤ اَسْـَٔلُكُمْ عَلَیْہِ مِنْ اَجْرٍ“ يعني انهن کي چئو ته مان انهيءَ لاءِ يعني اسلام سيکارڻ لاءِ اوهان کان ڪو اجورو ڪون ٿو گهران. هن مان ظاهر آهي ته تبليغ ڪندڙن جون هدايتون ۽ وعظ تڏهن اثرائتا ٿيندا جڏهن پاڻ ڪجهه به نه وٺندا. پر جيڪڏهن وٺن ته به وري انهن تي ماڻهن جي فائدي لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجن. مثلن مسجد جي ڪم لاءِ يا مڪتب قائم ڪرڻ لاءِ وغيره وغيره. جيڪڏهن لاچاري حالت هجي ۽ تبليغ ۾ وقت صرف ڪرڻ ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي اهل عيال جو روزگار نٿو ڪمائي سگهجي ته پوءِ اوتري قدر وٺجي جنهن مان نهايت سادو گذران ٿي سگهي.
    قرآن شريف ۾ آهي ته، ”لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰی تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ“ يعني توهان چڱائي يا بزرگي کي تيستائين پهچي نٿا سگهو جيستائين خدا جي راهه ۾ خرچ نه ڪيو، اُن کي جنهن سان محبت ٿا ڪيو. ڏسو ته الفاظ ڪهڙا چٽا آهن. اسان جا بزرگ ڏيڻ جي بدران وٺن ٿا، اگرچه رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته مٿيون (ڏيندڙ) هٿ هيٺئيِّن (وٺندڙ) هٿ کان افضل آهي.
    پهريائين اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ماڻهو پيرن کي ڇو ٿا کارائين ۽ ڏين، ۽ ڪهڙيءَ نيت سان ٿا ڏين؟ اڪثر ڪري نيت اها آهي ته پير صاحب کي ڏيندس ته مون کان راضي ٿيندو، ۽ مون کي اهڙي دعا ڪندو جو منهنجي رزق ۾ برڪت پوندي، ۽ پير صاحب مون کي مشڪل وقت ۾ دنيوي طرح توڙي دعا جي وسيلي مدد ڪندو. جيڪي ٺڳ پير آهن تن جيڪي فقيرن ماڻهن ۾ اهڙا اثر وجهي ڇڏيا آهن جو هو قسم قسم جي نيت سان ڏن ادا ٿا ڪن. هو اهو خيال اصل ڪون ٿا ڪن ته صدقي ۽ خيرات جا وڌيڪ حقدار ڪير آهن. جنهن پير صاحب کي اسان ڏن ڏيون ٿا سو وڌيڪ مسڪين آهي يا اسان پاڻ ۽ ڪي ٻيا ماڻهو وڌيڪ مسڪين آهن، پير صاحب اسلام جي تبليغ ۽ خدمت ڪري ٿو يا نه ۽ پير صاحب سادي زندگي ٿو گذاري يا وڏا خرچ ٿو ڪري.
    ٽي نهايت عاليشان اخلاق جيڪي اڄ ڪالهه عيب سمجهيا ٿا وڃن، سي رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن ۾ موجود هئا، مگر اسان جي بزرگن ۾ بلڪل ڪون آهن بلڪه اسان جا ليڊر، آفيسر ۽ زميندار ته بلڪل انهن جي خلاف آهن، اهي ٽي هي آهن، 1- سادگي 2- مساوات ۽ نماڻائي، 3- جان نثاري.
    رسول الله ﷺ جن جي چلهي ۾ ڪيترائي ڏينهن باهه ئي ڪانه ٻرندي هئي، فقط کارڪون کائي پاڻي پي ڇڏيندا هئا. ڪڻڪ جي ماني ورلي کائيندا هئا نه ته جوَنَ جي ماني تي ئي گذرڪندا هئا. سندن پوشاڪ سادي ۾ سادي هئي. اڄڪلهه ڪڙمي ۽ مزدور به بهتر پوشاڪ ٿا پائين ڪپڙو ڦاٽندو هون ته پاڻ ئي اڳڙي وجهي پائيندا هئا، ۽ جتي ڇڄندي هين ته پاڻ کڻي ڳنڍ ٽوپو ڏيئي ڇڏيندا هئا. ڪاٺيون ڪري ايندا هئا، ڪوڏر کڻي کوٽڻ جو ڪم ڪندا هئا، ٻهاري پائيندا هئا، ٻڪري ڏهندا هئا، بازار مان گهرج جون شيون وٺي پاڻ ئي کڻي ايندا هئا. اڪيلا گهمندا هئا، گهر جي جاءِ ۽ سامان نهايت سادو هوندو هو، پٽ تي سمهڻ کان عار ڪونه ڪندا هئا، تڏي تي اگهاڙي پٺيءَ سمهي پوندا هئا، ايتري قدر جو پٺي مبارڪ تي تڏي جا نشان ٺهي پوندا هئا. ممڪن ته ناهي ته رسول الله ﷺ جن روضي مبارڪ مان ساڳي حالت ۾ اٿي اچن پر جيڪڏهن انهيءَ ساڳي سادگيءَ سان اٿي اچن ۽ اسان جي ڪنهن مسلمان ليڊر وٽ وڃن ته اڄوڪي اسلام جي حالت اها آهي جو کين دربان اندر رپورٽ ڪندا ته هڪڙو مسڪين توهان ڏي اچڻ ٿو گهري ته ليڊر صاحب فرمائيندو ته پڇوس ته ڪير آهي ۽ ڇا ٿو گهرجيس؟ جيڪڏهن کڻي اندر اچڻ ڏيندس ته به ڪرسي تي وهارڻ پنهنجي ماڳه، پر گلم تي وهڻ جي آڇ به ڪين ڪندن، ۽ بيٺي ئي چوندن ته ڇا ٿو گهرجي تو کي؟ جيڪڏهن چوندو ته مان توهان کي ڪي خدا جا حڪم ٻڌائڻ آيو آهيان ته ليڊر صاحب خفي ٿي چوندو ته مون کي فرصت ڪانهي وڃ هليو. جيڪڏهن پاڻ اصرار ڪندا ۽ ڪجهه چوڻ لڳندا ته پوءِ ته غضب جو طوفان کڙو ٿيندو. توهان کي اعتبار نه اچي ته آزمودو وٺي ڏسو. هڪڙو وڏو عالم نيڪ بزرگ مسڪيني پوشاڪ ۾ نالي ٻڌائڻ کانسواءِ ڪنهن ليڊر وٽ وڃي ۽ کيس سندس غير اسلامي ڪمن کان منع ڪري ته پوءِ ڏسو ته ان بزرگ جي ڏاڙهي نوڪرن هٿان ڪيئن ٿي پٽائي وڃي. حالانڪه سادگي اسلام جو شيوه آهي. رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته الفقر فخري يعني مسڪينائي منهنجو فخر آهي. پاڻ مسڪينن سان ڏاڍي حب ۽ پيار سان هلت ڪندا هئا. ليڊرن کي ڇڏي، اسانجي وڏن ۾ وڏن پيرن ۽ بزرگن کي ڏسو ته انهن ۾ سادگي جو گڻ ڪيتري قدر موجود آهي.
    رسول الله ﷺ جي ٻئي خلق يعني مساوات ۽ نماڻائيءَ جي به حد ئي ڪانه هئي. پاڻ اهڙي طرح ٻين ماڻهن سان رلي ملي ويندا هئا، جو ٻاهريون اڻ واقف ماڻهو ايندو هو ته کيس پڇڻو پوندو هو ته توهان ۾ فلاڻو ڪير آهي؟ ٻين کي اڳ ۾ ئي پاڻ سلام ڪندا هئا، ٻارڙن سان راند ڪندا هئا، سندن مٿي تي هٿ رکي پيار ڪندا هئا. ڪا به ٻڍي عورت گهٽيءَ ۾ کين ٻانهن کان جهلي بيهاري سگهندي هئي، ۽ پنهنجو ڊگهو احوال ٻڌائي مدد وٺندي هئي، مسلمان ته ڇڏيو پر گستاخ ڪافرن سان گستاخي جو عيوض وٺڻ بدران نرمي ڪندا هئا. حاتم جو پٽ توڙي عيسائي هو، وٽن آيو ته کيس وهڻ لاءِ گاديلو ڏنائون ۽ پاڻ پٽ تي ويهي رهيا، اها هئي سندن مساوات ۽ نماڻائي! مگر اسان جا ليڊر ۽ معزز مسڪين کي پاڻ جهڙوسمجهڻ بدران گارين جا دس چاڙهيندا آهن. اسان جا پير مسڪينن سان نه گڏ وهن نه ساڻن گڏ کائن. قرآن شريف ۾ آهي ته ڪل مومن اخوت يعني سڀ مومن ڀائر آهن. پر اسان جا چڱي ۾ چڱا بزرگ به مساوات ۽ نماڻائي کان عاري آهن. اسان جي اڪثر عالمن جو ته خاص گڻ آهيئي هٺ ۽ وڏائي، حالانڪه رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته جنهن شخص ۾ هڪ داڻو به هٺ جو آهي سو بهشت ۾ نه ويندو.
    ٽيون عاليشان گڻ آهي جان نثاري. رسول الله ﷺ جن ۽ اصحابن سڳورن جو مال، اولاد ۽ جان اسلام ۽ حق تان قربان هو. پنهنجي ذاتي غرض لاءِ نه هو شاهوڪارن جي عزت ڪندا هئا ۽ نه مسڪينن کي حقارت سان ڏسندا هئا. جيڪڏهن ڪو ساڻس زيادتي يا ظلم ڪندو هو ۽ پوءِ سندن قبضي ۾ ايندو هو ته سزا ڏيڻ يا ملامت ڪرڻ بدران شفقت ڪندا هئا، ۽ اهڙي طرح دشمنن جون دليون وٺندا هئا، جنهن ڪري هو مسلمان ٿي پوندا هئا. حضرت علي رضي الله بابت روايت آهي ته جنگ ۾ ڪنهن ڪافر کي ڪيرائي خنجر هڻي مارڻ تي هئا ته ان ڪافر سندن منهن مبارڪ ۾ پنهنجو پليت آب دهن اڇلايو. حضرت علي رضي الله کيس هڪدم ڇڏي ڏنو. ڪافر پڇيو ته هيءُ ڇا ڪيئي مون ته سمجهيو ته هاڻي مون کي چچري عذابن سان ماريندين. پاڻ فرمايائون ته اسان کي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ڪانهي. جيڪڏهن انوقت مان تو کي ماريان ها ته ذاتي دشمني سمجهي وڃي ها، جو تو منهنجي طرف آب دهن اُڇلايو.
    ان ڪافر تي ايترو اثر ٿيو جو هو مسلمان ٿي پيو، هي گڻ به اڄ ڪلهه اسان جي بزرگن ۾ ورلي موجود آهي.
    اهي ٽي گڻ هن وقت مسلمانن ۾ ورلي ڏسڻ ۾ ايندا، مگر ڪن ڪن غير مسلمانن ۾ ڏسجن پيا. منهنجا مسلمان ناظرين ڀائر مون کي معاف فرمائيندا جيڪڏهن مان هڪڙي غير مسلمان جو مثال ڏيان جو در حقيقت گهڻا اخلاق اسلام کان ئي سکيو آهي. مسٽر موهن لعل ڪرمچند گانڌي مسلمان ناهي، مگر هميشه حق جي تلاش ۾ رهيو آهي، جيڪي هن کي حق سمجهڻ ۾ آيو آهي، تنهن تي عمل ڪندو آهي، ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان جي تبليغ ڪرڻ ۾ ڪنهنجي به پرواهه نه ڪندو آهي، ۽ نقصانن سهڻ لاءِ تيار رهندو آهي. هو کليو کلايو اسلامي دعائون عبادت طور پڙهندو آهي، ۽ چوندو آهي ته اسلام سچو مذهب آهي، ۽ اسلام جو پيغمبر سچو آهي، ۽ پڻ چوندو آهي ته مان پنهنجا ڪيترائي اصول ۽ گڻ اسلام کان سکيو آهيان. سندس زندگي ڏسبي ته مٿي بيان ڪيل ٽي عاليشان گڻ 1- سادگي 2- مساوات ۽ نماڻائي 3- جان نثاري گهڻي قدر منجهس موجود آهن. اها ڪهڙي نه ارمان جي ڳالهه آهي جو اسلامي اخلاق ڪن غير مسلمانن ۾ موجود آهن، مگر اسان جي بزرگن ۾ موجود نه آهن. ڇو نه آفرين ڏجي اهڙن غير مسلمانن کي ۽ ڇو نه ارمان ڪجي پنهنجي حالت تي جو اسلام جي عاليشان تعليم هوندي به اسان هر طرح بگڙيل آهيون.
    ڪي ناظرين پڇندا ته جيڪڏهن گانڌي اسلام ۽ باني اسلام ﷺ کي سچو ٿو سمجهي ته پوءِ مسلمان ڇو نه ٿو ٿئي؟ انهي جو جواب هيءُ آهي ته گانڌي خواه ٻين ڪيترن غير مسلمانن بلڪ ڪن مسلمانن ۾ هڪ عجيب خيال ويٺل آهي، هو سمجهن ٿا ته نه رڳو اڳيان پيغمبر پر حضرت ﷺ جن به فقط پنهنجي پنهنجي ملڪ ۽ وطن لاءِ هئا. نون ملڪن ۽ نون وقتن ۾ نيون حالتون پيدا ٿين ٿيون، تنهنڪري ڪو به مذهب ڪامل ناهي. ائين سمجهڻ لاءِ هنن کي بلڪل ڪافي سبب آهن ڇو ته پوين بگڙيل عالمن اهڙا اهڙا عقيدا ٺاهيا آهن، جن کان سڀ ڪنهن عقل واري کي نفرت ٿي اچي. اهڙا هزار مثال ڏيئي سگهان ٿو، مگر هت فقط هڪ بيان ڪندس. بگڙيل عالمن جو خيال آهي ته غير مسلمانن کي جبرن مسلمان ڪجي، نه مسلمان ٿين ته انهن کي قتل ڪرڻ گهرجي، مرتد کي قتل ڪرڻ بابت ته سندن اتفاق آهي. انهن عالمن کي جيڪڏهن چئجي ٿو ته اهو عقيدو خود قرآن شريف جي آيتن ۽ حضرت جن ۽ خلفاءِ راشدين جي قولن ۽ عملن جي خلاف آهي ته به نٿا مڃن. قرآن شريف جي آيت ”لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیْنِ- يعني دين جي باري ۾ جبر ڪونهي.“ منسوخ ٿا سمجهن. حالانڪه ڪيترن اوائلي تفسيرن ان کي منسوخ ڪونه ڪيو آهي ۽ ڪوئي به عقل وارو قبول نه ڪندو ته جبر ڪرڻ مان ڪو فائدو نڪري ٿو سگهي. بلڪه ايترو نقصان ٿيندو جو ڪروڙين حياتيون ضايع ٿينديون ۽ انهن جو نسل ئي نابود ٿي ويندو. ازانسواءِ جيڪي جبرن مسلمان ٿيندا سي ظاهري مسلمان هوندا، مگر اندروني طرح منافقن وانگر اسلام جي بيخ ڪني ڪرڻ جي ڪوشش وٺندا رهندا. سڄي غير اسلامي دنيا ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ عالمگير جنگ لڳي ويندي، جنهنجو نتيجو اسلام جو واڌارو نه ٿيندو پر دنيا جي تباهي ۽ خود اسلام جي تباهه ٿيندي.
    قصو ڪوتاه اسان جي عالمن جي بگاڙي جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو غير مسلمانن کي اسلام کان نفرت آهي. خود مسلمانن مان ڪيترائي پڙهيل مسلمان اندروني طرح اسلام کان ڦريل آهن ۽ عوام الناس ته رڳو نالي جا مسلمان آهن، نه اسلام جي خبر اٿن، نه وري سندن عمل اسلامي آهن. هو هر طرح بد اخلاق ۽ ذليل ۽ تباهه ٿي رهيا آهن. اسلام جي تبليغ جو رستو فقط هي آهي ته اسان نئين سر اصلاح ۽ سڌارو ڪيون. عملن مسلمان ٿيون، بدعتون ڪڍي رسول الله ﷺ ۽ سندس اصحابن سڳورن وارا اخلاق ۽ روش وٺون ته پوءِ غير مسلمانن ۾ از خود اسلام لاءِ محبت ۽ صداقت پيدا ٿيندي ۽ هو مسلمان ٿي پوندا. ڏسو، اوائلي زماني ۾ غير مسلمان فوجن جون فوجون ۽ ملڪن جا ملڪ مسلمانن جي روش ڏسي مسلمان ٿي پيا! هن وقت غير مسلمانن کي اٽلندو اسلام ۽ مسلمانن کان نفرت آهي. ان ۾ گهڻو ڏوهه اسان جو آهي نه سندن. تنهن هوندي به ڪيترن ئي غير مسلمانن کي آفرين آهي جو سڌيءَ طرح قرآن شريف ۽ اسلامي تاريخ پڙهي ڪجهه ڪجهه اسلامي تعليمات اختيار ڪن ٿا.
    هن باب جي پڇاڙيءَ ۾ مان هڪڙو مثال ڪوڙي ۽ سچي تعريف جو پيش ٿو ڪريان ۽ اهو آهي امام اعظمؓ جو. سندس اهو ذڪر مولانا شبلي ؓ جي ڪتاب سيرت النعمان مان اخذ ڪري پيش ٿو ڪريان. مولانا شبليؓ جا ٽي ڪتاب، 1- سيرت النبي يعني رسول الله ﷺ جي حياتي جو احوال. 2- الفاروق يعني حضرت عمر رضي الله جي حياتيءَ جو احوال ۽ 3- سيرت النعمان يعني امام اعظم سڳوري جي حياتيءَ جو احوال آهي. ٽيئي ڪتاب خصوصاً پڙهڻ جهڙا آهن. مولانا شبليؓ لکي ٿو ته اسان جي تاريخ نويسن امام اعظم جي اخلاق ۽ عادتن جي جيڪا تصوير ڪڍي آهي تنهن ۾ خوش اعتقادي ۽ مبالغي جو ايتري قدر رنگ ڀريل آهي جو امام صاحب جي اصلي صورت سڃاڻي نٿي سگهجي. چاليهه سال سومهڻي جي وضوءَ سان صبوح جي نماز پڙهيائين، ٽيهه سال لاڳيتا روزا رکيائين، جتي وفات ڪيائين اتي ست هزار ڀيرا قرآن شريف ختم ڪيائين، ڪوف جي نهر ۾ شبه وارو گوشت جو ٽڪر پئجي ويو ته هن خيال جي ڪري ته اهو مڇين کاڌو هوندو ۽ مڇيون گهڻو وقت جيئريون رهن ٿيون ڪيتريءَ مدت تائين مڇي نه کاڌائين اهڙيءَ ئي طرح هڪ شبه جي ڪري ٻڪري جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنائين، سندس ذاتي خرچ فقط ڏهه آنا مهينو هو. اهي ۽ انهي قسم جا افسانا سندس بابت مشهور آهن، ۽ لطف هي ته اسان جا تاريخ نويس انهن دور از ڪار قصن کي امام صاحب جي ڪمالات جو جوهر ٿا سمجهن، حالانڪه اهي واقعا نه تاريخي اصول سان ثابت آهن، ۽ نه انهن جي ڪري ڪنهن جي شرف ۽ شان جو واڌارو ٿي سگهي ٿو.
    نوٽ- امام صاحب جن جيڪڏهن سنڌ جا رهاڪو هجن ها ته پوءِ ته سوين واهيات قصا ۽ هزارين ڪوڙيون ڪرامتن جون ڪهاڻيون به ٺاهيون وڃن ها).
    امام صاحب جي دانشمندي دقيقه سنجي ۽ نقعه شناسيءَ تي جڏهن نظر ٿي پوي جنهنجو ثبوت بلڪل عيان موجود آهي تڏهن انهن واقعن تي مشڪل سان يقين اچي ٿو سگهي، جي رهبانيت ۽ بي اعتداليءَ جي حد کان به گهڻو ٻاهر آهن.
    امام صاحب جي اخلاقي خوبين جي صحيح مگر اجمالي تصوير ڏسڻي هجي ته قاضي ابو يوسف جي تقرير ٻڌو جا خليفه هارون الرشيد جي اڳيان ڪئي هوائين. خليفه هارون هڪ موقعه تي قاضي صاحب موصوف کي چيو ته ابو حنيفي جون وصفون بيان ڪر، هن چيو ته جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو ابو حنيفي جا اخلاق ۽ عادات هيءُ هئا ته نهايت پرهيزگار هو. منهيات کان گهڻو دور رهندو هو. اڪثر ڪري چپ رهندو هو ۽ سوچ ويچار ڪندو هو، ڪوئي شخص مسئلو پڇندو هو ۽ کيس معلوم هوندو هو ته جواب ڏيندو هو نه ته خاموش رهندو هو. نهايت سخي ۽ فياض هو. ڪنهن به شخص وٽ ڪنهن ڪم لاءِ ڪونه ويندو هو، انهي لاءِ ته هيءُ ڪم ڪري ڏيو، يا هيءَ حاجت پوري ڪريو. دنيائي ماڻهن کان احتراز ڪندو هو. دنيوي مرتبي ۽ عزت کي حقير سمجهندو هو. غيبت يعني پرپٺ عيب جوئي ڪرڻ کان گهڻو پري ڀڄندو هو. جڏهن ڪنهن جو ذڪر ڪندو هو ته چڱائي بيان ڪندو هو، تمام وڏو عالم هو ۽ مال وانگر علم جي صرف ڪرڻ ۾ به فياض هو.
    هارون الرشيد اهو ٻڌي چيو ته صالحين جا اهي ئي اخلاق هوندا آهن. عام ماڻهن جي نگاهه ۾ هيءُ ڳالهيون گهڻي وقعت نٿيون رکن، مگر روحاني اوصاف وارا نڪته شناس ئي سمجهي سگهن ٿا ته هي طرز زندگي ظاهر ۾ جيتري قدر سادي ۽ آسان آهي در اصل اوتري ئي قدر مشڪل ۽ قدر جي لائق آهي. (نوٽ. سنڌين کي ته مٿين تعريف تمام خشڪ ۽ بيڪار نظر ايندي. قاضي ابو يوسف کي چوڻ گهربو هو ته ڪروڙ صلواتون هر روز ڪڍندو هو، قبرن تي قرآن شريف جا ختما ڪڍندو هو، چاليها ڪڍندو هو، لکين ماڻهو تعويذ لکائڻ ايندا هئا ۽ سندس تعويذ اهڙا لڳندا هئا جو ڇا چئجي؟ ڪرامتن جا تجربا روزمره ڏسڻ ۾ ايندا هئا، مئا جياريندو هو، پاڻ ڪوفي ۾ ئي هوندو هو ته حاجي کيس مڪي شريف ۾ ڏسندا هئا، روزانه رسول اللهﷺ جي پٺيان نماز ادا ڪندو هو، ڪنهن کي هڪ نظر سان ولي ڪري ڇڏيندو هو ته ڪنهن کي هڪ پاراتي سان تباهه ڪري ڇڏيندو هو. وغيره وغيره.)
    امام صاحب اميرن کان نذر وغيره وٺڻ جي خلاف هو، ۽ درٻار ۽ اميرن کان دور رهندو هو. هن بي تعلقي مان هڪ وڏو فائدو هيءُ هو جو حق جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪنهن جو ڊپ ڪونه ڪندو هو. انسان ڪيترو به آزاد مزاج ۽ صاف چوندڙ هجي پر احسان اهو لڪل جادو آهي جو ان جي اثر کان بچڻ ناممڪن آهي. امام صاحب سڄي عمر ڪنهن جو به احسانمند نه ٿيو ۽ انهيءَ ڪري سندس آزاديءَ کي ڪا به شيءَ دٻائي نه سگهي. خليفو منصور ۽ سندس زال حره خاتون جي وچ ۾ ڪجهه شڪر رنجي ٿي پئي هئي. خاتونءَ کي شڪايت هئي ته خليفه عدل نٿو ڪري، منصور چيو ته ڪنهن کي به امين ڪر. هن امام صاحب جو نالو ورتو. امام صاحب کي گهرايو ويو. خاتون پرده جي قريب ويهي رهي ته امام صاحب جو فيصلو ڪري سو پاڻ پنهنجي ڪنن سان ٻڌان. منصور پڇيو ته شرع موجب مرد ڪيترا نڪاح ڪري ٿو سگهي؟ امام صاحب چيو ته چار، منصور خاتون جي طرف مخاطب ٿي چيو ته ٻڌين ٿي؟ پرده مان آواز آيو ته هائو ٻڌم. امام صاحب منصور جي طرف خطاب ڪري چيو مگر هيءَ اجازت ان شخص لاءِ خاص آهي جو عدل تي قادر هجي نه ته هڪ کان وڌيڪ نڪاح ڪرڻ چڱو ناهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، ”فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَۃً“ منصور چپ ٿي ويو. امام صاحب گهر آيو ته هڪ نوڪر پنجاهه هزار درهمن جو ٿيلهو کڻي اچي حاضر ٿيو ۽ چيائين ته خاتونءَ نذر موڪليو آهي. امام صاحب پيسا موٽائي موڪليا، ۽ خادم کي فرمايائين ته خاتون کي چئجانءَ ته مون جو ڪجهه چيو سو ڪنهن غرض سان ڪونه چيم، بلڪ منهنجو منصبي فرض هو.
    امام صاحب جو واپار نهايت وسيع هو، لکن جي ڏيتي ليتي هئي. گهڻن شهرن ۾ گماشتا مقرر هئا، وڏن وڏن سوداگرن سان معاملو رهندو هو، اهڙي وڏي ڪارخاني هوندي به ديانت (ايمانداري) ۽ احتياط (خبرداري) جو ايتري قدر خيال رکندو هو جو ناجائز طور هڪ داڻو به ان جي خزاني ۾ نه پئجي سگهندو هو. اهڙي احتياط جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن نقصان به سهڻو پوندو هون، مگر ان جي ڪجهه به پرواه ڪانه ڪئي ويندي هئي. هڪڙي ڀيري حفص بن عبدالرحمان ڏي خز جا تاڪيا (ٿان) موڪليائين ۽ چوائي موڪليائين ته فلاڻي فلاڻي ٿان ۾ فلاڻو فلاڻو عيب آهي، خريدار کي ٻڌائجان. هن کي هن هدايت جو خيال نه رهيو، ٿان وڪڻي ڇڏيائين، ۽ خريدارن کي ان عيب جو اطلاع ڪونه ڏنائين. امام صاحب کي معلوم ٿيو ته نهايت افسوس ڪيائين، ٿانن جي قيمت جا ٽيهه هزار درهم ئي سڀ خيرات ڪري ڇڏيائين.
    هڪڙي ڏينهن هڪڙي عورت خز جو ٿان کڻي آئي ته وڪڻائي ڏي. امام صاحب قيمت پڇي، هن سو رپيا ٻڌايا. پاڻ فرمايائين ته گهٽ آهي. هن چيو ته ٻه سو رپيا. پاڻ فرمايائين ته هي ٿان پنجن سون کان گهٽ نه لهي. هن عجب کائي چيو ته توهان شايد چرچو ٿا ڪيو‍! امام صاحب پاڻ پنج سو رپيا ڏنا ۽ ٿان وٺي رکيائين. هن احتياط ۽ ديانت ڪارخاني کي نقصان پهچائڻ بدران وڌيڪ چمڪائي ڇڏيو.
    تجارت ۽ دولت جي ڪمائڻ مان سندس مقصد زياده تر عوام کي فائدي پهچائڻ جو هو. جيترا دوست ۽ ملڻ وارا هوندا هئا تن سڀني جا روزينا مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. شيخن ۽ محدثين جي واسطي تجارت جو هڪ حصو مخصوص ڪري ڇڏيو هئائين، ۽ ان مان جيڪو نفعو ٿيندو هو سو سال بسال انهن کي پهچائي ڏنو ويندو هو. سندس عادت هئي جو گهر وارن جي لاءِ ڪا شيءَ خريد ڪندو هو ته اوتريئي قدر محدثين ۽ عالمن ڏي به موڪلي ڏيندو هو. اتفاقن ڪو شخص ملڻ ايندو هو ته ان جو حال پڇندو هو، پوءِ جيڪڏهن هو حاجتمند هوندو هو ته ان جي حاجت روائي ڪندو هو. شاگردن مان جنهن کي تنگ حال ڏسندو هو تنهن جي خانگي ضرورتن جي پورائي ڪندو هو، انهيءَ لاءِ ته دلجمعي سان علم جي تحصيل ڪري سگهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو جن کي مسڪينائي سببان علم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي نٿي سگهيو سي امام صاحب جي دستگيريءَ سان وڏن وڏن درجن کي پهتا، قاضي ابو يوسف به انهن مان هو.
    اهڙي دولت مندي ۽ عظمت ۽ شان هوندي به امام صاحب نهايت نماڻو، حليم ۽ خليق هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن مسئله بابت گفتگو ڪندي فرمايائين ته امام حسن بصري ان ۾ غلطي ڪئي آهي. مجلس ۾ هڪ اهڙو شخص هو جو امام حسن بصري جو معتقد هو، تنهن غصي ۾ اچي زور سان چيو ته اي فاحش عورت جا پٽ تون امام حسن کي خاطي ٿو ڪوٺين! سڄي مجلس کي انهيءَ تي جوش اچي ويو ۽ ارادو ڪيائون ته ان شخص کي مار ڪڍون، مگر امام صاحب منع ڪئي. جڏهن ڪجهه وقت ماٺ رهي ۽ جوش ڍرو ٿيو تڏهن امام صاحب فرمايو ته ها امام حسن غلطي ڪئي آهي، ۽ عبدالله بن مسعود هن باري ۾ جا روايت ڪئي آهي سا صحيح آهي.
    يزيد بن ڪميت جو بيان آهي ته هڪ دفعي مان امام ابو حنيفه جي خدمت ۾ حاضر هوس، هڪ شخص ساڻس گستاخي سان گفتگو شروع ڪئي. امام صاحب تحمل سان جواب پي ڏنا، ۽ هو شوخ پوندو پي ويو، تان جو امام صاحب کي زنديق ڪوٺيائين. تنهن تي پاڻ فرمايائين ته خدا توکي بخشي، هو خوب ڄاڻي ٿو ته منهنجي نسبت تو جيڪو لفظ چيو سو صحيح ناهي. امام صاحب پاڻ فرمائيندو هو ته مون ڪنهن تي لعنت نه ڪئي، ڪنهن کان به وير نه ورتم ڪنهن به مسلمان يا ذمي کي رنج ڪونه پهچايم، ۽ ڪنهن سان به فريب يا بد عهدي ڪانه ڪيم.
    امام سفيان ثوري ۽ امام صاحب جي وچ ۾ ڪجهه شڪر رنجي هئي، هڪ شخص امام صاحب کي اچي چيو ته سفيان توهان کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي، امام صاحب فرمايو ته خدا مون کي ۽ سفيان ٻنهي کي بخشي. سچ هي آهي ته امام نخعي جي موجود هوندي به جيڪڏهن سفيان دنيا مان اٿي وڃي ته مسلمانن کي سفيان جي وفات تي ماتم ڪرڻو پوي.
    هڪڙي ڏينهن مسجد ۾ سبق پي ڏنائين. ڪنهن شخص جنهن جي ساڻس دشمني هئي عام مجلس ۾ اچي ان جي بنسبت خراب لفظ ڳالهايا، پاڻ ڪجهه خيال نه ڪيائين ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهيو، شاگردن کي به منع ڪيائين ته هن ڏي خيال نه ڪريو. سبق پورا ڪري اٿيو ته اهو شخص به ساڻس گڏ هليو، ۽ جيڪي جيڪي پي وڻيس سو بڪندو پي ويو. امام صاحب جڏهن پنهنجي گهر کي ويجهو پهتو، تڏهن بيهي رهيو ۽ فرمايائين ته ادا هي منهنجو گهر آهي، باقي ڪجهه رهيل آهي ته چئي وٺ جو مان هاڻي اندر ٿو وڃان، پوءِ تو کي موقعو نه ملندو.
    امام صاحب نهايت رقيق القلب (رحمدل) هو ۽ ڪنهن کي تڪليف ۽ رنج جي حالت ۾ ڏسندو هو ته بيتاب ٿي پوندو هو. هڪ دفعي مسجد ۾ ويٺو هو ته ڪنهن ماڻهوءَ اچي چيو ته فلاڻو شخص ڪوٺي تان ڪري پيو آهي. هڪدم اهڙي زور سان رڙ ڪري اٿيو جو مسجد ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. درس جو حلقو ڇڏي پيرين اگهاڙو اٿي ڀڳو، ۽ ان جي گهر پهچي تمام گهڻي غمخواري ۽ همدردي ڪيائين. جيستائين هو بيمار هو تيستائين هو هر روز صبوح جو ويندو هو ۽ ان جي تيمارداري ڪندو هو. ايتري نرم دليءَ هوندي به پاڻ تي ڪا مصيبت ايندي هيس ته اهڙي استقلال سان برداشت ڪندو هو جو ماڻهن کي عجب لڳندو هو. آفيسرن ۽ درٻارين جي هٿان اڪثر هن کي تڪليفون پهتيون، مگر هن جي ثابت قدمي کي ذرو به لوڏو نه آيو. نهايت مضبوط دل رکندو هو ۽ ضبط اسقتقلال گويا هن جي طبيعت هئي.
    هڪڙي ڏينهن مسجد ۾ سبق پي ڏنائين اراد تمندن جي وڏي ٽولي موجود هئي. اتفاقن ڇت مان هڪڙو نانگ ڪريو، ۽ امام صاحب جي هنج ۾ اچي پيو. سڀ ماڻهو بي اختيار خوف ۾ ڀڄي ويا، مگر پاڻ اهڙي ئي آرام سان ويٺو رهيو جيئن اڳي ويٺو هو.
    امام صاحب نهايت متقي ۽ زاهد هو. ذڪر ۽ عبادت ۾ کيس مزو ايندو هو ۽ وڏي ذوق ۽ خلوص سان ادا ڪندو هو. هن باري ۾ سندس مشهوري عام ٿي ويئي هئي. علامه ذهبي لکيو آهي ته هن جي پرهيزگاري ۽ عبادت جا واقعا تواتر جي حد کي پهچي ويا آهن. اڪثر ڪري نماز ۾ يا قرآن شريف پڙهڻ وقت رقت طاري ٿيندي هئي، ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ روئندو هو. ابراهيم بصري جو بيان آهي ته هڪ دفعي فجر جي نماز ۾ مان امام ابو حنيفه سان شريڪ هوس، نماز پڙهندڙ امام هيءَ آيت پڙهي ”وَلَا تَحْسَبَنَّ اللهَ غَافِلًا عَمَّا یَعْمَلُ الظّٰلِمُوْنَ“ يعني خدا کي ظالمن جي عملن کان بي خبر نه سمجهو. امام ابو حنيفه سان اهڙي حالت ٿي ويئي جو سڄو بدن ڪنبڻ لڳو. زايدهه چوي ٿو ته مون کي هڪ ضروري مسئلو دريافت ڪرڻو هو، امام ابو حنيفه سان سومهڻي جي نماز ۾ شريڪ ٿيس، ۽ منتظر رهيس ته نفلن کان فارغ ٿئي ته دريافت ڪريان. هو قرآن شريف پڙهندي پڙهندي هن آيت تي پهتو، ”وَ وَقٰىنَا عَذَابَ السَّمُوْمِ“ بار بار ان آيت کي پي پڙهيائين تان جو صبوح ٿي ويو ۽ ساڳي ئي آيت پڙهندو رهيو. هڪڙي ڀيري نماز ۾ هي آيت پڙهيائين، ”بَلِ السَّاعَۃُ مَوْعِدُهمْ وَ السَّاعَۃُ اَدْهٰی وَ اَمَرُّ“، يعني قيامت گنهگارن جي وعده گاهه آهي، ۽ قيامت سخت مصيبت واري ۽ اڻ وڻندڙ شيءِ آهي. انهيءَ آيت ۾ رات ختم ڪيائين، بار بار پي پڙهيائين ۽ رنو پي.
    يزيد بن ڪميت هڪ مشهور عابد ۽ امام صاحب جو همعصر هو. ان جو بيان آهي ته مان هڪ دفع عشاءَ جي نماز ۾ ابو حنيفه سان شريڪ هوس. نماز پڙهائيندڙ امام اذا زلزلت الارض پڙهي. ماڻهو نماز پڙهي هليا ويا، مان ترسي پيس، امام ابو حنيفه کي ڏٺم ته ويٺي ويٺي ٿڌا ساهه پيو کڻي، مان اٿي آيس ته سندس مصروفيتن ۾ خلل نه پوي. صبح جو مسجد ۾ ويس ته ڏٺم ته غمزدهه ويٺو آهي، ڏاڙهي هٿ ۾ آهي، ۽ وڏيءَ رقت سان پيو چوي ته: ”اي الله سائين! تون جو نيڪي جي ذرڙي ۽ بديءَ جي ذرڙي ٻنهين جو بدلو ڏيندين. نعمان پنهنجي غلام کي آگ کان بچائجان.“ هڪڙي ڀيري بازار مان پي ويو هڪڙي ڇوڪر جي پير تي پير اچي ويس، ڇوڪر کان رڙ نڪري ويئي ۽ چيائين ته تون خدا کان نٿو ڊڄين! امام صاحب بيهوش ٿي ويو. هڪ دفعو عادت موجب دڪان تي ويو، نوڪر ڪپڙن جا ٿان ڪڍي رکيا. ۽ چيائين خدا اسان کي جنت ڏئي. امام صاحب تي رقت طاري ٿي ويئي، ۽ ايترو رنو جو هنجون پسي پيون. نوڪر کي چيائين ته دڪان بند ڪر. پاڻ منهن تي رومال وجهي ڪنهن پاسي نڪري ويو. ٻئي ڏينهن دڪان تي ويو ته نوڪر کي چيائين ته ادا اسان اهڙا ڪٿي آهيون جو جنت جي آرزو رکون، اهو ئي گهڻو آهي ته الاهي عذاب ۾ گرفتار نه ٿيون! حضرت عمر فاروق رضي الله به اڪثر فرمائيندو هو ته قيامت جي ڏينهن مون کي نه سزا ملي نه انعام ملي ته مان بلڪل راضي رهان.
    هڪڙي ڀيري ڪنهن کي مسئلو ٻڌائي رهيو هو. هڪ شخص چيو ته ابو حنيفه! خدا کان ڊڄي فتويٰ ڏيندا ڪريو. امام صاحب تي هن جو ايترو اثر پيو جو چهري جو رنگ زرد ٿي ويو، ان شخص ڏانهن مخاطب ٿي چيائين ته ادا خدا توکي چڱي جزا ڏئي جيڪڏهن مون کي هي يقين نه هجي ته خدا مون کان پڇاڻو ڪندو ته ڄاڻڻ هوندي به علم کي ڇو لڪائيءِ مان هرگز فتويٰ نه ڏيان. ڪوئي مشڪل مسئلي اچي پوندو هو ۽ جواب معلوم نه هوندو هوس ته پريشان ٿيندو هو، ۽ انديشو ڪندو هو ته غالبن ڪو گناهه ڪيو اٿم، هيءَ ان گناهه جي شامت آهي. پوءِ وضو ڪري نماز پڙهندو هو ۽ استغفار ڪندو هو.
    امام صاحب بابت هيءُ ٿورڙا اوصاف ۽ ٿورڙا واقعا بيان ڪيا اٿم. مولانا شبلي جو سڄو ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. امام صاحب جي ذهن ۽ فهم جي تيزيءَ جا مثال به بيشمار ڏنل آهن. مٿيون بيان فقط هن ڪري ڏنل آهي ته منهنجا سنڌي ڀائر ڏسن ته سچي بزرگي ڇا آهي، ۽ بيڪار بزرگي ڇا آهي؟ مٿين مثالن مان ڏسي سگهندو ته روحاني جذبو ۽ ايماني قوت ۽ خدا جو خوف ڇا آهي؟ رسول الله ﷺ ۽ مشهور اصحاب سڳورن جي حالت ته اڃا به اور هئي، اهي به امام صاحب وانگر واپار يا ڌنڌو يا مزوري ڪري گذران ڪندا هئا، وڏا سخي ۽ فياض هئا، وغيره وغيره. رسول الله ﷺ جن نماز پڙهندي ڪنهن اهڙي آيت تي ايندا هئا جنهن ۾ عذاب جو دڙڪو هوندو هو ته روئڻ ۽ سڏڪن ۾ ڪيتروئي وقت لڳي ويندو هون. کين پنهنجي پيروي ڪندڙ مسلمانن بلڪ ڪافرن جي لاءِ به سخت اونو رهندو هو. خود قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ کين ٿو فرمائي ته تون پاڻ کي انهيءَ ڏک ۾ ماري ڇڏيندين ڇا جو هو ايمان نه ٿا آڻين؟ ڏسو ته ڪافرن جي ڀلائي واسطي ڪيترو کين خيال هو جو ڳڻتيءَ ۾ پاڻ کي پي ڳاريائون. اسان جي بزرگن کي اسان جي تباهه حالت تي ذرو به افسوس ڪونهي، نڪي اسان جي سڌاري لاءِ باقاعده ڪوشش ٿا وٺن.
    ناظرينو! توهان جيڪڏهن اصحابن سڳورن ۽ تابعين ۽ تبع تابعين جا احوال پڙهو ته انهن ۾ به ساڳيا امام صاحب وارا اخلاق ۽ اوصاف نظر ايندا. مگر انهن بابت ائين ڪان پڙهندو ته فلاڻو ولي هو، (سڀ ڪو مومن شريعت تي هلندڙ ۽ چڱا عمل ڪندڙ ولي الله آهي جئين خود قرآن شريف ۾ فرمايل آهي) يا شريعت کون اڳتي لنگهي طريقت جون منزلون لتاڙي معرفت ۽ حقيقت تي پهتو هو، فنافي الله هو، پهتل هو، امانت وارو هو، ڪرامت جو صاحب هو، يعني خرق عادت ڪري ڏيکاريندو هو، مئا جياريندو هو، غوث زمان، قطب دوران هو، يا قلندر هو، يا جبروت ملڪوت لاهوت لنگهي هاهوت مٿي رسيو هو، يا سلطان الا ذڪار جو ذڪر پڇائي انا الحق جو نعرو هنيائين، ان وقت سندس جسم کي تلوار هنئي ويئي ته ائين لنگهي ويئي جيئن هوا مان لنگهي وڃي، ۽ جسم کي ڪجهه به نه ٿيو، يا کيس ملن مارائي ساڙائي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته گوشت جي ٽڪرن ۽ خاڪ ۽ پاڻي به انا الحق انا الحق پي ڪيو، يا ڪم باذني چوڻ سان ٻار کي جيئرو ڪرڻ ڪري ملن سندس کل لهرائي ته به گهمندو ڦرندو رهيو، ۽ سج مٿان لهي ايندو هو جنهن جي تَو تي طعام تيار ڪري کائيندو هو، اهڙي تعريف اوائلي مسلمانن جي بلڪل لکيل ڪانهي. انهي مان ائين سمجهبو ڇا ته اوائلي مسلمانن ۾ ڪجهه به ڪين هو، پويان انهن کون وڌيڪ هئا؟ اڄ ڪلهه ڪنڊو، ڪرڙ، توت، ونگو، ميهو سڀ ولي ۽ ڪرامت جا صاحب پيا سڏجن، ۽ انهن بابت هزارين ڪرامتون بيان ڪيون ٿيون وڃن، مگر منجهن اصحابن سڳورن جي عملن ۽ اخلاقن جي بوءِ به ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. ناظرينو خدا جي واسطي اکيون پٽيو، فريبن ۽ ٺڳين کان بچو قرآن ۽ حديث جو مطالعو ڪيو رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن وارا عمل ڪريو ته الله تعاليٰ توهان کي بخشي ۽ ڪامياب ڪري!


    ڪلمو شريف

    ڪلمي شريف جو بيان اڳ به اچي ويو آهي. وري به تاڪيد ڪري ٿو چئجي ته ڪلمي شريف جي معنيٰ سمجهڻ گهرجي، ۽ هر وقت ان جي معنيٰ تي غور ڪري ان کي پڙهجي، ڇو ته عملن جو مدار ان جي معنيٰ تي آهي، ۽ اسلام جو سڄو مدار توحيد تي آهي. هڪڙي ڪرستان جارج سيل جنهن قرآن شريف جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي سو ديباچي ۾ لکي ٿو ته-:
    لا اِلهٰ اِلا اِلله ۾ سڄو اسلام سمايل آهي. توحيد جو ضد شرڪ آهي جو سڀني گناهن کان وڏو گناهه ۽ سڀني ظلمن کان وڏو ظلم آهي. شرڪ جو بيان مولوي دين محمد صاحب وفائي جي ڪتاب توحيد الاسلام ۾ چڱيءَ طرح بيان ڪيل آهي. ان ڪتاب جي ڪن ڳالهين تي ڪن عالمن جو اعتراض آهي. اُنهن عالمن کي گهرجي ته اُنهن اعتراض وارين ڳالهين کي جدا ڪري باقي جيڪي ڳالهيون سچ پچ شرڪ آهن تن بابت عوام الناس کي رات ڏينهن ڪري سمجهائين ڇو ته هن زماني ۾ شرڪ بلڪل زور وٺي ويو آهي. مولوي صاحب حڪيم فتح محمد جي تازي تصنيف نورالايمان ۾ پڻ شرڪ ۽ بدعتن جي تمام سهڻي سمجهاڻي ڏنل آهي.
    سچو موحد اهو آهي جو حق چوڻ ۾ ۽ حق تي هلڻ ۾ نه پنهنجي حرص و هوائن جا خيال رکي، ۽ نه ڪنهن انسان کان ڊڄي، ۽ نه پنهنجي سر جو سانگو رکي. اڄ ڪلهه گهڻا عالم چوندا آهن ته اسان ڇا ڪيون، مجبور آهيون. جان بچائڻ فرض آهي، مصلحت کي ڏسڻو آهي وغيره وغيره! اها ڪمزوري آهي، دل کوٽي عذر گهڻا. اسان جيڪڏهن الله تعاليٰ جي ڪنهن حڪم جي خلاف ٿا هلون ته گويا شيطان کي ٿا مڃون نه الله تعاليٰ کي، شيطان کي معبود ٿا بنايون نه خدا پاڪ کي، پنهن جي حرص وهوس کي ٿا پوڄيون نه پنهنجي پالڻهار کي، ڪنهن انسان يا انسانن جو خوف ٿا رکون نه الله تعاليٰ جو.
    اسلام ۾ ڪروڙين مسلمان پڪا موحد ٿي گذريا آهن، مگر هن وقت ڪو ورلي آهي. جيڪي به عالم مون ڏٺا آهن تن ۾ مرحوم مولانا الهيٰ بخش مون کي بلڪل متقي ڏسڻ ۾ آيو. هن ويچاري نڪي مريد ڪيا، نڪي پراون پيسن ۽ دعوتن تي گذران ڪيو. هميشه تعليم ڏيڻ ۾ مصروف رهيو، پڄي سگهندو هوس ته طالب علمن کي مدد پڻ ڪندو هو. سندس اخلاق اهڙا هئا جو مڪانن جي موالين سان به مرڪي ڳالهائيندو هو. ڪنهن سان چڙ ڪونه ڪندو هو. جيڪو گاريون ڏيندو هوس تنهن جو ٻئي ڏينهن منجهس ڪم پوندو هو ته ڏوراپي ڏيڻ کان سواءِ سندس ڪم ڪندو هو.
    پر هڪڙي غير مسلمان جو مثال وٺو! مسٽر گانڌي پنهنجي خيال موجب ڌڻيءَ کي مڃيندڙ آهي، بتن يا سج چنڊ وغيره ۾ ايمان ڪونهيس، نڪي شري رامچندر ۽ ڪرشن مهراج کي ڀڳوان ڪري ٿو سمجهي. هن کي رڳو اها خبر ڪانه ٿي پوي ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪلام آهي ۽ ڪامل ڪلام آهي. پر تنهن هوندي به سندس عملي قوت ته ڏسو، جنهن به ڳالهه کي حق ٿو سمجهي تنهن تي هڪدم عمل ٿو ڪري، پوءِ ان ۾ سندس گلا ٿئي ته ڇا ٽوڪبازي ٿئي ته ڇا، سڄي دنيا خلاف ٿي پوي ته ڇا، بلڪ سر به هليو وڃي ته ڇا، اهڙو ماڻهو هڪ خدا کان سواءِ ڪنهن کان ڪونه ٿو ڊڄي. اسان مسلمان الله تعاليٰ جي پاڪ ۽ ڪامل ڪتاب ۾ ايمان ٿا رکون مگر مٿس عمل نٿا ڪريون. جيڪڏهن عمل ڪيون ته اسان جي حالت اعليٰ هجي. اهو ئي سبب آهي جو اصحابن سڳورن کي دين ۽ دنيا جي بي انتها ڪاميابي نصيب ٿي.


    نماز

    اڳي ئي چيو ويو آهي ته ڪلمي شريف، نماز وغيره کي هڪ منتر يا منڊ وانگر ادا ڪيو ٿو وڃي ۽ سمجهيو ٿو وڃي ته انهن ۾ جادو يا منتر جو اثر آهي. مثلا ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ کائيندو آهي ته جوڳيءَ کي آڻائبو آهي. جوڳي منڊ پڙهندو آهي ۽ سمجهيو ويندو آهي ته اهو منڊ ماڻهوءَ کي شفا ڏئي ٿو. حقيقت ۾ سياڻا جوڳي پاڻ ئي چوندا آهن ته اسان منڊ پڙهڻ سان گڏ علاج ٿا ڪريون، مثلن زهر چوسي ٿا گيهه پياريون بصر ٿا کارايائون وغيره وغيره. ازان سواءِ منڊ به سر سان ٿا پڙهون جو بيمار کي وڻي ٿو. نه رڳو وڻيس ٿو پر هن کي جاهلائيءَ سببان ويساهه آهي ته اهو مونکي فائدو ڏئي ٿو، تنهنڪري سچ پچ به هن کي فائدو ٿيو وڃي، پير کان ويساهه ڀلو آهي. من ۽ خيال جو اثر بدن تي بلڪل گهڻو ٿو پوي، مسمريزم جو مدار به انهيءَ متي ۽ اصول تي آهي. چوندا آهن ته ٽريننگ ڪاليج ۾، ڪن شاگردن ڪنهن تجويز سان هڪڙي شاگرد کي تپ چاڙهي ڇڏيو، ۽ ٻين وري ساڳي قسم جي تجويز سان لاهي ڇڏيس، ”سوهيئن.“ هڪڙو شاگرد وٽس ويو ۽ چيائينس ته تنهنجو منهن ڦريل ٿو ڏسجي ٻيو ته خير آهي؟ گهڙي کن رکي وري ٻيو شاگرد وٽس لنگهي آيو ۽ رڙ ڪري چيائينس ته مار هي ڇا ٿي ويو اٿئي! لڱن تي هٿ لائي چيائنس ته توکي ته بخار آهي. وري گهڙي رکي ٽيون شاگرد ويس، انهيءَ به ساڳيو ڪم ڪيو. هن ويچاري شاگرد کي جو پڪ ٿيندي وئي سو سچ پچ تپ چڙهي ويس. ڪلاڪ کن رکي وري هڪڙو شاگرد ويس، ۽ چيائنس ته تپ ته ڪو ٿورڙو ٿو ڏسجي، اجايو سمهي پيو آهين. وري ڪجهه وقت رکي ٻيو وٽس ويو، ۽ وڃي نبض ڏسي چيايائنس ته اٿي ويهه ڇو مڪر ڪيو اٿئي، تپ ته ذرو به ڪونه ٿو ڏسجي. گهڙي رکي ٽيون شاگرد وٽس ويو سو ٻانهن کان وٺي گهلي ڪڍيائينس ٻاهر ۽ گهمڻ لاءِ وٺي ويس، تپ ته الائي ڪاڏي ويو. سو ويساهه جو اثر اهڙو ته آهي جو ڪنهن آمريڪن چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت پورو يقين ڪري ته بنا مڙس جي پيٽ ۾ ٻار به ٿي وڃيس. هي جو حال وجهندا آهن يا ٻيا ڪرشما ڪري ڏيکاريندا آهن سو رڳو هن ويساهه يا خيال جي طاقت جو اثر آهي. مگر ڇو هنن منترن ۽ منڊن يا انسانن ۾ ويساهه رکجي. ڇو نه اهو ويساهه رب پاڪ ۾ ۽ کانئس دعا گهرڻ ۾ رکجي. اسلام جا احڪام جادو يا منتر ناهن پر انهن ۾ ظاهر ظهور فائدا رکيل آهن. قرآن ۽ حديث ۾ چٽائي ٿيل آهي ته نماز گناهن کان روڪڻ ۽ دل کي صفا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل آهي ۽ ائين به فرمايل آهي ته جيڪو سمجهه ۽ عقل سان نماز ادا نه ڪندو تنهن کي فائدو ڪونه پوندو. حديث سڳوري ۾ آهي ته جنهن کي نماز گناهن کان نٿي بچائي سو خدا تعاليٰ کان وڌيڪ ۽ وڌيڪ دور ٿو ٿئي. اڄ ڪالهه جي نماز، نماز ناهي پر ائين آهي جئين روح کان سواءِ جسم، بلڪ جسم کي به ڇڏي رڳو پاڇي کي پڪڙيو ويو آهي. حديث شريف ۾ آهي ته نماز اهڙي طرح پڙهو جو ڄڻ ته خدا کي حاضر ٿا ڏسو، پر جي ائين به نه ٿي سگهي ته ايتري ته پڪ رکو ته خدا تعاليٰ ته توهان کي ڏسي ٿو. اسان ۾ اها حالت ته ڪانهي پر رڳو جيڪي نماز ۾ پڙهون ٿا تنهن جي خبر ڪانهي ته ڇا ٿا پڙهون! هڪڙي دوست مون کي چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪر نه ته اسلام جو جيڪو پاڇو بچيو آهي سو پاڇو به گم ٿي ويندو. مون جواب ڏنو ته مان رسول الله ﷺ جا قول ٿو ڏيان نه پنهن جا. ازانسواءِ ائين چوڻ سان ڇو پاڇو به گم ٿي ويندو، ڇو ته ماڻهن کي وري احساس ٿيندو ۽ نماز اهڙيءَ طرح پڙهڻ جي ڪوشش ڪندا جهڙيءَ طرح پڙهڻ گهرجي. مان ائين ته ڪونه ٿو چوان ته چڱيءَ طرح نه پڙهي سگهن ته اصل نه پڙهن. مولوي صاحب چوندا آهن ته ماڻهو جاهل آهن، سڀ ته عربي ڪونه پڙهي سگهندا جو نماز سمجهي پڙهن. شوق ۽ عزم ڪونهي ته پوءِ عذر ڏيڻ بلڪل سولا آهن. ماڻهو جنن ۽ پرين جون ڳالهيون سکن ۽ ٻڌائين ٿا، غزل ۽ ڪافيون سکن ٿا، وڏا وڏا قصا پڙهن ٿا، باقي نماز جي الفاظن جي معنيٰ سکڻ يا سيکارڻ ۾ ڪهڙو جبل ٽاڪڻو آهي؟ هڪڙي ڏينهن بـسم الله ٻئي ڏينهن الحمد الله ٽيئن ڏينهن رب العالمين وغيره جي معنيٰ سيکاريندو وڃجي ته سال جي 365 ڏينهن ۾ ڪيترو نه سکي وڃبو،‍ ڏهن سالن ۾ ته خبر نه آهي ته ڪٿي وڃي نڪربو. مگر مولوين کي شوق ڪٿي آهي جو هو هر روز رڳا پنج منٽ جماعتن سان اها تڪليف وٺن يا پنهن جي شاگرد کي هر روز ڏهه منٽ اسلام جي تعليم ڏين. نماز شوق ۽ ذوق سان ۽ دل جي حضور سان تڏهن پڙهي سگهبي جڏهن الفاظن جي معنيٰ جي خبر هوندي. پوءِ جڏهن ڏينهن ۾ پنج ڀيرا الله تعاليٰ جي يادگيري ڪبي، سندس جلال ۽ عظمت ڳائبي سندس حڪم احڪام ۽ هدايتون دهرائبيون ته ڇو نه خدا جو خوف پيدا ٿيندو ۽ ڇو نه چڱن عملن ڪرڻ جا خيال پيدا ٿيندا.
    جماعت سان نماز پڙهڻ تاڪيدي طور واجب آهي، بلڪ ڪن جو ته خيال آهي ته جيڪو سهولت هوندي به جماعت سان نماز نه پڙهي تنهن جي نماز ڪانه ٿي ٿئي. مگر مسجدن جو انتظام اهڙو ٿي ويو آهي جو جماعت سان نماز پڙهڻ مشڪل ڪم ٿي پيو آهي. سڀني جماعتين جي صلاح سان پورو وقت مقرر ڪرڻ گهرجي. ان مقرر ڪيل وقت تي آذان ڏيڻ گهرجي، ۽ مقرر وقت تي اقامت پڙهي فرض جي نماز شروع ڪجي. آذان ۽ فرضي نماز جي وچ ۾ گهڻو وقت وجهڻ نه گهرجي نه ته ڌنڌن وارا جماعتي تنگ ٿي پوندا. صفائي سٺائي رکڻ گهرجي جيئن جماعتين جا ڪپڙا ميرا نه ٿين. مسجدون هوادار هئڻ گهرجن، ڏکڻ ۽ اتر کان دريون ڪشاديون ۽ جام هئڻ گهرجن، مسجد جي اڳيان ڪشادو ميدان هجي، جتي گل ٻوٽا هڻڻ گهرجن ۽ ڇانو لاءِ وڻ هئڻ گهرجن هڪ حجر به هئڻ گهرجي، پوءِ اوطاقن ۽ مڪانن جي ضرورت ئي ڪانه رهندي.
    مسجدن جي انتظام لاءِ باقاعده انجمن هئڻ گهرجي. اڄ ڪلهه جيڪڏهن ڪٿي انجمن آهي ته فقط ٻن ٽن معزز ماڻهن جي آهي. انهن کي جيئن وڻي تيئن ڪن، نڪي باقاعدي ميٽنگون ڪن، نڪو حساب ڪتاب ڏيکارين. انجمن باقاعدي هئڻ گهرجي. قاعدن جي ڇپايل ڪاپي مسجد ۾ موجود هئڻ گهرجي. آمدني ۽ خرچ جو ڪتاب جمعي جمعي ڏينهن مسجد ۾ کليل رکجي يا جماعتين کي پڙهي ٻڌائجي. آمدني لاءِ گهر گهر تي آنو يا ٻه يا چار آنا مقرر ڪجي. پيسن جي بچت مان سنڌي اسلامي ڪتاب آڻائجن، جي فرصت جي وقت ۾ جماعتين کي پڙهي ٻڌائجن. جماعتين جا فيصلا وغيره جماعتين مان چونڊيل ميمبرن جي بورڊ کي نبيرڻ گهرجن. علم ۽ تعليم جو انتظام رکڻ گهرجي وغيره وغيره.


    خطبو

    اڄ ڪلهه جي مولوين جي گمراهي جو ثبوت هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ملندو ته خطبي کي به هڪ ٻي معنيٰ منتر يا منڊ بنايو ويو آهي. ٻيا ته ڇڏيو پر هڪ وڏي ۾ وڏو بزرگ جمعي جي نماز پڙهائيندو آهي ته خطبو عربي ۾ پڙهائيندو آهي. ڪن عالمن جو خيال آهي ته جمعي جو خطبو عبادت جو ڀاڱو آهي، ۽ عبادت فقط عربيءَ ۾ ڪرڻي آهي، پر اهو خيال بلڪل غلط آهي. کين خبر نه آهي ته خود نماز به ٻين ٻولين ۾ جائز ٿي سگهي ٿي. الله تعاليٰ سڀئي ٻوليون ٿو ڄاڻي الله تعاليٰ وٽ ظاهري الفاظ قبول ناهن، پر دل ۽ نيت ۽ سمجهه ۽ سٺا خيال ۽ عمل مقبول آهن. پر ڪن خاص سببن ڪري نماز ۾ عربي ڪم آڻڻ مناسب آهي. پر ان ۾ ضرور آهي ته نمازين کي عربي الفاظن جي معنيٰ سکڻ گهرجي ۽ هر ڪوئي سکي سگهي ٿو، جيئن مٿي بيان ڪيل آهي. جن ڪتابن ۾ نماز جو بيان معنيٰ سان ڏنل آهي اهي ڪتاب پڙهڻ گهرجن. خطبي جو مقصد ته بلڪل ظاهر ۽ عيان آهي. خطبو انهيءَ لاءِ مقرر ڪيل آهي ته ماڻهن کي الله تعاليٰ جا احڪام ٻڌائجن، ايمان جون صفتون سيکارجن، ۽ وقت جي مطابق تي هدايتون ڏجن. رسول الله ﷺ ۽ خلفاءِ راشدين جي زماني ۾ خطبو نه رڳو جمعي جي نماز ۽ عيدن جي موقعي تي ڏنو ويندو هو پر جنهن به وقت ضرورت سمجهي ويندي هئي تنهن وقت خطبو ڏنو ويندو هو. خطبي ۾ اهي ڳالهيون ٻڌايون وينديون هيون، جن جي ان وقت جي جماعتين کي ضرورت سمجهه ۾ ايندي هئي. هن وقت ضرورتن جو ته ڪو به لحاظ ڪونه ٿو ڪيو وڃي هروڀرو به ڇپيل ۽ ٺاهيل خطبا پڙهيا ٿا وڃن، پوءِ اهي انهن جماعتين لاءِ مفيد هجن يا نه به هجن. جيڪڏهن رڳو عربي ۾ خطبو پڙهيو ٿو وڃي ته جماعتين کي ان مان ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ نه پڙهندڙ سمجهن نه ٻڌندڙ سمجهن. ڪن عيد جي موقعن تي مون خطبو ٻڌو آهي سو اهڙو آهسته پڙهيو ويو جو گويا ماڻهن جي لاءِ نه هو. ماڻهو سڀ اٿندا هليا ويا، خطبو ڪونه ٻڌائون. خطبو انهيءَ ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي جا ٻولي اڪثر جماعتي سمجهي سگهن. اهو خطبو اهو ماڻهو ٻڌائي جنهنجو آواز بلند هجي ۽ اهڙي ڍنگ سان جو ماڻهن تي اثر چڱو ٿئي. خطبن ۾ عربي سان گڏ سنڌي نظم به شامل آهي، مگر نظم ۾ اڪثر گهٽ وڌ ڳالهيون ۽ مبالغو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ۽ جهڙيون ڳالهيون هئڻ کپن تهڙيون ڪونه هونديون آهن. ارمان جي ڳالهه آهي جو اگرچه رسول الله ﷺ ۽ خلفاءِ راشدين جا خطبا عربيءَ ۾ موجود به آهن ته به انهن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ عالمن ڪونه ڪيو آهي. انهن جي نموني تي سنڌيءَ نثر ۾ خطبا ڏيڻ گهرجن، نه نظم ۾. خطبن ۾ قرآن شريف ۽ صحيح بخاري مان ٽڪرا ٻڌائڻ گهرجن، نه واهيات روايتون.
    هڪڙي مولوي صاحب کي مون عرض ڪيو ته مهرباني ڪري خطبي ۾ سنڌي زبان ۾ ڪجهه هدايتون ڏيو. هن مهرباني ڪري ائين ڪيو. جنهن وقت عربي پي پڙهيائين تنهن وقت هرڪوئي جماعتي هٿ ٻڌيون ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺو هو، ڪن اوٻاسيون پئي ڏنيون ۽ ڪن کي ڍڪر پي آيا، پر جڏهن سنڌي نثر ۾ خطبو شروع ٿيو تڏهن مردن ۾ ساهه پئجي ويو، سڀني جماعتن ۾ جنبش اچي وئي، بي اختيار هٿ ڇوڙي ڪنڌ مٿي ڪري مولوي صاحب ۾ اکيون کڻي وڌائون. هنن جا ڪن کلي ويا، دل ۽ دماغ ڪم ڪرڻ لڳا. هاڻي ٻڌايو ته اهڙو خطبو چڱو يا عربي خطبو چڱو؟ امير امان الله خان جڏهن بمبئي ۾ جمعي نماز جو خطبو ڏنو تڏهن پاڻ پارسيءَ ۾ پي ڳالهايائين ۽ سندس ترجمان اردوءَ ۾ ترجمو ڪندو پي ويو. جڏهن ثاني خطبي ۾ الله تعاليٰ جي درگاه ۾ التجائون ڪيائين، تنهن وقت ته هاءِ ڪري ڇڏيائين، سندس دل به ڀڄي پيئي ۽ جماعتي به بي اختيار رئڻ ۾ ڇٽڪي پيا!


    دعا

    دعا عبادت جو مغز آهي. نماز جو مکيه ڀاڱو الحمد آهي ۽ الحمد جو به مکيه ڀاڱو دعا آهي. خطبي ۾ خواهه نمازن بعد دعا گهري ويندي آهي، پر امام سڳورو دعا گهرندو آهي عربيءَ ۾، سو به گهڻو ڪري چپن ۾ جئن ڪو ٻڌي نه. سنڌ ۾ هڪڙي وڏي ۾ وڏي بزرگ کي به چپن ۾ دعا گهرنّدو ڏٺم. دعا کي به منتر بنيايو ويو آهي. ضرور آهي ته دعائون سمجهه سان پڙهڻ گهرجن. جيڪڏهن عربي زبان سمجهه ۾ نه اچي ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ گهرجن. دعائون اڪيلائي ۾ بنا آواز جي چپن ۾ به گهري سگهجن ٿيون ۽ بلند آواز سان به، بلڪ آهسته دل ۾ پڙهڻ افضل آهي. مگر جڏهن جماعت سان گڏ دعا گهرجي تڏهن ضروري جماعتين جي ٻوليءَ ۾ بلند آواز سان ۽ جوش ۽ صداقت جي لهجي ۾ دعا گهرجي، ۽ هر هڪ جملي جي پٺيان جماعتين کي آمين چوڻ گهرجي. بلڪ جماعتي جڏهن دعا سمجهندا ۽ هنن کي وڻندي تڏهن بي اختيار آمين پڪاريندا. بهترين دعائون اهي آهن جيڪي قرآن شريف ۾ آهن، پوءِ اهي جيڪي صحاح سته ۾ ڏنل آهن. اهي سڀئي مولانا رحيم بخش جي ڇهين ڪتاب ۾ اڙدو ترجمي سان ڏنل آهن.


    روزا

    الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته روزا خاص منهنجي لاءِ آهن. انهيءَ جو مطلب آهي ته ٻيءَ عبادت ۾ رياءُ ٿي سگهجي ٿو يعني ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ عبادت ڪري سگهي ٿي، مگر روزا اهڙا آهن جن ۾ ڪوڙو روزيدار ماڻهن کان لڪي پاڻي پي سگهي ٿو ۽ کائي سگهي ٿو، مگر هو خدا جو حڪم مڃي ائين نٿو ڪري. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته توهان جي لاءِ روزا مقرر ڪيا ويا آهن ته من توهان پرهيزگار ٿيو ۽ خدا جا حق بجا آڻيو. حديثن ۾ به فرمايل آهي ته اهو روزيدار جو ڪوڙ، گلا ۽ گناهه وغيره نٿو ڇڏي تنهن جي روزن رکڻ تي الله تعاليٰ ڪجهه به ڌيان ڪونه ٿو ڏئي. هن مان سمجهي سگهبو ته روزن مقرر ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته انسان گناهن کان پرهيز ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري. ٻيا مقصد به گهڻا آهن. پر اڄوڪي زماني ۾ ماڻهو روزن جو مقصد ڪونه هٿا سمجهن، تنهن ڪري پرهيزگار ڪو ورلي ٿا ٿين. ڇو ته هو روزي سان ئي ڪوڙ، گلا، ٺڳي وغيره وغيره جهڙا گناهه جا ڪم ڪن ٿا، ۽ صدقا ۽ خيراتون ڪونه ٿا ڪن.
    اسلام جي هڪ خصوصيت اها آهي ته اسلام نه رڳو چڱن عملن ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي پر اهڙي تربيت ٿو ڏئي جنهنجي وسيلي گناهن کان پرهيز ڪرڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ جي طاقت پيدا ٿي ٿئي. نماز ۽ روزا انهيءَ لاءِ مقرر ڪيل آهن. ڏسو ته جيڪڏهن رمضان جا 30 ڏينهن برابر رڳو جائز ڪمن ڪرڻ کان مثلن ڏينهن جي وقت کائڻ پيئڻ وغيره تان ئي پرهيز ٿي ڪجي ته پوءِ ڇو نه ٻارهن ئي مهينن لاءِ ناجائز ڪمن کان پرهيز ڪرڻ جي عادت پئجي ويندي. پر افسوس ته اڄ ڪلهه روزن جو مقصد به ڪونه ٿو سمجهيو وڃي، ۽ روزن ۾ گناهن کان به پرهيز ڪان ٿي ڪئي وڃي، پوءِ مقصد ڪيئن حاصل ٿيندو، اٽلندو روزيدارن کي فخر ٿو ٿئي ته مان سڀئي روزا رکيا آهن تنهن ڪري منهنجا گناهه معاف ٿي ويا.


    زڪوات

    زڪوات اهو عاليشان فرض آهي جو جيڪڏهن چڱي طرح ادا ڪجي ته قوم مصيبتن مان نڪري خوشحال ٿي پوي. مگر اڄ ڪلهه گهڻا ته زڪوات ڪڍن ئي ڪونه ٿا. جيڪي ڪڍن ٿا سي وري اهڙي طرح خرچ ٿا ڪن جو انهن جي زڪوات ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ هڪجهڙي ڳالهه آهي. پنڻ واري بيان ۾ سمجهايو ويو آهي ته خيرات جيڪڏهن عقل سان نٿي ڪجي ته يا ته قوم کي فائدو بلڪل ڪونه ٿو ٿئي يا ته فائدي جي بدران نقصان ٿو پوي. زڪوات جي به ساڳي حالت آهي. اسلام موجب زڪوات خانگي طرح ڪڍڻي ۽ خرچ ڪرڻي ناهي، پر اسلامي جماعت متفق ٿي پگهار دار عملدار مقرر ڪري جيڪي زڪوات اُڳاڙي بيت المال ۾ پيسا گڏ ڪن. پوءِ سڀني جي صلاح مصلحت ۽ مشاورت سان انهن جي خرچ ڪرڻ جو انتظام رکجي. زڪوات جا پيسا خصوصن اسلام کي ترقي وٺائڻ لاءِ خرچ ڪجن، مثلن مدرسا قائم ڪرڻ، طالب علمن کي مدد ڏيڻ، تبليغ ڪرڻ، اسلامي ڪتاب مثلن قرآن شريف ۽ صحيح بخاري جو ترجمو ۽ تفسير ڇپائڻ وغيره وغيره تي خرچ ڪرڻ گهرجن.


    حج

    ٻين ارڪانن وانگر حج به اهڙيءَ طرح ادا ڪيو ٿو وڃي، جو فائدي جي بدران نقصان ٿو پوي. حج فقط انهن تي فرض آهي جن کي راهه خرچ موجود هجي ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ به ڪافي سامان ڇڏي وڃي. اڄ ڪلهه ڪيترا ماڻهو قرض کڻي حج تي ٿا وڃن، ۽ پنهنجو خانو خراب ٿا ڪن. ڪي وري ٻين کان پيسا وٺي حج ٿا ڪن. ڪي وري بنا پيسن حج تي ٿا وڃن. مسڪين عربن مان پني گذران ٿا ڪن، عربن جو ملڪ اڳيئي مسڪين، هيءُ حاجي سڳورا اتي وڃي مسڪينن، کي ڏيڻ بدران مسڪينن کي تڪليف ۾ ٿا وجهن. ماڻهن کي اها خبر ڪانه ٿي پوي ته جيڪڏهن ڪو شخص سچيءَ نيت سان حج لاءِ پيسا بچائيندو رهي پر تڏهن به ڪافي پيسا نه ٿي سگهنس ۽ فوت ٿي وڃي ته هو ڄڻ حج ڪري چڪو، يا بچيل پيسن مان گهرج وارن جي مدد ڪندو رهي ٿو ۽ اسلام جي ترقيءَ لاءِ پيسا خرچيندو رهي ٿو تنهن ڪري حج لاءِ هن وٽ ڪافي موجودات نه ٿئي ته به هو ڄڻ حج ڪري چڪو.
    وڌيڪ خراب ڳالهه وري هيءَ آهي ته جيڪي حاجي حج ڪرڻ ٿا وڃن سي واٽ تي گناهه ڪندا ٿا وڃن ۽ ڪندا ٿا اچن، ۽ موٽي اچڻ بعد ٻيڻا گناهه ٿا ڪن. گويا ان پاڪ ملڪ مان گناهن جي اجازت ۽ سند حاصل ڪري ٿا اچن. افسوس آهي اسان جي حال تي جو اسان انهيءَ پاڪ زمين تي پنهنجا پليت پير رکون جنهن پاڪ زمين تي ٻنهين جهانن جي سردار ﷺ پنهنجا پير گهمايا. جنهن پاڪ زمين تي اسان جي چڱائيءَ لاءِ جفاڪشي ڪيائون، رات ڏينهن اسلام جي تبليغ ڪيائون، سختيون ۽ ظلم سٺائون، انهيءَ پاڪ مٽيءَ تي جنهن رسول الله ﷺ جي مبارڪ پيرن کي چميو. تنهن تي اسان پنهنجا نالائق پير به رکون، ۽ رسول الله ﷺ جي نقش قدم تي نه هلون سندس پيروي به نه ڪيون، سندس نا فرماني به ڪيون پوءِ اهو حج ڪهڙي ڪم جو ٿيو؟
    حج روحاني طريقي جي آخري منزل آهي، جنهن ۾ حاجي گهر ٻار ڇڏي دنيا جو حرص ڦٽي ڪري تڪليفون سر تي سهي محبت سان ڀرپور ٿي اسلام ۽ مسلمانن جي لاءِ خود قرباني ڪرڻ لاءِ تيار ٿو ٿئي. جانور جي به جيڪا قرباني ڪئي ٿي وڃي تنهنجو سبق اهو آهي ته انسان ٻين جي ڀلائي لاءِ خود قرباني ڪرڻ جو گڻ سکي ۽ الله تعاليٰ جي محبت کان سواءِ ٻي سڀ محبت ڇڏي ڏئي، ۽ پنهنجي باقي حياتي اسلام ۽ مسلمانن جي ترقي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.


    صلوات، تسبي ۽ وظيفا

    اڄ ڪلهه ڪي ماڻهو صلوات سڳوري گهڻي پڙهندا آهن بلڪه لک لک ۽ ڪروڙ ڪروڙ صلواتن جا ڪڍندا آهن. ڪي ته هر وقت تسبي هٿ ۾ کنيون صلوات پڙهندا وتندا آهن. ڪي وري ڀَتَ ۽ پيسن جي لالچ تي صلواتن پڙهڻ لاءِ آڻايا ويندا آهن. اڪثر ڪري ڪنهن ماڻهو کي ڪو مشڪل پوندو آهي ته ملن ۽ شاگردن وغيره کي آڻائيندو آهي ۽ کين چوندو آهي ته هيتريون صلواتون ڪڍو! پوءِ کين کارائي پيسا ڏئي خوش ڪندو آهي، تنهنڪري ملان ۽ شاگرد وڏيءَ خوشيءَ سان اهڙن موقعن تي صلواتون ڪڍڻ ويندا آهن. گهڻو ڪري اڄ ڪلهه ڪن مرادن حاصل ڪرڻ جي نيت سان صلواتون ڪڍيون وينديون آهن. اصحاب سڳورا ڪي ايتري قدر صلواتون ڪڍندا هئا؟ يا ڪي اهي نمونا اختيار ڪندا هئا جي مٿي بيان ڪيل آهن. هو صلوات جي معنيٰ سمجهندا هئا ۽ محبت جي جذبي سان ۽ دل جي ڪشش سان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پياري رسول مقبول ﷺ تي صلواتون ۽ سلام چوندا هئا.
    صلوات پڙهڻ هڪڙي دعا آهي ۽ انجو مطلب آهي ته اي الله سائين! رسول مقبول ﷺ ۽ سندس آل ۽ امت تي رحمتون نعمتون ۽ برڪتون موڪل، ۽ دين ۽ دنيا ۽ ايمان جي سلامتي ۽ امن ۽ آرام بخش. جڏهن جڏهن پنهنجي لاءِ ڪا دعا گهرؤن تڏهن واجب آهي ته پهريائين رسول ﷺ تي صلوات ۽ سلام موڪليون. جڏهن جڏهن سندن نالو مبارڪ وٺون، تڏهن تڏهن دل جي سچائيءَ سان مٿن درود پڙهون. اسان کي گهرجي ته مجلسن ۾ اڪثر الله تعاليٰ جا حڪم بيان ڪيون ۽ رسول اللهﷺ جو ذڪر ڪيون ۽ مٿس صلوات ۽ سلام پڙهون. جيڪڏهن دنياوي ڳالهيون ڪيون ته به آخر ۾ ٿورو گهڻو الله ۽ رسول جو ذڪر ڪري صلوات ۽ سلام پڙهون ۽ هيءَ دعا پڻ پڙهون ”استغفر الله الذی لاالہ الاهوالحی القيوم واتوب اليه“ يعني مان گناهن کان انهيءَ الله تعاليٰ جي پناهه ٿو گهران جنهن کان سواءِ ڪو معبود ڪونهي جو هميشه جيرو ۽ هميشه قائم آهي ۽ مان ڏانهنس ٿو موٽان پويان لفظ ته ”ڏانهنس ٿو موٽان“ انهي موقعه لاءِ ڏاڍا مناسب آهن. ڇو ته انهيءَ مجلس ۾ اسان خدا کي وساري ڪي دنياوي ڳالهيون ڪيون تنهنڪري حق آهي ته اهڙين ڳالهين بعد وري الله تعاليٰ ڏي رجوع ٿيون.
    تسبيءَ جو رواج اصحابن سڳورن ۾ بلڪل ڪونه هو. منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته تسبيءَ ۾ رياءُ گهڻو آهي يعني تسبي هرڪوئي ڏسي ٿو، تنهنڪري گهڻا ماڻهو پاڻ کي ڀلارو ڪوٺائڻ لاءِ تسبي هٿ ۾ ٿا کڻن. ڇو نه اصحابن سڳورن جي روش اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ تسبيءَ کي ڦٽو ڪرڻ گهرجي. صلواتون ۽ وظيفا محبت ۽ شوق سان پڙهڻا آهن نه ته پڙهجن ئي نه. پوءِ جيڪڏهن سچو پچو شوق ۽ جذبو آهي ته تسبي جو ڪهڙو ضرور آهي؟
    وظيفا به اڄ ڪلهه مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ منتر طور پڙهيا ٿا وڃن. نڪي انهن جي معنيٰ سمجهي ٿي وڃي، نڪي دل سان پڙهيا ٿا وڃن. انهيءَ لاءِ ڪونه ٿا پڙهيا وڃن ته انهن جو اثر دل ۽ دماغ تي پيدا ٿئي يا انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هر وقت انهن جي يادگيري رکجي. مثلن ڪنهن ماڻهو کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي، اسان هن کي انهيءَ عادت کان باز رکڻ لاءِ چئون ٿا ته تون هيءَ آيت وظيفو ڪري پڙهندو رهه ته ”لَّعْنَتَ اللهِ عَلَی الْکٰذِبِیْنَ- يعني ڪوڙن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي.“ هاڻي جيڪڏهن هن کي معنيٰ نه سيکارجي ته هو اها آيت به پڙهندو وتندو پر ڪوڙ به ڳالهائيندو وتندو. پر جيڪڏهن ان جي معنيٰ سمجهندو ۽ ان تي اعتبار ڪندو ۽ سچي دل سان اهي بار بار پيو پڙهندو ته پوءِ ممڪن آهي ته گهڻي قدر ڪوڙ ڳالهائڻ کان پرهيز ڪندو.
    اڄ ڪلهه ڪي ماڻهو وظيفا به صلوات وانگر بلڪل گهڻي قدر پڙهن ٿا. پر نڪي سمجهن ٿا نڪي انهن تي عمل ڪن ٿا. اصحاب سڳورا ايتري قدر وظيفا ڪونه پڙهندا هئا. هو گهڻو وقت قرآن شريف پڙهڻ تي صرف ڪندا هئا، پر قرآن شريف به سمجهي دل سان هنڊائيندا هئا ۽ ان تي عمل ڪندا هئا.
    اڄ ڪلهه عمل لفظ جي معنيٰ به هڪڙي نئين ڪڍي اٿن. چوندا آهن ته فلاڻي شخص کي فلاڻي آيت يا فلاڻي سورت (مثلن ياسين سڳوري) تي اهڙو عمل آهي جو اها پڙهڻ بعد جيڪي گهري سو مليس. مثلن جنن کي حڪم ڪري ته جن سندس خدمت ۾ حاضر ٿي سندس حڪم بجا آڻين، ۽ کوهه جي پاڻيءَ کي حڪم ڪري ته اهو مٿي چڙهي اچي وغيره وغيره. يعني آيتن، سورتن ۽ وضيفن ۾ جادو يا منتر جو اثر سمجهيو وڃي ٿو. عمل جي اها معنيٰ نٿي سمجهي وڃي ته ان آيت يا سورت ۾ جيڪي الله تعاليٰ جا حڪم آهن تن جي تعميل ڪجي. افسوس ته اِهو آهي جو رڳو لفظن جي معنيٰ به ڦيرائي ابتڙ ڪئي ٿي وڃي.


    تقدير، دين ۽ دنيا، رزق، موت

    تقدير جي مسئلي تي اڳ ئي بحث ڪيل آهي. حديث سڳوريءَ ۾ آهي ته انهي مسئلي جي پيچيدگين ۾ نه پئو انسان جو فرض آهي ڪوشش ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ کان مدد ۽ فتح گهرڻ. انهيءَ ڪوشش جو ساب پوڻ يا نه پوڻ تنهن جو مدار الله تعاليٰ تي آهي. اڄ ڪلهه مسلمان چوندا آهن ته اسان سڃا هن ڪري ٿيا آهيون، جو اسان کنيو آهي دين ۽ ڪافرن کنئي آهي دنيا. سندن خيال موجب دين ۽ دنيا مخالف آهن، پر ائين هرگز ناهي. قرآن شريف ۾ دعا آهي ته ”رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنْیَا حَسَنَۃً وَّ فِی الْاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً- يعني اي رب اسان جا! اسان کي دنيا ۽ آخرت جي چڱائي ڏي؟“ اهڙيون حديثون به ڪيتريون آهن جن ۾ رزق جي ڪشادگيءَ لاءِ سوال ڪيل آهي. هڪ حديث سڳوريءَ ۾ آهي ته ٻن قسمن جا انسان ريس ڪرڻ جا لائق آهن يعني اهي بلڪل چڱا آهن، هڪ اهي جيڪي دولت مند آهن ۽ دولت کي في سبيل الله خرچ ٿا ڪن، ٻيا اهي جيڪي علم وارا آهن ۽ علم في سبيل الله ٻين کي ٿا سيکارين. هاڻي ڪيئن چئبو ته دولت خراب شيءَ آهي؟ ٻي حديث آهي ته جيڪو دولت انهيءَ نيت سان ڪمائيندو ته پنهنجي اهل اولاد ۽ ٻين تي خرچ ڪيان سو قيامت جي ڏينهن اهڙو ٿي اٿندو جهڙو چوڏهين جو چنڊ. رسول الله ﷺ جن سستيءَ کان پناهه گهرندا هئا. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان کي روزگار ڪمائڻ لاءِ محنتي ٿيڻ گهرجي. قرآن شريف ۾ اجايو خرچ ڪندڙن کي شيطان جا ڀائر سڏيو ويو آهي ۽ حڪم ڪيو ويو آهي ته نڪي ڪنجوس ٿيو نڪي هٿ ڦاڙ ٿيو. هنن آيتن ۽ حديثن مان معلوم ٿيو ته دولت لاءِ خوب ڪمائجي ۽ اسراف نه ڪجي ۽ دولت کي پنهنجي ۽ قوم جي ترقي لاءِ خرچ ڪجي. فقط هڪڙي ڳالهه آهي ته دنيا جي محبت سڀني خرابين جو بنياد آهي. محبت فقط الله ۽ الله جي رسولﷺ لاءِ هئڻ گهرجي ۽ خود دولت کي به خدا جي محبت ۾ خرچ ڪرڻ گهرجي.
    هي جو چيو ويندو آهي ته رزق مقسوم آهي تنهن جو اهو مطلب ناهي ته ڪم نه ڪجي ماٺ ڪري ويهي رهجي، پاڻهي رزق آسمان مان لهي اچي ملندو. جئن ڪيترن ئي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ بيان ڪيو ويندو آهي، ائين هجي ها ته پيغمبر سڳورا ۽ اصحاب ڀلارا واپار ۽ ڌنڌا ۽ مزوريون نه ڪن ها.
    ساڳيءَ طرح چيو ويندو آهي ته موت جو وقت مقرر آهي. تنهنڪري ڪيترا به حيلا ۽ علاج ڪبا ته به موت ضرور ان وقت ايندو، پوءِ ڇو حيلا هلائجن؟ اهو خيال به غلط آهي، موت جو وقت جيڪڏهن مقرر آهي ته به اهو علم الله تعاليٰ کي آهي. رسول الله ﷺ جن پاڻ علاج ڪندا هئا ۽ دعا به گهرندا هئا، ۽ اصحاب سڳورن کي به صلاح ڏيندا هئا ته بيمارين ۾ علاج ڪرايو.


    الدين يسر يعني دين سولو آهي

    اڪثر ائين سمجهيو ويندو آهي ته شريعت تي هلڻ نهايت مشڪل بلڪه محال آهي، آيتون ۽ حديثون انهي خيال جي ترديد ٿيون ڪن. جيڪڏهن ڪي تڪليفون آهن ته اهي ملن پيدا ڪيون آهن. الله تعاليٰ جيڪي به اسان تي ڪم رکيا آهن سي تڪليفون ناهن پر تفريحون آهن. انهن ۾ خوشي ۽ فائدو آهي، نه ڏک ۽ نقصان. الله تعاليٰ کي ظالم ڪوٺجي ها جيڪڏهن اسان تي تڪليفون رکي ها؟ پر هو رحيم ۽ ڪريم آهي ۽ اسان جي واسطي نعمتون ۽ ڀلايون ڪيون اٿس اسلام جي تعليمات تي غور ڪبو ته يقينن معلوم ٿيندو ته انهن تي عمل ڪرڻ سان اسان دنيا ۾ هر طرح خوشحال گذارينداسين ۽ انهن جي مخالف هلت ڪرڻ سان هر طرح جنجال ۽ وبال ۾ گرفتار رهنداسين. هڪڙي حديث آهي ته ”الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته مون سان محبت اٿو ته پهريائين ذات انسان سان محبت رکو“. صحيح بخاري ۾ جرير بن عبدالله کان روايت آهي ته: ”مون رسول الله ﷺ جي بيعت هن اقرار سان ڪئي ته نماز پڙهندس، زڪوات ڏيندس، ۽ هر مسلمان جي خيرخواهي ڪندس“ ۽ پڻ روايت ڪئي اٿس ته: ”مون عرض ڪيو ته مان اوهان جي بيعت اسلام تي ٿو ڪيان، تڏهن پاڻ مون کان مسلمان ٿي رهڻ ۽ سڀ ڪنهن مسلمان جي خيرخواهي ڪرڻ جو شرط ورتائون ۽ مون ان تي بيعت ڪئي.“ مون مثال طور فقط اهي ٻه حديثون هن لاءِ پيش ڪيون آهن ته ڏسو ته اسلام جي تعليم تڪليف ڏيڻ لاءِ آهي يا فائدي ڏيڻ لاءِ آهي؟ دنيا ۾ محبت کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ آهي. اسان جي هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ خيرخواهي هجي ته دنيا بهشت بنجي پوي.


    شفاعت

    قرآن شريف ۽ حديثن مان ثابت آهي ته رسول الله ﷺ جن بيشڪ شافع ۽ شفيع آهن ۽ محشر ڏينهن مومنن جي شفاعت ڪندا. پر انهي جو مطلب ماڻهن اهو سمجهيو آهي ته خدا جو خوف ڇڏي ڪهڙا به گناهه ڪيون ته به حضرت جن اسان کي دوزخ ۾ پوڻ ئي ڪونه ڏيندا، ڇو ته اسان مٿن ڪلمو پڙهيو آهي ۽ پاڻ شافع روز محشر آهن، اهو خيال بلڪل غلط آهي. خود اصحاب سڳورا ڪنبندا ۽ ڏڪندا ۽ رئندا ويا. اگرچه هنن چڱا عمل ڪيا ۽ اسلام تي فدا هئا. رسول الله ﷺ جي محبت ۾ ۽ سندن فرمانبرداري ۾ سر جو سانگوڪونه رکيائون. ۽ رسول الله ﷺ کي پيارا هئا ته به ائين ڪونه چوندا هئا ته اسان شفاعت جي رستي ڇٽي وينداسين ۽ اسان تي دوزخ جي باهه حرام آهي. مٿي پڙهي آيا آهيو ته ”اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ“ واري سورت امام اعظم سڳوري تي ڪيڏو اثر ڪيو ۽ ڪيترو خدا جي عذاب کان ڊنو ۽ خدا کان سوال گهريائين ته مونکي عذاب کان (محفوظ) رکي وٺجان.
    امام اعظمؓ، حضرت عمر رضي الله وانگر فرمائيندو هو ته مونکي جنت نه ملي ۽ رڳو عذاب کان ڇوٽڪارو ٿئي ته مان بلڪل راضي رهندس. مٿينءَ سورت ۾ فرمايل آهي ته جيڪو هڪڙو ذرڙو نيڪيءَ جو ڪندو تنهن کي ان جو بدلو ملندو ۽ جيڪو هڪڙو ذرڙو بديءَ جو ڪندو تنهن کي به ان جو بدلو ملندو.
    وري سورة القارعة ۾ فرمايل آهي ته جنهن جا چڱا عمل ڳورا هوندا سو خوش گذاريندو ۽ جنهن جا چڱا عمل هلڪا هوندا سو هاويه ۾ پوندو جو آهي ٻرندڙ باهه. سورت التڪاثر ۾ به عذاب ۽ پڇاڻي جي ڀُلڪار آهي. ڏسو ته هن قسم جي چٽين آيتن هوندي به شفاعت ۽ ڪن ٻين مسئلن جو اهڙو مطلب ڪڍيو ٿو وڃي جنهن ڪري ماڻهو بي ڊپا ٿي گناهه جي پٺيان ڪاهي پيا آهن. نه خدا جو خوف ٿا رکن نه آخرت جي عذاب جو ڊپ اٿن. خود قرآن شريف ۾ هڪڙو نهايت سهڻو ۽ معقول اصول بيان ڪيل آهي ته قرآن شريف ۾ هڪڙيون چٽيون آيتون آهن ۽ ٻيا مثال يا تشبيهون آهن. ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به آيت يا مسئلي جو اهڙو مطلب نه ڪڍجي جو چٽين آيتن جي مخالف ٿئي. اسان جي ماڻهن رسول الله ﷺ جي شفيق هئڻ تي ايترو زور ڏنو آهي ۽ ايتري قدر اها تعريف قصيدن ۽ مولودن ۾ آندي ويئي آهي جو عوام الناس کي رڳو اسلام جي معلوم ڪرڻ جو چاهه به ڪونه ٿو ٿئي.
    هاڻي سوال ٿو اٿي ته شفاعت جو مطلب ڪهڙو آهي جو مٿين آيتن سان موافق هجي نه مخالف؟ مان ڀانيان ٿو ته اهو مسئلو به اهڙو پيچيده آهي جهڙو تقدير جو مسئلو. ان مسئلي تي بحث ڪرڻ اهڙو بي سود آهي جهڙو تقدير جي مسئله تي بحث ڪرڻ. اها ڳالهه بلڪل ظاهر ۽ ثابت آهي ته اسان بڇڙن عملن جو نتيجو ضرور ڏسنداسين ۽ اسان کي خدا ۽ آخرت جو خوف رکي چڱا عمل ضرور ڪرڻ گهرجن. الله تعاليٰ به تڏهن ٿو قبول فرمائي ۽ عذاب کان ڇوٽڪارو ڏئي جڏهن گناهن کي ڇڏي چڱن عملن کي ٿو وٺجي.
    ڪتاب توحيد الاسلام ۾ شفاعت جو اهڙو مطلب ڪڍيل آهي جو خدا ڄاڻي ته پورو آهي يا نه، مگر ايترو ته آهي ته مٿين آيتن جي خلاف ناهي. لاهور واري مولوي محمد علي وري هيءُ مطلب ڪڍيو آهي ته اهو لفظ شفع مان نڪتو مشفق ٿيل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن شيءَ کي ٻيءَ سان جوڙي ڪرڻ، جيئن تاج العروس ۽ لين پول جي لغتن ۾ چيل آهي يا ان جي معنيٰ آهي ڪنهن شيءِ کي ان جهڙي شيءِ سان ڳنڍڻ جئين امام راغب جي مفردات ۽ لين پول جي ڊڪشنري ۾ سمجهايل آهي. شفاعت جو مسئلو هڪڙو مشهور مسئلو آهي جنهن موجب پيغمبر ۽ صالح قيامت جي ڏينهن گنهگارن لاءِ شفاعت ڪندا، پر شفاعت جو هڪڙو ٻيو مطلب هي آهي:
    اهڙو رستو ڏيکارڻ يا تعليم سيکارڻ جنهن تي ٻيو هلي جنهن ڪري اهو ٻيو سچ پچ پهرئين پاڻ لاءِ مثال ڪري ٿو وٺي ۽ ان سان پاڻ کي ڳنڍي ٿو ۽ در حقيقت شفاعت جي لفظ جي اصلي ۽ لغوي معنيٰ اها ئي آهي. اهڙيءَ طرح شفاعت مان به ٻه مطلب ٿا نڪرن هڪ ته شفاعت انسان کي نيڪي جي رستي تي يا صراط المستقيم تي هلڻ جي لائق ٿي ڪري ۽ ٻيو ته کيس ڪن سندن نقصن يا قبحن جي خراب نتيجن کان پناهه ٿي ڏئي، جن نقصن يا قبحن تي پاڻ غالب پئجي نٿو سگهي. رسول الله ﷺ جن پهرئين مطلب موجب به اسان جا شافع آهن، ڇو ته هو اسان لاءِ بهترين مثال يا نمونو آهن. جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته، ”لَقَدْ کَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللهِ اُسْوَۃٌ حَسَنَۃٌ“ خدا ڄاڻي ته هي مطلب به پورو هجي يا نه هجي. پر منهنجا به ڪي ناقص خيال مهرباني ڪري ٻڌڻ فرمائيندا. رسول الله ﷺ جن مومنن جي شفاعت ڪندا يا سڀني جي ڪندا، جيڪڏهن رڳو مومنن جي ڪندا ته مومن ڇا کي ٿو چئجي؟ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون ڏسندو ته توهان کي معلوم ٿيندو ته اسان ۾ مومن ڪي ورلي آهن. سورت الحجرات جي پندرهين آيت ۾ فرمايل ته ”مومن اهي آهن جي الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان آڻين ۽ ڪو شڪ نه آڻين ۽ الله تعالي جي راهه ۾ پنهنجي ملڪيتن ۽ جانين سان سخت ڪوشش ڪن. اسان پنهنجي ملڪيت ۽ جان سان ڪوشش ڪرڻ بدران پنهنجي غرض لاءِ ٻين جي ملڪيت ۽ جان جو نقصان ڪندا آهيون. هڪڙيءَ حديث سڳوري ۾ آهي ته مومنن جي سڃاڻڻ جي نشاني هي آهي ته جيڪڏهن چڱو ڪم ڪري ته کيس خوشي حاصل ٿئي ۽ جيڪڏهن بڇڙو ڪم ڪري وهي ته کيس پشيماني ٿئي. ٻي حديث ۾ آهي ته مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان سڀ مسلمان سلامت هجن، هاڻي ٻڌايو ته اسان مومن ۽ مسلمان آهيون يا نه ۽ شفاعت جا اميدوار ٿي سگهون ٿا يا نه؟ اسان کي ته ڇڏيو پر جيڪي مومن آهن سي به ڪو شفاعت جوحق ڇڪي ڪونه ٿا وٺي سگهن. اسان کي جيڪڏهن مومن ۽ مسلمان ٿيڻو آهي ۽ الله تعاليٰ جي رحم ۽ رسول الله ﷺ جي شفاعت ۾ اميدوار ٿيڻون آهي ته اسان کي صراط المستقيم تي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ ضروري آهي، پر جيڪڏهن ڪو گناهه ٿي پوي ته اڳتي جي لاءِ توبه ڪجي ۽ سوال ڪجي ته الله تعاليٰ اهو گناهه معاف ڪري ۽ آئينده لاءِ اهڙي گناهه کان پناهه ڏئي، پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ جي رحم ۽ رسول الله ﷺ جي شفاعت ۾ اميدوار رهجي.


    سچو تصوف ۽ اڄوڪا ڪوڙا درويش

    سچو صوفيانو طريقو اهوئي آهي، جو قرآن شريف تيرهن سو ورهيه اڳي سيکاريو. قرآن شريف هڪ ڪامل مڪمل الهيٰ صحيفو آهي جنهن ۾ سڀ ضروري هدايتون چٽيءَ طرح موجود آهن. قرآن شريف جي پهرين آيت جا نازل ٿي ساهيءَ آهي ”اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیْ خَلَقَ الخ“ انهي ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ يعني علم جي فضيلت ۽ حڪم بيان ڪيل آهي. حضرت رسول ﷺ فرمايو آهي ته ”بعثت لاتمم مکارم الاخلاق“ يعني ”مان انهيءَ لاءِ نبي ڪري موڪليل آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان.“ مطلب ته اسلام دنيا ۾ علم ۽ اعليٰ اخلاقن کي ڪامل ڪرڻ آيو ۽ سچ پچ قرآن شريف اهڙو معجزو ڪري ڏيکاريو جهڙو ڪنهن به ڪتاب ڪونه ڪيو. يعني عربستان جي وحشي عربن کي نه رڳو انسان بنايو پر انهن کي اهڙي مهذب قوم بنايو جهڙي دنيا ۾ نه ٿي، نه ٿيندي. عربن ئي سڀني علمن ۽ فنن يعني موجوده سائنس جوعلم ايجاد ڪيو، جنهن کي يورپ زور وٺايو آهي. اخلاق ۾ عربن اهڙي ڪماليت حاصل ڪئي جو هو پنهنجو مال ۽ پنهنجي جان حق جي راهه ۾ قربان ڪري بيٺا. دنيا ۽ دولت عيش ۽ آرام هنن کي بلڪل ڪونه لالچايو. هنن جون دليون گناهن ۽ حرص ۽ هوس کان پاڪ ۽ صاف ٿي الله تعاليٰ جي نور سان منور ٿيون، هنن الله تعاليٰ جي قربيت حاصل ڪئي.
    مگر يزيد جي زماني کان وٺي مسلمانن تي دنيا ۽ عيش پرستي غالب پوڻ لڳي ۽ جيترو ظاهري روزن ۽ نماز جا پابند هئا اوترو انهن جي مقصد يعني اخلاقن جي پاڪيزگي ۽ دل جي صفائي جو خيال نه رکيائون. اهو حال ڏسي ڪن بزرگن هن بابت وعظ به ڪيا ۽ ماڻهن کي اخلاقن جي سڌاري جو تاڪيد ڪيائون؛ اهي صوفي سڏجڻ لڳا. انهن مان شيخ عبدالقادر جيلاني، شيخ جنيد بغدادي ۽ با يزيد بسطامي رحمت الله عليهم بلڪل مشهور ٿي گذريا آهن. امام غزالي ؓ پنهنجي ڪتاب ۾ تصوف جي حقيقت ۽ فلسفي کي بلڪل چڱي طرح بيان ڪيو آهي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ خود تصوف ۾ بگاڙو پوڻ شروع ٿيو. ايران جا ماڻهو پنهنجي مُلڪي آب هوا ۽ مقوي غذا سبب نهايت عياش آهن. هنن کي شريعت جي پابندي تمام ڏکي لڳي. هندوستان سان تعلق ٿيڻ ڪري هنن کي هندو يوگين جو يوگ معلوم ٿيو. ان يوگ کي اسلامي الفاظن سان ملائي هڪ اهڙو رندانو طريقو پيدا ڪيائون جنهن ۾ شراب ۽ عشق بازي جائز ڪري ڇڏيائون ۽ تصوف جي آڙ ۾ حرام کي حلال ڪري روزي نماز وغيره کان به آزاد ٿيڻ لڳا. يوگ ۾ دم پچائي خيال کي يڪ جاءِ رکي پاڻ ۾ هڪ اهڙي طاقت پيدا ڪجي ٿي جنهنجي وسيلي ڪي اهڙا ڪم ڪري سگهجن ٿا جن کي ڪرامت سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اهو يوگ آهي. ڪي يورپي ماڻهو پڻ اهو ڪم سکيا آهن، هو ان کي هڪ سائنس ڪري ٿا سمجهن جنهن کي مسمريزم ٿا سڏين.
    حقيقي تصوف اهو آهي جنهن ۾ علم ۽ اعليٰ اخلاق جي وسيلي دل صاف ٿي ڪجي. انهي معنيٰ ۾ وڏي ۾ وڏا صوفي پيغمبر سڳورا ۽ اصحاب سڳورا هئا. صاف دل ۾ الله تعاليٰ جو نور اهڙي طرح ٿو چمڪي جو سينو روشن ٿي ٿو پوي. حديث سڳوري ۾ آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان محبت رکڻ گهرو ٿا ته پهريائين ذات انسان سان محبت رکو، ۽ قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ سان حب ٿا رکو ته رسول الله ﷺ جي پيروي ڪريو. هاڻي چئبو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حب جو مطلب آهي رسول الله ﷺجي پيروي ڪرڻ ۽ ذات انسان سان حب رکڻ ته پوءِ جيڪو اُنهي رستي الله تعاليٰ سان حب رکي ته الله تعاليٰ به ان سان حب رکي ٿو، اهو ماڻهو ولي الله يا الله تعاليٰ جو دوست ٿو ٿئي. الله تعاليٰ سندس دعا قبول ٿو ڪري ۽ کيس وقت بوقت الهام ٿو موڪلي. تنهنڪري ولي الله اهو ناهي جو يوگين ۽ جادوگرن وانگرن ڪرشما ڪري ڏيکاري، اگرچه هو روزو نماز به ادا ڪندڙ هجي. مگر حقيقي ولي اهو آهي جنهن جو بيان مٿي ڪيو ويو. قرآن شريف جيڪي ڪن ٻين آيتن ۾ به چٽوبيان ڪيل آهي ته اولياءَ ڪير آهن؟ هڪڙي آيت جو مطلب آهي ته الله جا اولياءَ اهي آهن جي مومن آهن ۽ صالح ڪم ٿا ڪن.
    ڪوڙي تصوف جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جن کي قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي هڪ لفظ جي به خبر ڪانه آهي، جيڪي شريعت تي هلڻ ۽ نماز ادا ڪرڻ ته پنهنجي ماڳه پر اٽلندو شريعت ۽ مولوين تي ٽوڪون ڪن، ڀنگ شراب وغيره پيئن ۽ خوبصورت ڇوڪرن ۽ زالن تي عشق پچائي بد هلتون ڪن، سي اڄ اولياءَ ٿا سڏجن. مسلمان به گمراهه ٿي انهن کان سڳا ڌاڳا ٿا ڪرائين ۽ پنهنجا گهر ڦري انهن کي ٿا ڏين. اهڙن درويشن جي قبرن تي هزارين مرد ۽ عورتون بي حجاب وڃن ٿيون ۽ هزارين خرابيون پيدا ٿيون ٿين. انهن درويشن جي اثر کان ماڻهو اسلام، قرآن شريف، روزي، نماز ۽ مسجدين کي ترڪ ڪري دائرا (پِڙَ يا آستان) ۽ مڪان آباد ڪيون ويٺا آهن، جتي راڳ، چوپڙ، چرس ۽ ڀنگ جي ڌُم لڳي پيئي آهي. انهن خرابين جو شمار ڪرڻ ۽ انهن جي نقصان جو اندازو ڪرڻ لاءِ جدا ڪتاب جي ضرورت آهي.
    ڪي علم ۽ فهم وارا ماڻهو قبول ٿا ڪن ته اهڙا درويش ظاهر ظهور اسلام ۽ شريعت کي ترڪ ڪري شراب ۽ ڀنگ ٿا پين سي سچا صوفي ۽ اولياءَ الله هرگز نه آهن، مگر هو انهن کي ولي ٿا سمجهن جي روزو نماز به ڪن پر ان سان گڏ يوگ وارا طريقا پچائين. اهي چوندا آهن ته نمازون ۽ روزا هي پڻ چڱو ڪم - پر اوڪو ٻيو فهم - جنهن سان پسجي پرينءَ کي. اهو فهم سمجهندا آهن نفي ۽ اثبات جي ذڪرن پچائڻ کي جن جو بيان اڳتي ايندو. انهيءَ قسم جي ذڪر (در حقيقت انهيءَ کي ذڪر ته سڏيئي نٿو سگهجي.) جا چار طريقا مشهور آهن: (1) نقشبندي، (2) قادري، (3) چشتي، (4) سهروردي. سڀئي عالم اهو طريقو رکندڙ يا نه رکندڙ قبول ٿا ڪن ته اهي طريقا حضرت رسول ﷺ جي زماني ۾ ڪو نه هئا. اهي طريقا نڪي پاڻ ۽ نڪي اصحابن سڳورن ڪيا. قرآن شريف يا حديثن يا فقه ۾ هيٺيان اصطلاح ۽ الفاظ: فنافي الشيخ، فنافي الرسول، فنافي الله، عشق مجازي، عشق حقيقي، غوث، قطب، قلندر، ابدال، ملڪوت، جبروت، ناسوت، لاهوت، هاهوت وغيره وغيره موجود ئي ڪينهن. هو ائين به چون ٿا ته اهي طريقا بدعت آهن. مگر بدعت حسنه آهن (بدعت چئبو آهي مذهب ۾ نئين ڳالهه ڪڍڻ کي) مگر امام رباني ؓ فرمايو آهي ته ڪا به بدعت حسنه ڪانهي. هڪ حديث شريف ۾ آهي ته ڪل بدعت ضلالت يعني ”سڀ بدعت گمراهي آهي.“ بدعت ڪڍڻ بابت اهڙيون سخت عذاب جون حديثون موجود آهن جو پڙهندي هيانءُ ڏڪي ٿو وڃي. پر جيڪڏهن مٿئين حديث سڳوري نه هجي ها ته به انهن سڳورن کان پڇو ته انهيءَ بدعت کي ڪنهن بدعت حسنه ٺهرايو؟ وڏن وڏن عالمن گڏجي ڪانفرنس ڪري ان بدعت کي حسنه ٺهرايو، يا ازخود اها بدعت پکڙجي ويئي. ڪي سڳورا ته چون ٿا ته اها بدعت ئي ناهي. هو چون ٿا ته بدعت اها آهي جا اسلام جي مخالف هجي. پر جيڪڏهن مخالف نه هجي ته پوءِ توڙي نئين ڳالهه هجي ته به بدعت ناهي. هيءُ خيال ته تمام عجيب آهي جو منهنجي ناقص فهم ۾ بلڪل ڪو نه ٿو اچي. اسلام جي مخالفت ته هونءَ ئي گناهه يا ڪفر آهي، باقي بدعت جي بابت جو جدا هيتريون سخت ۽ چٽيون حديثون آيون آهن سو ڇو؟
    ڪي سڳورا فرمائن ٿا ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ فقط سندن فيض واري نظر جي برڪت سان دليون صاف ٿي وينديون هيون. مگر پوءِ جڏهن وڏن بزرگن ڏٺو ته ماڻهن جا قلب ڪارا ٿي ويا آهن تڏهن اجتهاد ڪري اهو طريقو ڳولي ڪڍيائون. هاڻي سوال آهي ته اجتهاد ڪهڙين ڳالهين ۾ جائز آهي؟ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ فرمائيندا هئا ته ڪو به معاملو پيش اچي ته قرآن شريف تي فيصلو ڪيو. قرآن شريف ۾ حڪم نه ملي ته منهنجي قولن ۽ عملن تي فيصلو ڪيو جيڪڏهن انهن ۾ به حڪم نه ملي ته پوءِ قياس ۽ عقل کان ڪم وٺو. هاڻي چئو ته دل جي صفائي لاءِ قرآن شريف ۽ حديث شريف ۾ حڪم ڪونهي ڇا ۽ دين جو مقصد آهي ئي دل کي صفا ڪرڻ. پوءِ جيڪڏهن ان لاءِ قرآن ۽ حديثن ۾ هدايت ڪانه هجي ها ته پوءِ اهو دين ڪهڙي ڪم جو ٿيو. حقيقتن قرآن شريف ئي دل کي صاف ڪرڻ جو ڪامل ترين وسيلو آهي. قرآن شريف با معنيٰ پڙهبو، ان تي غور ڪبو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته دل صاف ٿيندي ويندي. خاص طرح هڪ حديث ۾ چٽائي به ٿيل آهي ته سڀ ڪنهن شيءَ لاءِ ڪو نه ڪو علاج مقرر ڪيل آهي ۽ دل جي صفائي لاءِ جا شيءِ مقرر ڪيل آهي سا آهي نماز. نماز ۾ به قرآن شريف ٿو پڙهجي، بيشڪ قرآن شريف ۽ حديثن ۾ ذڪر جو وڏو ثواب بيان ڪيل آهي، پر ذڪر اهو ناهي جو اڄ ڪلهه جا درويش ٿا ڪن. اهو ته خيال يا قلب جي هڪ ورزش آهي، جنهن ڪري خرابيون، جهڙوڪ وات مان گجي وهڻ، دل جي پريشاني ۽ دماغ جي ڪمزوري بلڪ بيهوشي به پيدا ٿين ٿيون. ذڪر جي معني آهي الله تعاليٰ جي يادگيري ۽ ذڪر جي معنيٰ يادگيري ڏياريندڙ پڻ آهي. خود قرآن شريف ۽ نماز کي ذڪر سڏيو ويو آهي هاڻي جيڪڏهن ڪو چوي ته ذڪر اهو آهي جو اڄ ڪلهه جا درويش ٿا ڪن يا جيڪو قادري طريقي وارا زور سان الله الله الله يا هو هو چوڻ سان ٿا ڪن. ان جو فيصلو هيئن ڪري سگهبو ته حضرت جن ﷺ يا اصحابن سڳورن ڪهڙي طرح ذڪر جي حڪم جي تعميل ڪئي. هر ڪو عامل قبول ٿو ڪري ته انهن طريقن سان ذڪر ڪرڻ جو حڪم ڪونه آيل آهي، مگر ذڪر جو حڪم آهي ته سهي، پوءِ ڪهڙي به طريقي سان ڪجي ته اها بدعت ناهي. مان چوان ٿو ته اڄوڪن درويشن وارو ذڪر، ذڪر ئي ناهي، پر کڻي ذڪر ئي هجي ته به هيءَ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي جنهن ۾ حضرت ﷺ جي سنت کي ڇڏي نئون طريقو ڪڍجي. هيءُ هڪڙو نهايت ضروري اسلامي حڪم آهي جنهن تي پاڻ سڳورن ۽ اصحابن ڀلارن عمل ڪيو ۽ جوئي طريقو اختيار ڪيائون سو ئي اسان کي اخيتار ڪرڻو آهي. مٿي هڪ حديث ڏني ويئي آهي ته اجتهاد فقط تڏهن ٿو ڪري سگهجي جڏهن ڪنهن ڳالهه لاءِ حضرتﷺ جن جو عمل به معلوم نه هجي، تنهن ڪري ذڪر جي باري ۾ اجتهاد کي دخل ئي ڪونهي. سورت بقره جي 18 رڪوع جي آخري آيت ۾ هي الفاظ آيل آهن، فَاذْكُرُوْنِیْۤ اَذْكُرْكُمْ، جنهن جي لفظي معني آهي ته ”مون کي ياد ڪيو ته مان اوهان کي ياد ڪيان“ ابن جرير هڪ مشهور اوائلي مفسر پنهنجي تفسير طبريءَ ۾ انهن الفاظن جو تفسير هن طرح ٿو ڪري ته انسان جو الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ آهي، سندس حڪمن تي هلڻ ۽ الله تعاليٰ جو انسان کي ياد ڪرڻ آهي مٿس برڪتون نعمتون موڪلڻ، نقل کي ڇڏي عقل تي اچو.
    ڪهڙو عقل وارو ماڻهو چئي سگهندو ته ماڻهو ويهي الله الله الله چون يا رات ڏينهن اٿي ويٺي ڪم ڪندي اهو مبارڪ لفظ اچاريندا وتن ۽ الله تعاليٰ شب روز خدا بخش خدا بخش يا مهرالله مهرالله وغيره فرمائيندو رهي، جيڪڏهن ڪنهن به انسان سان محبت هوندي آهي ته ان جو نالو ورد ڪبو آهي ڇا؟ فقط هر وقت سندس يادگيري رهندي آهي ۽ ان جي فرمودن موجب عمل ڪبو آهي.!
    پر اڄوڪن بزرگن جو اهو خيال ۽ دليل ته هن وقت جي ماڻهن جون دليون ڪاريون آهن تن کي صفا ڪرڻ لاءِ نئين طريقي جي ضرورت پيدا ٿي آهي سو دليل به اڻپورو آهي ڇو ته جيڪڏهن اصحابن سڳورن جون دليون حضرت ﷺ جن جي فيض واري نظر جي اثر کان صاف ٿيون ته انهن مسلمانن جون ڪيئن صاف ٿيون جن پاڻ ڪريمن کي ڏٺو ئي ڪين. جيڪڏهن چئجي ته انهن کي وري اصحابن سڳورن جي فيض واري نظر نصيب ٿي ته وري ٽئين ۽ چوٿين پيڙهي وارن کي ڪنهن جي نظر فيض رسايو؟ جيڪڏهن تابعين ۽ تبع تابعين فقط فيض واري نظر کان ڪم ورتو ته ڇو نه ٿا اڄوڪا بزرگه به رڳو نظر کان ڪم وٺن. جيڪڏهن بزرگ آهن ئي ڪونه ته پوءِ ڪيئن چئبو ته انهن طريقن جي وسيلي ماڻهو بزرگ يا اولياءَ الله ٿا ٿين؟ جيڪڏهن اسان جي زماني ۾ ٻين نون طريقن جي ضرورت هجي ها ته اهي به رسول الله ﷺ جن بيان ڪري ڇڏن ها. ائين آهي ڇا ته رسول الله ﷺ جن ديني تعليمات کي اڻپورو ڇڏي ويا ۽ پوين اچي ان جي پورائي ڪئي؟ تڏهن اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیْنَكُمْ واري آيت جو مطلب ڇا آهي؟ لطف ته هيءُ آهي ته خود فقه ۾ انهن طريقن جو بيان بلڪل ڪونهي.
    چيو ويندو آهي ته انهن طريقن ۾ ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ فنا في الله، واصل با الله ٿيڻ لاءِ يا ولي ۽ ڪرامت جي صاحب ٿيڻ لاءِ گهر ٻار ۽ دنيائي ڪم ڪار ڇڏي ڏيڻ ضروري آهي. مگر ائين ڪرڻ رهبانيت آهي ۽ اسلام رهبانيت سخت کان منع ٿو ڪري. تجربي مان ثابت آهي ته انهن طريقن ڪمائڻ سان ڪو هروڀرو دل صاف ڪانه ٿي ٿئي، ڇو ته ڏسجي پيو ته ڪيترائي اهڙا انسان آهن جيڪي اهي طريقا ڪمائن ٿا ته به اسلام کان برطرف آهن ۽ گناهن جا ڪم ڪن ٿا. انهي جو جواب اهو ڏنو وڃي ٿو ته انهن طريقن سان ٻيا شرط به لاڳو آهن جيئن ته شريعت جي پابندي وغيره، تڏهن چئجي ته هروڀرو انهن طريقن ڪمائڻ ۾ دل کي صفا ڪرڻ جو لازمي اثر رکيل ڪونهي مگر جنهن صورت ۾ شريعت جي پابندي ۽ قرآن شريف بامعنيٰ پڙهڻ ۽ نماز دل جي حضور سان پڙهڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڪيئن چئبو ته اهو اثر انهن طريقن ڪمائڻ ۾ آهي؟ رواجي ماڻهو چوندا آهن ته طريقت ڪمائڻ سان انسان واصل بالله ٿئي ٿو، پوءِ هن جو قلب کلي ٿو پوي ۽ بدني ۽ باطني علم مليس ٿو، جنهن ڪري هن کي نڪا قرآن شريف پڙهڻ جي ضرورت آهي نڪا روزي نماز جي. پر بهتر ائين آهي ته روزو رکندو اچي ته ٻيا رواجي مسلمان شريعت کان بگڙي نه وڃن، شريعت کان طريقت کي مٿي ٿا سمجهن. مگر منهنجي ناقص خيال ۾ نٿو اچي ته طريقت ڇا کي ٿا ڪوٺين، شريعت آهي اسلام جون تعليمات ۽ انهن تعليمات تي هلڻ آهي طريقت، جيڪو رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جو طريقو (طريقو ۽ طريقت ساڳيو لفظ آهي) وٺندو سو ئي فلاح پائيندو. هڪڙي وڏي عالم بزرگ نقش بنديءَ واري کان پڇيو ويو ته اڄ ڪلهه جا صوفيانه طريقه ڪمائڻ بهتر يا قرآن شريف پڙهڻ بهتر؟ ته جواب ڏنائين ته اهي طريقه ڪمائڻ آهي دوا ۽ قرآن شريف مطالعو ڪرڻ غذا، جيئن بيمار کي اول دوا کارائي تندرست ڪري پوءِ غذا ڏجي ته زور وٺي. تئين شروعات وارن کي اهي طريقا ڏسجن پوءِ انهن کي قرآن شريف پڙهڻ جي هدايت ڪجي جنهن کان سواءِ يعني قرآن شريف کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو. هيءُ اهڙو خيال آهي جو ٻين سڀني صوفين جي خيالن کي رد ڪري ٿو ڇڏي. ڇو ته عام صوفين جو اهو خيال آهي ته اول آهي شريعت پوءِ آهي طريقت، جنهنجي وسيلي فنافي الله ۽ واصل با الله ٿي ولي الله ٿو ٿجي. بلڪ انالحق جو دم هڻي ٿو سگهجي. در حقيقت انهيءَ بزرگه صاحب جو جواب به پورو نه آهي، ڇو ته روحاني مرضن لاءِ دوائون ۽ علاج قرآن ۽ حديثن ۾ ڪو نه سيکاريل آهن ڇا، جيڪڏهن سيکاريل آهن ته پوءِ ڇو نه اتان علاج چونڊي ڪڍجي، ۽ ڇو نئون طريقو ڪم آڻجي؟ جيڪڏهن نه سيکاريل آهن ته چئبو (نعوذ با الله منها) ته اسلام نامڪمل هو جنهن کي پوين مڪمل ڪيو؟
    ساڳئي بزرگ صاحب کان پڇيو ويو ته هندن جي يوگ ۽ صوفين طريقن جي ۾ ڪهڙو تفاوت آهي؟ جواب ڏنائين ته هندو يوگي اسلامي شريعت جي پابندي نه ٿا ڪن ۽ حلال حرام جي تميز ڪا نه ٿا ڪن، مگر سچا صوفي ڪن ٿا. هن مان سمجهبو ته قبول ڪري چڪو ته هونئن ٻنهين جو طريقو ساڳيو آهي. هڪڙي ٻئي عالم بزرگ نقشبندي طريقي واري فرمايو ته اهي نوان طريقا بيشڪ دل کي صاف ڪن ٿا پر جيئن دوا سان گڏ پرهيز ضروري آهي تيئن انهن سان به پرهيز ضروري آهي. اهو جواب به ساڳئي نموني آهي جئين مٿي ڏنو ويو آهي فقط لفظن ۾ ڦير آهي. جيڪڏهن پرهيز ڪري سگهجي ۽ ڪجي ته پوءِ هنن طريقن ڪمائڻ جي ته ضرورت ئي ڪانه رهي. مگر ساڳئي بزرگ کي جڏهن چيو ويو ته عام طرح ولي الله فقط انهن کي ٿو چئجي جي اهي نوان طريقا ڪم ٿا آڻين ۽ انهن جي وسيلي ڪرشما ڪري ٿا ڏيکارين يا ماڻهن کي حال ٿا وجهن، تڏهين فرمايائين ته جاهلن جي خيال کي ڪو وٺبو ڇا. هيءُ جواب به اهڙو آهي جو عام صوفين جي ولايت کي درهم برهم ڪري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن اها راءِ عام طرح مقبول ٿي وڃي ته پوءِ درويشن جا طالب ۽ پيرن جا مريد کين ترڪ ڪري وري سندن منهن به نه ڏسن، ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهو فقط انهن کي ولي سمجهن ٿا جي نوان طريقا ڪم ٿا آڻين.
    هاڻي سوال آهي ته اهي نوان طريقا ڪهڙا آهن ۽ سچو پچو ذڪر ڪهڙو آهي جو رسول الله ﷺ جن ۽ اصحاب سڳورا ڪندا هئا؟ اهي طريقا اهڙي طرح لڪايا ويندا آهن جيئن عيب کي لڪايو ويندو آهي. چيو ويندو آهي ته اهي فقط انهن کي ڏسبا آهن جن ۾ مرشد لاءِ پورو يقين ۽ ويساهه هجي ۽ اهڙو شوق هجيس جو مرشد کي پڪ ٿئي ته هن کي ڏسبا ته هو ضرور ڪمائيندو. هڪڙو واهيات قصو ٻڌائيندا آهن ته ”حضرت علي رضي الله خاص طالبن کي اهي طريقا ڏسيندو هو پر انهن جي پهريائين آزمائش وٺندو هو. هڪڙي ڀيري ڇا ڪيائين جو طالبن کي ٻاهر وهاري چيائين ته مان هڪ هڪ ڪري توهان کي اندر سڏيندس پوءِ هڪڙي کي اندر آڻائي هڪڙي ڇيلي جو رت جو اڳواٽ هٿ ڪري رکيو هئائين تنهن کي اهڙي طرح هاريائين جو رت ٻاهر وهي هليو. ٻاهرين طالبن سمجهيو ته جيڪو طالب اندر ويو آهي تنهنجو رت آهي. اهو حال ڏسي ڪي ڀڄي ويا، باقي جن جو ويساهه پورو هو سو رهي پيا حضرت علي پوءِ فقط انهن کي طريقا سيکاريا“.
    جيتري قدر مون کي معلوم آهي اوتري قدر ڪي طريقا بيان ڪيان ٿو. هڪڙو نمونو ته هيءُ آهي جو پهريائين طالب کي مرشد جي تصوير پچائڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي، انهيءَ ۾ هن کي مرشد لاءِ حب پيدا ٿيندي آهي. جڏهن ان ۾ ڪمال حاصل ڪندو آهي تڏهن چئبو آهي ته فنا في الشيخ ٿي چڪو پوءِ کيس فنافي الرسول ۽ پوءِ فنا في الله ٿيڻ سيکاريو ويندو آهي. والله اعلم هيءُ ڪم خبر ناهي ته ڪيئن ٿو ڪيو وڃي. ٻيا طريقا نفي اثبات جا ۽ تصورن پچائڻ جا به مونکي بلڪل معلوم ڪونه هئا نڪا اها خبر اٿم ته نقشبندي قادري سهروردي ۽ چشتي طريقا ڪيئن ڪمايا وڃن ٿا. پر خدا ڀلو ڪري پير ارشاد الله شاهه حڪيم، لعلورانئڪ تعلقي وارهه واري جو جنهن لڪل ڳالهيون ظاهر ڪري وڌيون آهن ۽ هڪڙو ڪتاب ارشاد المعرفت لکي ڇپايو اٿس جنهن مان مونکي پوءِ معلوم ٿيو ته اهي طريقا ڪهڙا آهن. ان ڪتاب مان مثال لاءِ فقط ٻه ٽي طريقا ناظرين جي خدمت ۾ پيش ٿو ڪريان.
    طالب وضو ڪري قبلي جي طرف منهن مونن ۾ وجهي اکيون بند ڪري طريقت جي مرشد ۽ حقيقت جي پير کان مدد گهري قلب کي الله تعاليٰ ڏانهن متوجه ڪري لفظ ”لا“ کي ناف (دن) کان ڇڪي دماغ تائين پهچائي ۽ اتاهون لفظ الله کي سڄي ببي جي هيٺون آڻي ضرب هڻي. وري الا الله جي ضرب دل تي هڻي لفظ لا الهٰ جي چوڻ وقت اهو (نفي وارو) خيال دل ۾ ڪري ته الله کان سواءِ ڪجهه به ڪينهي ۽ لفظ الا الله جي چوڻ وقت (اثبات) اهو خيال ڪري ته رڳو الله ئي الله آهي (همه اواست). اهڙي طرح انهيءَ ڪلمي جو ذڪر هڪ هزار کان گهٽ نه ڪري. جڏهن مٿيون تعداد پورو ٿئي تڏهن ان وقت اهڙو تصور ڪري جو ڄڻ چانڊوڪي جهڙي نور سڄي جهان کي گهيري ورتو آهي انهيءَ خيال ۾ دل کي ايتري قدر جهلي جو خود طالب کي لذت اچڻ لڳي ۽ انس پيدا ٿئي. پوءِ ساڳئي نموني لفظ الا الله جو ذڪر هزار دفعا ڪري ۽ ساڳيو تصور ڪري. وري لفظ الله جو به ساڳيءَ طرح ۽ پوءِ لفظ هو جو به ساڳيءَ طرح، فقط ٿورو ٿورو تفاوت آهي. سال کن ائين ڪرڻو آهي پر جيڪڏهن مرشد باطني فيض وارو هجي ته جلد آسانيءَ سان منزل کي پهچي سگهجي، مگر پير صاحب ميان ارشاد الله شاهه فرمائي ٿو ته اڄوڪي زماني ۾ ڪامل ۽ فياض مرشد جو هٿ اچڻ گهڻو مشڪل آهي.
    ٻيو ذڪر اسم ذات جو هيءُ آهي ته:- طالب پهريائين پنهنجي دل کي گوشت جو ٽڪرو صبويري شڪل جو تصور ڪري پوءِ خيال ۾ تصور سان گڏ لفظ الله الله جو دل کي چوائيندو ڪري جڏهن سندس خيال ۾ اهو تصور قائم ۽ مضبوط ٿي وڃي ته پوءِ دل کي الٽائي تنهنجي مٿي تي خيال جي قلم سان اسم مبارڪ ”الله“ جو سوني پاڻيءَ سان لکي ۽ دل جي اکين سان ان کي هميشه ڏسندو رهي. جڏهن اسم ذات جو نقش دل تي منقش ٿي وڃي تنهن کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر قلب ۾ سوراخ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ان جو رنگ سفيد روشن چنڊ جي چانڊوڪيءَ جهڙو هوندو پوءِ سالڪ کي گهرجي ته ان سوراخ جي مٿئون اسم مبارڪ ”الله“ جو لکي. ڪجهه ڏينهن پوءِ اهو سوراخ اهڙو ويڪرو ۽ ڪشادو ٿي ويندو جو سڄي روءِ زمين بلڪ تحت الثريٰ کان وٺي عرش معليٰ تي محيط ٿي ويندو تنهن ۾ باغ ۽ چمن، نهرون ۽ گهڻا الهيٰ عجائبات نظر اچڻ لڳندا ۽ ملائڪن مقربن، نبين جي ارواحن ۽ اوليائن سان ملاقات حاصل ٿيندي. ذات الهيٰ سڀ کان پاڪ منزل ڏسڻ ۾ ايندي انهيءَ مشاهدي ۾ به هڪ سڄو سال گذاري.
    ٽيون - سالڪ اکيون بند ڪري پالڪي ماري ويهي يڳ ڪيماس يعني سڄي پاسي واري ران جي رڳ کي کٻي پير جي آڱوٺي ۽ آڱر سان پڪڙي سڄي پير جي چنبي کي کٻي ران تي رکي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي رکي مٿي کي زمين جي ويجهو ڪري لفظ کي ضرب سان زمين تان ڇڪي اخغيٰ (دماغ) تائين پهچائي لفظ ”الله“ کي ڪنڌ جي اشاري سان کٻي هٿ جي چيچ تي ضرب هڻي، اهڙي طرح هيءُ ذڪر هر روز هڪ هزار ڀيرا بنان ناغي جي ڪري هڪ سال تائين آواز سان ذڪر ڪري يا آهستي ڪري سو سالڪ جو اختيار آهي.
    چوٿون - سالڪ تصور ڪري ته مان ۽ جيڪي به منهنجي نظر ۾ اچي ٿو سو مڙيوئي خاڪ آهي. جڏهن ڏسڻ ۽ هٿ لائڻ سان سڀ ڪجهه خاڪ معلوم ٿئيس تڏهن خاڪ کي پاڻي تصور ڪري پوءِ وري هوا تصور ڪري ۽ پوءِ باهه وغيره وغيره.
    اهڙا طريقا مٿي بيان ڪيل ڪتاب ۾ گهڻا ڏنل آهن ۽ تفصيل سان بيان ڪيل آهن. مون فقط چار انهن منجهان هت ڏنا آهن سي به بلڪل مختصر طور. اهي ئي طريقا آهن جن بابت مون مٿي چيو آهي ته نه رسول الله ﷺ ڪمايا آهن نه اصحابن سڳورن، نه قرآن مجيد ۽ حديثن ۾ نه فقهه ۾ بيان ڪيل آهن. تنهن ڪري بدعت آهن ۽ ڪل بدعت گمراهي آهي. مگر عام طرح ته خيال ڪيو وڃي ٿو ته انهن ئي طريقن سان واصل با الله ۽ ولي الله ٿو ٿجي. مان ٿو پڇان ته انهن طريقن کان سواءِ ولي الله ٿي نه ٿو سگهجي ته اصحاب سڳورا اولياءَ نه هئا ڇا ۽ ڇو نه الله ۽ الله جي رسول اهڙا طريقا سيکاريا جن سان ئي ولي الله ٿي ٿو سگهجي؟
    ٻئي هڪڙي قسم جو ذڪر به بيان ڪيان ٿو جو عام ماڻهو سومهڻيءَ جي وقت يا اسر جي وقت آواز سان ڪندا آهن. مان جڏهن ننڍو هوس تڏهن منهنجي ڏاڏي جي مرشد جي اولاد وارا پير منهنجي ڳوٺ ۾ ايندا هئا ۽ سومهڻيءَ جي وقت مريدن ۽ جماعتين سان گڏجي ڳچ وقت زور سان لا الا الا الله، لا الا الا الله ۽ پوءِ وري ڳچ وقت الا الله، الا الله پوءِ وري ڳچ وقت الله الله ۽ ڳچ وقت ’هو هو‘ ڪري پوءِ منهن مونن ۾ وجهي گهڙي کن مراقبه ڪري، پوءِ دعا گهرندا هئا. ائين هاڻي به گهڻائي مرد خواه زالون سر ۽ آلاپ سان ڪندا آهن. مون هڪڙي عالم سڳوري کان پڇيو ته حضرتﷺ جن ۽ اصحاب سڳورا ائين ڪندا هئا يا نه؟ جواب ڏنائين ته نه.
    هاڻي اچان ٿو انهي سوال تي ته اهو ڪهڙو ذڪر آهي جنهن جو حڪم قرآن شريف ۽ حديثن ۾ آهي ۽ ان حڪم جي تعميل حضرت ﷺ ۽ اصحاب سڳورن ڪيئن ڪئي؟ ذڪر جي معنيٰ يادگيري آهي ۽ يادگيري ڏياريندڙ به آهي. جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي پنهنجي پٽ يا پياري دوست سان گهڻي محبت هوندي آهي ته ان کي اهو پٽ يا دوست بي اختيار هر وقت ياد هوندو آهي. هن جي رفتار گفتار، شڪل شباهت، مرڪڻ کلڻ وغيره وغيره سڀ ڪجهه اکين آڏو رهندو آهي. جيڪڏهن ٻيو ڪو ماڻهو ساڻ هوندو اٿس ته ان سان پنهنجي پٽ يا دوست جون ڳالهيون ڪندو آهي ۽ سندس صفتون ۽ گڻ بيان ڪندو آهي. عملن وري انهيءَ جي مرضيءَ موجب هلندو آهي ۽ هنن جي لاءِ سوکڙيون پاکڙيون وٺندو آهي مگر سندن نالي جو ڪڏهن به ورد ڪو نه ڪندو آهي. يعني اڪيلائي ۾ يا ٻين جي روبرو ۽ دل ۾ يا آواز سان يوسف، يوسف يوسف يا يعقوب يعقوب ڪو نه چوندو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن شخص کي علم عقل ۽ قدرت تي غور ويچار ڪرڻ ۽ چڱي صحبت جي اثر کان الله تعاليٰ لاءِ محبت پيدا ٿيندي آهي ته هن کي به بي اختيار هر وقت اڪيلائي ۾ خواه مجلس ۾ کائيندي پيئندي، گهمندي ڦرندي، ڪم ڪندي الله تعاليٰ ياد هوندو آهي. الله تعاليٰ جي يادگيري جي ڪري هر وقت گناهن کان بيزار رهندو آهي ۽ الله تعاليٰ جي مرضيءَ موجب عمل ڪندو آهي. هر وقت سندس تعريف ۽ سندس صفتون ۽ حڪم احڪام بيان ڪندو آهي ۽ هر وقت هر ڪم ۾ کانئس مدد ۽ هدايت گهرندو آهي. مناسب موقعن تي ۽ دل جي جذبي ۽ سمجهه سان ”بـسم الله لا الا الا الله سبحان الله الحمد الله الله اڪبر“ ۽ اهڙا ٻيا ڪلما دل ۾يا آواز سان ڪڍندو آهي ۽ دل سان هنڊائيندو آهي. مجلس ۾ به الله تعاليٰ جون هدايتون ۽ حڪم ۽ صفتون بيان ڪندو آهي ۽ وعظ ۽ تقريرون ڪندو آهي. سڀڪو ڪم بـسم الله چوڻ سان شروع ڪرڻ ۾ به الله تعاليٰ جي يادگيري آهي. هر وقت الله تعاليٰ کان دعائون گهرڻ به ذڪر آهي. دست به ڪار دل به يار! ائين نه ته هٿ هجي تسبيح ۾، الله جو نالو زبان تي مگر دل ۽ خيال ٻئي پاسي - انهيءَ ڪري سڀني کان چڱو ذڪر آهي قرآن شريف سمجهه سان پڙهڻ ڇو ته قرآن شريف پڙهڻ سان نه رڳو الله تعاليٰ جي يادگيري ٿي اچي پر سندس صفتون ۽ حڪم احڪام به معلوم ٿا ڪجن. نماز به ذڪر آهي ڇو ته نماز ۾ به الله تعاليٰ جي تعريف ٿي ڪجي ۽ منجهس قرآن شريف ٿو پڙهجي - حديثن مان معلوم ٿو ٿئي ته رسول الله ﷺ هر ڪم ۾ هر موقعي تي مناسب دعائون گهرندا هئا - جن کي اهي دعائون معلوم ڪرڻيون هجن سو مولانا مولوي صاحب رحيم بخش مرحوم جو ڪتاب نالي ”اسلام کي چهڻي ڪتاب“ پڙهي ڏسي - انهيءَ ۾ عربي دعائون به ڏنل آهن ۽ انهن سان گڏ اڙدوءَ ۾ ترجمو به ڏنل آهي - مولانا صاحب ان ڪتاب جي مهاڳ ۾ ذڪر جي فائدن جون حديثون ڏيئي فرمائي ٿو ته
    پس جب دعائين ايسي بي نظير فوائد پر مشتمل هين تو اس لئي اراده هوا که اب چهڻي ڪتاب دعائون مين با ترجمئه مختصر اور چهوڻي تقطيع پرچهاپ کر شايع کرين. هن مان سمجهي - وري ”اسلام کي ساتوين ڪتاب“ ۾ ترغيب فضيلت نماز صبح و عصر کي بعد ذڪر کرني اور نفل پڙهني مين“ جي سري هيٺ لکي ٿو
    "اور فرمايا آنحضرت ﷺ ني جو شخص عصر کي نماز بعد آفتاب کي ڊوبني تک ذڪر ڪرتا رهي اس کو بهي ايسا ثواب ملتا هي جيسا صبح کي نماز کي بعد آفتاب نکلني کي وقت تک ذڪر کرني سي ملتاهي ان اوقات مين جو اور دعائين وارد هين انکو هم اسلام کي چهڻي کتاب مين با فواعد و ترجمه لکهه چکي هين–
    هن مان به معلوم ٿيندو ته ذڪر ۽ دعائون ساڳي ڳالهه آهي. قرآن شريف ۾ جو فرمايل آهي واذڪر اسم ربڪ في نفسڪ تنهن جي معنيٰ اها ناهي ته پير ارشاد الله شاهه جا بيان ڪيل طريقا ڪمايو مگر معنيٰ هي آهي ته دل ۾ پنهنجي رب جو نالو ياد رکو. هڪڙي هنڌ ذڪر کي اڪبر سڏيو ويو آهي ان جو مطلب اهو ناهي ته ذڪر نماز کان وڌيڪ آهي ڇو ته نماز پاڻ اعليٰ ۾ اعليٰ ذڪر آهي، مگر مطلب هي آهي ته نماز وغيره جهڙن ڪمن ۾ سڀ کان مکيه ڳالهه يا مکيه مقصد يا مکيه فائدو آهي الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري. ابن جرير جي خيال موجب الله جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ به ذڪر آهي - منهنجي خيال ۾ ذڪر اهي ئي آهن جيڪي مون بيان ڪيا آهن - اصحابن سڳورن به انهن نمونن سان ذڪر ڪيو. اسان کي به گهرجي ته سڀني ديني معاملن ۾ اصحابن سڳورن جي پيروي ڪريون. انهن جي روش ڇڏي ٻي روش وٺڻ گمراهي ۾ پوڻ آهي. جيڪي نيون ڳالهيون نڪتيون آهن سي بدعت آهن. خصوصن تصوف جا جيڪي نوان طريقا نڪتا آهن جن کي ذڪر سڏيو ٿو وڃي سي ذڪر جي معنيٰ هيٺ بلڪل اچي نه ٿا سگهن، انهن کي ذڪر سڏڻ ئي نه گهرجي. ڪوڙي تصوف جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو نوانوي سيڪڙو ماڻهو اسلام ۽ شريعت کي معمولي ٿا سمجهن. قرآن ۽ حديث جي علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ۽ الله تعاليٰ جي پرستش بدران پير پرستي فقير پرستي ۽ قبر پرستي اختيار ٿا ڪن.


    معجزا ۽ ڪرامتون (خرق عادت)

    معجزا ۽ ڪرامتون برحق آهن، مگر عام ماڻهن ۾ ان به نسبت ڪي نقصان ڪار خيال ويٺل آهن. جن کان کين آگاهه ڪرڻ گهرجي ۽ نقصانن کان کين بچائجي. هڪڙي وڏي عالم کان پڇيم ته ”پيغمبرن سڳورن ۽ ٻين صالح ٻانهن کي خرق عادت ڪرڻ جي طاقت آهي ڇا؟“ جواب ڏنائين ته انسان کي ڪا به طاقت ڪانهي. ائين چوڻ ته ڪو به انسان خرق عادت ڪري سگهي ٿو. مثلا ڌيءُ کي پٽ ڪري ٿو سگهي يا مئي کي جيئرو ڪري ٿو سگهي يا پاڻيءَ کي باهه ڪري ٿو سگهي وغيره وغيره شرڪ ۽ ڪفر آهي. مگر الله تعاليٰ پاڻ پنهنجن پيارن جي هٿان خرق عادت ڪري سگهي ٿو. پوءِ حضرت موسيٰ واريون آيتون پڙهي چيائين ته ڏس ته حضرت موسيٰ‌ جڏهن ڏٺو ته سندس لٺ نانگ ٿي پيئي آهي تڏهن ڊپ ۾ وٺي ڀڳو جنهن مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته حضرت موسيٰ نه رڳو لٺ کي نانگ پاڻ ڪو نه ڪيو پر اهو به معلوم ڪو نه هوس ته لٺ نانگ ٿي پوندي. قرآن شريف ۾ بار بار آيو آهي ته: ”چئو ماڻهن کي (اي رسول! ﷺ) ته مان توهان جهڙو انسان آهيان، جيڪي ڪري ٿو سو الله تعاليٰ ٿو ڪري. مون وٽ جڏهن وحي ٿو اچي تڏهن توهان کي ٻڌايان ٿو.“ ڪيترائي ڀيرا کانئن ڪو سوال ڪيو ويندو هو ته وحي واسطي ترسندا هئا ۽ جڏهن وحي ايندو هو تڏهن جواب ڏيندا هئا. هڪڙي ڀيري پاڻ فرمايائون ته مان جيڪڏهن ڪا مذهبي ڳالهه ٻڌايان ته اها سچي سمجهو. مگر دنيوي ڪا ڳالهه ٻڌايان ته اُها هروڀرو صحيح نه سمجهو. هڪڙي ڀيري فرمايائون ته مون وٽ ٻه ماڻهو فيصلو کڻي اچن ٿا هڪڙي کي ڳالهائڻ ۽ سمجهائڻ جي طاقت وڌيڪ آهي ۽ پنهنجو معاملي اهڙيءَ طرح پيش ٿو ڪري جو مان سندس فائدي ۾ فتويٰ ٿو ڏيان مگر جيڪڏهن حق ۽ انصاف ٻيءَ ڌر سان آهي ته انهيءَ ماڻهوءَ کي گهرجي ته پاڻ انهيءَ ڌر کي حق پلئه وجهي نه ته سمجهي ته مان پنهنجي پلو ۾ باهه جو ٽڪرو ٿو وجهان. صحيح بخاري ۾ آهي ته هڪڙي ڀيري رسول الله ﷺ فرض نماز ۾ گهٽ وڌ رڪعتون پڙهيون. پاڻ فرمايائون ته مان به توهان جهڙو انسان آهيان مون کان به سهو ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري ماڻهن کي اهو خيال هرگز ڪرڻ نه گهرجي ته پير ۽ فقير پٽ ڏيئي ٿا سگهن يا ٻيون مرادون پڄائي ٿا سگهن يا پٽ پاراتو ڏيئي نقصان رسائي ٿا سگهن وغيره وغيره. جيڪي سچا ۽ صالح آهن سي دنيائي ڪمن واسطي واري دعا ڪندا آهن ۽ پٽ پاراتو ته اصل ڪين ڏيندا آهن. ڇو ته اسلام ۾ ان کان منع آهي. پيغمبرن ۽ صالحن جي هٿان معجزا ۽ ڪرامتون بلڪل ورلي ظهور ۾ ايندا هئا سو به گهڻو ڪري اسلام جي واڌاري لاءِ سائنس جي تجزين مان ثابت آهي ته خدا وند عالم جو بهترين قانون ساز آهي سو فطرت کي اهڙن مقرر قانونن تي هلائي ٿو جو انسان حيرت ۾ پئجي ٿو وڃي. سڀ ڪنهن ڳالهه جو نتيجو پيدا ٿئي ٿو سڀ ڪنهن نتيجي لاءِ ڪو سبب آهي. انهيءَ ڪري سائنسدانن جو اعتقاد آهي ته خرق عادت اڻ ٿيڻو معاملو آهي. ڇو ته الله تعاليٰ جا قانون بلڪل اڻ ٽر آهن ۽ اهي مٽجي ڪو نه ٿا سگهن. انهيءَ ڪري سرسيد احمد خان (مان پاڻ سندس ڪتاب ڪو نه پڙهيا آهن) قرآن شريف ۾ بيان ڪيل معجزن ۽ ٻين معجزن جي اهڙي معنيٰ ورتي آهي ۽ اهڙي سمجهاڻي ڏني آهي جو اهي خرق عادت نه پر قدرت جي قانونن موافق پيا ڏسڻ ۾ اچن. هن مان ڏسبو ته جاهل سڀ ڪنهن ڳالهه کي خرق عادت بنايون ويٺا آهن منهنجي خيال ۾ سر سيد احمد خان به غلط آهي. ڇو ته الله تعاليٰ قادر ۽ قدير آهي ۽ جيڪي چاهي سو ڪري سگهي ٿو. ازانسواءِ هي به ممڪن آهي ته الله تعاليٰ جيڪو خرق عادت جو ڪم ڪري ٿو سو در حقيقيت ڪنهن قانون موافق ئي هجي مگر اسان کي اسان جي ڪم علمي سببان خرق عادت ڏسڻ ۾ اچي ته به اهو معجزه ئي چئبو. ڇو ته الله تعاليٰ ڪنهن مناسب موقعي تي خاص مقصد لاءِ مثلن ڪافرن کي مسلمان ڪرڻ لاءِ اهڙو واقعو ظهور ۾ آڻي جو ان وقت سڀ ڪنهن کي خرق عادت ڏسڻ ۾ اچي ته اهو معجزو نه چئبو ته ڇا چئبو. مگر سچ پچ اُهو حادثو قانون موافق هو يا نه، تنهن جي انهن ماڻهن کي ڪهڙي خبر - مگر سڀ کان بهتر معجزا پيشينگويون آهن جيڪو الهام جي وسيلي ڪري سگهجن ٿيون. الله تعاليٰ پنهنجي ڪنهن پياري ٻانهي کي اڳواٽ ٻڌائي ٿو ته فلاڻي وقت فلاڻو حادثو ٿيندو. اهو ٻانهو ٻين کي اهو واقعو ٻڌائي ٿو ۽ اهو پوءِ سچو نڪري ٿو.
    اسان جا مولوي ۽ عام ماڻهو سر سيد احمد خان ۽ مولوي محمد علي کي انهيءَ ڳالهه تي تمام سخت ٿا وٺن ته هو ڇو تاويلات ڪري معجزن کي رواجي واقعا بنائي ٿا ڇڏين. پر ايتري قدر سخت وٺڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. اسلام جو مدار خرق عادت جي واقعن تي آهي ڇا يا ان ۾ قادر جي قدرت جو نقص يا شان جي گهٽتائي آهي ڇا. قرآن شريف ۾ پاڻ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ڏسو ته دنيا ڪيئن باقاعدي قانونن موافق پئي هلي. رات ڏينهن ڏي ڏسو ستارن جي گردشن ڏي ڏسو وغيره وغيره.
    ٻي ڳالهه هي آهي ته جيئن جهل گهڻو هوندو آهي تيئن خوش اعتقادي گهڻي هوندي آهي. جيئن ٻارن کي ديون ۽ پرين ۽ راڪاسن ۽ طلسمات جون ڪهاڻيون وڻنديون آهن تيئن جاهلن کي به اهي ڳالهيون وڻنديون آهن. جيڪي عقل ۽ مشاهدات کان گهڻو بعيد هجن (جيئن حاتم طائي ۽ ممتاز دمساز جا قصا ماڻهن کي سچا سمجهڻ ۾ ايندا آهن ۽ نهايت وڻندا آهن) يورپ ۾ جڏهن ماڻهو جاهل هئا تڏهن منجهن لکين ولي موجود هئا ۽ ڪروڙين ڪرامتن جا قصا، جنن ۽ ڀوتن ۽ ڏائڻين جا قصا رائج هوندا هئا. جنهن به عورت ۾ اهو شڪ پوندو هو ته ڏائڻ آهي تنهن کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويندو هو. هزارين ٻڍڙيون عورتون ناحق سوريءَ تي لٽڪايون وينديون هيون. هاڻي جڏهن يورپ جا ماڻهو عقل ۽ علم ۾ ترقي ڪري ويا آهن، تڏهن نڪي ڪرامتون ٿا ڏسن، نڪي جن ۽ ڏائڻون ٿا ڏسن. اسان جي سنڌ ملڪ ۾ به اهڙو جهل آهي جهڙو يورپ ۾ ٽي سؤ سال اڳي هو. سيوهڻ، روهڙي ۽ ٺٽي ۾ سوا سوا لک ولين جو مدفون سمجهيو وڃي ٿو. ٻين هنڌن به جابجا هزارين ولين جون قبرون ڏيکاريون وڃن ٿيون. وري لطف هي ته انهن بابت هڪ به تواريخي واقعو ڪونه ٿا ٻڌائي سگهن. اهل حياتي وارن ۾ به هزارين ولي سمجهيا وڃن ٿا. مستن کي به اولياءَ الله سمجهيو وڃي ٿو. جيڪي بيشرم، بدمعاش، نانگا ماڻهن کان پنهنجا مخصوص عضوا مهٽرائن ٿا تن کي ڪي تعليم يافته ماڻهو به ولي مڃين ٿا ۽ مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جا عضوا ٿا مهٽين. ڪرڙ ڪانڊيرو، ميهو ونگو سڀ ڪو ولي سمجهيو پيو وڃي اگرچه هن جا عمل شريعت جي مخالفت ڇو نه هجن. سندن ڪرامتن جون ڳالهيون لکين ڪروڙين بيان ڪيون ٿيون وڃن جي ڳالهيون اڪثر ڪري انهن جا فقير يا دوست هٿرادو ٺاهي پکيڙين ٿا. پر انصاف جاهلن جا به نه وڃائبا جو تحقيقات ڪرڻ کان سواءِ کنيو قبول ڪن. هڪڙي پير جو مشهور قصو آهي ته هڪڙي جيئري ماڻهو کي تڪبير سان ماري پوءِ مٿس جناري جي نماز پڙهيائين. مون ان ڳوٺ ۾ وڃي جانچ ڪئي مگر پتوئي نه پيو. ساڳي طرح جنن جا قصا به لکين ڪروڙين بيان ڪيا ٿا وڃن مگر ملائڪن جو هڪ به نه . جيڪڏهن انهن قصن بابت تحقيقات ڪندءُ ته هرگز سچا نه نڪرندا. هڪڙي وڏي عالم لکيو آهي ته جن نڪو وڻن ۽ جاين وغيره ۾ ٿا رهن نڪو ماڻهن کي ڊيڄارين يا ايذائين ٿا نڪو منجهن واسو ڪري ٿا ويهن يا لهر ٿا هڻائين. عجب ته وري اهو آهي ته ڪاريهر نانگن کي به اولياءِ سمجهيو پيو وڃي ۽ انهن جا حيرت انگيز قصا بيان ڪيا پيا وڃن. انهيءَ ڪري ڪي ماڻهو ڪاريهر نانگ کي نه ماريندا آهن.
    ڪرامتن جي قصن جو هڪ تباهه ڪندڙ نتيجو اهو پيدا ٿيو آهي جو ڪيترائي ماڻهو قيمتي وقت وڃائي تڪليفون ۽ خرچ ڪري ڪوڙن درويشن ۽ ڪوڙن پيرن وٽ وڃن ٿا ۽ انهن کي پيسا وغيره ڏيئي پنهنجو جهڳو جهڻ ڪري ٿا ڇڏين. ائين نٿا سمجهن ته جيڪڏهن اهي ولي هجن ته بنا اجوري کين دعا ڪن ۽ ٻين کان وٺڻ بدارن انهن کي ڪجهه ڏين. وڏو نقصان هي به ٿو ٿئي جو بيماريءَ جيڪي علاج ڪرڻ بدارن ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪوشش وٺڻ بدارن پيرن ۽ فقيرن جا در ڳوليندا ٿا وتن جنهن ڪري مرادن حاصل ڪرڻ بدارن نقصان ٿيو وڃي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته سڀ ڪنهن ڪم لاءِ پنهنجي ڪوشش ڪيو ۽ الله تعاليٰ تي توڪل رکو ۽ کانئس ئي مدد گهرو. ماڻهو چوندا آهن ته جيئن دنيائي بادشاهن کي عرض سندس وزيرن ۽ زيردستن جي معرفت ڪبو آهي تيئن الله تعاليٰ وٽ به ولين جي وسيلي کان سواءِ نه پهچي سگهبو. بادشاهن کي ته ايتري طاقت ڪانهي جو سڀني ماڻهن کي پاڻ سڌو ڏسي سگهن. پر الله تعاليٰ به انسان وانگر محدود ۽ بي طاقت آهي ڇا؟ اُٽلندو الله تعاليٰ بار بار ٿو فرمائي ته ذري ذري تي هر هڪ چڙيءَ خواه انسان تي منهنجي نظر آهي ۽ پڻ فرمائي ٿو ته توهان مون کان سوال گهرو مان مجيب الدعوات آهيان. افسوس جو الله تعاليٰ کي ضعيف انسان جهڙو بنايو وڃي ٿو.
    جنن جي قصن ۾ ويساهه رکڻ ڪري جيڪي برباديءَ جا نتيجا پيدا ٿيا آهن، سي به عالم آشڪار آهن. ڪيترائي ڏاڙهين وارا ڊپ کان گهر کان ٻاهر نه نڪرن. رات جو خواه ڏينهن ڏٺي جو ڪا رواجي ڳالهه ڏسن ته جن سمجهي موٽي پون. هراس کان بيمار ٿي پون ۽ بعضي مري به وڃن. ڪن بيمارين لاءِ به سمجهيو ويندو آهي، ته هن کي حساب آهي. پوءِ دوا ڪرائڻ ڦٽي ڪري فقيرن ۽ تعويذ لکندڙن ۽ سڳن ڌاڳن ڪندڙن ۽ فالن وجهندڙن جي پٺيان رلندا خرچ ڪندا وتن. بلڪ دور دور وارن اهل مماتي جي قبرن تي مريض کي وٺيو وڃن ۽ سفر جي تڪليف ڪري مريض وڃيو وڌيڪ ضعيف حالت کي پهچي. هزارين مڪريل عورتون پري پري مقبرن تي وڃي سرندي جي آواز تي غيرن جي اڳيان وار ڇوڙي لهر هڻنديون آهن. هن کان وڌيڪ جهل ۽ بربادي ڪا ٻي ٿيندي آهي ڇا؟
    ماڻهن کي گهرجي ته علم پڙهن. علم کانسواءِ هنن کي سڀ ڪو مڪار ٺڳي ٿو سگهي. کين گهرجي ته پيرن ۽ فقيرن کي ڪجهه به نه ڏين. جيڪڏهن ڪو نيڪ عالم شريعت تي هلندڙ علم سيکاريندڙ ۽ وعظ ڪندڙ هجي، ته ان جي صحبت اختيار ڪجي ۽ ضرورت هجي ته اسلامي ڪم لاءِ ان جي مدد ڪجي. ڪرامتن جي قصن تي ٺڳجي وڃڻ نه گهرجي.
    مقبرن جي زياتن ۾ ۽ اتي وڃي مرادن پنڻ ۾ ڄڃون ڪري وڃي نذر نياز ڏيڻ ۾ سنڌ جي مسلمانن جو لکن جو قيمتي وقت ۽ لکين رپيا روڪڙا سال بسال ضايع ٿا ٿين. اهو اجايو اسراف ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ الله تعاليٰ هر جاءِ تي آهي، سڀ ڪنهن هنڌ سوال ٻڌي سگهي ٿو، پوءِ هرو ڀرو ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڄڃون ڪري قبرن تي وڃڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. وقت سر ويجهي ۾ ويجهي قبرستان تي هن لاءِ وڃڻ گهرجي ته موت ياد اچي، عبرت وٺجي ۽ مسنون دعائون پڙهجن. جنهن کي منهنجي هنن خيالن تي اعتبار نه اچي سو حديثون پڙهي ڏسي ته اصحابن سڳورن ۽ تابعين جا عمل هن باري ۾ منهنجي خيالن موافق هئا يا اڄوڪي جاهلن جي عملن جهڙا هئا.


    قبا ۽ قبرون

    هڪڙي وڏي عالم کان جو هميشه گوشه نشين رهيو آهي ۽ جنهن کان معجزن بابت به سوال پڇيو هوم، تنهن کان پڇيم ته ابن سعود جو قبا ڊاٺا آهن، سو ڪيتري قدر گناه جو ڪم ڪيو اٿس. جواب ڏنائين ته شرعي ڏوهه ڪونه ڪيو اٿس، مگر سياسي غلطي ڪئي اٿس.
    ٻئي عالم بزرگ کان پڇيم تنهن چيو ته قبا ٺاهڻ مباح آهي ۽ ڊاهڻ حرام آهي. مولوي رحيم بخش مرحوم لاهور واري جي ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم ته قبر سر جيڏي هئڻ گهرجي نه وڌيڪ. ”والله اعلم“ مگر اسان هت انهي عالم بزرگ جي جواب تي غور ٿا ڪريون جنهن فرمايو ته قبا ٺاهڻ مباح آهي ۽ ڊاهڻ حرام آهي. مباح جو مطلب اهو ٿيو ته قبن جو ٺاهڻ قرآن ۽ حديث مان ثابت ناهي. اوائلي زماني ۾ قبن ٺاهڻ جو رواج ڪونه هو بلڪ مسجدون به تمام ساديون ٺاهيون وينديون هيون. پوءِ بادشاهن ۽ اميرن پنهنجي واسطي به عاليشان عمارتون ٺهرايون ۽ مسجدون ۽ قبا به عاليشان ٺهرايا. مباح لفظ جي معنيٰ اها آهي ته ان ڪم ۾ گناه ڪونهي نڪي هروڀرو ڪو ثواب ئي آهي، بلڪ چئجي ته چڱيرڙو ڪم آهي، ڇو ته اسان جا بزرگ اهو ڪم ڪري ويا آهن.
    منهنجو خيال اهو آهي، ته جيڪڏهن اصحابن سڳورن قبا ڪونه ٺهرايا ته انهيءَ ڪم کي بدعت سمجهڻ گهرجي. ٻيو سٺو دليل هي آهي ته اسلام ۾ اسراف وڏو گناه آهي. قبن تي لکين رپيا خرچ اچي ٿا وڃن. اهي ساڳيا رپيا مسڪينن جي مدد ڪرڻ ۽ علم وڌائڻ ۽ اسلام کي ترقي وٺائڻ لاءِ خرچ ڪجن ته ڪيڏو نه ثواب ٿئي ۽ ڪيترو نه قوم جو فائدو ٿئي.
    باقي سوال رهيو قبن جي ڊاهڻ جو. ڊاهڻ وارا دليل ڏين ٿا ته قبن ۾ بدعتن جا ڪم ٿا ٿين، تنهن ڪري ڊاهڻ چڱا آهن. مخالف وري چون ٿا ته جيڪڏهن جاهل بدعتن جا ڪم ٿا ڪن ته انهن کي سمجهائجي. ائين نه ته ”اٽو کاڌو ڪئي مار پئي گابي.“ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نماز يا قرآن شريف چڱيءَ طرح نه پڙهي ته ان کي سمجهائجي يا مورڳو ان کي نماز ۽ قرآن کان ئي منع ڪجي؟ جيڪڏهن مسجدن ۾ ڪي ماڻهو جهالت جا ڪم ڪن ته مسجدون ڊاهي ڇڏڻ گهرجن ڇا؟ اهو دليل ته سٺو پر مسجدون ٺاهڻ ۽ قائم رکڻ ۽ نماز ۽ قرآن شريف پڙهڻ بابت الله ۽ الله جي رسول جا حڪم ثابت ٿيل آهن مگر قبن ٺاهڻ بابت ڪو به حڪم ڪونهي. ڪي وري چوندا آهن ته قبن کي ڊاهجي نه مگر انهن جي مرمت نه ڪجي ته پاڻهي نيٺ ڊهي ويندا ۽ نوان قبا نه ٺاهڻ گهرجن. مخالف وري دليل ٿا ڏين ته جيڪڏهن ٺاهڻ گناهه آهن ته ڊاهڻ ثواب آهن ته ڀلي ماڻهو ڏسن ۽ عبرت وٺن ۽ آئينده لاءِ قبا نه ٺاهين. جي ماڻهو قبن جي فائدي ۾ آهن سي هڪ چڱو سهڻو دليل ٿا ڏين ته ڪنهن پياري دوست فوت ٿيل جي ڪا نشاني پاڻ وٽ موجود هوندي آهي ته ان کي ڪيترو نه سانڍبو آهي ۽ عزت سان رکبو آهي. پوءِ قبا جي وڏن وڏن بزرگن جي پاڪ جسم جي مٿان آهن تن کي ڊاهڻ ڪيڏي نه بيحرمتي آهي. هي دليل بيشڪ چڱو آهي. مگر ناظرين هنن سڀني ڳالهين تي غور ڪري پاڻ انصاف ڪن ڇو ته هي نهايت نازڪ مسئله آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته قبن ڊاهڻ جي ڪري اهل قبر کي پاڻ خوشي حاصل ٿيندي جو سندس مٿان بدعت جي نشاني هلي ويندي.


    ملپي ۽ مرده شوئي جو ڌنڌو

    سڀني مذهبن جي تاريخ پڙهي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته پنهنجي غرض لاءِ مذهب ۾ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جاهلن کي وڌيڪ جاهل ۽ گمراهه ڪرڻ ۽ مذهب کي بگاڙي خراب ڪرڻ اهو ڪم ملان يا پادري يا برهمڻ فرقي جوئي هو. اسلام ۾ اهو فرقو هوئي ڪونه. اسلام ۾ هر ڪوئي ملان آهي ۽ جيڪي ئي ضروري ڪم آهن سي هر ڪوئي پاڻ به ڪري ٿو سگهي. مگر زماني جيڪي انقلابات ڪري جي اڳئي بيان ڪيا ويا آهن ملان فرقو پيدا ٿي ويو. ملن به ساڳيوئي ڪم ڪيو آهي جو ٻين مذهبن جي پادرين ڪيو. فقط هيترو تفاوت آهي ته ٻين مذهبن جي پادرين خدائي صحيفن کي ئي مٽائي ڇڏيو. يعني ڪي ڳالهيون ڪڍي ٻيون پنهنجون گڏي ڇڏيائون. مگر قرآن شريف بابت خود الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي ته مان ان کي محفوظ رکندس تنهنڪري قرآن شريف صحيح سلامت بنا ڦير ڦار جي خدا جي فضل سان موجود آهي. ازان سواءِ صحيح بخاري به سلامت موجود آهي. مگر تنهن هوندي به ملان فرقو پاڻ کي ۽ ٻين کي گمراهه ڪرڻ ۾ اوتروئي ڪامياب ٿيو آهي جيترو ٻين مذهبن جا ملان ٿيا. اسان جي ملن قرآن شريف ۽ صحيح بخاري کي مٽائي ته ڪونه سگهيو نڪو مٽائڻ جو ضرورئي پيو. ڇو ته هن جا غرض هونئن ئي نڪري سگهيا ۽ سگهن ٿا ته پوءِ ٻي ڪوشش ڇو ڪن. قرآن شريف ۽ صحيح بخاري آهن عربيءَ ۾ انهن جو ترجمو ۽ تفسير ديسي مادري زبانن ۾ نه ڪيائون جي ڪيائون ته اهڙا ته ڪيائون جو عام ماڻهو ان مان فائدو وٺي نه سگهن. ازان سواءِ اهڙا خيال ڦهلايائون ته قرآن شريف ڪنهن سمجهيوئي نه آهي. مسئلن وغيره لاءِ ٻيا ڪتاب ڪافي آهن. قرآن شريف ثواب ۽ برڪت لاءِ پڙهڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح ويچارا مسلمان جي انقلابات جي ڪري اڳئي جاهل هئا تن سڌيءَ طرح قرآن شريف ۽ حديثن جي علم سکڻ جي ڪوشش ئي ڪانه ڪئي. تنهنڪري هنن جو سڄو مدار ٿيو ملن تي. ملن کي به مزا لڳي ويا سو ڪيترائي روزگار جا وسيلا ٺاهي وڌائون.
    اسقاط ڪرڻ لاءِ پيسا وٺڻ. ميت کي وهنجارڻ ۽ ڪفن دفن لاءِ پيسا وٺڻ. قرآن شريف بخشي پيسا وٺڻ. ماڻهو مري ته خاص خيراتون ۽ جمعاڻا وٺڻ. قبر تي قرآن شريف پڙهي يا ختما ڪڍي پيسا وٺڻ. نڪاح پڙهڻ لاءِ پيسا وٺڻ. تعويذ لکي پيسا وٺڻ وغيره، اهي سڀئي وسيلا پيدا ڪري ٻيا ڌنڌا ڇڏي ملپيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪري ويهي رهيا. اهي ڏائڻ ملان جن مسڪينن جو ماڻهو مري تن جو گهر ٻاري ڏِياري ٿا ڪن. ڪنهن گهر تي مصيبت اچي ته ملان جو فصل پچي. ڪو سکر ماڻهو بيمار ٿئي ته ملان جو وات پيو پاڻي ڪري ۽ دل ۾ پيو چوي ته هاڻي خدا ڪڍيس ساهه ته منهنجو وارو وري. ارمان جي ڳالهه ته اها آهي ته اهل ميت وارن کي نه رڳو ملان ٿو ڦري پر مٽ مائٽ يار دوست اچي گڏ ٿين ۽ رات ڏينهن مانيون پيا کائين. جن ويچارن تي پياري قريب جي موت جي مصيبت اچي نازل ٿئي سي ملان کي هڪ پاسي گهر ڦري ڏين ته مهمانن کي کارائڻ ۽ خدمت ڪرڻ ۽ قرض کڻڻ جي مصيبت ٻئي پاسي سر تي کڻن. واهه چڱ مڙسي! انصاف ته هيئن ٿو چوي ته سڀ مٽ مائٽ يار دوست گڏجي چندو ڪري اهل ميت وارن کي به کارائين ۽ مهمانن کي به کارائين ۽ ٻيا روڪ پيسا ضرورتن لاءِ يا قرض لاهڻ لاءِ به اهل ميت واري کي ڏين.
    مسلمان ڀائرو! خدا جي واسطي سجاڳ ٿيو پيرن، دوريشن ۽ ملن جي چنبي مان نڪرو. کين ڪجهه نه ڏيو. جيڪا سخاوت ڪرڻي هجيو اها مسڪينن يتمين ۽ رنن زالن لاءِ ڪيو. سڀ کان وڌيڪ ته هي ڳالهه آهي ته انهن معلمن کي پگهارون مقرر ڪري ڏيو ۽ هر طرح مددون ڪيو جيڪي اوهان جيڪي اولاد کي تعليم ڏين، اوهان کي قرآن شريف ۽ حديثون ٻڌائين ۽ خدا جي خلق کي امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪن.
    ملن ماڻهن تي اثر وهاريا آهن ته نڪاح پڙهڻ، ميت کي وهنجارڻ، ڪفن ڏيڻ، نماز پڙهائڻ ۽ دفن ڪرڻ ڏاڍا ڏکيا ڪم آهن مگر ايئن ناهي. نڪاح ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي طرف کان قبوليت ڪرائجي ۽ مهر مقرر ڪرائجي ته نڪاح ٿي چڪو. پوءِ پڄي سگهي ته دعا پڙهجي ۽ زال مڙس جا حق حقوق سنڌيءَ ۾ ٻڌائجن نه ته ٺهيو.
    ميت کي وهنجارڻ ۽ ڪفن دفن ڏيڻ ته بلڪل رواجي ڳالهيون آهن جيئن اچي تيئن پاڻ اهي ڪم ڪرڻ گهرجن. جنازي جي نماز رواجي نماز کان به گهڻو سولي آهي. سڀ ڪنهن کي سکڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به کڻي امام ڪجي.


    ناسخ منسوخ

    اسلام جا احڪام بتدريج آهسته آهسته ايندا ويا. جيئن جيئن احڪام نازل ٿيندا ويا تيئن تيئن اڳوڻا عمل ڇڏي نازل ٿيل حڪمن جي مطابق عمل ڪيو ويو. مثلن مسلمان پهريائين شراب پيئندا هئا. پوءِ جڏهن وحي نازل ٿيو ته شراب حرام آهي تڏهن سڀني شراب پيڻ ڇڏي ڏنو. نماز پهريائين بيت المقدس ڏي منهن ڪري پڙهي ويندي هئي پوءِ قرآن شريف جي حڪم موجب ڪعبت الله کي قبلو بنايو ويو. اهڙي طرح حديثن ۾ ناسخ منسوخ ٿي سگهي ٿو يعني رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جا پويان عمل ۽ قول جيڪڏهن اڳين عملن ۽ قولن جي مخالف آهن ته اڳين کي منسوخ يعني رد ۽ پوين کي ناسخ يعني رد ڪندڙ چئبو. محدثن جي لاءِ ضروري آهي ته نه رڳو ناسخ منسوخ حديثون ڄاڻن ۽ معلوم ڪن پر اهو به معلوم ڪن ته ڪهڙيون حديثون بلڪل صحيح ۽ معتبر آهن ۽ ڪهڙيون ضعيف آهن.
    مگر هي مسئلو ته خود قرآن شريف جون ڪي آيتون منسوخ آهن ۽ ڪي انهن جون ناسخ آهن غور طلب آهي. اهو دليل ڪافي ناهي ته اڳوڻا چئي ويا آهن ته ڪي آيتون منسوخ آهن تنهن ڪري هروڀرو به برابر منسوخ هونديون. ڇو ته ڏسجي پيو ته اڳوڻن ۾ به ان بابت اختلاف آهي. جيڪڏهن سڀني جو اتفاق هجي ها ته پوءِ به ٺهيو. پر رڳو هن ڳالهه تي اتفاق هجي ها ته فلاڻيون فلاڻيون آيتون منسوخ آهن ۽ فلاڻيون انهن جون ناسخ آهن ته پوءِ به ٺهيو. پر اتفاق نه هئڻ ئي ڏيکاري ٿو ته اهو مسئلو غور طلب آهي. مان اهو مسئلو جيڪر ڪين ڇيڙيان پر ڏسجي ٿو ته اتفاق نه هئڻ ڪري ايڏو رولو پئجي ويو آهي جو عملن سڄو قرآن شريف منسوخ سمجهيو وڃي ٿو. ڪنهن به عالم سان ڪنهن به مسئله تي بحث ٿو ڪجي ۽ حجت لاءِ قرآن شريف جي ڪا آيت پيش ٿي ڪجي ته پنهنجي ڳالهه اڳي ڪرڻ لاءِ ٺڪ جواب ٿو ڏئي ته اها آيت منسوخ آهي. هڪڙي وڏي عالم سان بحث ڪندي کائنس پڇيو ويو ته جيڪڏهن اها خبر ئي ڪا نه رکبي ته ڪهڙيون آيتون منسوخ آهن ته پوءِ قرآن شريف مان عملي هدايت ڪيئن وٺي سگهبي. جواب مليو ته عمل لاءِ فقه شريف ڪافي آهي. قرآن شريف رڳو ثواب لاءِ پڙهڻ گهرجي. هن جو مطلب اهو ٿيو ته عمل جي لاءِ فقه قرآن شريف کي منسوخ ڪري ڇڏيو ۽ هدايت لاءِ قرآن شريف کي منسوخ ڪري ڇڏيو ۽ هدايت لاءِ الله تعاليٰ جي ڪلام جي اسان کي ڪا ضرورت ڪانهي. ڪو به فهم ۽ دماغ وارو انسان اها ڳالهه قبول نه ڪري سگهندو. تنهنڪري مان هيٺيان سوال ۽ خيال پيش ڪري استدعا ٿو ڪريان، ته هن مسئلي تي چڱي طرح غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي.
    قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪلام آهي جيڪو قيامت تائين اسان جي لاءِ ڪامل رهنمائي ڪرڻ لاءِ موڪليل آهي، نه فقط بنا سمجهه جي پڙهڻ لاءِ. قرآن شريف جون آيتون ۽ سورتون الله تعاليٰ وٽان حضرت جبرائيل آڻيندو هو. هن حالت ۾ جيڪڏهن ان جي ڪابه آيت منسوخ ڪرڻي هجي ها ته فقط الله تعاليٰ کي ئي اختيار هو ته پنهنجي ڪنهن حڪم کي پاڻ منسوخ ڪري ان جي عيوض ٻيو حڪم ڏئي ها ۽ حضرت جبرائيل جي وسيلي رسول الله ﷺ کي سڌ ڏئي ها ۽ رسول ﷺ جن وري سڀني مسلمانن کي متواتر طور بار بار ٻڌائڻ ۽ سڌ ڏيڻ فرمائين ها. پوءِ يا ته قرآن شريف مان ئي اهي منسوخ آيتون ڪڍيون وڃن ها نه ته ٻين آيتن جي وسيلي چٽيءَ طرح اعلان ڪيو وڃي ها ته فلاڻيون آيتون آئينده لاءِ منسوخ آهن مگر تبرڪن انهن جي تلاوت ڪرڻ گهرجي. بلڪل ظاهر آهي ته قرآن شريف ۾ رڳو اهڙو اشارو به ڪونهي ته فلاڻي آيت منسوخ آهي.
    ڪي چوندا آهن ته فلاڻيون آيتون ظاهر ظهور مخالف حڪم رکن ٿيون تنهنڪري ضرور انهن مان هڪ حڪم منسوخ آهي ۽ ٻيو ان جو ناسخ آهي ۽ الله تعاليٰ کي ضرورت ڪان هئي جو وحي جي رستي سڌ ڏئي پر جيڪڏهن ڪي آيتون ظاهر ظهور مخالف هجن ها ته هيڏو اختلاف ڪونه ٿئي ها. حقيقت هيءَ آهي ته ڪي مفسر فقط پنج آيتون منسوخ ٿا سمجهن ته ڪي سون تائين وڃي ٿا پهچن. ڪي هڪڙيون آيتون منسوخ ٿا ٻڌائين ته ڪي وري بلڪل ٻيون. انهي مان سورهن آنا ثابت آهي ته آيتن جي مخالفت فقط تفسير ڪندڙن جي ناقص دماغ ۾ آهي. هڪڙن مفسرن کي هڪڙيون آيتون مخالف ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ته ٻين کي وري ٻيون. تنهنڪري ظاهر ظهور مخالف هئڻ وارو خيال بلڪل غلط آهي. پر جيڪڏهن اختلاف ڪونه هجي ها ۽ ڪي آيتون سچ پچ ظاهر ظهور مخالف هجن ها ته وري ٻيو رولو ٿئي ها ته ڪيئن معلوم ڪجي ها ته انهن مان ڪهڙو حڪم منسوخ آهي ۽ ڪهڙو ناسخ يعني ڪهڙي آيت اڳي نازل ٿي ۽ ڪهڙي پوءِ، قرآن شريف جي ترتيب وقت موجب ناهي مگر مطلب ۽ مصلحت موجب آهي. يعني ائين ناهي ته قرآن شريف جون آيتون نمبر وار ائين نازل ٿيون جيئن ته قرآن شريف ۾ ترتيب وار ڏنل آهن. نڪي رسول الله ﷺ اهڙو تاڪيد فرمايو ته لکي ڇڏيو يا ياد ڪري ڇڏيو ته فلاڻي آيت اول نازل ٿي پوءِ هي وغيره وغيره.
    حضرت علي رضي الله بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته قرآن شريف انهيءَ ترتيب سان لکيائين جنهن ترتيب سان نازل ٿيو. خبر ناهي ته اهو سچ پچ وقت جي ترتيب تي سورهن آنا صحيح هو يا نه پر اُهو قرآن شريف رائج ڪونه ڪيائين. مفسرن گهڻي ڪوشش وٺي ٻڌايو آهي ته فلاڻيون آيتون فلاڻي وقت نازل ٿيون مگر هو سڀني آيتن ۽ سورتن بابت پورو وقت ٻڌائي نه ٿا سگهن. ان ڳالهه تي مفسرن جو اتفاق بلڪل ڪونهي. هر ڪنهن پنهنجي فهم آهر پنهنجو پنهنجو خيال هلايو آهي. مگر هيترو آهي ته گهڻين آيتن ۽ سورتن بابت گهڻي قدر اتفاق آهي ۽ معلوم آهي ته فلاڻي وقت فلاڻي موقع تي نازل ٿيون.
    ٻيو سوال هي آهي ته جيڪڏهن قرآن شريف ۾ منسوخ آيتن بابت چٽائي ٿيل ڪانهي ته ڪم از ڪم رسول الله ﷺ جا قول مبارڪ موجود هجن ها. الله تعاليٰ جو ڪلام منسوخ سمجهڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ته ڪانهي. جيڪڏهن سچ پچ ڪا قرآني آيت منسوخ هجي ها ته قدسي حديث نازل ٿئي ها جا بار بار مسلمانن کي ٻڌائي وڃي ها بلڪ هميشه لاءِ قلمبند ڪرائي وڃي ها. تحقيقات مان معلوم ٿو ٿئي ته رسول اللهﷺ جو هڪ به قول اهڙو ڪونهي جو ٻڌائي ته فلاڻي آيت منسوخ آهي.
    ناظرين صاحبو غور ڪرڻ فرمايو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ ڪنهن به قرآني آيت جو منسوخ هجڻ نه ٻڌايو ته ڪنهن به انسان کي اختيار آهي ڇا ته الله جي ڪلام جي ڪنهن به ڀاڱي کي رد سمجهي. افسوس ۽ صد بار افسوس ته اهو آهي جو هر هڪ مفسر بلڪ هر هڪ مولوي کي اختيار ملي ويو آهي ته جنهن آيت کي وڻيس تنهنکي منسوخ سمجهي. الله جي ڪلام جي اها عزت!
    قرآن شريف ۾ ٻه آيتون آهن جن ۾ نسخ جو لفظ آيل آهي. انهن مان دليل ورتو وڃي ٿو ته قرآن شريف جون ڪي آيتون منسوخ آهن. انهن آيتن مان اگرچ اهو مطلب وٺجي ته ڪي قرآني آيتون منسوخ آهن ته به ائين ته ڄاڻايل ڪونهي ته ڪهڙيون آيتون منسوخ آهن. هاڻي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي ته انهن آيتن جو مطلب ڇا آهي:
    پهرين آيت سورت بقر ۾ 13 رڪوع ۾ آهي. ان جو مطلب ته جيڪا به آيت منسوخ ٿا ڪريون يا وسارائي ٿا ڇڏيون ته ان کان بهتر يا ان جهڙي نازل ٿا ڪريون. هاڻي سوال آهي ته آيت جي معنيٰ قرآني آيت آهي يا وحي يا پيغام يا حڪم جيئن لغتن ۾ ڏنل آهي ۽ قرآني آيتن ڏي شارو آهي يا اڳين صحيفن جهڙوڪ انجيل ۽ تورات ڏي اشارو آهي. جيڪڏهن انهيءَ آيت کان اڳيون ۽ پويون آيتون پڙهي ڏسبيون ته معلوم ٿيندو ته يهودين کي خطاب ڪيل آهي ۽ ساڻن بحث هلندڙ آهي. اڳين ٻن رڪوعن ۾ يهودين جي هڪڙي اعتراض جو بيان ڏنل آهي. اهو اعتراض رسول الله ﷺ تي وحي نازل ٿيڻ بابت آهي ته اسان ڪو نئون وحي قبول ڪري نٿا سگهون جو بني اسرائيلن تي نازل نه ٿيو آهي. يارهين رڪوع ۾ 90 ۽ 91 آيتن ۾ اهو اعتراض چٽو بيان ڪيل آهي. هن طرح خرابي آهي اُها جنهن لاءِ پنهنجا نفس وڪڻي ڇڏيا اٿن جو هو خدا جي نازل ڪيل وحي کي نٿا مڃين انهيءَ حسد کان جو الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن(يعني رسول ﷺ) تي وڻيس ٿو تنهن تي نازل ڪري ٿو هو چون ٿا ته اسين ان کي ٿا مڃيون جو اسان تي نازل ٿيو، ۽ ان کان سواءِ ٻئي وحي کي نٿا مڃئون. ساڳيوئي مضمون 13 رڪوع ۾ به هليو ٿو اچي ۽ يهودين سان خطاب ۽ بحث آهي. سندن اعتراض هو ته ڇو نئون وحي حضرت ﷺ تي نازل ٿيو آهي ۽ ڇو نوان حڪم ڪڍيا ويا آهن. انهيءَ اعتراض جو جواب ضرور ڏيڻو هو. ان جو جواب ڪجهه 105 آيت ۾ ۽ ڪجهه هن 106 نسخ واري آيت ۾ ڏنل آهي جنهن جو مطلب مٿي ڏنو ويو آهي. 105 آيت ۾ جواب ڏنل آهي ته الله تعاليٰ (پنهنجي وحي نازل ڪرڻ لاءِ) جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي چونڊي ٿو ۽ 106 آيت ۾ جواب ڏنل آهي ته جيڪڏهن هڪڙو حڪم يا قانون (يعني يهودين تي نازل ٿيل وحي) منسوخ ڪيو ويو آهي ته ان کان بهتر حڪم رسول الله ﷺ جي معرفت ڏنو ويو آهي. لفظ آيت جنهنجي معنيٰ پيغام يا وحي آهي تنهنجو مطلب هت قرآني آيت نه آهي پر يهودين کي ڏنل پيغام يا قانون يا حڪم ڏي شارو آهي. هن کان پوءِ جيڪا ٻي آيت ٿي اچي يعنيٰ 107 آيت تنهن ۾ قدرت جي قانون ڏي ڌيان ڇڪايو ويو آهي. اها حقيقت آهي ته فطرت ۾ نئين شيءِ پراڻيءَ جي جاءِ ٿي ڀري ۽ چڱي شيءَ سادي شيءَ جي جاءِ ٿي ڀري. تنهنڪري اها ڳالهه فطرت جي قانون موافق آهي ته حضرت موسيٰ تي نازل ٿيل قانون جو خاص طرح فقط هڪڙي قوم لاءِ ۽ مقرر زماني لاءِ هو ۽ سندن ئي ضرورتن لاءِ مناسب هو سو مٽائي نئون قانون قائم ڪجي جو سڄي دنيا لاءِ ۽ هميشه لاءِ مناسب هجي؛ يعني اسلام جو قانون. پراڻو قانون ڪجهه قدر وسري ويل هو ۽ جيڪي باقي رهيل هو سو منسوخ ڪري ڪن حالتن ۾ ان کان بهتر ۽ ڪن حالتن ۾ ان جهڙو نازل ڪيو ويو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته انهي آيت ۾ يهودين جي قانون جي منسوخ ٿيڻ ڏي اشارو آهي ۽ ان ۾ يهودين جي اعتراض جو جواب آهي ۽ قرآن شريف جي آيتن جي منسوخ ٿيڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي. سورت النحل جي چوڏهين رڪوع جي پهرين آيت به ڏسو. اها مڪي شريف ۾ نازل ٿيل آهي تنهنڪري صاف طرح ظاهر آهي ته ان آيت ۾ ساڳئي قسم جا ڪم آيل لفظ فقط اڳوڻي قانون جي منسوخ ٿيڻ ڏي اشارو ڪري سگهن ٿا ڇو ته اسلامي قانون تفصيل وار مدينه منور ۾ نازل ٿيڻ شروع ٿيا، تنهنڪري ممڪن ئي ڪونه هو ته مڪي شريف ۾ ڪي قرآني آيتون منسوخ ٿين. خود اهي مفسر جي ناسخ منسوخ جو مسئلو مڃن ٿا يعني چون ٿا ته قرآن شريف جون ڪي آيتون منسوخ آهن اهي پاڻ ئي ڪا مڪي شريف ۾ نازل ٿيل آيت ڪا نه ٿا ٻڌائين جا ڪنهن اڳين آيت جيڪي ناسخ هجي يعني ان کي منسوخ ڪري. پوءِ ڪيئن چئي سگهبو ته انهي النحل سورت واري آيت ۾ قرآن شريف جي ڪنهن آيت جي منسوخ ٿيڻ ڏي اشارو آهي. اها سڄي سورت مڪي شريف ۾ نازل ٿيل آهي ۽ اهڙي ڪا به ثابتي ڪانهي ته جڏهن رسول الله ﷺ جن مڪي شريف ۾ هئا تڏهن ڪا به آيت منسوخ ٿي. ازان سواءِ اها آيت پاڻ ئي ڏيکاري ٿي ته خود قرآن شريف کي منڪرن افتريٰ يعني هٿراڌو گهڙيل ٿي سمجهيو نه ڪنهن حڪم جي ڦيرڦار کي، جنهن سان منڪرن جو ڪو واسطو ئي ڪونه هو. منڪرن جو اعتراض هو ته نئون وحي ڇو ٿو اچي جڏهن اڳيون وحي موجود آهي، يا سندن پراڻين رسمن ۽ خيالن جي ترڪ ڪرڻ تي اعتراض هون جي رسمون ۽ خيال هنن جي لاءِ مقدس ٿي چڪا هئا. پهرين حالت جو جواب آهي ته جنهن روح القدس حضرت عيسيٰ ؑ ۽ ٻين پيغمبرن تي وحي آندو، سوئي رسول الله ﷺ تي وحي ٿو آڻي ۽ ٻي حالت جو جواب آهي ته سندن رسمن رواجن جو بنياد وحي تي ناهي مگر، قرآن شريف جو بنياد وحي تي آهي.
    سورت بقر جي 31 رڪوع 240 آيت ۾ آهي ته توهان مان جيڪي وفات ڪن ۽ زالون ڇڏي وڃن سي پنهنجي زالن جي فائدي لاءِ وصيت ڪن ته انهن کي هڪ سال کارائجو پيارجو ۽ ڪڍي نه ڇڏجو. پر جيڪڏهن پاڻ هليون وڃن ته پوءِ توهان تي ڏوهه ڪونهي ان بابت جيڪي پاڻ وڃي جائز ڪم ڪن (يعني شادي ڪن).
    ساڳي سورت ۾ رڪوع 30 ۾ آيتن 234 ۽ 235 جو مطلب آهي ته عورت مڙس مئي کان پوءِ 4 مهينا ۽ ڏهه ڏينهن ترسي پوءِ جيڪڏهن وڃي شادي ڪري ته توهان تي ڏوه ڪونهي.
    سورت النساءَ جي ٻئي رڪوع ۾ 12 آيت ۾ زالن جو حصو مقرر ڪيل آهي ته جيڪڏهن عورت جو مڙس مري ۽ مڙسن اولاد ڪونه ڇڏي ته زالون چوٿون حصو ملڪيت جو کڻن نه ته اٺون حصو.
    پهرين آيت بابت چيو وڃي ٿو ته انکي پويون آيتون منسوخ ٿيون ڪن. مگر ظاهر پيو آهي ته پوين ٻن ۾ پهرينءَ جي ابتڙ حڪم آهي ئي ڪونه. 234 ۽ 235 آيت ۾ 4 مهينن ۽ ڏهن ڏينهن جي عدت شادي بابت مقرر ڪيل آهي مگر 240 ۾ عدت جي ڳالهه ئي ڪانهي. ان ۾ فقط هڪ سال رهائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ جي ڳالهه آهي. ۽ ان آيت جو پويون ڀاڱون چٽو ڪري ٿو ڏيکاري ته جيڪڏهن زال پنهنجي مرضيءَ تي گهر ڇڏي ته پوءِ اهڙي مهرباني جي حقدار ناهي يعنيٰ پوءِ پنهنجو وڃي کائي پيئي. ۽ فوتيءَ کان وارثن تي ڪا ميار ڪانهي، جيڪڏهن اُها زال وڃي جائز ڪم ڪري يعني 4 مهينن ۽ 10 ڏينهن واري عدت گذرڻ بعد وڃي ٻيو نڪاح ڪري. سورت النساءَ جي 12 آيت ۾ جيڪو چوٿون يا اٺون حصو ڄاڻايل آهي سو به فوتيءَ جي زال کي ملڻو آهي ۽ ان جي علاوه سورت بقر جي 240 آيت ۾ ان کي هڪ سال رهائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ جي وصيت ڪرڻ جي به هدايت ڪيل آهي ۽ خود انهيءَ 12 آيت ۾ فرمايل آهي، ته ملڪيت جي حصن ڪرڻ کان اڳي وصيت جو بار لاهڻو آهي يعني ڪيل وصيت وارو ڀاڱو ڪڍي پوءِ باقي ملڪيت کي شرعي قانونن موجب وارثن ۾ ورهائڻو آهي. جنهن صورت ۾ هي 240 آيت ۾ ڪنهن به ٻي آيت جي مخالف حڪم ڪونهي تڏهن اسان کي ڪهڙو حق آهي ان کي منسوخ سمجهڻ جو. ائين به برابر ناهي ته پهريائين فوتيءَ جي زال لاءِ رڳو ايترو حصو مقرر ڪيو ويو هو، جو هن کي ٻارهن مهينن جي گذارن لاءِ ڪافي ٿئي. ٻارهن مهينا رهائڻ ۽ کارائڻ پيارڻ جو حڪم ان جي وڌيڪ فائدي جي لاءِ آهي. ان پٺيان جيڪا ٻي آيت، 241 آهي تنهن ۾ رڳو طلاق ڏنل زال کي به گذران ڏيڻ لاءِ حڪم آيل آهي، جيڪو حڪم مٿئين خيال کي وڌيڪ چٽو ٿو ڪري ڇو ته طلاق ڏنل زال وارث طور گذران جو حق وٺي نٿي سگهي.
    صحيح بخاريءَ ۾ هڪڙي حديث آهي ته حضرت عثمان ۽ حضرت ابن زبير  فوتي جي زال کي هڪ سال رهائڻ وارو حڪم منسوخ سمجهيو مگر اُها ساڳي حديث ڏيکاري ٿي ته حضرت عثمان اها پنهنجي راءِ ڏني يعني ائين ڪونه فرمايائين ته رسول الله ﷺ ائين فرمايو هو ۽ جڏهن حضرت ابن زبير کيس چيو ته پوءِ اها آيت ڪڍي ڇڏيو ته جواب ڏنائين ته جيڪي رسول الله ﷺ جن ڇڏي ويا آهن تنهن ۾ مان ڪجهه به ڦير ڦار ڪري نٿو سگهان. هن مان ثابت آهي ته رسول الله ﷺ ڪڏهن ڪونه فرمايو ته هي آيت منسوخ آهي ۽ حضرت عثمان کي به اها خبر هئي. تنهنڪري ئي ڦير ڦار ڪرڻ جي جرائت نه ڪيائين. جيڪي حديث مان ظاهر ٿو ٿئي سو هي آهي ته حضرت عثمان رضي الله سمجهيو ته هڪ سال رهائڻ وارو حڪم فرض حڪم هو يعني ضروري حڪم هو تنهنڪري کيس 235 آيت سان موافق نه ڏسڻ ۾ آيو. پر نه رڳو اهو حڪم فرضي نه هو جيئن ترجمي مان ظاهر آهي پر جيڪڏهن فرضي هجي ها ته 235 آيت واري حڪم کان مخالف ڪرڻ ٿو ٿئي جيئن حضرت مجاهد رضي الله سمجهايو آهي ۽ جيڪا سمجهاڻي حضرت عثمان واري حديث سان گڏ صحيح بخاري ۾ ڏنل آهي. حضرت مجاهد فرمائي ٿو ته الله تعاليٰ کيس (فوتي جي زال کي) سڄو سال ڏنو: ست مهينا ۽ 20 ڏينهن وصيت هيٺ مرضيءَ تي ڇڏيل. جيڪڏهن مرضي پويس ته وصيت هيٺ سڄو سال رهي ۽ جيڪڏهن مرضي پويس ته گهر ڇڏي ٿي سگهي ۽ شادي ڪري ٿي سگهي (چئن مهينن ۽ ڏهن ڏينهن جي عدت بعد) جيئن قرآن شريف ٿو فرمائي ته جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ڇڏي وڃن ته پوءِ اوهان تي ڏوهه ڪونهي.
    ظاهر آهي ته ڪنهن به آيت جي منسوخ ٿيڻ بابت حضرت رسول الله ﷺ جو قول ته موجود ڪونهي پر اصحابن مان به شايد فقط اهو ئي هڪ مٿيون قول موجود آهي. اسان کي اصحابن سڳورن ۽ خصوصن خلفاء راشدين لاءِ ايڏي عزت آهي ائين چوڻ ته فلاڻي اصحاب سڳوري کان فلاڻي سهو ٿي ويئي ذري گهٽ ڪفر جي برابر پيو لڳي ۽ ڊپ کان جسم کي ڌرڙي اچيو وڃي. مگر حقيقت هيئن آهي ته خود رسول الله ﷺ جي به انهن قولن کي وڌيڪ ضروري سمجهيو وڃي ٿو جي متواتر طور روايت ڪيل آهن. ازانسواءِ اصحاب سڳورا به نيٺ انسان هئا، پيغمبر ته ڪونه هئا. جيڪڏهن گهڻن ڌنڌن جي وچ ۾ ڪا ڳالهه چئي وجهي جا هروڀرو صحيح نه هجي ته ممڪن آهي ۽ ان ۾ اصحابن سڳورن جي شان جي گهٽتائي ڪانهي. گهٽتائي تڏهن آهي جڏهن ڪو اصحابي سڳورو گناهه جو ڪم ڪري ويهي. ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن ته خود حضرت عمر جنهن جي علم ۽ قابليت جو داد مسلمان خواه غير مسلمان ڏيئي رهيا آهن سو به بعضي غلط فتويٰ ڏيئي ويهندو هو ۽ حضرت علي ان کي درست ڪندو هو جنهن تي حضرت عمر بلڪل ڪشاده دلي سان فرمائيندو هو. لولاعلي لهلڪ عمر ”اگر علي رهنمائي نه ڪري ها ته عمر هلاڪ ٿي وڃي ها“ والله اعلم بالصواب.
    ٻيون به چار آيتون اهڙيون آهن جيڪي گهڻو ڪري سڀني مفسرن منسوخ سمجهيون آهن. انهن تي به بحث ڪبو ته مضمون ڊگهو ٿي ويندو. جن عالمن کي ان مسئلي تي غور ڪرڻ جو چاهه ٿئي سي مولوي احمد علي لاهور واري جو تفسير گهرائي پڙهن.
    چيو وڃي ٿو ته جيڪي آيتون منسوخ ٿيون تن جو حڪم انهن جي منسوخ ٿيڻ جي وقت تائين مصلحتاً موزون هو. پوءِ ان حڪم تي عمل ڪرڻ جي ضرورت ڪان رهي. مان پڇان ٿو ته جيڪڏهن ان وقت ڪي حالتون اهڙيون هيون جو اُهو حڪم مصلحتن موزون هو ته اهڙيون ساڳيون حالتون دنيا جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ وري اڄ تائين نه ٿيون ۽ نه ٿينديون ڇا؟ پر جيڪڏهن سچ پچ ائين آهي ته مهرباني ڪري عالم سڳورا ٻڌائڻ فرمائين ته ڪهڙيون آيتون منسوخ آهن ۽ ڪهڙيون انهن جون ناسخ آهن. منسوخ آيتون ڪڏهن نازل ٿيون ۽ ناسخ ڪڏهن. منسوخ آيتن جا حڪم ڪهڙين خاص حالتن جي ڪري نازل ٿيا هئا ۽ پوءِ ڪهڙيون حالتون پيدا ٿيون جنهنڪري اهي حڪم موزون نه رهيا ۽ پوءِ دنيا جي هر هڪ ملڪ لاءِ ۽ هر ڪنهن زماني لاءِ نوان حڪم موزون سمجهڻ ۾ آيا.
    جيڪي آيتون ناسخ منسوخ سمجهيون وڃن ٿيون تن جي جيڪڏهن اهڙي معنيٰ وٺي سگهجي جو نڪي پاڻ ۾ مخالف ڏسڻ ۾ اچن نڪي ڪنهن ٻيءَ آيت يا حضرت جن جي صحيح قول کان مختلف ڏسڻ ۾ اچن ۽ اها معنيٰ عقل جي مطابق به هجي ته پوءِ ڇو نه اهڙي معنيٰ وٺڻ گهرجي. اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته وڌيڪ زيباور آهي ۽ سهڻو عقيدو اهو آهي ته قرآن شريف ۾ ڪي به ٻه آيتون هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ نه آهن ۽ الله تعاليٰ ائين ڪونه ڪيو جو پهريائين هڪڙا حڪم ڏنائين ۽ پوءِ اهي حڪم رد ڪري وري ٻيا ڏنائين. قرآن شريف جي سچائيءَ جو ثبوت خود قرآن شريف ۾ هڪڙو هي ڏنل آهي ته جيڪڏهن هي الله تعاليٰ جو ڪلام نه هجي ها ته منجهس گهڻو اختلاف ڏسو ها. ناظرينن کي معلوم هوندو ته قرآن شريف جون آيتون ۽ سورتون جدا جدا وقتن تي 23 ورهين جي عرصي اندر نازل ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن به انسان جي زبان کان (ته الله تعاليٰ وٽان) نڪتل 23 ورهن جا الفاظ لکندا وڃجن ته ڏسبو ته ڪيترائي قول ٻين قولن کان مخالف ڏسڻ ۾ ايندا ڇو ته هڪ ته انسان جو عقل اڳئي ناقص ٻيو وري 23 ورهين جي عرصي ۾ خيال پيا ڦرن گهرن. مگر الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته قرآن شريف ۾ اختلاف بلڪل ڪونهي. جيڪڏهن اختلاف ڪونهي ته پوءِ ناسخ منسوخ آيتون وري ڪيڏانهن آيون.
    هڪڙي وڏي عالم بزرگ کي مٿيان سوال لکي موڪليا ويا. مهرباني ڪري جواب ۾ لکڻ فرمايائين ته اسان وٽ روبرو اچو جو هت سڀ ڪنهن قسم جا ڪتاب موجود آهن ۽ روبرو چڱي طرح سمجهائي سگهبو. اها ڳالهه سندس صحيح آهي ته خطن جي وسيلي صفائي ڪرڻ ته محال آهي پر رڳو روبرو گفتگو ڪرڻ ۾ به هر ڪوئي پنهنجي ڳالهه تي ضد وٺي ٿو بيهي. بيشڪ انسان ضعيف آهي. ڄاڻي واڻي ضد ڪرڻ هڪ عظيم گناه آهي. باقي جيڪڏهن سچ پچ سندس خيال ۾ ڳالهه نٿي اچي ته پوءِ مٿس ميار ڪانهي. هميشه الله تعاليٰ کان اهو ئي سوال ڪجي ته الله تعاليٰ منهنجو علم وڌاءِ، منهنجو قلب روشن ڪر ۽ گمراهين ۽ غلطين کان پناهه ڏي. تاهم مهرباني ڪري لکڻ فرمايو اٿس ته اوهان جي سڀني سوالن ۽ اعتراضن جو بنياد هڪڙو آهي ۽ سوال ۽ اعتراض ڪيترا به هجن سڀ انهيءَ جون شاخون آهن ۽ اصول هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ جو اصلاح اوهان جي سڀني خيالاتن جو اصلاح ئي آهي ۽ اصل مرض، جيڪو هڪڙو ئي آهي ۽ ٻيا سڀ انهيءَ جا عوارض آهن.

    اهو ڪهڙو آهي؟
    پنهنجي علم ۽ عقل کي يا هن زماني جي آزاد خيال مولوين جي تصنيف ۽ تاليف کي اڳوڻن امامن ۽ مجتهدن سان برابر بلڪ زياده سمجهيو وڃي ٿو ۽ متقدمين ۽ سلف صالحين جي شان کي نظر عزت ۽ وقعت ۽ اعتبار سان ڏٺو نٿو وڃي ۽ قرآن حديث جي معنيٰ يا تفسير، جيڪا هنن سمجهي يا ڪئي آهي سا غلط يا غير صحيح سمجهي وڃي ٿي. حالانڪه انسان جو عقل بالبداهت قطعن حڪم ڪري ٿو ته اهي اسان کان ۽ هن زماني جي عالمن کان علم، عقل، تقويٰ، طهارت ۽ دينداري ۾ هزار درجا اعليٰ ۽ افضل ۽ اڪمل هئا. وحي براهه راست انهنجي مٿان نازل ٿيو ٿي. حديث شريف جا احڪام روبرو بلاواسطه پاڻ ٻڌائون ٿي ۽ اسلام جي عقائد ۽ احڪام ۽ اصولن جي پاڻ تبليغ ڪيائون ٿي. دين جي اڏاوت ۽ اسلام جي عمارت پاڻ پنهنجي هٿن سان تعمير ڪيائون ٿي. اصول مذهب ۽ عقائد احڪام جي صفائي يقيني طرح سان ڪري سگهيا ٿي ۽ ڪري چڪا ۽ اڪمال دين ڪامل ٿي ويو ۽ ڪو به نقص ۽ رخنو ۽ منجهيل ڳالهه جيڪا تشنئه تحقيق هجي باقي نه رهي. هاڻي اسين انهن جي تحقيق ۽ انهن جي فيصلي ۽ انهن جي تفسير ۽ معنيٰ شرح ۽ تفصيل تي عمل ڪريون يا هن زماني جي مولوي محمد علي يا سر سيد احمد جي تفسير ۽ معنيٰ تي؟ جا هنن متقدمين جي شرح ۽ تفسير ۽ معنيٰ جي بلڪل برخلاف ڪئي هجي.
    اوهان پاڻ لکيو آهي ته افسوس! هر هڪ مفسر کي اختيار ملي ويو آهي ته جنهن آيت کي وڻيس تنهن کي منسوخ سمجهي. اها ساڳي افسوسناڪ ۽ خطرناڪ مولوي محمد علي وغيره سان لاڳو ڇو نه ٿا ڪريو ۽ انهن کي انهيءَ مورد ڪتاب کان آزاد ۽ پاڪدامن ڇو ٿو سمجهيو وڃي، جيڪڏهن ٻين اڳوڻن مفسرن تي اهو الزام اچي ٿو سگهي ته هن کي ڇو هن کان پري بيزار سمجهيو وڃي. جيڪڏهن اڳوڻا مفسر انسان هئا ۽ انهن کان غلطي ۽ خطا جو امڪان آهي ته هنن ڏانهن ڇو نه اهو گمان ڪجي. اها ته بي انصافي چئبي جو اڳوڻن کان خطا ۽ غلطي جو امڪان ۽ وقوع قبول ڪريون ۽ هنن کان بلڪل ناممڪن ۽ هنن کي بلڪل معصوم سمجهون ۽ پنهنجي عقل سان تفسير ڪرڻ جي اختياري ڏيون. حالانڪه متقدمين وٽ ”تفسير بالراُي“ ڪرڻ سخت ممنوع ۽ وڏو گناهه جيڪو جرم عظيم قريب سرحد ڪفر يا عين ڪفر هو. جهڙيءَ طرح حديث صحيح ۾ انهيءَ جي سخت ممانعت آئي آهي، ڇو ته پنهنجي مطلبن تي نصوصن جي معنيٰ ڦيرائڻ آسان آهي. هر هڪ گمراهه فرقو قادياني هجي يا نيچري، رافضي هجي يا وهابي ساڳئي قرآن شريف مان پنهنجو دليل وٺندا آهن ۽ پنهنجي مطلب موافق معنيٰ ٺاهيندا آهن اگرچه لغت ۽ اصطلاح جي روءِ سان غير صحيح هجي.
    مگر اسان اهل السنت والجماعت جو عقيدو ۽ اصول اهو آهي ته اسين اُٰها معنيٰ وٺنداسون جيڪا اصحابن سڳورن ۽ تابعين ۽ تبع تابعين ورتي آهي ۽ انهيءَ شارع عام تي هلنداسين جنهن تي سلف صالحين هلي ويا آهن ۽ جيڪو رستو هو گهڙي ويا آهن اُها ئي واٽ هدايت جي آهي ۽ انهيءَ ۾ اسان جي نجات آهي. انهيءَ مضمون تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، چئي سگهجي ٿو، مگر عاقلن لاءِ اشارو ڪافي آهي ۽ طالب حق لاءِ ايترو بس آهي ”درخانه اگر کس است يکحرف بس است“. جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو موجود آهي ته ان جي هدايت لاءِ هڪ حرف ڪافي آهي.
    اوهان جو مکيه اعتراض ناسخ منسوخ بابت هي آهي ته قرآن ڪلام خدائي آهي ۽ نه ڪلام انساني. تنهن ۾ قيامت تائين ڪو اختلاف ۽ ڦير ڦار ۽ ناسخ منسوخ نه هئڻ کپي ۽ انهيءَ جي مڃڻ ڪري ڪلام خدائي جي توهين ۽ بي عزتي ٿي ٿئي الخ - سو معلوم هجي ته بيشڪ اختلاف ۽ تناقض ۽ ڪذب ڪلام خدائي ۾ ممنوع ۽ محال ۽ ناممڪن ۽ غير واقع آهي مگر اختلاف ۽ تناقض ٻي شي آهي ۽ ناسخ منسوخ ٻيو - اختلاف کان ناسخ منسوخ مراد وٺڻ غلط فهمي آهي ڇو ته اختلاف ۾ وحدت موزوع محمول، زمان، مڪان وغيره وغيره مشروط آهي. ناسخ ۽ منسوخ ۾ انهن جو زمانو مختلف آهي ۽ جيڪڏهن اوهين قرآن شريف ۾ انهيءَ سبب ڪري ناسخ منسوخ هجڻ ناجائز ۽ نا مناسب ٿا سمجهو ته ڪلام خدائي آهي تنهن ۾ ڇو ڦير ڦار ۽ تغير تبديل ٿئي ته اهو سوال ساڳيو توريت ۽ انجيل تي به وارد ٿئي ٿو. اهي به بيشڪ ڪلام خدائي آهن. انهن جا احڪام ڇو منسوخ ٿيا ۽ قيامت تائين ڇو نه رهيا جن جو قرآن شريف سان منسوخ ٿيڻ اوهين پاڻ قبول ڪريو ٿا. پوءِ جيڪو جواب ۽ جيڪو سبب اوهين تورات ۽ انجيل جي پاران ڏيندا اُهو ساڳيو جواب اسين قرآن شريف ۾ ناسخ منسوخ ٿيڻ لاءِ ڏينداسين. انهيءَ اعتبار ڪري ته قانون ۽ ڪلام خدائي آهن ۽ ڪتاب منزل بالوحي آهن. سڀني جو هڪڙو حڪم آهي ۽ هڪ ڳالهه آهي.
    مون سڄو جواب بنا ڦير ڦار جي ڏنو آهي نه ته ڪن مناظرو (اهو مناظره ناهي پر مکابره آهي) ڪندڙن جو دستور آهي جو فقط ڪي ڪي ٽڪرا ڪڍي انهن ۾ به ٿوري گهڻي تبديل ڪري مروڙي سروڙي پوءِ جواب ڏيندا آهن. مان ته سڀ الفاظ هو بهو لکي پوءِ به رد ڏيڻ بي انصافي ٿو سمجهان ڇو ته هڪ ته هي خط خانگي آهي نه ڇپڻ لاءِ. ٻيو وري جيڪڏهن کيس سڌ هجي ها ته ڇپجڻ ۾ ايندو ته وڌيڪ تفصيل سان ۽ وڌيڪ دليلن سان لکي ها. اهوئي سبب آهي جو مان سندس نالو مبارڪ ظاهر نه ٿو ڪريان.
    مان انهن مان ناهيان جو پنهنجي خيالن تي اڙيو رهان ۽ ضد کان بحث مباحثو ڪيان يا حق جي تلاش کان منهن موڙيان. مگر مان ضعيف انسان آهيان قليل العلم ۽ قليل عقل آهيان. مان هميشه الله تعاليٰ کان سوال گهرندڙ آهيان ته مون کي غلطين ۽ گمراهين کان رکي (پناهه ۾) وٺ. پوءِ به جيڪڏهن سخت غلطيون مون ۾ رهجي وڃن ته منهنجو ان ۾ ڪهڙو وس. الله تعاليٰ دلين جو مالڪ آهي ۽ عملن جو نتيجو به نيتن تي ڏيندڙ آهي. عملاً غلطين جو نتيجو ضرور ملندو اگرچه نيت چڱي هجي مگر نيٺ بخشڻ وارو آهي. باقي عقلاً غلطي لاءِ ڪو به علاج ڪونهي سواءِ سندس فضل جي. ليس للانسان الا ماسعيٰ. مان ڪوشش به ڪيان ته صحيح خيالن تي پهچان ۽ الله تعاليٰ کان هدايت به گهران پوءِ به صحيح خيالن تي نه پهچان ته منهنجو ڪهڙو قصور منهنجو علم ۽ عقل چوي ته هي ڳالهه هئن آهي. ٻيو ڪو مون کي چوي ته اها گمراهي آهي. مان کيس منٿ ڪيان ته مون کي سمجهائي. سندس سمجهائڻ سان به منهنجو خيال اهو ئي قائم رهي ته پوءِ مان ڇا ڪريان. هرو ڀرو منافقي ڪري پنهنجو خيال ڇڏي ڏيان ۽ ٻئي جو خيال اختيار ڪريان ڇا؟
    افسوس جو مولانا صاحب جو مختصر جواب منهنجي خيالن کي نه مٽائي سگهيو آهي. اگرچه اهو جواب ننڍڙو آهي ته به ان ۾ ايتريون ڳالهيون آندل آهن جو ان تي بحث ڪيان ته هڪ وڏو ڪتاب ٿي وڃي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن ان بزرگ صاحب سان روبرو فيصلو ڪرڻو هجي ته شايد مهينا لڳي وڃن ۽ پوءِ به فيصلو ڪونه ٿئي. ٻارهن صديون گذري ويون آهن ته مناظرن هوندي به شيعن ۽ سنين جو فيصلو ڪونه ٿي سگهيو آهي. مولانا صاحب جي خط ۾ پهريون سوال ته تقليد ۽ غير تقليد جو آهي جو اٽڪل چاليهن ورهين کان هندستان ۾ جاري ٿيو ۽ اڄ تائين ڪو فيصلو ڪونه ٿيو آهي. مگر ڏسجي ٿو ته غير مقلد روز بروز وڌندڙ آهن ۽ شايد هندستان ۾ انهن جو تعداد مقلدن کان گهڻو وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري سڀ مقلد آهن. پر غير مقلد به هاڻي وڌڻ لڳا آهن. تقليد جي سوال بابت مان اڳئي پنهنجا خيال هن ڪتاب ۾ ظاهر ڪري چڪو آهيان. مان اها ڳالهه به سمجهائي چڪو آهيان ته عقل کي بند رکڻ اهڙو آهي جهڙو درياه کي وهڻ کان روڪڻ. تاهم مولانا صاحب جي اُٿاريل سوالن جا جواب تمام مختصر طور ڏيان ٿو:
    مان اڳئي چئي چڪو آهيان ته متقدمين ۽ سلف صالحين کي ڪيتري قدر وزن ڏيڻو آهي. مان ڏيکاريو آهي ته يزيد جي زماني کان وٺي بگاڙو شروع ٿيو ۽ ڪوڙيون حديثون لکن جي تعداد ۾ پيدا ٿي ويون. جيڪي به ضروري مسئلا آهن ۽ جن جو خاص طرح اسان جي عملن سان تعلق آهي تن لاءِ رسول الله ﷺ جا قول ۽ فعل ۽ اصحابن سڳورن جا عام طرح قول ۽ فعل بلڪل ڪافي ۽ شافي آهن، انهن تي اسان عمل ڪيون ته جيڪر فرشتا ٿي پئون. تنهن هوندي به مان ائين ڪو نه ٿو چوان ته پوين کي وزن بلڪل نه ڏيڻ گهرجي. انهن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي پر ايترو ته ڏسجي ته اهي ڪن ڳالهين ۾ قرآن شريف يا حديث يا امامن سڳورن يا اوائل مفسرن جي مخالفت ۾ ته نه آهن. مان اوائلي مسلمانن کي پوين تي وڌيڪ وزن ٿو ڏيان، مگر عام طرح پوين کي وڌيڪ وزن ڏنو ٿو وڃي. منهنجو خيال آهي ته جيئن پوءِ تيئن بگاڙو ٿيندو ويو آهي مگر ٺيٺ مقلدن جو خيال آهي ته جيئن پوءِ تيئن سڌارو ٿيندو ويو آهي ۽ اوائلين جون غلطيون ۽ اختلاف سڌاري حق تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پر در حقيقت حق تي خواه ناحق تي اتفاق اصل ڪونه ٿيو. ان لاءِ مان هڪڙو مثال پيش ٿو ڪريان ته غير مسلمانن کي زبردستي مسلمان ڪرڻ ۽ جيڪڏهن نه ٿين ته گردن ڪپڻ، هي هڪ سخت اهم مسئلو آهي. قرآن شريف ۾ آيت سڳوري آهي ته ”لااڪراه في الدين“ يعني دين جي باري ۾ جبر ڪونهي. رسول الله ﷺ خواه خلفاء راشدين خواه بنواميه ۽ بنو عباس خليفن خواه پوين خليفن جي عمل کي ٿو ڏسجي ته هنن غير مسلمانن کي ڪڏهن به زبردستيءَ مسلمان نه ڪيو يا انڪار ڪندڙن کي قتل ڪيو. اٽلندو ڏسجي پيو ته اڄ سوڌو ايشيا ۾ عيسائي وغيره رهندا ٿا اچن جن جي گرجائن کي اسلامي بادشاه وظيفا ڏيندا آيا آهن. اسلام ۾ ايتري رواداري آهي جو غير مسلمانن کي صدقه ۽ خيرات ڏيڻ جائز ۽ ثواب جو ڪم آهي. مگر اڄ ڪلهه چيو وڃي ٿو ته مٿين آيت سڳوري منسوخ آهي ۽ غير مسلمانن تي جبر ڪرڻ گهرجي ۽ مسلمان نه ٿين ته کين قتل ڪرڻ گهرجي. مفسرن جو حال اهو آهي جو سڀ ڪنهن پنهنجي پنهنجي راءِ ڏني آهي. ابن ڪثير پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو ته ڪن مفسرن انهي آيت کي منسوخ سمجهيو آهي مگر در حقيقت منسوخ ناهي. هاڻي چئبو ته ابن ڪثير جي وقت تائين ته اتفاق ڪونه ٿيو پر پوءِ به ڪونه ٿيو آهي. ڇو ته ابن ڪثير جي راءِ کي به ڪي وزن ڏين ٿا ڪي نه. هندستان جا اڪثر عالم چون ٿا ته منسوخ ناهي، مگر سنڌ جا گهڻا عالم اصرار ٿا ڪن ته منسوخ آهي. هاڻي ناظرين انصاف ڪن ته اتفاق ڪٿي آهي ۽ اسان ڪنهن جي تقليد ڪيون.
    ناظرين پاڻ انصاف ڪن. ازانسواءِ جيڪو شخص دنيائي علومن ۾ به ماهر آهي ۽ عقل ۽ فهم به اٿس سو اوائلي مسلمانن ۽ پوين مسلمانن جي وچ ۾ هن ڪسوٽيءَ سان ڀيٽ ڪري ڏسي ته پوين جا خيال عقل موافق آهن يا اڳين جا ۽ اڳين جي خيالن تي عمل ڪجي ته دنيائي ۽ اخلاقي ترقي ڪري سگهجي ٿي يا پوين جي خيالن تي هلڻ سان. ڪو به تاريخ دان قبول ڪونه ڪندو ته گذريل ستن اٺن صدين ۾ هن زماني کان عقل وڌيڪ هو. بلڪ هر هڪ چوندو ته جيڪا به دنيا جي تاريخ معلوم آهي تنهن ۾ ڪو به زمانو اهڙو ڪو نه ٿي گذريو جنهن ۾ هيترو عقل ۽ فلسفي هو جيترو اڄ ڪلهه آهي. مگر هي ڳالهه ته عالم آشڪار آهي ته خدا ترسي، دينداري، سچائي ۽ جان نثاري ۾ اصحابن سڳورن جهڙي قوم نڪا ڪڏهن ٿي نڪا ٿيندي. پر فرض ڪيو ته عقل ۽ تميز کي ڦٽو ڪري سگهجي ٿو، ته پوءِ ٻڌايو ته ڪنهن جي تقليد ڪجي؟ جيڪڏهن اسان عقل ۽ تميز هلايون ئي نه ته پوءِ ڪيئن سمجهون ته اسلام سچو آهي يا هندو ڌرم سچو آهي، يا عيسائي يا ٻڌ ڌرم يا پارسين جو ڌرم. جڏهن غير مذهبن وارن سان بحث ڪيون تڏهن هنن کي ڪيئن چئون ته اسلام سچو مذهب آهي اسانجي مذهب تي اچو. هو چوندا ته ڪر بحث. تون هڪڙي مسلمان جي گهر ڄائو آهين تڏهن ٿو چئين ته منهنجو مذهب سچو آهي جيڪڏهن هڪ هندوءَ جي گهر ۾ ڄائو هجين ها ته چوين ها ته هندو مذهب سچو آهي. ڀلا انهيءَ ڳالهه کي به ڇڏيو خدا جي فضل سان مان مسلمان جي گهر ڄائس ۽ سچي مذهب تي آهيان. مون کي عقل تميز هلائڻي ڪانهي. هاڻي ڪنهن جي تقليد ڪيان. متقدمن جي تقليد ڪيان يا متائخرين جي. جيڪڏهن متائخرين جي ڪيان ته انهن جو پاڻ ۾ اختلاف ڪونهي ڇا؟ جيڪڏهن آهي ته ڪنهن کي سچو سمجهان آخر جواب اهو وڃي بيهندو ته مون کي سچو سمجهه. مون تي اعتبار ڪر. عقل کي ڇڏي ڏي. حقيقت هيئن آهي ته اوائلي زماني کان وٺي اڄ تائين اختلاف ٿيندا آيا آهن ۽ هر ڪنهن پنهنجو عقل پي هلايو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تفسير تي اتفاق قائم ٿي وڃي ها ته پوءِ ٻيو ڪو به تفسير لکڻ ۾ ڪونه اچي ها. ان هڪڙي کي سڄي اسلامي دنيا پڙهي ۽ ان تي عمل ڪري ها. سڀ ڪو مفسر اڳين جا ڪجهه خيال وٺي ڪجهه ڇڏي ڪجهه پنهنجا وجهي تفسير ٺاهيندو آيو آهي. حضرت خواجه اجميري جي مقبري جي اڳيان ميدان ۾ هڪڙي وڏي شاهي ديڳ چڙهيل آهي. چون ٿا ته جڏهن ٻارهو ٿيندو آهي تڏهن ڪو ان ۾ پاڻي وجهندو ته ڪو چانور، ڪو بصر، ڪو اٽو، ڪو ٿوم، ڪو مڱ، ڪو لوڻ، ڪو مرچ، ڪو بيهه، ڪو پٽاٽا، ڪو دالچني وغيره وغيره مطلب ته جنهن کي جيڪي به وڻندو آهي سو منجهس پيو وجهندو آهي ۽ هيٺيان باه پئي ٻرندي اٿس. جنهن کي وڻندو آهي سو منجهانس ڪجهه ڪڍي کائيندو آهي. اهڙيءَ طرح لاڳيتا ٽي چار ڏينهن پئي رجهندي آهي. هڪڙا ماڻهو منجهس ڪجهه نه ڪجهه وجهندا آهن ته هڪڙا ڪجهه نه ڪجهه ڪڍي کائيندا آهن. در حقيقت اسلام جي حالت به ائين ٿي آهي، جهڙي زماني جي حالت ۽ عقل ۽ رسمون ۽ خيال پي ٿيا آهن اهڙائي اسلام ۾ داخل ڪيا پي ويا آهن. اها تميز ڪڏهن ڪان پئي ڪئي ويئي آهي ته اڳوڻن سان موافقت ٿا ڪيون يا مخالفت. جيڪو آيو سو اگهيو جنهن بڪ ڪئي سو به قبول پيو جنهن چڱو ٻوليو سو به قبول پيو. نورنامي وغيره جو مثال مون اڳئي ڏنو آهي ته اهڙو غير صحيح ڪتاب به عام طرح رائج ٿي ويو، مگر يورپي خيالن جي غلبي بعد نئون دور شروع ٿي ويو. عيسائي پادرين جي حملن مسلمانن کي ٺوڪر هڻي اٿاريو. صدين جا مئل عالم اُٿي اکيون مهٽڻ لڳا، جواب ڏيڻا پيا. رواجي مولوين جا خيال پادرين جي اعتراضن اڳيان بيهي ڪين سگهيا. نئين چرپر شروع ٿي ويئي. اعتراضن جا جواب ڏيڻا پيا. نئين تحقيقات ٿيڻ لڳي ڏٺو ويو ته مولوين جا هاڻوڪا خيال اهڙا گڏيل سڏيل آهن جهڙو خواجه اجمير جي ديڳ جو طعام. پوءِ کوجنا ڪندڙ عالم اصل ۽ نقل کي ۽ حق ۽ باطل کي ڌار ڪرڻ لڳا ۽ ڏٺائون ته اصل قرآن ۽ صحيح بخاري ۽ اوائلي مفسرن کي ٿو وٺجي ته عيسائين خواه ٻين جي اعتراضن کي آسانيءَ سان ٿڏي ٿو سگهجي. مگر هيئن به آهي ته اعتراضن کي جوابن ڏيڻ جي شوق ۾ ۽ نئين زماني جي خيالن جي اثر هيٺ ۽ اوچتي ننڊ مان اٿڻ ڪري ۽ صدين جي ننڊ جي اثر سببان خيالن ۾ گهڻي گڙ ٻڙ ۽ اختلافات ٿي پيا آهن، جو اهڙي پر آشوب زماني ۾ ضرور ٿيڻا آهن. مگر ترقيءَ جو ۽ حق تي رسڻ جو به اهو ئي وسيلو آهي ته کوجنا ۽ تحقيقات ڪجي. نون خيالن وارا ماڻهو به گهڻيون غلطيون ٿا ڪن. مگر اهو فطرتي قانون آهي ته ضعيف انسان ڪنهن خيال جي شوق ۾ ٿو پوي ته حد کان ٻاهر لنگهي ٿو وڃي. مگر انشاءِ الله ڪجهه وقت کان پوءِ جوش ڍرو ٿي ويندو ۽ ٿڌيءَ دل سان غور ۽ فڪر ڪيو ويندو ۽ اُهي معنائون ۽ تفسير ورتا ويندا جيڪي اصحابن سڳورن ورتا.
    ٻيو سوال حضرت صاحب هي اٿاريو آهي ته جيڪڏهن اڳوڻن مفسرن کي هي اختيار ڪونهي جو جنهن آيت کي وڻين تنهن کي منسوخ سمجهن ته پوءِ اهو الزام مولوي محمد علي وغيره تي ڇو نه ٿو آندو وڃي. جيڪڏهن اڳوڻا مفسر انسان هئا ۽ انهن کان غلطي ۽ خطا جو امڪان آهي ته هنن ڏانهن ڇو اهو گمان نه آڻجي. منهنجو جواب آهي ته جهڙو اڳوڻن مفسرن ۾ غلطي ۽ خطا جو امڪان آهي تهڙو هاڻوڪي مولوي محمد علي وغيره ۾ به آهي. مگر رواجي عالم اها ڳالهه قبول نٿا ڪن. هو چون ٿا ته جيڪي اڳوڻن چيو آهي سو برحق آهي. وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۽ عقل هلائڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. مان چوان ٿو ته جئين اڳي به نوان نوان تفسير نڪرندا آيا آهن تيئن هاڻي به نون تفسيرن ڪڍڻ جو سڀني کي حق آهي ۽ اهو حق قيامت تائين هلندو رهندو. جيڪڏهن ڪو چوي ته نه اهو حق بند آهي ته مهرباني ڪري ٻڌائي ته ڪڏهن بند ٿيو ۽ ڇو بند ٿيو؟ مگر قرآن شريف جي آيتن جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهائڻ لاءِ ۽ خوبين ٻڌائڻ لاءِ تفسير ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ قرآن شريف جي آيتن ۽ حڪمن کي پنهنجي خيال موجب رد سمجهڻ ٻي ڳالهه آهي. پهريون حق سڀ ڪنهن کي آهي ٻيو حق ڪنهن کي ڪونهي. حضرت صاحب جن فرمائين ٿا ته تفسير بالرايءِ ڪرڻ عظيم گناهه بلڪ ڪفر آهي. مان پڇان ٿو ته اڄ تائين جو مفسر پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيندا آهن سي به سڀ ڪافر هئا ڇا؟ ”تفسير بالرايءَ“ جو مطلب مان هي ٿو سمجهان ته جيڪڏهن قرآن شريف جي ڪنهن به آيت جو مطلب اهڙو وٺجي جو ڪنهن ٻي صريح آيت يا ڪنهن صحيح حديث جي مخالف هجي ته به ان کي نظر انداز ڪري پنهنجي راءِ تي معنيٰ ڪجي ته اهو چئبو تفسير بالرايءَ. والله اعلم بالصواب.
    ٽيون سوال هي اٿاريل آهي ته جيڪڏهن قرآن شريف جي ڪن آيتن جي منسوخ ٿيڻ بابت مونکي اعتراض آهي ته ساڳيو اعتراض تورات انجيل وغيره جي منسوخ ٿيڻ تي به هئڻ گهرجي. جو مان قبول ڪريان ٿو ته اهي خدائي صحيفا هئا ۽ انهن کي قرآن شريف منسوخ ڪيو آهي. پوءِ مان جيڪوئي جواب ڏيندس سوئي قرآن شريف جي آيتن جي منسوخ ٿيڻ بابت موزون ٿيندو. مگر منهنجو جواب هي آهي ته اڳوڻا صحيفا فقط ڪن خاص قومن لاءِ ۽ خاص وقتن لاءِ هئا. هر هڪ قوم لاءِ ۽ هر هڪ زماني لاءِ جدا جدا پيغمبر ۽ صحيفا موڪليا پي ويا. انهن صحيفن ۾ ماڻهن ڪمي بيشي ۽ تبديلي پي ڪئي جنهنڪري نون پيغمبرن ۽ نون صحيفن جي ضرورت پئي ٿي. اها به سچي حقيقت آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جي مبوث ٿيڻ وقت، هڪ به اهڙو خدائي صحيفو ڪونه هو جو صحيح سلامت انهيءَ ئي حالت ۾ موجود هجي جنهن حالت ۾ نازل ٿيو هو. رسول اللهﷺ جي زماني کان اڳي قومن ۾ جدائي بلڪل گهڻي هئي تنهن ڪري جدا جدا پيغمبرن جي ضرورت هئي. رسول الله ﷺ بعد اُهو زمانو اچڻو هو جنهن ۾ سڄي دنيا ڳنڍجي هڪ ٿي پئي آهي. سير و سفر جا آلات اهڙو سريع ٿي پيا آهن جو ٿورڙيئي وقت ۾ سڄي دنيا جي چوگرد بار بار سفر ڪري سگهجي ٿو ۽ تار برقين جي وسيلي دم دم ۾ سڄي دنيا جي واقعات جي خبر پوندي رهي ٿي. تمام ڏوراهين کان ڏوراهين مثلن آمريڪا ۾ جيڪي گذريل رات ٿي گذريو يا جيڪي مشهور تقريرون ٿيون تن جو احوال اڄوڪين اخبارن ۾ پڙهي ٿا سگهون. اهڙي زماني لاءِ مناسب هو ته سڄي دنيا لاءِ هڪ ئي پيغمبر مبعوث ڪيو وڃي جنهن کي رحمت اللعالمين جو خطاب عطا ٿئي ۽ هڪڙو ئي ڪامل مڪمل صحيفو موڪليو وڃي جيڪو سڀني ماڻهن ۽ سڀني ايامن لاءِ موزون هجي. فيها ڪتب قيمه.
    هاڻي هي دليل جيڪو مون ڏنو سو قرآن شريف جي ڪن آيتن جي منسوخ ٿيڻ لاءِ دليل ٿي نه ٿو سگهي، اٽلندو ان دليل مان نتيجو ڪڍبو ته اهڙو صحيفو جو سڄي دنيا لاءِ هجي ۽ سڀني ايندڙ ايامن ۽ زمانن لاءِ هجي. تنهن ۾ ڪو به اهڙو حڪم نه هجي جو منسوخ هجي ۽ ماڻهن کي ناحق مغالطي ۾ وجهي. پر در حقيقت قرآن شريف جي ڪن آيتن جي منسوخ ٿيڻ بابت منهنجو هڪ اهو اعتراض ته ڪونهي جو مولانا صاحب بيان ڪيو آهي. گهڻائي اعتراض آهن جي مٿي چٽائيءَ سان بيان ڪيل آهن ۽ افسوس آهي ته مولانا صاحب انهن سوالن ۽ اعتراضن جي اهميت بلڪل محسوس نه ڪئي آهي. ايتري قدر جو انهن جو جواب ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه سمجهي اٿس.


    وهابيت

    اڳي رواج هوندو هو جو ٿوري گهڻي اختلاف ڪرڻ واري کي هڪدم ڪافر سڏيو ويندو هو. مگر هاڻي ڪجهه زماني کان وٺي ڪافر جي بدارن ان کي وهابي سڏيو ٿو وڃي. اگرچه هن ويچاري کي وهابين جي خيالن جي ذرو به خبر ڪا نه هوندي. اٽڪل ويهه سال ٿيندا جو مرحوم مولوي الاهي بخش صاحب پنهنجو رسالي نيڪ صلاح ڇپارايو جنهن ۾ مسلمانن ۾ رائج بد رسمون بيان ڪيل آهن جي جهنڊ، طوهر، شادي، موت ۽ قبرن جي زيارت جي باري ۾ آهن. ان وقت وهابين جو نالو به ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو هو. مولوي صاحب ۾ وهابيت جي بوءِ به ڪانه هئي. رسالو نيڪ صلاح اڄ تائين موجود آهي. ان جو اختصار مون رسومات تباهي جي نالي سان ڇپايو آهي. هر ڪو ڏسي سگهي ٿو ته وهابيت جي ان ۾ ڪا به ڳالهه ڪانهي. اُهو ڪتاب هڪڙي عالم کي ڏيکاريم تنهن ان مان ڪجهه ٽڪر پڙهي هڪدم فتويٰ ڏني ته هي ته ڪو وهابي آهي. تازو مولوي صاحب مرحوم جي ڪن شاگردن، (مولوين) کان معلوم ٿيو آهي ته گهڻا مولوي کيس ۽ اسان کي وهابي ٿا ڪوٺين.
    گهڻا سال ٿيا ته مان صوفين جي اڄ ڪلهه جي ذڪرن پچائڻ بابت تحقيقات ڪرڻ شروع ڪئي. منهنجو سوال فقط اهو هو ته اهي طريقا حضرت رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن ڪمايا يا نه؟ عالمن چيو ته هائو ڪمايا هئائون. مون چيو ته مهرباني ڪري حديثون پيش ڪيو. هنن جواب ڏنو ته هائو پيش ڪنداسين. پوءِ هيڏي هوڏي مولوين ڏي خط لکيائون. مگر حديثون کين ڪونه مليون تنهنڪري مونکي ڪو جواب ڪونه ڏنائون. پس پرده پرپٺ چوڻ لڳا ته فلاڻو ته وهابي ٿو ڏسجي. ناظرين انصاف ڪريو ته ان وقت ته مون ڪو انهن ذڪرن جي برخلاف لفظ به ڪونه ڪڍيو هو فقط اهو سوال پڇيم ۽ سوال پڇڻ جي ڪري وهابي سڏجڻ لڳس. مان 1913 کان وٺي اخبارن ۾ تعليمي اخلاقي ۽ ديني مضمون ڏيندو آيو آهيان. هڪڙو مضمون پيرن بابت لاڙڪاڻي واري آفتاب اخبار ۾ ڇپيو. مضمون ۾ فقط رسول الله ﷺ جي روش ڏيکاري سمجهايم ته پيرن ۾ ڪهڙيون خاصيتون هئڻ گهرجن. مون لکيو ته سچو رهبر اُهو آهي جيڪو 1. قرآن شريف، حديث ۽ اسلامي تاريخ ڄاڻندڙ هجي، 2. رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي نقش قدم تي هلندڙ هجي، 3. امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪندڙ هجي يعني تبليغ جو شوق هجيس. کيس گهرجي ته مسلمانن مان ڀرم ۽ سنسا ۽ بد رسمون ۽ بدعتون ڪڍي، تعليم جو چاه پيدا ڪري، بداخلاقيون ڪڍي نيڪ اخلاقن جي ترغيب ڏئي، مسلمانن کي تجارت ڪرڻ تي آماده ڪري، ڳوٺ ڳوٺ ۾ تنظيم لاءِ انجمن قائم ڪري وغيره وغيره. هن مضمون ۾ ڪهڙي وهابيت ٿا ڏسو ته به هڪڙي عالم ڇا ڪيو جو اهو مضمون جمعي جي ڏينهن پنهنجي جماعت کي پڙهي ٻڌائي چيائين ته ڏسو ته ڪهڙا پيرن جا منڪر پيدا ٿي پيا آهن. انهن ٿورڙن مثالن مان سمجهي ويندئو ته جو شخص اصلاح يعني سڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ حضرت رسول ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي روش وٺڻ جي دعوت ٿو ڏئي تنهن کي وهابي سڏيو ٿو وڃي. اها حالت نه رڳو هت سنڌ ۾ آهي پر سڄي دنيا جي سڀ ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ آهي. مان ٿو چوان ته جيڪڏهن وهابيت اها آهي ته وهابي ڪوٺجڻ فخر جي ڳالهه آهي. مون کي وهابين جي ڪا به خبر ڪانه هئي. نڪو سندن ڪو ڪتاب مطالعي هيٺ آندو هوم. پهريائين پهريائين خبر تڏهن پئي جڏهن ابن سعود حجاز فتح ڪيو ۽ قبا ڊهرايائين. جنهن مان فقط ايترو معلوم ٿيو ته وهابي قبن جي برخلاف آهن. پوءِ به مون وهابين جي ڪنهن به ڪتاب هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ٻڌندو هوس ته هڪ ڪتاب توحيد الاسلام آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته مماتي جي حالت ۾ رسول الله ﷺ کان لٺ به چڱي آهي ڇو ته لٺ مان گهڻائي ڪم ڪڍي سگهجن ٿا مگر رسول الله ﷺ جن هن حالت ۾ ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. مون سمجهيو ته يا ته هي ڳالهه ڪوڙي هوندي يا ته الفاظ ٻيا هوندا. جيڪڏهن الفاظ اُهي ئي آهن ته چئبو ته وهابين کي رسول الله ﷺ جن لاءِ ڪا به عزت ڪانهي.
    تازو ڪنهن شخص ازخود مون کي مولوي دين محمد صاحب واري ڪتاب توحيد الاسلام جو هڪ نسخو ڏنو. مون پڙهي ڏٺو. ڏٺم ته اهي الفاظ منجهس بلڪل ڪونه هئا. شايد اصلوڪي توحيد السلام ۾ اهي لفظ هوندا. مون کي خبر ناهي ته سنڌ جا عالم انهيءَ ڪتاب تي ڪهڙا ڪهڙا اعتراض ٿا آڻين پر مان سمجهان ٿو ته ٻن ڳالهين تي اعتراض آڻيندا هوندا. هڪ شفاعت واري سمجهاڻيءَ تي ٻيو انهيءَ تي ته رسول الله ﷺ کي ايتري عزت ڏجي جيتري وڏي ڀاءُ کي ڏجي. شفاعت واري سوال تي مون اڳيئي ڪجهه چيو آهي. باقي عزت واري مسئله بابت مان چوان ٿو ته ائين چوڻ جو اسان کي ضرور ڪهڙو پيو آهي جو چئون ته کين وڏي ڀاءُ جيتري عزت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن رواجي ماڻهو غلطي ڪري رسول الله ﷺ کي الله تعاليٰ سان صفتن ۾ شريڪ ٿا ڪن ته هي وري اهڙا الفاظ ڪم ٿا آڻين جي بلڪل شايان نه آهن. رسول الله ﷺ جي عزت نه رڳو وڏي ڀاءٌ کان پر پيءَ ماءُ کان به وڌيڪ ڪرڻي آهي. اصحاب سڳورا جڏهن سندن نالو مبارڪ وٺندا هئا تڏهن فرمائيندا هئا، ”فداك ابي و امي- يعني منهنجا ماءُ پيءُ مٿن فدا هجن. هڪ حديث سڳوري ۾ به آهي ته پورو مومن اهو آهي جو مون کي اهل اولاد وغيره کان به وڌيڪ پيارو رکي. هن وقت ۾ ته هو اسان وٽ موجود نه آهي جو کين عزت ڏيون ۽ ساڻن حب رکون. هن وقت جي حب ۽ عزت آهي سندن قول ۽ فعل ۽ روش معلوم ڪرڻ ۽ سندن پيروري ڪرڻ. اسانجي سڌاري ۽ ترقيءَ جو مدار به انهيءَ تي آهي نه خالي لفظن تي پر اگرچ شفاعت واري ۽ عزت واري مسئلي تي مان مولوي دين محمد سان شامل راءِ نه آهيان ته به سندس ڪتاب کي عاليشان ٿو سمهجان. ڇو ته اسلام جو سڄو مدار توحيد تي آهي. جيڪو توحيد کان ٿوروئي ٿڙڪيو سو اسلام کون ويو ۽ تباه ٿيو. تنهنڪري اهو ڪتاب لکن جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب ۾ لکن جو فائدو هجي ۽ رپئي ڏيڍ جو نقصان هجي ته پوءِ انهيءَ ڪتاب کي ردي سمجهڻ گهرجي ڇا؟ اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن جن ۾ لکن جو نقصان آهي ۽ فائدو 5 روپين جو به مس آهي تن جو نالو به ڪونه ورتو ٿو وڃي مگر توحيد السلام جهڙي ڪتاب تي هاءِ گهوڙا واءِ گهوڙا ڪئي ٿي وڃي. مان شايد پنهنجي راءِ ۾ ڀليل هجان تنهنڪري استدعا ٿو ڪريان ته عالمن سڳورن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي جو ڪن غلطين جي ڪري سڄي ڪتاب کي ڪوڙو سمجهن. کين گهرجي ته ٿڌيءَ دل سان ان ڪتاب تي تنقيد ڪن ۽ جيڪي منجهس غلطيون هجن تن کان به اسان جاهلن کي آگاه ڪن ۽ جيڪي منجهس خوبيون هجن تن کان به اسانکي آگاه ڪن. مگر جيڪڏهن خوبين کي نظر انداز ڪري سڄي ڪتاب کي خراب سڏبو ته انهيءَ جو نتيجو هي ٿيندو جو مسلمان سچين ڳالهين کي به ڪوڙو سمجهي مشرڪ ٿي پوندا يا سڄي ڪتاب کي سچو سمجهندا. ٻنهي حالتن ۾ قوم کي نقصان رسندو.
    هڪڙي مولوي صاحب مونکي پنهنجو ڪتاب تصنيف ڪيل ڏيکاريو جو اڃان ڇپايو ڪونه اٿس. مون ان منجهان ڪجهه پنا پڙهيا. افسوس جو وڌيڪ پڙهڻ جو وقت نه مليو. ان ۾ جو جوش وهابين جي خلاف ڏيکاريو اٿس سو بحد ڪمال آهي. وهابين کي گهٽ وڌ ڳالهائي پوءِ لکي ٿو ته هي منڪر چون ٿا ته رسول الله ﷺ اسان جهڙو بشر هو. انهن پليتن کان ڪو پڇي ته سندن ٽورو ۽ پيشاب به رسول ﷺ جي ٽوري ۽ پيشاب وانگر مشڪ ۽ عطر آهي؟ جي نه ته ڪيئن ٿا چون ته رسول الله ﷺ جن اسان وانگر بشر هئا. جيڪڏهن مونکي وهابي ڪوٺجڻ جو انديشو نه هجي ها ته مولوي صاحب کي عرض ڪيان ها ته مهرباني ڪري ٻڌايو ته انا بشر مثلڪم جي معنيٰ ڇا آهي ۽ جيڪڏهن بشر نه هئا ته ملڪ هئا يا الله هئا (نعوذ بالله منها) ۽ پڻ کانئن پڇان ها ته جيڪڏهن رسول الله ﷺ جو ٽورو ۽ پيشاب مشڪ ۽ عطر هئا ته اُهي ڪهڙي طرح ڪم آڻبا هئا. بدن کي مکيا ويندا هئا يا شربت ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا؟
    توحيد الاسلام جي علاوه وهابين جي اعتقادن بابت هڪڙي تقرير پڻ تازو پڙهي اٿم ۽ پڻ پير خواجه حسن جان صاحب جو ڪتاب اصول الرابعه يا ترديد الوهابيت پڙهيو اٿم. بس وڌيڪ خبر مونکي وهابين جي ڪانهي. مٿي بيان ڪيل تقرير شيخ حافظ وهبه سنه 1928 ۾ لنڊن ۾ ڪئي هئي. شيخ حافظ وهبه ملڪ الحجاز ابن سعود جو ايلچي آهي ۽ هن وقت تائين لنڊن ۾ مقيم آهي. ان تقرير ۾ وهابين جي اصولن ۽ اعتقادن جو بيان ڪيو اٿس. ان تقرير جو اختصار مان هيٺ ڏيان ٿو.


    شيخ حافظ وهبه نجدي جي تقرير جو اختصار

    (نوٽ: مان وهابين سان سڀڪنهن ڳالهه ۾ شامل راءِ ناهيان)
    ستين صدي هجريءَ ۾ مشهور عالم شيخ ابن تيميه پيدا ٿيو. عجب جي ڳالهه آهي ته يورپ ۾ به ساڳئي وقت مارٽن ليوٿر پيدا ٿيو ۽ ٻنهي ساڳئي قسم جو اصلاح ڪرڻ شروع ڪيو. فقط مذهب جو تفاوت هو يعني مارٽن ليوٿر عيسائي مذهب ۾ پيدا ٿيل خرابين جي بيخڪني ڪرڻ لڳو ته ابن تيميه وري اسلام ۾ پيدا ٿيل گمراهين جي پاڙ پٽڻ لڳو. ليوٿر پادرين تي نڪته چيني ڪئي ته ابن تيميه وري ملن ۽ صوفين جي سار لڌي. جيئن ليوٿر انجيل ۽ توريت جي سليس تعليمات جي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ پادرين جي پيدا ڪيل بدعتن جي مخالفت ڪيائين تيئن ابن تيميه قرآن مجيد ۽ حديث شريف ڏي رجوع ٿيڻ جي هدايت ڪرڻ لڳو ۽ ظاهر ڪرڻ لڳو ته انسان سڌيءَ طرح سان پنهنجي خالق ڏي رجوع ٿي سگهي ٿو کانئس ئي مدد گهري سگهي ٿو.
    منهنجو نوٽ: هتي ڪجهه سمجهاڻيءَ جي ضرورت آهي. ليوٿر جي زماني تائين پادرين کي عام عيسائين تي ڪلي اختيار هو. روم جي پوپ کي الله تعاليٰ جو عيوضي سڏيو ويندو هو ۽ ايئن سمجهيو ويندو هو ته پوپ ۽ پادرين جي وسيلي کان سواءِ الله تعاليٰ جي نڪي عبادت ڪري ٿي سگهجي، نڪي کانئس دعا گهري ٿي سگهجي ۽ نڪي گناهن جي معافي گهري ٿي سگهجي. جڏهن ڪو ماڻهو گناه ڪندو هو ۽ توبه ڪرڻي هوندي هيس يا مرڻ وقت ڏوه بخشائڻا هوندا هئس ته هو ڪنهن پادريءَ کي آڻائي سڀ سچيون ڳالهيون ۽ ڪيل ڏوه ٻڌائيندو هو. پادري هن کان پنهنجي لاءِ صدقا وغيره وٺي هن کي پاس لکي ڏيندو هو. پوءِ سمجهيو ويندو هو ته هن جا گناه معاف ٿيا ۽ اها پاس بهشت جي دروازي کولائڻ لاءِ ڪافي سمجهي ويندي هئي. انهيءَ ڪري پوپ ۽ سندس چيلن کي عوام الناس خواه بادشاهن تي ايتري اختياري ۽ زور هو جيترو ڪنهن به بادشاه کي رعيت تي نڪو ٿيو نڪو ٿيندو. جيئن هندستان ۾ ويدن ۽ شاسترن پڙهڻ جو حق فقط برهمڻن کي هو، تيئن يورپ ۾ بائيبل پڙهڻ جو حق به فقط پادرين کي هو. پوءِ هو جاهل ماڻهن کي جيئن وڻندو هو تيئن پنهنجي غرضن لاءِ نچائيندا ڦيرائيندا هئا. مارٽن ليوٿر انهن ڳالهين جي خلاف ويو. ساڳي طرح ابن تيميه به مسلمانن کي سيکارڻ لڳو ته خود غرض ملن ۽ درويشن جي چنبي ۾ نه اچو. سڌي طرح قرآن ۽ حديث جو علم حاصل ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي ئي ٻانهپ ڪيو ۽ کانئس ئي مدد گهرو. (هي سمجهاڻي منهنجي آهي نه حافظ وهبه جي).
    ابن تيميه مقلدن جي به خلاف هو مقلد چئن مذهبن مان هڪ مذهب کي چهٽي پوندا هئا. هو اجتهاد جي فائدي ۾ هو هن جي راءِ هئي ته سمجهڻ ۽ سمجهه هلائڻ جو حق سڀ ڪنهن کي آهي ۽ ڪو به انسان سورهن آنا صحيح يا حق تي ٿي نٿو سگهي سواءِ پيغمبر سڳورن جي.(نوٽ: اجتهاد جي معنيٰ هتي اها ناهي ته جنهن کي جيئن وڻي تيئن نوان رستا پيدا ڪري پر معنيٰ هي آهي ته هر ڪوئي قرآن ۽ حديث ۽ اسلامي احڪام سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. ائين نه ته جيئن ڪو ٻيو چئيس تيئن مڃي ۽ ڪري. ان لاءِ نه سند گهري ۽ نه سوال ڪري. اڄ ڪلهه مولوين کان سوال ڪبو آهي ته غصي کان بيتاب ٿي پوندا آهن ڄڻ ته کين ڪا گار ڏني ويئي يا سندن جاگير ڦري ويئي. (هي نوٽ منهنجو هنيل آهي))
    هن ڳالهه ۾ به ابن تيميه هوبهو مارٽن ليوٿر وانگر هو ڇو ته هن به انهيءَ خيال جي مخالفت ڪئي ته بائيبل سمجهڻ جو حق فقط پادرين کي آهي. ازان سواءِ ابن تيميه ان زماني جي مروج احمقانه عقيدن تي زورشور سان حملا ڪيا ۽ اعلان ڪيائين ته توبه جو دروازو سڀڪنهن لاءِ کليل آهي. ساڳيءَ طرح ليوٿر به پادرين جي شفاعت جي خلاف هو (پادرين جي شفاعت بابت مون مٿي پهرئين نوٽ ۾ سمجهاڻي ڏني آهي)
    مطلب ته ٻنهي مصلحن خدا جي خلق کي ملن ۽ پادرين جي چنبي مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي بشرطيڪ اها آزادي انهيءَ حد تي نه پهچي جو مذهب جي سچن اصولن کي به ترڪ اچي وڃي.
    اوهان کي عجب لڳندو ته نجد ۾ وهابي ۽ وهابيت جو لفظ ڪنهن ٻڌو به ڪونهي. اهو لفظ گهڻو ڪري ترڪي سلطنت ڪنهن پوليٽڪيل مقصد يا پاليسي جي ڪري ٺاهيو. مقصد اهو ٿو ڀائنجي ته سڄي اسلامي دنيا کي نجدين جي خلاف ۽ نجدين جو دشمن بڻائجي. هن طرح مشهور ڪرڻ سان ته نجدين چئن امامن ۽ سندن چئن مذهبن کان ٻاهر نڪري اسلام جو نئون فرقو ٺاهيو آهي جنهن جو نالو وهابيت آهي. پر اهو سفيد ڪوڙ هو ۽ آهي. ڇو ته نجد جا ماڻهو امام احمد ابن حنبل جا پيروي ڪندڙ سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن.
    پر اگرچه وهابي ۽ وهابيت جو لفظ نجد ۾ معلوم به ڪونهي ته به مان پنهنجي تقرير ۾ اهو ئي لفظ ڪم آڻيندس ڇو ته سڄي دنيا ۾ نجدين لاءِ اهو ئي لفظ مشهور ڪيو ويو آهي.

    محمد ابن عبدالوهاب
    شيخ محمد ابن عبدالوهاب سنه 1703 عيسوي ۾ هڪڙي ڳوٺڙي ۾ ڄائو جيڪو ڳوٺ رياض جي اتر ۾ آهي ۽ رياض نجد جي رياست جو هاڻوڪو گاديءَ جو هنڌ آهي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين. پوءِ الحصا، حجاز ۽ بصره ۾ علم ۽ تعليم جي تلاش ۾ سفر ڪيائين. ان طرح حديث جي علمي فقه ۽ عربي زبان ۾ ماهر ٿيو. جلدئي مذهب جي هر شعبي ۽ شاخ جو علم حاصل ڪيائين. ازان سواءِ مختلف ملڪن ۾ جيڪي اسلام جي اسپرٽ جي خلاف عمل ۽ عقيدا رائج ٿي ويا هئا تن جي خبر پيس. تنهن کان سواءِ ابن تيميه جون تصنيفون ۽ سندس پوئلڳن خصوصن ابن القيم ۽ ابن ڪيثر جون تصنيفون چڱيءَ طرح پڙهيائين.

    ان زماني ۾ نجد جي حالت
    نجد ان وقت ۾ مختلف فرقن جي دشمنين ۽ جهيڙن جو گويا جنگ جو ميدان هو، جيڪي سڀ اسلام جي سچي اسپرٽ جي خلاف هئا. مثال طور انهن قبرن جو مثال وٺو جي سمجهيون وينديون هيون ته رسول الله ﷺ جي اصحابن سڳورن جون هيون. هڪڙي اهڙي قبر الجبليه ۾ هئي جا حضرت عمر جي فرزند زيد (رضي الله) جي سمجهي ويندي هئي. ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ان قبر تي ويندا هئا ۽ رزق جي ڪشادگي ۽ ٻين دنيائي احتياجن جي پورائي لاءِ دعا گهرندا هئا. دريه ۾ به ساڳئي قسم جون قبرون هيون. اتي به ساڳين مطالبن لاءِ ماڻهن جا ميڙ ويندا هئا. پر سڀ کان وڌيڪ عجب جهڙي ڳالهه هي هئي ته ”بلادت الفده“ ۾ هڪڙو نر کجي جو وڻ هو جتي ڪنواريون زالون اچي مڙنديون هيون ۽ وڏي جوش سان التجا ڪنديون هيون ته کين سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ ور ملي.
    دريه جي ويجهو هڪ غار هئي جنهن کي سڀ ماڻهو متبرڪ سمجهندا هئا هن ڪري سمجهيو ويندو هو ته هڪڙي امير جي نياڻي ان ۾ پناه ورتي هئي. آکاڻي آهي ته ان مائيءَ تي ڪنهن ظالم بادشاه ظلم ڪرڻ ٿي گهريو. هوءَ انهن جبلن ڏي وٺي ڀڳي. اُتي خرق عادت (ڪرامت) سان هڪ غار کلي پئي جنهن ۾ هنکي پناه ملي. مذهب جي حالت اها هئي.
    ملڪي حالت اها هئي جو بادشاه ۽ سندن امير پنهنجي مرضي ۽ خواهشن تي هلندا هئا. انتظام ۽ فيصلا شرعي قانون موجب نه پر پنهنجي خيال تي ڪندا هئا. اميرن ۽ قبيلن جي وچ ۾ سدائين جنگ و جدل جاري هوندي هئي.
    مختصر طور نجد جي اها حالت هئي جڏهن شيخ محمد ابن عبدالوهاب پنهنجي وطن موٽيو. هو پنهن جي ڳوٺ عينيه ۾ اچي مقيم ٿيو جتي رهي هڪدم ڪوششون شروع ڪري ڏنائين ته نجد کي سڀني خرابين کان پاڪ ۽ صاف ڪريان. هو وعظ ڪرڻ لڳو ته سچي ۽ صاف اسلام ڏي موٽو، متاءَ خرين جون ٺهيل بدعتون ڪڍي ڇڏيو ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڦٽي ڪيو جيڪي اسلام جي اسپرٽ جي خلاف آهن. نه رڳو ماڻهن ۾ اهي وعظ ڪرڻ لڳو پر خود حاڪمن کي به هدايت ڪرڻ لڳو ته ڪورٽن ۾ شرعي قانونن تي عمل ڪيو. هن اها تبليغ بلڪل صلح سانت سان ادا ڪئي. ۽ پڻ ٻين ملڪن جي مذهبي امامن سان خط و ڪتابت جو رستو رکيائين ۽ خطن ۾ اسلام جي بگاڙي ۽ برباديءَ تي پنهنجي افسوس ۽ درد جو اظهار ڪيائين ۽ انهن کي ترغيب ڏنائين ته اسلام ۾ اصلاح ڪرڻ لاءِ اٰٿي کڙا ٿيو. انهيءَ تي سندس مخالفن کي باهه لڳي ويئي خصوصن رياستن جي والين ۽ اميرن جي اقتدار ۽ طاقت کي انهيءَ وعظ منجهان خطري جو امڪان هو، تن سخت مخالفت ڪئي. آخر هن کي شهر نيڪالي ڏني ويئي ڇو ته بني خالد ۽ الحصا جي امير لکيو ته جيڪڏهن انهيءَ کي ڪڍي نه ڇڏيندو ته مان توهان جي شهر تي حملو ڪندس.
    سنه 1741 عيسوي ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي دريه ۾ ويو، ۽ اٰتي جي امير محمد سان مليو. ٻنهي يڪراءِ ٿي ارادو ڪيو ته ديني اصلاحيت جو ڪم زور شور سان ڪيون ۽ سڄي عربستان مان بدعتون ڪڍون ۽ شهري ماڻهن خواه بدوين ۾ سچي اسلام جي تبليغ ڪيون. ان ڪم ۾ جيڪي تڪليفون درپيش اچن ۽ جيڪي خطرا ۽ نقصان مخالفن جي هٿان رسن تن جي مطلق پرواه نه ڪنداسين. هنن کي يقين هو ته الله تعاليٰ جي فضل جي ڪري اسان سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهيون ۽ حق تي هئڻ ڪري اسان مضبوط حفاظت هيٺ آهيون.
    ابن عبدالوهاب صلح سانت سان تبليغ ڪرڻ لڳو. پر جڏهن ڏٺائون ته مخالف يڪمشت ٿي کين نابود ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن تڏهن تلوار مياڻ مان ڪڍي جهاد جو اعلان ڪيائون. اهي لڙايون سٺ سالن کان به مٿي جاري رهيون.
    سنه 1745 عيسوي ۾ امير محمد وفات ڪئي پر سندس پٽ عبدالعزيز به پنهنجي پيءَ جي پيروي ڪري ابن عبدالوهاب کي پنهنجي خيالن جي تبليغ ڪرڻ ۾ مدد ڏني.
    اگرچ سعود گهراڻي کي گهڻن دشمنن سان مقابلو ڪرڻو پيو ته به مخالفن جو مقصد حاصل نه ٿيو. رفته رفته ابن عبدالوهاب جي تبليغ به ڪامياب ٿيندي ويئي ۽ ابن سعود جو عربستان تي تسلط به وڌندو ويو.
    سنه 1791 عيسوي ۾ ابن عبدالوهاب وفات پاتي. وفات کان اڳي پنهنجو ڪم مضبوط بنياد تي قائم ڪري ويو. سندس پٽ به سندس نقش قدم تي هليا ۽ انهن ابن سعود جي گهراڻي سان اڃان به وڌيڪ اتفاق قائم ڪيو.
    سنه 1805 ۾ ابن سعود جي حڪومت جزيرت العرب جي گهڻي ڀاڱي ۾ قائم ٿي ويئي ۽ ان سڄي ڀاڱي جا ماڻهو ابن عبدالوهاب جي خيالن جا قائل هئا.
    ابن سعود جي طاقت هڪڙي پاسي ۽ مصر ۾ محمد علي جي طاقت ٻئي پاسي ڏسي ترڪيءَ کي انديشو پيدا ٿيو. هنن تجويز ڪري محمد علي ۽ ابن سعود کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڌو جنهنڪري سعود گهراڻي جي طاقت ٿوري وقت لاءِ گهڻي قدر گهٽجي ويئي پر ظلم ۽ زور جي ڪري نجدين جو نڪو ايمان ضعيف ٿيو نڪي سندن جوش ٺريو.

    وهابيت ڇا آهي؟
    مان اوهان کي اڳئي ٻڌايو آهي ته وهابيت جو لفظ عربستان ۾ ڪنهن ٻڌو به نه آهي. پر هن وقت اهو لفظ گهڻو ڪري انهيءَ ماڻهوءِ سان لڳايو وڃي ٿو جو مذهبي اصلاح ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. اگرچه نجد سان هنجو ڪو تعلق به نه هجي. نه رڳو ايترو پر انهيءَ پوائنٽ تي ايترو مونجهارو پيدا ٿيل آهي جو ابن تيميه کي وهابي ڪوٺيو ٿو وڃي اگرچه هو ابن عبدالوهاب کان پنج صديون اڳي ٿي گذريو هو.
    وهابي به ٻين مسلمانن وانگر مسلمان آهن ۽ امام ابن حنبل جي مذهب تي هلندڙ آهن. هنن جو مقصد فقط اهو آهي ته اسلام کي بدعتن کان صاف ۽ پاڪ ڪري انهيءَ حالت ۾ آڻين جا حالت رسول الله ﷺ ۽ خلفائي راشدين جي زماني ۾ هئي. سندن تعليمات جو مختصر انتخاب هيٺ ڏجي ٿو. (نوٽ: مان وهابين سان سڀ ڪنهن راءِ ۾ شامل نه آهيان).
    (1) قرآن شريف ۽ حديثن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍڻ جو سڀڪنهن کي حق آهي بشرطيڪ هو علم ۽ تعليم جي ڪري معنيٰ ڪڍي ۽ سمجهي سگهي ٿو. هر ڪنهن عالم کي قرآن مجيد ۽ حديثن سمجهڻ جو حق آهي. هنن جو (يعنيٰ نجدين جو) خيال آهي ته قرآن شريف ۽ رسول الله ﷺ جي قول ۽ فعل جي معنيٰ مطلب ٻڌائڻ ڪنهن خاص فرقي جو حق نه آهي.
    (2) سڀڪا ڳالهه ۽ سڀ ڪو ڪم الله تعاليٰ ٿو ڪري هو هر طرح قادر مطلق آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي. ڪو به انسان ڪيترو به عالمي درجي جو هجي ته به گنهگارن کي ڇڏائڻ لاءِ سفارش يا شفاعت ڪري نٿو سگهي. انسان کي فقط پنهنجا عمل ڇڏائيندا جي هن دنيا ۾ ڪيا هوندائين جيئن قرآن شريف فرمائي ٿو ته جنهن چڱائي جو ذرڙو به ڪيو هوندو سو اُن کي ڏسندو ۽ جنهن بڇڙائيءَ جو ذرڙو به ڪيو هوندو سو به اُن کي ڏسندو.
    هن مان نتيجو ٿو نڪري ته وهابين جي تعليم موجب شفاعت ڪجهه به ڪري نه سگهندي. مگر توبه جو رستو سڀ ڪنهن لاءِ بنا سفارش جي کليل آهي ڇو ته الله تعاليٰ انسان کي حبل الوريد (ڳچيءَ جي رڳ) کان به وڌيڪ ويجهو آهي.
    شفاعت جو اعتقاد اڳوڻن زمانن جو يادگار آهي جڏهن مقربن جي پڄندي گهڻي هوندي هئي. توهان کي خبر آهي ته بادشاه اُهو پيارو لڳندو آهي جو پنهنجي ماڻهن سان بي تڪلف رلي ملي هلي ۽ بذات خود هنن جا فرياد ٻڌي ۽ انهن جو تدارڪ ڪري. مگر جيڪو بادشاهه اميرن ۽ وزيرن ۽ سپاهين سان وڪوڙيل آهي ۽ جنهن وٽ ڪو به وڃي نٿو سگهي سو ڪيئن رعيت کي وڻندو. جيڪڏهن رواجي بادشاهن لاءِ ائين آهي ته پوءِ فطرتن ائين ئي هڻڻ گهرجي ته بادشاهن جي بادشاه ۽ سڄي خلق جي خالق وٽ سڀڪو انسان سڌيءَ طرح بنا ڪنهن سفارشيءَ جي پنهنجو عرض احوال پيش ڪري سگهي.
    (3) هن دنيا ۾ ڪيل عملن تي ئي سڀ ڪجهه منحصر آهي يعني سچو مسلمان اهو ناهي جو خدا ۽ رسول ﷺ تي خالي ايمان آڻي پر اسلام جي تعليمات تي عمل نه ڪري يا خدا وٽ پهچڻ لاءِ عملن تي نه پر ڪن ٻين وسيلن تي ڀروسو رکي.
    (4) هر قسم جي عبادت ۽ بندگي فقط هڪ خدا جي ڪرڻي آهي. يعنيٰ قربانيون نذر نياز وغيره الله تعاليٰ جي لاءِ آهن ۽ فقط هن وٽان ئي عملن جي ئي شفاعت وٺي وڃجي. الله تعاليٰ وٽ پهچڻ لاءِ قبرن جو وسيلو نه وٺجي نڪي انهن کان دنيائي مرادون پنجن.
    (5) الله تعاليٰ جي عبادت اهڙيءَ طرح ڪجي جيئن رسول الله ﷺ سيکاري. ماڻهن سان هلت چلت وقت جي ضرورتن موجب ڦيرائجي بشرطيڪ اسلام جي عام اسپرٽ کان ٻاهر نه وڃجي.
    مطلب ته وهابين، رسول الله ﷺ جي روش ۽ طريقا بهتر سمجهي ٿي سگهيا.

    وهابيت جي هاڻوڪي حالت
    جڏهن وهابين جي ملڪي طاقت گهٽجي ويئي تڏهن وهابيت فقط نجد ملڪ ۾ وڃي رهي. پر شيخ محمد عبده مرحوم جيڪو تازو مصر جو مفتي اعظم هو سو مصر ۾ پهريون انسان هو جنهن شيخ محمد ابن عبدالوهاب جي واکاڻ ڪئي ۽ سندس مخالفن کي ننديو. نه رڳو ايترو پر شيخ عبده الازهر ۾ جيڪي وعظ ۽ خطبا ڏنا تن ۾ ساڳيائي ابن عبدالوهاب وارا خيال ۽ عقيدا سيکاريائين. فقط ايترو تفاوت هو ته ابن عبدالوهاب کي ابن سعود جي مدد هئي ۽ سندس خيالن جي مقبوليت گهڻي دائره ۾ ٿي ويئي مگر شيخ عبده جي مقبوليت فقط مصر جي ڪن ٿورن سڌريل ۽ گهڻي علم وارن وٽ ٿي. شيخ عبدو جي پيروي ڪندڙ کي بنا مبالغي عملن وهابي ڪوٺي سگهجي ٿو مگر نالي ۾ وهابي (هتان اصل مواد مان ٽڪرو ڦاٽل آهي). . . . . . . . جنهن ٿنب تي هزارين ماڻهو پنهنجون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئا شيخ انهيءَ ٿنڀ تي لکائي ڇڏيو ته هي فقط پٿر جو ٿنڀ آهي جو نڪو نفعو پهچائي نه ڪو نقصان پر بدقسمتيءَ سان هي عاليشان مصلح جلدئي رٿيل سڌارن کان اڳ ۾ ئي رحلت ڪري ويو.
    خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ابن تيميه جا اصول شرعي قانونن ۾ داخل ڪيا ويا آهن. انهيءَ عاليشان اصلاح جا بانيڪار الازهر جو هاڻوڪو امام ۽ سندس سنگتي هاڻوڪو مفتي اعليٰ آهن جي بيشڪ تحسين ۽ آفرين جا لائق آهن. اهي ٻئي مرحوم شيخ عبدوءَ جا اوائلي معتقد آهن.
    مان بنا مبالغه چئي سگهان ٿو ته دنيا جي هر اسلامي ملڪ ۾ سڌريل ۽ چڱا مسلمان عملن وهابي آهن اگرچ نالي ۾ وهابي ناهن نڪي اصل نجد مان آيل ۽ نه نجدين جي تعليم حاصل ڪئي اٿن. ڇو ته اهو ئي فرقو آهي ( جئن سڄي اسلامي دنيا ۾ قبول ڪيل آهي) جو پاڻ تي ڀاڙڻ جو اصول ٿو سيکاري ۽ قبر پرستي کان روڪي ٿو ۽ پڻ اهل مماتي وارن کان مدد گهرڻ کان روڪي ٿو ڇو ته اهي ڪو نفع يا نقصان پهچائي نٿا سگهن.
    ازان سواءِ وهابي جمهوريت ۽ آزاديءَ جي اصولن جي تبليغ ٿا ڪن يعني حڪومت شخصي نه هئڻ گهرجي ۽ هر ڪنهن ملڪ ۽ قوم کي حق آهي ته ٻين کان آزاد رهي ۽ پنهنجي فائدي لاءِ حڪومت جو انتظام پاڻ رکي. ترڪي جي سلطانن جيڪو مذهبي اقتدار ۽ اثر سڄي اسلامي دنيا تي قائم ڪيو هو، وهابي اهڙي قسم جي اقتدار ۽ اثر جي خلاف آهن. وهابين جو تعلق پنهنجي بادشاهه سان اهو آهي جو اسلامي اصول جي ماتحت آهي ته ”ڪنهن به بشر جي بيعت خالق جي قانونن جي خلاف ڪرڻي ناهي“ اهو اصول سڄي دنيا ۾ مسلمانن خواه غير مسلمانن ۾ رائج ٿي ويو آهي. جتي ڪٿي بادشاه يا امير جي اختياري محدود ڪئي ٿي وڃي.
    توهان مان ڪو به نجد يا حجاز ۾ هن وقت اچي ته ڏسي سگهندو ته وهابين جو بادشاهه ڪيئن پنهنجي رعيت سان رلي ملي ٿو هلي ۽ توهان کي هڪدم ڏسڻ ۾ ايندو ته گويا اسلام جو شاندار اوائلي زمانو واپس موٽي آيو آهي. ابن سعود جي سادگي، دل ۽ چال جي استقامت، انصاف. خود داري، دورانديشي ۽ تدبر مان تصور ڪندو ته گويا خليفئه اعظم عمر ابن الخطاب جي زماني ۾ ٿا رهون.
    سنه 1910 عيسوي ۾ هاڻوڪي بادشاهه ابن سعود انهيءَ ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو جيڪو اڳوڻو بادشاهه نه ڪري سگهيو. اڳي وهابيت جي تبليغ فقط وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪئي ويندي هئي تنهنڪري جيڪي فساد ۽ وڳوڙ مختلف وقتن ۾ ٿيندا هئا سي بدوين کان ئي ٿيندا هئا. اُهي هميشه انهن جو طرف وٺندا هئا جن کان وڌيڪ ڊڄندا هئا يا جي کين لٽ جو مال گهڻو آڇيندا هئا. اهوئي سبب هو جو انهن بدوين کي بعضي مصري، بعضي وهابي بعضي رشدي ڪوٺيو ويندو هو. تنهنڪري ملڪ جي بچاءِ لاءِ لڙڻ جو سڄو بار شهرين تي پوندو هو. ابن سعود هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هيٺيان مناسب اُپاءُ ورتا جو هنن لاءِ چشمن جي ڀرسان خاص گهر جوڙايائين ۽ کيتي جي ڌنڌي ڪرڻ لاءِ همٿايائين، ۽ هر هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ هڪ عالم شيخ موڪليائين انهيءَ لاءِ ته کين پڙهڻ سيکاري ۽ رسول الله ﷺ ۽ اڳوڻن نبين ۽ رسولن ۽ مشهور بزرگن جا حالات پڙهي ٻڌائي. انهن بدوين کي بياباني يا رولو زندگي جي خرابين جهڙوڪ ڦرلٽ ۽ قتل جي تباه ڪندڙ نتيجن کان آگاه ڪيو ٿو وڃي. اٺن ورهين کان اها پاليسي جاري رهي آهي ۽ ان جو نتيجو ڏاڍو سهڻو نڪتو آهي. اهي ساڳيا بدوي جن کان نجد کي هميشه خطرو رهندو هو سي نجد لاءِ وڏي ۽ چڱي طاقت ثابت ٿيا آهن ۽ هو ملڪ جي انتظام ۽ پاليسي ۾ بهرو وٺي سگهن ٿا يعني هنن کي پنهنجي حقن ۽ بهتري حاصل ڪرڻ لاءِ راين ڏيڻ جو حق آهي. اڳي جنهن ڌر سان شامل ٿيندا هئا تنهن کي منجهائن خطرو هوندو هو. هاڻي هو موت جي منهن ۾ ڏنا وڃن ٿا ته به وفادار ۽ مستقيم رهن ٿا ۽ مٿن پورو پورو ڀروسو رکي سگهجي ٿو. هڪڙو مزيدار مثال هيٺ ڏجي ٿو:
    1919 ۾ جيڪا مشهور طوبه واري جنگ ابن سعود ۽ اڳوڻي شريف حسين جي وچ ۾ لڳي هئي ۽ ملڪ حسين جو لشڪر پيسجي ويو هو تنهن جنگ ختم ٿيڻ وقت هڪڙو بدوي ڪنهن عالم شيخ وٽ آيو ۽ منافقيءَ جي معنيٰ پڇيائينس. جڏهن هن معنيٰ ٻڌايس تڏهن وري پڇيائيس ته جيڪڏهن مان دشمن کي منهن ڏيڻ بدران پاسو ڏنو ته مان منافق سمجهبس ڇا ۽ الله تعاليٰ جي غضب جو لائق ٿيس ڇا؟ شيخ جواب ڏنو ته نه جيڪڏهن پٺي نه ڏني ته منافق نه سمجهبين نڪي توتي خدا جو غضب ٿيندو. تنهن تي بدوي وري جواب ڏنو ته مان تنهنجو اهو تاويل سچو نٿو سمجهان، تنهنڪري مان گهران ٿو ته منهنجي پاسي کي پنهنجي لڪڻ سان ڌڪ هڻي ان مان منافقي ڪڍي ڇڏ. ڇو ته جڏهن دشمن جا گولا تيز ۽ تڪڙا اچڻ لڳا تڏهن ٿورڙي گهڙي لاءِ منهنجي همٿ گهٽجي ويئي پر جلد ئي وري همت واپس اچي ويئي ۽ مون پٺي ڪانه ڏني. مان هن تي ٽپو ڏيئي ڪاهي پيس ۽ تلوار سان سندس توب تي هلان ڪري ويس ۽ کيس ماري وڌم. تنهن هوندي به مان چاهيان ٿو ته منهنجي هن پاسي کي خوب ڌڪ هڻ جو ٿورڙو وقت لرزي ويو ۽ ان مان منافقي ڪڍي ڇڏ.
    شيخ حافظ وهبه نجدي جي تقرير جو انتخاب هت پورو ٿو ڪيان. اها تقرير هن لاءِ ڏني اٿم ته ماڻهن کي خبر پوي ته وهابيت ڇا آهي ۽ ڪهڙا وهابيت جا اعتقاد آهن. وهابين جا ٻيا اعتقاد هن تقرير ۾ ڪونه ڏنل آهن. شايد لڪايا اٿس. مگر ڀانئجي ٿو ته سندن مکيه اصول اهي آهن جي مٿئين تقرير ۾ بيان ڪيل آهن. هيئن به آهي ته سڀڪنهن فرقي ۾ ڪي جاهل جوشيلا به هوندا آهن جيڪي حد کان ٻاهر لنگهي ويندا آهن ۽ پنهنجي فرقي کي بدنام ڪندا آهن. مان فقط ايترو چوندس ته وهابين جاڪي اصول سهڻا به آهن. هو بدعتن کي ڌڪاريندڙ، شرڪ کان سو ڪوهه پري ڀڄندڙ ۽ ڪتاب الله ۽ سنت رسول اللهﷺ ڏي رجوع ڪندڙ آهن ۽ غير مقلد ٿا ڏسجن. غلطيون منجهن به آهن پر غلطين کان خالي ڪير آهي؟ الله تعاليٰ شال کين ۽ اسانکي هدايت ڏئي.
    تقرير ۾ هڪڙي ڳالهه جيڪا مون مٿي به ڪنهن باب ۾ بيان ڪئي آهي ته جتي جتي ڪي چڱا پڙهيل عالم آهن ۽ اسلام جي لاءِ ڪوشش ٿا ڪن سي وهابي ٿا سڏيا وڃن. تازو هڪ مولوي صاحب جيڪو وهابين جو سخت مخالف آهي تنهن گفتگو ڪندي فرمايو ته جيڪو به گهڻو علم ٿو پڙهي سو وهابي ٿيو پوي. مون چيو ته مولوي صاحب توهان سنوان سڌا ماڻهون آهيو جو قبول ڪري چڪا آهيو ته جيڪي وهابي ٿا سڏجن تن کي علم گهڻو آهي. مگر پنهنجي ئي زبان مبارڪ سان اهو به قبول ڪري چڪوءُ ته هو حق تي آهن. ڇو ته گهڻو علم حق تي پهچندو نه ڪي باطل تي. هاڻي يا ته چئو ته اُهي جن کي وهابي ٿا سڏين سي گهڻي قدر حق تي آهن يا چئو ته گهڻو علم پڙهڻ چڱو ناهي. پوءِ ته انهيءَ پهاڪي جي به مخالفت ڪرڻي پوندي ته نيم ملان خطره ايمان.
    تازو ڪالهه شام جو تاريخ 9 جون 1931 تي هڪڙي حاجي صاحب سان ملاقات ٿي جيڪو تازو حج ڪري آيو آهي. مون پڇيس ته حجاز جا عرب شريف حسين جي ڏينهن ۾ وڌيڪ خوش هئا يا هاڻوڪي ملڪ ابن سعود جي ڏينهن ۾؟ جواب ڏنائين ته ابن سعود جي ڏينهن ۾ ڏاڍا رنج آهن. ڇو؟ وراڻيائين: قبن ڊهرائڻ جي ڪري. ڀلا ٻي به ڪا شڪايت ڪن ٿا. چي ٻي خبر مونکي ڪانهي. ڀلا اخلاقي ۽ مالي حالت سڌري اٿن؟ يا خراب ٿي اٿن. چي مونکي خبر ڪانهي، باقي هيترو آهي ته امن امان ڏاڍو آهي. ڀلا نجدي ڪيئن آهن؟ چي مٿي ڦريل آهن ۽ رسول الله ﷺ کي نٿا مڃين ڪلمون به ڪونه ٿا پڙهن. مون چيو ته ٻيا حاجي ته چون ٿا ڪلمون به پڙهن ٿا ۽ صلوات سڳوري به پڙهن ٿا، پر توهان ڪيئن ٿا چئو ته رسول الله ﷺ کي نٿا مڃين. چي زيارتون ڪرڻ نٿا ڏين ۽ روضي مبارڪ جي ويجهو به وڃڻ نٿا ڏين. مون پڇيو ته جيڪڏهن رسول الله ﷺ کي نٿا مڃن ته پاڻ کي مسلمان ڪيئن ٿا ڪوٺائين ۽ ڪنهن کي ٿا مڃين ۽ ڪنهن جي شريعت جي پابندي ٿا ڪن. ڪورٽن ۾ فيصلا وغيره ڪهڙن قانونن سان نبيريا ٿا وڃن. جواب ڏنائين ته شريعت محمدي جا ته سخت پابند آهن. نماز، روزا، زڪوات وغيره بلڪل باقاعدي ادا ڪندڙ آهن ڪورٽن ۾ شريعت موجب فيصلا ڪيا ٿا وڃن. پوءِ مون کيس سمجهايو ته اسلام ته اهو ئي آهي ۽ رسول الله ﷺ کي مڃڻ جي معنيٰ آهي سندس حڪمن تي هلڻ. مون هيئن به چيو ته زيارتن کون منع نه ڪندا هوندا مگر بدعتن ۽ شرڪ جي رسمن جي منع ڪندا هوندا ۽ انهيءَ انديشه جي ڪري ڪن هنڌن تي وڃڻ نه به ڏيندا هوندا. مان مڃان ٿو ته هو انهيءَ ۾ ڪجهه قدر غلطي به ٿا ڪن ۽ کين قبا ڊاهڻ به نه گهربا هئا پر انهيءَ ڪري ائين ڪونه چئبو ته هو اسلام کان ڦريل آهن ۽ رسول الله ﷺ کي نٿا مڃين. توهان مهرباني ڪري ٻڌايو ته ڪهڙا اسلامي ملڪ آهن جنهن جي ڪورٽن ۾ ايتري قدر شريعت تي فيصلا ٿا ٿين جيتري قدر حجاز ۽ نجد ۾؟ ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو نماز روزن وغيره ۾ نجدين کان وڌيڪ عامل آهن؟ ڪهڙي ملڪ ۾ زنا، چوري، نشو، جوابازي، ڪوڙ، ٺڳي، ظلم، جهيڙا فساد ۽ حق غضبي نجد کان گهٽ آهي؟ پوءِ حاجي صاحب کي چيم اسان سنڌي ماڻهو پاڻ ۾ عيبن جا مڻ به نه ڏسي سگهندا آهيون مگر ٻين ۾ رتيءَ جو عيب ڏسي انکي جبل بڻائي ڇڏيندا آهيون. ڪهڙي نه ارمان جي ڳالهه آهي جو هڪ سچي قوم کي ڪن ٿورين غلطين سببان اسلام کان ڦريل ۽ رسول الله ﷺ کي نه مڃيندڙ سمجهجي ۽ ناحق کين بدنام ڪجي. فراخدلي ۽ انصاف اهو آهي ته هننجي غلطين بداعتقادن ۽ بدعملن کي به مشهور ڪجي پر ان سان گڏ هننجي نيڪين جو به اعتراف ڪجي.
    هڪڙي مولوي صاحب فرمايو ته وهابي شريعت تي هلندڙ آهن پر رسول اللهﷺ سان سخت دشمني اٿن ڇو ته نماز ۾ به رڳو فرض پڙهندا آهن ۽ سنتون ترڪ ڪندا آهن. هي به هڪ عجيب منطق آهي. سنتون رسول الله ﷺ واسطي ٿيون پڙهجن ڇا؟ جي هائو ته اهو ته نسورو ڪفر آهي ڇو ته عبادت فقط الله تعاليٰ جي لاءِ ڪرڻي آهي. پر جيڪڏهن انهيءَ خيال سان نٿا پڙهن ته انهيءَ وڌيڪ نماز لاءِ الله تعاليٰ حڪم ڪونه ڪيو آهي پر اسان جي دشمن رسول الله ﷺ پنهنجي طرفان سيکاري آهي تنهنڪري ان جي مخالفت ڪيون. ته پوءِ چئبو ته اهڙا ڀوڪ آهن جو پنهنجو فائدو ڇڏي يا پنهنجو نقصان سهي به رسول الله ﷺ سان وير ٿا پاڙين. پر اڃا به وڌيڪ ڀوڪ آهن جو سمجهن ٿا ته ان مخالفت مان ڪو رسول الله ﷺ کي نقصان رسندو. پر وڏي ڳالهه اڃا به هيءَ آهي ته خدا پنهنجا احڪام ڪنهن ڏي موڪليا ۽ ڪنهن الله تعاليٰ جا احڪام پهچايا ۽ سيکاريا. جڏهن نجدين کي رسول الله ﷺ سان عداوت آهي ته وڌيڪ عداوت الله تعاليٰ سان هئڻ گهرجين جنهن سندن دشمنن کي رسول بنائي کيس وحي موڪليو. بلڪ هن حالت ۾ ته کين مڃڻ ئي نه گهرجي ته ڪو سندن دشمن ڏي وحي ايندو هو بلڪ کين اعلان ڪرڻ گهرجي ته اهو قرآن شريف يا ته الاهي ڪلام ئي ناهي، اهو سندن ڪنهن پڙڏاڏي تي نازل ٿيو هو.
    اهو ساڳيو مولوي صاحب رسول الله ﷺ جي محبت جو ڏاڍو دم هڻندو آهي ۽ جڏهن رسول الله ﷺ جي شان بابت وعظ ڪندو آهي ته ڏاڍا عجيب قصا ۽ سڪ ڀريل قصيدا پڙهندو آهي. کيس اها خبر هئڻ گهرجي ته سچي سڪ آهي سندس حڪمن تي هلڻ نه زباني ڦٽاڪا ڇوڙڻ. سچو دوست ته انهيءَ کي چئبو آهي جو ڪم اچي، نه اهو جو رڳو دوستيءُ جو دم هڻي.
    مٿين ٻن ٽن مثالن جو مقصد هي آهي ته ماڻهن کي خبر پوي ته ڪهڙن ڪهڙن نمونن سان وهابين ۽ غير مقلدن کي بدنام ڪيو ٿو وڃي.

    وهابين يا غير مقلدن جا عقيدا
    مان اڳي چئي چڪو آهيان ته وهابين جي عقيدن جي مونکي گهڻي خبر ڪانهي. مون فقط سنڌي ڪتاب توحيد اسلام پڙهيو آهي جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته وهابيت جي فاسد عقيدن سان ڀريو پيو آهي. ۽ پڻ حافظ وهبه جي تقرير پڙهي اٿم جنهن تقرير جو انتخاب اڳئي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي. پر انهن کان سواءِ ٻيو هڪڙو ڪتاب پڙهيو اٿم جنهن ۾ وهابين اهل حديث ۽ غير مقلدن جي عقيدن جي ترديد ڪيل آهي. خدا ڄاڻي ته سچ پچ اهي عقيدا وهابين جا آهن يا نه پر فرض ڪيو ته آهن. انهيءَ ڪتاب مان ڪي عقيدا چونڊي انهن تي آءُ ڪي ريماڪ ڏيان ٿو.
    وهابين تي پهريون الزام هي آهي ته هو تصوف جي چئن طريقن جا منڪر آهن. مونکي خبر ناهي ته اهي چار طريقا ڪهڙا آهن پر جيڪڏهن اهي طريقا اهي ئي نمونا سيکارين ٿا جيڪي مون اڳئي تصوف جي باب ۾ بيان ڪيا آهن ته سچ پچ اُهي مون کي ته چڱا ڪونه ٿا لڳن. پر سمجهو ته اُهي طريقا ٻيا آهن ته به سوال آهي ته اُهي طريقا رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جا آهن يا پوءِ نڪتل آهن. جيڪڏهن پوءِ نڪتل آهن ۽ ڪو ماڻهو انهن کان انڪار ڪري ته انهيءَ کي ڇو فاسق ڪوٺڻ گهرجي. رسول الله ﷺ ۽ صحابن سڳورن جي طريقن تي هلڻ ڪافي ناهي ڇا؟
    ٻيو الزام آهي ته وهابي چئن مذهبن جي تعليم کان انڪار ٿا ڪن. مان ته ڀانيان ٿو خود نجدي به انڪار ڪو نه ٿا ڪن ۽ اهو امام ابن حنبل جو مذهب ٿا رکن. پر فرض ڪيو ته هو تسليم نٿا ڪن پر ان جي بدران قرآن شريف تي ۽ رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي عملن ۽ اقوالن تي عمل ٿا ڪن. پوءِ اُن کي ڇو ٿو خراب سمجهيو وڃي. رسول ﷺ جن پنهنجي آخري حج (حجته الوداع) واري خطبي ۾ فرمايو ته: جيستائين قرآن شريف کي مضبوط جهليندؤ تيستائين گمراه نه ٿيندؤ. مگر سوال هي آهي ته وهابي قرآن شريف ۽ حديثن جي صحيح معنيٰ ٿا ڪن يا غلط. جيڪڏهن غلط ٿا ڪن ته ثابت ڪري ڏيکارجي. ٻيو سوال هي آهي ته وهابي پنهنجون معنائون ٿا ٺاهين يا اڳوڻن تفسيرن تي ٿا هلن. جيڪڏهن اڳوڻن تفسيرن تي ٿا هلن ته ڪهڙن تي ۽ اهي معتبر آهن يا نه.
    ٽيون الزام آهي ته اوليائن جي ڪرامتن (خرق عادت) کان انڪار ٿا ڪن. ڪرامتن ۾ جيڪڏهن اهو اعتقاد رکجي ته ڪنهن به انسان پيغمبر خواه ٻئي کي خرق عادت ڪرڻ جي سڌيءَ طرح طاقت آهي ته شرڪ ۽ ڪفر آهي ۽ جيڪڏهن وهابي انهيءَ اعتقاد جي خلاف آهن ته هو حق تي آهن. پر جيڪڏهن اهو اعتقاد رکجي ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪنهن به ٻانهي جي هٿان خرق عادت جهڙو ڪم ظاهر ڪرائي ٿو ته پوءِ اهو عقيدو مون کي چڱو ٿو ڏسڻ ۾ اچي. خبرناهي ته وهابي اهو عقيدو پسند ڪن ٿا يا نه. پر سچ هيئن آهي ته الله تعاليٰ ڪو وري خرق عادت جو ڪم پنهنجي ڪنهن ٻانهي هٿان ظاهر ٿو ڪرائي، پر جيڪڏهن ڪرائي ٿو ته ڪنهن به انسان بلڪ ٻار ۽ مست جي هٿان به ڪرائي ٿو. اڃان به چئجي ته بيجان شيءَ جي وسيلي به الله تعاليٰ پنهنجي قدرت جو نظارو پسائي ٿو. مثلن حديث آهي ته رسول الله ﷺ جن مسجد نبوي جي هڪ ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي خطبو ڏيندا هئا. پوءِ جڏهن هنکي ڇڏي منبر تي چڙهي وعظ ڪيائون تڏهن ٿنڀ منجهان غمناڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. تنهنڪري هي چوڻ ۾ اچي ٿو ته ولين کي سندن ڪرامتن کي مڃڻ گهرجي سو ڇو. دلين تي ڪا خاص مهر لڳل آهي ڇا جنهن سان سمجهي وٺون ته فلاڻا ولي آهن باقي ٻيا چور آهن. ولين جي ڪرامتن کي مڃڻ ايمان جو جزو آهي ڇا؟ درحقيقت اُهي سڀ انسان جي دل جي اخلاص سان اسلام جيڪي سمجهڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن سي سڀ الله تعاليٰ جا پيارا آهن پوءِ انهن کان خرق عادت جهڙو عمل ظهور ۾ اچي توڙي نه اچي ۽ اسان کي خبر پوي توڙي نه پوي ته هو نيڪ ٻانها آهن يا نه آهن. ولين ۽ سندن ڪرامتن کي مڃڻ تي جو ايترو زور ڏنو ٿو وڃي سو رڳو انهيءَ لاءِ ته ماڻهو اسان کي پيرين پون ۽ جيئن کين چئون تيئن ڪن ۽ پنهنجو گهر ٻهاري اسانجي عيش عشرت جو سامان موجود ڪن. ڪيترائي بزرگ اڻ سڌيءَ طرح پاڻکي اولياءِ ۽ ڪرامت جا صاحب ٿا چوائين حالانڪ حضرت عمر رضي الله ۽ امام اعظم جهڙا ڀلارا صاحب به خدا جي خوف ۾ڏڪندا ويا.
    چوٿون الزام هي ڏنو وڃي ٿو ته وهابي نيڪ روحن کان مدد گهرڻ کي شرڪ ٿا سمجهن ۽ اهل مماتي وارن کان مدد گهرڻ ۽ کانئن ثواب حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن. سورت فاتح ۾ آهي ته اياڪ نستعين يعنيٰ اي الله سائين اسان فقط تو کان ئي مدد ٿا گهرون. جيڪڏهن اها معنيٰ پوري آهي ته پوءِ وهابي حق تي آهن. جيڪڏهن اها پوري ناهي يعني معنيٰ فقط اها آهي ته اي الله سائين! اسان توکان مدد ٿا گهرون ته پوءِ ڏسجي ته ڪو ان بابت رسول الله ﷺ جو صحيح قول موجود آهي يا نه. ڀانئجي ٿو ته آهي ئي ڪونه. پوءِ ڏسجي ته ان بابت اصحابن سڳورن جو عام فعل ڪهڙو هو. خلفائي راشدين جي وقت ۾ اصحاب سڳورا يا ٻيا مسلمان دور دور کان مسافري ڪري روضي مبارڪ وٽ پهچي کانئن مدد گهرندا هئا ڇا؟ يا گهر ويٺي ئي رسول الله ﷺ کي پڪاري مدد گهرندا هئا ڇا؟ مونکي پورو علم ڪونهي مگر مان نٿو ڀانيان ته هو ائين ڪندا هوندا. گهڻو گهڻو ته ائين ڪيو هوندائون جو گهر ويٺي سوال ڪيو هوندائون ته اي الله سائين طفيل پنهنجي پاڪ پيغمبر جي منهن جي هي مراد پوري ڪر. جيڪڏهن روضي مبارڪ وٽ انهيءَ نموني سوال ڪيو هوندائون ته نه رڳو انهيءَ لاءِ خاص طرح سيڙجي قيمتي وقت ۽ پيسا خرچ ڪري اهل اولاد کي ڇڏي جان تڪليفن ۾ وجهي دور کان مسافري ڪري ڪو آيا هوندا ته وڃي رسول الله ﷺ جي روضه مبارڪ وٽ پٽ لاءِ ڳاڙهي ڪنوار لاءِ سوال گهرون. جيئن اڄ ڪلهه قلندر شهباز ۽ شاه گودڙئي تي پري پري کان هجوم ماڻهن جا اچي ٿا گڏ ٿين. ائين هرگز خلفائي راشدين جي وقت ۾ مسلمانن ڪونه ڪيو هوندو. ڇو ته الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر آهي ۽ سڀڪنهن هنڌ سوال ٻڌي ٿو. تازو صحيح بخاري ۾ پڙهيو اٿم ته سفر فقط ٽن مسجدن ڏي ڪرڻ جائز آهي 1. بيت الحرام 2. بيت المقدس 3. مديني ۾ مسجد نبوي ڏانهن. هن مان ثابت ٿيو ته ڪنهن به مقبري يا خاص طرح روضي مبارڪ لاءِ سفر ڪرڻ جائز ناهي. بيشڪ انهيءَ نموني سوال ڪرڻ گهرجي ته رسول الله ﷺ جي طفيل منهنجي هيءَ دعا قبول ڪر. نڪي شرڪ آهي نڪي خراب آهي. پر مون کي گمان آهي ته اصحاب سڳورن ائين به ڪو ورلي ڪيو هوندو. ڇو ته الله تعاليٰ سڌي طرح سڀڪنهن جو سوال ٻڌندڙ آهي. جيڪڏهن منهنجو اهو گمان سچو آهي ته پوءِ بهتر طريقو اهو آهي جو اصحابن سڳورن جو هو. يعني رسول الله ﷺ تي صلوات پڙهي پوءِ رب تعاليٰ جي درگاه ۾ التجا ڪرڻ. پر جيڪڏهن دعا گهرجي ته اي الله تعاليٰ مونکي رسول ﷺ جي طفيل هدايت ڪر ۽ جنت نصيب ڪر ته پوءِ ان جي معنيٰ وري بلڪل ٻي ٿي نڪري. يعنيٰ انجو مطلب آهي ته مونکي رسول ﷺ جي طريقي (اسلام) جي هدايت ڪر ۽ سندس پيروي ڪرڻ جي توفيق ڏيئي جنت جو حقدار ڪر. اها دعا ته سڀ کان سهڻي آهي. والله اعلم بالصواب.
    پنجون الزام هي آهي ته وهابي ڏهي، چاليهي ۽ سالياني جي خلاف آهن. مونکي خبر ناهي ته ڏهو چاليهو يا ساليانو ڇا آهن فقط اها خبر اٿم ته رمضان مبارڪ جي پوين نون يا ڏهن ڏينهن ۾ مسجد ۾ ويهي اعتڪاف ڪبو آهي ۽ رسول الله ﷺ جن پنهنجي پوئين رمضان ۾ ويهن ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو هو. پر جيڪڏهن اصحاب سڳورا ڏهو، چاليهو ۽ ساليانا ڪندا هئا ته پوءِ وهابي مردود چئبا جو اصحابن سڳورن جي طريق عمل کان منهن ٿا موڙين. پر صحيح بخاري ۾ ڏهي، چاليهي ۽ سالياني جو باب ئي ڪونه ٿو لڀي. متان ڪانڌپي ۽ جماڻن وانگر ڏها، چاليها ۽ ساليانا به ملن پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٺاهيا آهن؟
    ڇهون الزام وهابين تي هي ٿو لڳايو وڃي ته وهابي شفاعت کان انڪار ٿا ڪن. مان ڀانيان ٿو ته شفاعت کان انڪار ڪونه ڪندا هوندا، مگر ان جي سمجهاڻي اسانجي سنڌ جي مولوين صاحبن جي خيالن سان موافق نه هوندي. هن بابت مان اڳئي ڪجهه لکيو آهي. وڌيڪ لکڻ جو ضرور ڪونهي. شايد وهابي چون ٿا ته رسول ﷺ جن شفاعت تڏهن ڪندا جڏهن کين اذن (اجازت) ملندي ۽ اسانجا مولوي صاحب فرمائين ٿا کين اذن اڳئي مليل آهي. ان جو فيصلو رسول الله ﷺ جي قولن يا مشهور اصحابن سڳورن جي متفق راءِ موافق ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهڙو قول يا متفق راءِ موجود ڪونه هجي ته اجايو مغز ڇو کپائجي. انهيءَ سوال جو جواب ڪهڙو به هجي سڀڪنهن حالت ۾ اسانکي ته ضرور گناهن کان پرهيز ڪرڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي دائمي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
    ستون الزام هي آهي ته وهابي رسول الله ﷺ جي روضي مبارڪ جي زيارت لاءِ سفر ڪرڻ کي حرام ٿا سمجهن. زيارت ڪرڻ ته چڱو ڪم آهي باقي خاص طرح فقط زيارت لاءِ سفر ڪري مديني منور ۾ پهچڻ تنهن بابت به رسول الله ﷺ جيڪو قول صادر فرمايو ۽ اصحابن سڳورن جي قول ۽ فعل موافق پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن قول ۽ فعل موجود ڪونهي ته انهيءَ بابت بحث مباحثي ڪرڻ جو ضرور ڪونهي ۽ هروڀرو دور کان مسافري جي تڪيلف ۽ خرچ ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. نه ته به اعتدال کان ٻاهر نه وڃجي. گهڻائي ڪم چڱا آهن پر انهن چڱن ڪمن ۾ به حد کان ٻاهر وڃڻ نقصان ڪار آهي. اسلام موجب سڀ ڪم ۾ اعتدال کان ڪم وٺجي. هڪڙي ڳالهه ڪندا آهن ته ٿورا ورهيه ٿيا ته هڪڙو رواجي ماڻهو مدينه منور پي ويو. جڏهن اٺ تان روضي مبارڪ جي نيلن تي نظر پيس تڏهن اٺ تان لهي وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندي ڀڄندي روضه مبارڪ وٽ ته پهتو پر اتي وڃڻ سان دم ڏنائين. عام ماڻهو ان شخص جي انهيءَ فعل جي بيحد تحسين ٿا ڪن ۽ کيس ولي ۽ شهيد ٿا چون. ڀانئجي ٿو ته هئو به جاهل. جيڪڏهن جاهل هو ته رسول الله ﷺ جي سڪ ڪيئن ٿيس. سڪ ته انهيءَ کي هئڻ گهرجي جنهن کي رسول الله ﷺ جي اوصافن ۽ اخلاقن ۽ نيڪ عملن جي خبر هجي. پر سمجهو ته ڪنهن کي سچي سڪ به آهي ۽ انهي سڪ جي ڪري روضي مبارڪ جي زيارت لاءِ به وڏي سڪ سان ٿو وڃي ته به ايتري قدر اعتدال کان ٻاهر وڃڻ جو سر به هليو وڃي، سو اسلام جي تعليم کان ٻاهر آهي. توهان چوندؤ ته هن جو ڏوهه ڪهڙو؟ هو سڪ جهلي نه سگهيو. اها ڳالهه ٺيڪ آهي. سندس ڏوه برابر ڪونهي پر سندس جهل جو ڏوه ته آهي. کيس علم ۽ عقل هجي ها ۽ اسلام جي تعليم جي خبر هجي ها ته سمجهي ها ته سچي سڪ آهي رسول الله ﷺ جي پيروي ڪرڻ آهي پاڻ ﷺ جن فرمايو آهي ته جيڪي چڱا عمل ڪندا پوءِ ڪٿي به هجن سي مرڻ بعد مون سان ائين گڏ هوندا جيئن منهنجون آڱريون هڪ ٻئي کي ويجهيون آهن.
    اٺون الزام هي لڳايو ٿو وڃي ته وهابي لفظ ”يا رسول الله“ سان ندائي غئب ڪرڻ کي حرام ٿا سمجهن. اسانکي لفظن سان ته ڪم ڪونهي پر انهن جي مفهوم سان ڪم آهي. التحيات ۾ به يا ايهالرسول چئجي ٿو. ڪن لکيو آهي ته التحيات ۾ ڀلي چئجي مگر هونئن نه چئجي. اهڙيون فتوائون اڳوڻن عالمن جون به لکيون اٿن. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اسلام جو علم سچ پچ ماڻهن کي هجي ته پوءِ يا رسول الله چوڻ ۾ حرڪت ئي ڪونهي پر علم نه هئڻ ڪري لفظ مان گهڻا ماڻهو اهڙي معنيٰ وڃي ٿا ڪڍن جو رسول الله ﷺ کي هر جا حاضر ناظر ۽ سڏ ٻڌندڙ ۽ مجيب الدعوات ٿا سمجهن. مگر اهي صفتون خاص الله تعاليٰ جي لاءِ آهن.
    نائون الزام هي آهي ته وهابي چون ٿا ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن کي به تعظيم ڏيڻي نه آهي. تعظيم ٻي ڳالهه آهي ۽ عبادت ٻي ڳالهه آهي. تعظيم والدين کي، استاد کي، نيڪن ۽ بزرگن ۽ عالمن وغيره کي به ڏيڻي آهي. خود نجدي به پنهنجي بادشاه کي تعظيم ڏيندا هوندا ۽ حجر اسود کي چمي ڏيندا هوندا. حديث شريف ۾ آهي ته، اکرموا اولاد کم- پنهنجي اولاد کي عزت ڏيو. قرآن شريف ۾ آهي، وَ مَنْ یُّعَظِّمْ شَعَآئِرَ اللهِ فَاِنَّہَا مِنْ تَقْوَی الْقُلُوْب- يعني جيڪو الله تعاليٰ جي نشانين جي تعظيم ٿو ڪري ته پوءِ اها تعظيم تقويٰ ۽ پرهيزگاري آهي. پر هن آيت جو مطلب آهي ته جيڪي سچ پچ الله تعاليٰ جون نشانيون آهن انهن جي تعظيم ڪجي نه انهن جي جيڪي انسانن خلفاء راشدين بعد ٺاهيون يا رواج ۾ آنديون. مثلا شعائر الله مون قبن جي معنيٰ نه وٺجي. الله تعاليٰ ۽ رسول مقبول ﷺ ڪونه سيکاريو ته قبا ٺاهيو ۽ انهن جي تعظيم ڪيو. قبا خلفاء راشدين کان پوءِ ٺهڻ ۾ آيا ۽ قبن به نسبت اڳئي مان ڪجهه لکيو آهي. وڌيڪ لکڻ جو ضرور ڪونهي.
    ڏهون الزام وهابين تي هي آهي ته هو نٿا مڃن ته ڪو اهل مماتي وارا ٻڌي سگهن ٿا. مون پڙهيو آهي ته خود بي بي عائشه  تنهن به ائين فرمايو آهي. تنهن هوندي به مان ڀانيان ٿو ته گهڻن اصحابن جي راءِ آهي ته مئا ٻڌن ٿا. مگر اصحاب سڳورا اهڙن مسئلن کي ڪجهه وزن نه ڏيندا هئا. مگر پوءِ اهڙو زمانو آيو جو سوين مسئله پيدا ٿي پيا. مثلن قدر و جبر جو مسئلو ۽ اُهو مسلئو ته قرآن شريف قديم آهي يا احادث وغيره وغيره. انهن تي ايترو ته زور ڏنو ويو جو وڏا وڏا امام ننڍڙن اختلافن سببان فسق ۽ ڪفر جون فتوائون ڏيڻ لڳا. مگر امام اعظم سڳوري بار بار اعلان ڪيو ته ڪو به اهل قبله ڪافر ناهي سڀ ڪو اهل قبله مسلمان آهي. اڄوڪي زماني ۾ خسيس مسئلن تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو. اُٰهي مسئلا جيڪڏهن قرآن شريف يا حديث مان چڱي طرح ثابت ٿي سگهن ته جيڪر اختلاف ڇو هجي. وهابي شايد نه ٿا مڃن ته اهل مماتي وارن کي شعور يا ادراڪ آهي. يعني هو نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن ته دنيا ۾ ڇا ڇا ٿو هلي ۽ هو دنيائي امورن ۾ ڪو دخل ڏيئي نٿا سگهن نڪو مدد ڪري ٿا سگهن. مکيه سوال اهو آهي ته هنن کان مدد گهرجي يا نه تنهن به نسبت مان اڳئي گهڻو ڪجهه لکيو آهي وڌيڪ لکڻ مناسب نه ٿو لڳي.
    ٻيا به گهڻائي الزام وهابين تي لڳايا ٿا وڃن. مان اڳئي لکيو آهي ته مان وهابين جا ڪتاب ڪونه پڙهيا آهن. خبر ناهي ته اُهي سچا آهن يا نه. جيڪڏهن سچا آهن ته خبر نه آهي قطعي انڪار ٿا ڪن يا ڪي شرط اُنهن سان لاڳو ٿا ڪن. جيڪڏهن قطعي انڪار ٿا ڪن ته خبر ناهي ته پنهنجي خيالن جي تائيد ۾ ڪهڙا عقلي ۽ نقلي دليل پيش ٿا ڪن. اگرچ مونکي اهو علم هجي ته به مان ضعف ڪم علم ڪيئن قطعي فيصلو ڏيئي سگهندس. ايام گذري ويا آهن ته وڏا وڏا عالم به فيصله ڪري نه سگهيا آهن ۽ مخالفن کي وسهائي نه سگهيا آهن.
    فقط هڪڙي ڳالهه ڏسجي ٿي ته وهابين جو زور گهڻو ڪري اُنهن عملن تي ڏسجي ٿو جن مان قوم جي ترقيءَ جو امڪان آهي. هو اها به دعويٰ ٿا ڪن ته اسان ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله تي عمل ڪندڙ آهيون. هنن جا خيال ۽ سمجهه ڪيترو به غلط هجن پر مان ائين ڪو نه ٿو سمجهان ته هو اها دعويٰ منافقي طور ٿا ڪن. جيڪڏهن هو سچ پچ ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهن پر انهن جي سمجهڻ ۾ غلطيون ٿا ڪن ته چئبو ته منجهن اخلاص نه آهي. اخلاص هڪ نهايت ضروري ۽ اعليٰ گڻ آهي. رڳو اخلاص سببان ڪنهن کي به منافق سڏڻ بلڪل نا روا آهي. وهابين ۽ غير مقلدن کي اڪثر ڪري منافق، رهزن، غارتگر وغيره وغيره سڏيو ٿو وڃي اُن مان قوم جي ترقي ته ڪا نه ٿيندي اٽلندو بگاڙو ٿيندو.
    مون وهابين جي بيان ۾ گهڻا پنا ڪارا ڪيا آهن سندن بيان مان منهنجو مقصد طرفداري ناهي. مان سندن وڪيل ڪو نه آهيان. نڪا سندن پگهار ٿو کڻان. مان اهو سڀ بيان هيٺين ڳالهين ڏيکارڻ لاءِ ڏنو آهي.
    (1) وهابي يا غير مقلد بدعتن ۽ شرڪ جي بدرسمن ڪڍڻ تي ايترو جوش ۾ اچي ٿا وڃن جو حد کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ سخت بلڪ غلط الفاظ ۽ خيال به ڪم ٿا آڻين.
    (2) ساڳيءَ طرح غير وهابي يا مقلد به وهابين يا غير مقلدن جي مخالفت ۾ ايتري قدر حد کان ٻاهر ٿا وڃن جو بدعتن ۽ شرڪ جي بدرسمن جي پاڙ پٽڻ بدارن انهن جي تائيد ٿا ڪن.
    (3) ڪو به فرقو نڪي غلطين کان خالي آهي نڪي چڱاين کان خالي آهي.
    (4) سڀ ڪنهن مسئلي کي ٻه پهلو آهن. ٻنهي طرفان دليل ڏيئي ٿا سگهجن. پر ضديت ڦٽي ڪري سچائي سان حق کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪجي ته الله تعاليٰ حق جي راه تي آڻيندو. اڪثر ڪري جن مسئلن به نسبت اختلاف آهي سي ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا بلڪل فروعي يا خسيس يا بيسود آهن. اُنهن تي مغز نه کپائجي. ٻيا اُهي آهن جن تي عملن ۽ ترقي جو مدار آهي اُنهن به نسبت رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جو فعل سند ڪري وٺجي ۽ اُنهن جي پيروي ڪجي.
    (5) تعصب ۽ بدگوئي ڦٽي ڪجي. ٻين جي عيب جوئي ڪرڻ بدران پنهنجي قوم جي اصلاح تي سڄي طاقت صرف ڪرڻ گهرجي.


    تبليغ

    اسان جا پير صاحب فخر سان چوندا آهن ته اسان خدا جي خلق کي فيض ويٺا رسايون، ۽ واعظي مولوي به خوش هوندا ته اسان امر با المعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪري ماڻهن کي اسلام ڏي سڏڻ ۾ ڪين ٿا گهٽايون.
    رواجي پير صاحبن جا افعال مان هت بيان ڪيان ته هڪ ڪتاب ٺهي وڃي ۽ اسان مسلمانن کي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرڻو پوي ۽ غير مسلمان اسان تي ٽوڪون ڪن ۽ کلن ته واه توهان جا رهبر! سو اهڙن پيرن جو بيان ڪرڻ اجايو آهي، ڇو ته سندن ڪرتوت عالم آشڪار آهن. اسان هت انهن پيرن لاءِ ٿا لکون جيڪي ڪجهه چڱيرا آهن. مهرباني ڪري ڪو ٻڌائي سگهندو ته انهن پيرن ڪيتري قدر دنيا کي فيض رسايو آهي. خصوصن هيٺيون احوال گهرجي:
    1) پير صاحب جو نالو ۽ سندس علمي لياقت.
    2) ڪيترا غير مسلمان سندس ڪوشش سان اسلام تي آيا؟
    3) مسلمانن مان ڪيترن عام مسلمانن يا سندن مريدن سندس ڪوشش سان علم شروع ڪيو يا پنهنجي اولاد پٽن خواه نياڻين کي پڙهڻ وهاريو؟
    4) ڪيترن زانين زنا ڇڏي؟
    5) ڪيترن نشو ڪندڙن نشو ڦٽي ڪيو؟
    6) ڪيترن چوري ڪندڙن چوري ڦٽي ڪئي؟
    7) ڪيترن زميندارن، مريدن، چورن جي سنگت ۽ رشوت وٺڻ يا ڏيڻ ترڪ ڪئي؟
    8) ڪيترن جوارين جوا کان توبهه ڪئي؟
    9) ڪيترن بي نمازين ۽ بي روزائتن نماز ۽ روزي کي استقلال سان قائم ڪيو؟
    10) ڪيترا ظالم ۽ جڳهڙائي ظلم ۽ فساد کان باز آيا؟
    11) ڪيترن مريدن جو نالو لسٽ تان لاٿو ويو جن سندن فرمان موجب بد اخلاقيون نه ڇڏيون يا چڱا حڪم علم وغيره بابت عمل ۾ آندا؟
    12) ڪيترا ڀيرا پير صاحب اعلان ڪيو ته جنهن جو ڪو به حق منهنجي ڪنهن مريد ڏي رهيل هجي ته اهو مون وٽ اچي ته مان کيس وٺي ڏيان ته متان منهنجو پيارو مريد قيامت جي ڏينهن بازپرسي هيٺ اچي؟
    13) پير صاحب ڪيترا مڪتب ۽ مدرسه کولايا ۽ انهن ڪيتري ترقي ڪئي؟
    14) پير صاحب ڪيتريون انجمنون قائم ڪيون ۽ زڪوات جو ڪهڙو انتظام رکيو جن مان قوم جي بهتري جا ڪم ڪيا ويا؟
    15) پير صاحب ڪيترا مسلمان تجارت تي آماده ڪيا؟
    16) ڪهڙيون بدعتو، بدرسمون ۽ توهمات پنهنجي مريدن مان ڪڍيائين؟
    17) مريدن ۾ خاص طرح ڪهڙو روح ڦوڪيائين ۽ ڪهڙا خاص اخلاق يا گڻ پيدا ڪيائين؟
    18) ڪيترا اسلامي ڪتب خانه قائم ڪيا ويا؟ وغيره.
    جيڪي مولوي صاحب واعظ ڪن ٿا تن کان به ساڳيا سوال پڇي سگهجن ٿا، جن جي جوابن مان خبر پوندي ته سندن وعظ جو نتيجو ڪيترو نڪتو آهي. ٿوري وقت کان وٺي ڪي مولوي چڱيرا وعظ ڪرڻ سکيا آهن، مگر اڃان سودو رواجي عالمن جو وعظ اهڙو آهي جو اسلام سيکارڻ بدران گمراهي ٿا سيکارين ۽ ترقي جي بدران تباهي ٿا آڻين. مان فقط ٻه مثال پيش ٿو ڪريان.
    هڪڙي ڏينهن ڪنهن مسجد ۾ جمع نماز پڙهڻ ويس. ٻن وڏن عالمن جي حاضريءَ ۾ ٽئين عالم وعظ شروع ڪيو. قرآن شريف کولي هڪ آيت پڙهيائين بلڪ آيت جو ڪو ڀاڱو پڙهيائين. ان جي معنيٰ تمام مختصر ٻڌايائين پر مون کي ته سمجهه ۾ ڪانه آئي. ڏسڻ ۾ ته ائين آيو ته رڳو رسم پوري ڪرڻ لاءِ قرآن شريف کولي آيت پڙهيائين نه ته سندس ڌيان ان آيت ڏي بلڪل ڪو نه هو. هڪ ئي منٽ ۾ ان آيت کي ڦٽي ڪري ڪي قصا شروع ڪيائين جن جو ان آيت سان ڪو به تعلق ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو. ٽي قصا بيان ڪيائين. ٽن مان هڪ وسري ويو اٿم باقي ٻه ناظرين جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو:-
    1 - هڪ زاهد شخص بليشا نالي جهنگل ۾ اڪيلو ويهي عبادت ڪرڻ لڳو. شيطان ان کي برغلائي نه سگهيو. پنهنجي زيردست شيطانن جي ميٽنگ سڏيائين. انهن مان هڪڙي عرض ڪيو ته مان کيس برغلائيندس. هو زاهد بڻجي بليشا وٽ ويو ۽ السلام عليڪم ڪيائين. بليشا کي ته اڪيلائي کپندي هئي سو فقط سلام جو جواب ورائي وري نماز ۾ مشغول رهيو. شيطان به نماز ۾ لڳي ويو. جڏهن بليشا ڏٺو ته هو نماز ۾ آهي تڏهن پهر کن جو نفل نيتيائين ته شيطان وري اڌ ڏينهن جو نفل جوٽيو. زاهد چئن پهرن جو نفل شروع ڪيو ته شيطان وري اٺن پهرن جو. زاهد اٺن پهرن جو ته شيطان سڄي هفتي جو. اتي زاهد سمجهيو ته هي شخص ڪو وڏو بزرگ آهي. مون کي کانئس منهن موڙڻ نه گهرجي. سو پاڻ ۾ هم صحبت ٿي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مصروف رهيا. ائين ڇهه مهينا گذري ويا. پوءِ شيطان موڪلانڻ لڳو ۽ چيائنس ته مان تو کي هڪ وظيفو سيکاري ٿو وڃان جنهن جي پڙهڻ سان ڪوڙه جي مريض جو ڪوڙه ڇڏي ويندو. زاهد چيو ته جيڪڏهن مان اهڙو ڪم آڻيندس ته مون وٽ ماڻهن جو هجوم ٿيندو ۽ منهنجي عبادت ۾ خلل پوندو. شيطان چيس ته خدا جي خلق کي فائدو رسائڻ به ته وڏو ثواب آهي. ائين چئي کيس وظيفو ڏسي ويندو رهيو. واٽ تي ڪنهن شخص کي پڙهي ڪوڙهيو ڪري ڏس ڏنائيس ته ڦلاڻي زاهد وٽ وڃ ته اتان تو کي شفا حاصل ٿيندي. هن ائين ڪيو ۽ کيس شفا حاصل ٿي. پوءِ هڪ امير زاديءَ سان ساڳي حالت ڪري سندس ٻن ڀائرن کي اهو ئي ڏس ڏنائين. هنن ائين ڪيو ۽ امير زاديءَ کي تندرستي حاصل ٿي. مگر هن کي وري ڪوڙه ٿيو. وري به بليشا وٽ وٺي ويس وري به چڱي ڀلي ٿي پئي. پر شيطان جي حرڪت سان ٽئين ڀيري به ڪوڙه ٿيس. پوءِ شيطان انهن ڀائرن کي چيو ته پنهنجي ڀيڻ کي 6 مهينا انهيءَ زاهد وٽ ڇڏي اچو. هو زاهد وٽ ڇڏي آيس. اتي شيطان وقت بوقت امير زاديءَ جي ٻانهن يا پيٽ يا ڄنگهه اگهاڙي ڪري وٺندو هو ۽ زاهد جي مٿس نظر پوندي هئي. آخر زاهد گمراهه ٿيو ۽ مائي کي حمل ٿي ويو. شيطان زاهد کي صلاح ڏني ته مائيءَ کي ماري پوري ڇڏ ۽ ڀائرن کي چئجانءِ ته مان هميشه عبادت ۾ مشغول آهيان هوءَ خبر ناهي ته ڪڏهن هلي ويئي. ويچارا ڀائر موٽي آيا. وري شيطان وڃي انهن ڀائرن کي چيو ته توهان جي ڀيڻ کي ماري حجري ۾ پوري ڇڏيو اٿس. ڀائر کوٽائي ڏسن ته برابر. زاهد کي وٺي وڃي ڦاسيءَ تي لٽڪايائون وغيره. مولوي صاحب اهو قصو ٻڌائي فرمايو ته ادا ڏسو ته بليشا جهڙي زاهد کي به شيطان ڀلائي وڌو سو اسان ڇا آهيون.
    هي قصو ڪوڙو آهي تنهن ۾ ته شڪ ئي ڪونهي پر عجب جي ڳالهه هي آهي ته منجهس نصحيت جي بدران گمراهي آهي. هڪ ته جهنگ ۾ اڪيلو ويهي عبادت ڪرڻ اسلام جي خلاف آهي ٻيو ته وظيفن ۾ اهڙي حڪمت رکيل بلڪل ڪانهي. ٽيون ته جيڪو نتيجو آخر ۾ مولوي صاحب ڪڍيو سو مايوس ڪندڙ آهي ۽ ڏيکاري ٿو ته انسان کي ڪجهه به ڪوشش ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته شيطان ڪنهن به صورت ۾ اسان کي گمراهه ڪري تباهه ڪندو پوءِ ڪوشش ڪيون توڙي نه ڪيون. تنهن ڪري ڇو نه جيئن جيءُ چاهي تيئن ڪيون. ڇا جو خدا ڇا جي قيامت؟
    2 - حضرت جبرئيل هر روز ابليس کي پٺيءَ واري مڪ هڻندو هو. جڏهن وما ارسلناڪ الا رحمت للعالمين واري آيت نازل ٿي تڏهن ابليس چيس ته هاڻي اڳتي مڪ نه هڻ ڇو ته رسول خدا سڀني لاءِ رحمت ٿي آيو آهي پوءِ مون تي زحمت ڇو ٿي ٿئي. الله تعاليٰ جبريل کي فرمايو ته ڇڏي ڏينس. سو ادا جڏهن خود شيطان تان به سزا معاف ٿي ويئي ته پوءِ اسان ڇو نه ڇٽنداسين. هي قصو به ڪوڙو آهي ۽ ان ۾ به نصحيت جي بدران گمراهي آهي ڇو ته جيڪڏهن فقط ان آيت جي نازل ٿيڻ ڪري اسان سڀئي مسلمان خواه غير مسلمان ڇٽاسين ته پوءِ خدا ۽ قيامت جو خوف ڇا جو. ڇا جي نماز ڇا جو روزو ڇو نه جيئن وڻي تيئن ڪيون. گناهه ڪيون ته ڇا جي چڱا عمل ڪيون ته ڇا.
    جيڪي مولوي صاحب ويٺا هئا تن پوءِ هٿ کڻي اکيون ٻوٽي چپن ۾ دعا گهري. سڄي مجلس خوش ٿي هلي ويئي ته ڏاڍو چڱو وعظ ٻڌوسين. فقط مون هڪڙي نٺر تي اثر ڪو نه پيو. پر دل ۾ سا دل ۾ ماٺ ڪيو هليو ويس. منهنجي ڪهڙي مجال جو اتي ڪڇي سگهان ها. هو وڏا عالم مان هڪ جاهل. طوطي جو آواز نقار خاني ۾ ڪير ٿو ٻڌي.
    هڪڙي وڏي عالم وعظ پي ڪيو. وعظ استغفر الله پڙهڻ جي ثواب ۽ برڪت بابت هو. پاڻ فرمايائين ته جيڪو شخص هر جمعي ڏينهن استغفار پڙهندو تنهن جا گذريل هفتي جا سڀ صغيرا گناهه جهڙوڪ ڪنهن عورت کان چمي وٺڻ معاف ٿي ويندا. ڪنهن جاهل ڪڙميءَ واڪو ڪري چيو ته مولوي صاحب توهان ته اسان کي هٿ وٺي ٿا گناهه ڪرايو. جيڪڏهن رڳو استغفار پڙهڻ سان گناهه معاف ٿي ويندا ته اڳتي سڄو هفتو صغيرا گناهه ڪري جمعي جي ڏينهن استغفار پڙهنداسين. استغفار پڙهڻ ۾ اسان کي ڪهڙي تڪليف؟ مولوي صاحب فرمايو ته ڏسين نه ٿو ته مان ڪهڙي ڪتاب مان ٿو ٻڌايان. منهنجي ابي ڏاڏي جو ٺهيل ڪتاب ڪونهي. انهيءَ جواب کان پوءِ ماٺ ٿي ويئي پر مان نه ٿو ڀانيان ته ڪنهن کي به تسلي ٿي هوندي. مونکي ته تسلي بلڪل ڪانه ٿي پر مون به ڪونه ڪڇيو.
    اڪثر مولوي ڪوڙا قصا ۽ ڪوڙيون روايتون ۽ ڪوڙا معجزا ۽ ڪوڙيون ڪرامتون يا دليلن جا ڪوڙا قصا بيان ڪندا آهن. ڪي وري دردناڪ قصو ٻڌائي ڪوڙي اڇنگار ڏيئي ساده لوح ماڻهن کي رئاري وجهندا آهن. هڪڙي مولوي جو پيرسن آهي ۽ مريد ڪندڙ آهي تنهن هڪڙو قصو ٻڌايو ته فلاڻو بزرگ پنهنجي ڪن مريدن سان واٽ وٺيو پي ويو. ڪا عورت اچي ڀرسان لنگهي. بزرگ صاحب ان کان چمي ورتي. مريدن مان هڪڙي سندس پيروي ڪئي. پوءِ ڳوٺ ۾ هڪڙي لوهار جي دڪان تي ويا. بزرگه صاحب تتل ڳاڙهي لوهه کي چمي ڏيئي ان مريد کي چيو ته هاڻي ڪر هت به پيروي. مريد هٽي بيهي رهيو. سو ادا ڪو بزرگ يا ولي ڪو خراب ڪم ڪندڙ ڏسو ته ان ۾ گمان نه آڻيو ڇو ته هو جيڪي ڪن ٿا تنهن ۾ ڪا حڪمت رکيل آهي. منهنجي خيال ۾ ته هيئن ٿو اچي ته مڪريل درويشن ۽ پيرن اهي قصا هن لاءِ ٺاهيا آهن ته اسان جا مريد اسان جا ڪي بد افعال ڏسن ته اسان مون خوش اعتقادي نه ڪڍن ۽ اسان هنن مان آسانيءَ سان پنهنجا مطلب ڪڍندا رهون.
    هڪڙي مولوي صاحب سان گفتگو ڪندي کيس چيم ته مولوي صاحب! توهان عالم آهيو مدرسو به اٿو ۽ قرآن شريف ۽ پارسي ۽ عربي به ٿا پاڙهيو پر مسلمان ڀائرن کي نڪا هدايت ٿا ڪيو نڪو اسلام ٿا سيکاريو. حيران ٿي چيائين ته ڇا قرآن شريف پڙهڻ کان ڪا وڌيڪ هدايت به آهي؟ مان چيو ته قرآن شريف بي معنيٰ ٿا پاڙهيو. چيائين ته ڪٿي حڪم ڪيل آهي ته قرآن شريف با معنيٰ پڙهائجي. مون چيو ته مان سون آيتن ۽ سون حديثن ۽ سون دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريندس ته قرآن شريف ضرور با معنيٰ پاڙهڻو آهي. سورت بقر جي 14 رڪوع جي آخر ۾ هي الفاظ آيل آهن يتلوه حق تلاوته ابن عباس ۽ ابن جرير ان جي معنيٰ هي ٿا ڪن ته ان تي اهڙو عمل ڪجي جهڙو ڪرڻ گهرجي. جڏهن قرآن شريف جي معنيٰ سمجهبي تڏهن ته ان تي عمل ڪبو. جنهن صورت ۾ سڀني کي عربي پاڙهي نٿا سگهو تنهن صورت ۾ پنهنجي مادري زبان ۾ ماڻهن کي اسلام جا عقائد ۽ احڪام ٻڌايو. ان وقت سندس هڪ شاگرد جنهن کي ڏاڙهي اچي ويئي هئي ۽ مڪتب مان قرآن شريف پڙهي نڪتو هو سو موجود هو. پڇيو مانس ته مسلمان ڇاکي چئجي ۽ جيڪڏهن تو وٽ ڪو غير مسلمان اچي ۽ پڇي ته اسلام ڇا آهي ۽ مان ڪهڙا ويساهه رکان جيڪڏهن مسلمان ٿيان، ته پوءِ کيس ڇا چوندين؟ چيائين ته جيڪو ڪلمو پڙهندو سو مسلمان ٿيو. مون چيو ته ائين نه آهي رڳو ڪلمو پڙهڻ سان مسلمان ٿي ڪين سگهبو. ڪلمي جي معنيٰ سمجهي ان تي دل سان ويساهه آڻجي تڏهن مسلمان ٿي سگهبو. پوءِ مولوي صاحب کي چيم ته هن توهان جي شاگرد کي ڪلمي شريف جي معنيٰ جي به خبر ڪانهي پر ٻيا ڪهڙا اسلام جا عقيدا ۽ احڪام سکيا اٿس. چيائين ته ڪجهه به نه. مون چيو ته توهان صاحبن جو فرض آهي ته پهريائين ته ڪلمي شريف جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهايو، پوءِ ٻيا عقايد ۽ احڪام سيکاريو. مولوي صاحب پوءِ قبول ڪيو ته برابر اسان ان ڪم ۾ قاصر آهيون. ٻئي ڏينهن وري گفتگو نڪتي ته غير مسلمانن کي اسلام تي آڻڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ٿو ڪيو وڃي.
    مولوي صاحب ٺڪ جواب ڏنو ته پٽين کي گهڻو ئي ٿا چئون ته مسلمان ٿيو پر نٿا ٿين. اسان ڇا ڪيون. مون چيو ته ائين ته هرڪو جاهل به کين چئي ٿو سگهي. ان چوڻ مان ڇا ٿيندو؟ عالمن جو فرض آهي کين اسلام جي سچائي ثابت ڪري ڏيکارڻ. چيائين ته سائين ائين ته اسان به ڪونه ٿا ڪري سگهون باقي پنهنجي حڪومت هجي يا زور هجي ته پوءِ تلوار ڪڍي انهن انڌن کي چئون ته ٿيو مسلمان نه ته سر ڌڙ کان ڌار ٿو ڪيانوَ. مان چيو ته مولوي صاحب جبر سان توهان مولوي پاڻ اسلام کي ڪوڙو مذهب ثابت ڪري ٿا ڏيکاريو. دنيا جا سڀ غير مسلمان فقط هن هڪڙي ئي عمل جي ڪري اسلام کي ڪوڙو ٿا سمجهن. ڪو به مسلمان خواه غير مسلمان جنهن کي فقط هڪ داڻو به فهم جو آهي سو به يقين سان چئي سگهندو ته جو مذهب اهڙو عقيدو ٿو سيکاري سو هرگز سچو ناهي. افسوس آهي جو اسان جي گهڻن مولوي صاحبن کي ذرو به فهم ڪونهي. هو نه رڳو اهو اهڙو غلط عقيدو ٿا رکن پر ٻيا به سو غلط عقيدا ٿا رکن جن جي ڪري نه رڳو غير مسلمانن کي اسلام کان نفرت آهي، پر خود مسلمانن مان به لکين اسلام کان بيزار آهن. اگرچه ڪي انهن مان کليو کلايو بيزاري ظاهر نٿا ڪن ۽ منافقي طور پاڻ کي مسلمان سڏائيندا ٿا رهن.
    مولوي صاحب جي اها حالت آهي جو مسلمانن کي رڳو ڪلمي شريف جي معنيٰ به نٿا سمجهائين ۽ غير مسلمانن کي اسلام تي آڻڻ لاءِ اسلام جي سچائي ته ثابت نٿا ڪري سگهن پر اٽلندو اسلام کي ڪوڙو ثابت ڪري ٿا ڏيکارين.
    قرآن شريف ۽ حديثن ۾ حڪم آهي ته امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪيو يعني ماڻهن کي اسلام سيکاريو ۽ کين چڱن ڪمن جو حڪم ڪيو ۽ گناهن کان روڪيو. انهيءَ فرض ادائي ڪرڻ لاءِ عالمن تي فرض آهي ته قرآن شريف ۽ صحيح حديثن جو اڀياس چڱي طرح ۽ فهم سان ڪن ۽ اوائلي تفسير ۽ سچي اسلامي تاريخ پڙهن. پهريائين پاڻ عمل ڪن ۽ پوءِ ٻين کي هدايت ڪن. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ”قل لا اسئلڪم عليه من اجر“ يعني (اي نبي ﷺ) چؤ (ماڻهن کي) ته مان انهيءَ لاءِ (يعني اسلام سيکارڻ لاءِ) اوهان کان ڪو اجر ڪونه ٿو گهران. ساڳيءَ طرح ٻين آيتن ۾ خواه ٻين پيغمبرن سڳورن جي قصن ۾ ساڳيا الفاظ ڪم آندل آهن. گويا پيغمبرن جي سچائي جو مکيه ثبوت اها ڳالهه آهي. تنهن ڪري وعظ ۽ هدايت ڪندڙ پيرن ۽ مولوين کي به گهرجي ته بنا اجوري ۽ بنا طمعي فقط الله ڪارڻ ۽ دل جي صداقت ۽ جوش ۽ قومي درد کان اهو ڪم هٿ ۾ کڻن نه ته سندن وعظ ۽ هدايت جو اثر ئي ڪونه ٿيندو.
    وعظ ۽ هدايت ڪرڻ ۽ قرآن شريف ۽ صحيح حديثون ٻڌائڻ گهرجن ۽ جيڪي هدايتون ڏجن تن بابت دنيائي روزمره جي زندگي مان مثال ڏيئي سمجهائي ته ڏسو ته انهن هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪيترو اسان جو فائدو آهي ۽ نه عمل ڪرڻ ۾ ڪيتريون مصيبتون اسان تي اچي ٿيون ڪڙڪن. مگر پهريائين ڪلمي شريف جي معنيٰ سمجهائجي ۽ علم پڙهڻ جي تحريص ۽ ترغيب ڏيارجي. ايتري قدر تحريص ڏيارجي جو ماڻهو پاڻ به علم پڙهڻ کي وٺي وڃن ۽ پنهنجي اولاد، پٽن خواه نياڻين کي اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ موڪلي ڏين. ڪلمون شريف سمجهڻ ۽ علم پڙهڻ اهي ڳالهيون بنياد آهن. وڏو زور انهن تي ڏجي، پوءِ ٻيون اسلامي ڳالهيون سيکارجن. خصوصن اخلاق سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. زنا، چوري، نشو، گاريون، جهيڙا، فساد، پرائو حق کائڻ، ڪوڙ، ٺڳي، انجام ڀڃڻ، سستي، اسراف، قرض کڻڻ وغيره نه انهن گناهن کان روڪجي ۽ سچ ۽ محنت ۽ تجارت ۽ همدردي ۽ احسان ڪرڻ جي تعليم ڏجي. ڀرم ۽ سنسا ۽ بدرسمون ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. اسلامي ڪتب خانا ۽ اسڪول کولائجن. انجمنون قائم ڪجن. وغيره وغيره.
    ارمان اهو آهي ته جيڪڏهن ڪي مولوي صاحب کڻي قرآن شريف ۽ حديثن مان ڪجهه ٻڌائين ٿا ته اهي آيتون ۽ حديثون چونڊين ٿا جن کي مروڙي سروڙي اهڙيون معنائون ڪڍي سگهن ٿا ۽ ڪڍن ٿا جن تي عمل ڪرڻ سان ترقيءَ جي بدران تباهي پيدا ٿئي. انهيءَ ڪري مان قرآن شريف مان ڪي اهڙيون آيتون پيش ٿو ڪيان جن جو گهڻو ڪري تاويل ٿي ڪين سگهندو ۽ جن جي معنيٰ بلڪل صاف آهي. اهڙيءَ طرح ڪي حديثون به چونڊيل پيش ٿو ڪيان ۽ انهن چونڊيل آيتن ۽ حديثن پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي مولوين ۾ نئين قسم جو شوق پيدا ٿئي ۽ آئينده اهڙي قسم جي آيتن ۽ حديثن مان وعظ ۽ نصحيت ڪن. منهنجو ننڍڙو ڪتاب احاديث نبوي ۽ ٻيا ڪتاب پڻ نئين جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اڃا به بهتر ائين ٿيندو ته مولوي صاحب مهرباني ڪري مولانا حاليءَ جو مسدس جيڪو اڙدوءَ ۾ آهي ۽ قاضي سليمان جو رحمت للعالمين جيڪو پڻ اڙدو ۾ آهي اهي ٻئي ڪتاب ضرور پڙهن. اهي عام مقبول ڪتاب آهن ۽ انهن ڪتابن تي ڪنهن به فرقي، ڪنهن به قسم جو اعتراض ڪونه اٿاريو آهي.

    قرآن مجيد جي ڪن آيتن جو ترجمو
    ”اي ايمان وارو! الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل فرض جي بجا آوري اهڙي خبرداري سان ڪيو جهڙي الله تعاليٰ جي لاءِ شايان شان آهي ۽ نه مرو تيستائين جيستائين مسلمان نه ٿيا آهيو. الله تعاليٰ جي رسي يا عهد کي سڀ گڏجي سوگهو جهليو ۽ جدا نه ٿيو، الله تعالي جون جيڪي نعمتون اوهان تي ٿيل آهن سي ياد ڪيو ته جو، اڳي اوهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا پوءِ الله تعاليٰ اوهان جون دليون ڳنڍي ڇڏيون ۽ اوهان سندس ڀلائي سان ڀائر ٿي پيا ۽ اوهان باهه جي کڏ جي ڪَپَ تي هئا پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي ان کان بچائي ورتو.“
    ”اوهان منجهون هڪڙي ٽولي اهڙي هجي جيڪي چڱائي جي دعوت ڪن، يعني چڱائي ڪرڻ جي واٽ ڏسين ۽ حق جي واٽ تي هلڻ ۽ چڱن عملن جو حڪم ڪن ۽ خراب ڪمن ۽ گناهن کان روڪين. اهي ئي فلاحي پائيندا يعني دين دنيا جي بهتري حاصل ڪندا.“
    ”الله تعاليٰ جي تابعداري ۽ فرمانبرداري ڪيو ۽ پڻ رسول ﷺ جي اطاعت ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. ۽ تڪڙو ڊوڙو پنهنجي رب جي مغفرت ڏي ۽ انهيءَ جنت ڏي جنهن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيڏي آهي ۽ جيڪا متقي شخص لاءِ تيار ٿيل آهي. انهن لاءِ جي آسودگيءَ ۾ خواه سچائي ۾ خدا جي راهه ۾ خرچ ٿا ڪن، جي پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائين ٿا ۽ ماڻهن کي معاف ٿا ڪن. ۽ الله تعاليٰ انهن سان حب ٿو رکي جيڪي ماڻهن تي احسان ٿا ڪن.“
    ”هيڻا نه ٿيو نڪي غم ڪيو. جيڪڏهن توهان مومن آهيو ته توهان غالب پوندؤ ۽ ڪامياب ٿيندؤ ۽ بلند درجا حاصل ڪندؤ.“
    ”هي ڪتاب جيڪو اسان نازل ڪيو آهي، برڪت وارو ڪتاب آهي. تنهن ڪري ان تي عمل ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ته اوهان تي رحم ڪيو وڃي.“
    ”يقينن توهان جي لاءِ رسول الله ﷺ بهترين مثال ۽ نمونو آهي (يعني پرهيزگاري جو اهڙو عمدو مثال آهي جو ان جي پيروي ڪريو ۽ ان جي نقش قدم تي هلو) ان لاءِ عمدو نمونو ۽ مثال آهي جو الله تعاليٰ ۽ آخرت ۾ اميدون ٿو رکي ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ٿو ڪري.“
    ”الله تعاليٰ حڪم ڪيو آهي ته کائنس سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱايون ڪيو. جيڪڏهن انهن مان هڪڙو يا ٻئي پنهنجي حياتي ۾ پوڙها ٿين ته انهن کي رڳو اُف به نه چؤ ۽ ساڻن چڱا ۽ وڻندڙ ۽ تعظيم وارا الفاظ ڳالهاءِ ۽ انهن جي اڳيان رحمدليءَ سان نرم ۽ نماڻو ۽ فرمانبردار ٿيءُ ۽ چؤ ته اي منهنجا رب! هنن تي رحم ڪر جو هنن مون کي نپايو جڏهن مان ننڍڙو ٻالڪ هوس.“
    ”مائٽن کي (صدقا) ڏي جيئن هنن جو حق آهي ۽ پڻ گهرج وارن مسڪينن کي ۽ مسافرن کي ۽ اجايا خرچ نه ڪر. تحقيق اجايا خرچ ڪندڙ شيطانن جا ڀائر آهن ۽ شيطان پنهنجي رب جو بي شڪر آهي ۽ جيڪڏهن تون انهن کان (يعني گهر وارن کان) منهن موڙي (يعني انهن کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هجيئي) پنهنجي رب جي رحمت جي طلب لاءِ نڪرين جنهن رحمت جي اميد ٿو رکين ته پوءِ انهن سان نرميءَ جا لفظ ڳالهاءِ ۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي ڳچيءَ سان جڪڙي نه ڇڏ (يعني ڪنجوس نه ٿيءُ) ۽ نه وري هٿ کي تمام ڊگهو ڪري ڇڏ (يعني هٿ ڦاڙ به نه ٿي) جو پوءِ تنگ حال ٿي ويهي رهين“
    ”زنا کي رڳو ويجها به نه وڃو تحقيق اهو سخت فاحش ڪم آهي ۽ گندو رستو آهي. يتيم جي مال کي ويجهو به نه لنگهو مگر ان کي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ لاءِ جيستائين هو بالغ ٿئي ۽ وعدا ۽ عهد پورا ڪيو. تحقيق وعدن ۽ عهدن بابت پڇاڻو ٿيندو. ۽ پوري ماپ ڀريو جڏهن ماپ ڪريو ۽ سچي تارازي سان تور ڪريو. هي چڱو آهي ۽ پڇاڙي ان جي چڱي آهي يعني آخر ان مان ئي نفعو ٿو ٿئي ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه گهم ڇو ته تون زمين کي ڏاري ڪونه سگهندين نڪي جبلن جيڏو ٿي پوندين.“
    ”چؤ منهنجي ٻانهن کي ته سٺا لفظ ڳالهائين (نه ته) شيطان انهن جي وچ ۾ جهڳڙن جو ٻج ٿو پوکي ۽ تحقيق شيطان انسان جو کليو کلايو دشمن آهي.“
    ”ڪوڙن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي.“
    ”اي الله سائين! منهنجو علم وڌاءِ، جنهن کي حڪمت ۽ عقل ڏنو ويو آهي تنهن کي گهڻي چڱائي ڏني ويئي آهي. تحقيق جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ چڱا عمل ٿا ڪن انهن جي دل ۾ رحمان حب پيدا ٿو ڪري (الله تعاليٰ ۽ سندس خلق لاءِ حب).“
    ”تحقيق مؤمن ڀائر آهن پوءِ (تنهنڪري) پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ الله تعاليٰ جا حڪم خبرداريءَ سان بجا آڻيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.“
    ”اي مومنو! اهڙن ماڻهن کي ٻين ماڻهن تي کلڻ نه گهرجي. ممڪن آهي ته اهي هنن کان بهتر هجن. ۽ نه عورتن کي ٻين عورتن تي کلڻ گهرجي جو ممڪن آهي ته اهي هنن کان بهتر هجن. ۽ پنهنجن ماڻهن جي عيب جو ئي نه ڪريو نڪي هڪ ٻئي تي چڙ جا نالا رکو. ايمان آڻڻ کان پوءِ خراب نالو رکڻ ڏاڍي گندي ڳالهه آهي پوءِ جيڪو نٿو مڙي اهوئي ظالم آهي.“
    ”اي مومنو! گهڻن گمانن کان پرهيز ڪريو تحقيق ڪي گمان گناهه آهن. ۽ جاسوسي نه ڪريو يعني لڪي ڇپي يا ڳجهه ڳوهه ۾ ٻين جون ڳالهيون نه ٻڌو نڪي سندن احوال جانچ ڪيو نڪي هڪ ٻئي جي پرپٺ گلا ڪيو. ڇا توهان مان ڪوئي به پسند ڪري ٿو ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ پر توهان کي ته ان کان نفرت آهي. خدا کان ڊڄي سندس حڪم بجا آڻيو. تحقيق الله تعاليٰ موٽندڙ ۽ رحيم آهي.“
    ”اي انسانو مون اوهان کي هڪ نر ۽ ماديءَ مان پيدا ڪيو ۽ اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۽ ذاتين ۾ ورهايم، انهيءَ لاءِ ته هڪ ٻئي کي سڃاڻو. تحقيق الله تعاليٰ وٽ اوهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو تقويٰ ۾ اوهان سڀني کان وڌيڪ آهي. تحقيق الله تعاليٰ ڄاڻندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي.“
    ”اعرابي چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي. انهن کي چؤ ته اوهان ايمان ڪونه آندو آهي. پر چئو ته اسان تسليم ٿاڪيون يا اسلامي حڪمن جي فرمانبرداري ٿا ڪريون ۽ اوهان جي دلين ۾ اڃا ايمان نه گهڙيو آهي ۽ جيڪڏهن الله ۽ سندس رسول ﷺ جي اطاعت ڪيو ته الله تعاليٰ توهان جي (نيڪ) عملن مان ذرو به نه گهٽائيندو. تحقيق الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي.“
    ”مومن فقط اهي آهن جيڪي الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ ۾ ايمان ٿا آڻين، پوءِ شڪ نٿا آڻين، ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ پنهنجي ملڪيتن ۽ جانين سان سخت ڪوشش ٿا ڪن، سچا اهي آهن.“
    ”توهان تيستائين نيڪيءَ کي نٿا پهچو جيستائين انهن شين کي خدا جي راه ۾ نٿا ڏيو جن شين کي توهان حب ٿا ڪيو.“
    ”نيڪي انهيءَ ۾ ناهي ته اوڀر ۽ اولهه ڏي منهن ڪيو. پر نيڪ اهي آهن جيڪي الله تعاليٰ ۽ آخرت ۽ ملائڪن ۽ قرآن شريف ۽ نبين ۾ ايمان ٿا آڻين ۽ الله تعاليٰ جي حب کان مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن، سائلن، جنگ ۾ گرفتار ٿيل ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو مال ڏين ٿا، ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ادا ڪن ٿا، ۽ پنهنجو عهد پاڙين ٿا جڏهن هو ڪو عهد ڪن ٿا، ۽ مشڪلات ۽ مصيبتن ۽ جنگ جي وقت ۾ صبر ڪندڙ آهن. اهي ئي سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن.“
    ”الله تعاليٰ جو اهو ارادو ناهي ته توهان تي تنگي ڪري يا تڪليف ڏئي. الله تعاليٰ جو ارادو ته هي آهي ته اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان تي پوريون پوريون نعمتون ڪري ته شڪر گذار ٿيو.“
    ”انسان کي اوترو ئي ملي ٿو جيتري قدر هو ڪوشش ڪري ٿو.“
    الله تعاليٰ اوهان جي واسطي اوهان جي ئي جنسن مان زالون پيدا ڪيون ته توهان تسڪين حاصل ڪيو ۽ زال مڙس جي وچ ۾ الله تعاليٰ پيار ۽ محبت وڌي.
    (سورة الروم:21)
    عورتن جا مڙسن تي اهڙائي حق آهن جهڙا مڙسن کي عورتن تي آهن ۽ مردن کي انهن تي درجو آهي. (سورة البقره:228)
    پوءِ اهي ماڻهو مُلڪن ۾ ڪونه ٿا گهمن ڦرن ڇا جو عبرت وٺن؟ هن کي دل ۽ دماغ هجي ته جيڪر سمجهن، هنن کي ڪن هجن ته جيڪر ٻڌن. (سورة الحج:26)

    ڪن حديثن جو ترجمو
    علم جي طلب سڀ ڪنهن مرد توڙي عورت تي فرض آهي.
    مان انهيءَ لاءِ نبي ڪري موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان.
    سڀني کان چڱو انسان اهو آهي جيڪي ٻين انسانن کي سڀني کان وڌيڪ فائدو پهچائي.
    جو شخص ٻين تي رحم نه ٿو ڪري، تنهن تي الله تعاليٰ به رحم نه ٿو ڪري.
    جو شخص پنهنجي ڪنهن ڀاءَ جو حق ٿو کائي سو الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۾ ايمان رکندڙ ناهي.
    رسول الله ﷺ جن ڪنواري ڇوڪري کان به وڌيڪ لڄارا هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته لـڄ ايمان جو ڀاڱو آهي. جنهن کي لـڄ ناهي تنهن کي ايمان به ڪونهي.
    جيڪو چڱو ڪم ڪرين تنهن ۾ توکي خوشي ٿي ۽ جيڪو خراب ڪم ڪرين تنهن تي تو کي افسوس ٿئي تڏهن سمجهه ته تون سچو مومن آهين.
    مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان مسلمان بچيل هجن.
    اي بندا! تون الله تعاليٰ سان محبت رکين ٿو؟ پهريائين ذات انسان سان محبت رک.
    جرير بن عبدالله کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ وٽ عرض ڪيو ته مان اسلام تي بيعت ٿو ڪيان. پاڻ مون کان مسلمان ٿي رهڻ ۽ هر مسلمان جي خير خواهي ڪرڻ جو شرط ورتائون.
    رسول الله ﷺ جن دشمنن تي به رحم ڪندا هئا. مثلن ثمام بن ثلال نجد کان مڪي شريف وڃڻ وارو ان بند ڪري ڇڏيو. هن ڪري جو مڪي شريف جا ماڻهو ان وقت آنحضرت ﷺ جن جا دشمن هئا. آنحضرت کيس ائين ڪرڻ کان منع فرمائي.
    احد جي جنگ ۾ حضرت جن جا ڏند مبارڪ شهيد ڪيا ويا ۽ کين سخت اذيت پهچائي ويئي. ڪن صحابن عرض ڪيو ته ڪافرن کي پاراتو ڏيو. پاڻ فرمايائون ته مان لعنت ڪرڻ واسطي نبي ڪونه ڪيو ويو آهيان. الله تعاليٰ مون کي موڪليو آهي ته ماڻهن کي سندس بارگاه ڏي سڏيان ۽ مون کي رحمت ڪري موڪليو اٿس. پوءِ هي دعا فرمايائون ته اي خدا منهنجي قوم کي هدايت ڪر هو مون کي نه ٿا ڄاڻن.
    چار خصلتون جيڪي جنهن شخص ۾ موجود آهن سو منافق آهي. جيڪڏهن انهن مان هڪ اٿس ته نفاق جي هڪ علامت منجهس آهي. 1- ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي 2- واعدو ڪري ته وفا نه ڪري 3- عهد ڪري ته پورو نه ڪري 4- جهيڙو ڪري ته فاحش بڪ ڪري. اهو شخص ان وقت مومن ئي ناهي جنهن وقت چوري ٿو ڪري يا زنا ٿو ڪري يا شراب ٿو پيئي يا امانت ۾ خيانت ٿو ڪري. خبردار! خبردار!
    اي الله سائين! مون کي ڏک ۽ ڳڻتيءَ کان، عاجزي ۽ سستيءَ کان، ڪنجوسائپ ۽ بزدليءَ کان ۽ قرض جي غلبي ۽ ماڻهن جي قهر کان پناه ڏي.
    تمام سهڻين ۽ چونڊيلن حديثن معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجو ننڍڙو سنڌي ڪتاب احاديث نبوي پڙهي ڏسو.

    تعصب
    هيستائين جيڪي باب لکيا اٿم تن جي تائيد مولانا حالي جي مسدس مان بلڪل سهڻا بند پيش ڪري سگهان ها. مگر ائين ڪرڻ سان مضمون جي سلسلي ۾ اٽڪ ٿي ٿئي. مگر هي باب مولانا مرحوم جي ڪن بندن سان شروع ٿو ڪيان.
    ڊرايا تعصب سي ان ڪو يه ڪهه ڪر
    ڪه زنده رها اور مرا جو اسي پر
    هوا وه هماري جماعت سي باهر
    وه ساٿي همارا نه هم اس کي ياور
    نهين حق سي ڪڇ اس محبت ڪو بهرا
    ڪه جو تم کو انڌا ڪري اور بهرا
    تعصب که هي دشمن نوع انسان
    ڀري کهر ڪئي سيڪڙون جس ني ويران
    هوئي بزم نمرود جس سي پريشان
    ڪيا جس ني فرعون ڪو نذر طوفان
    گيا جوش مين بو لهب جس ڪي کويا
    ابو جهل ڪا جس ني بيڙا ڊبويا
    وه يان اڪ عجب ڀيس ۾ جلوه گر هي
    ڇپا جسڪي پردي مين اس ڪا ضرر هي
    ڀرا زهر جس جام مين سر بسر هي
    وه آب بقا هم ڪو آتا نظر هي
    تعصب ڪو اڪ جزو دين سمجهي هين هم
    جهنم ڪو خلد برين سمجهي هين هم
    همين واعظون ني يه تسليم دي هي
    ڪه جو ڪام ديني هي يا دنوي هي
    مخالف ڪي ريس اس مين ڪرني بري هي
    نشان غيرت دين حق ڪا يه هي
    مـخالف ڪي الٽي هر اڪ بات سمجهو
    وه دن ڪو ڪهي دن تو تم رات سمجهو
    قدم گر راه راست پر اس ڪا پاؤ
    تو تم سيڌي سي ڪتراڪي جائو
    پڙين اس مين جو دقتين وه اٺائو
    لگين جسقدر ٺوڪرين اس مين کائو
    جو نڪلي جهاز اس ڪا بچ ڪر ڀنور سي
    تو تم ڏالدو و نائو اندر ڀنور کي
    اگر مسخ هو جائي صورت تمهاري
    ڀائم ۾ ملجائي سيرت تمهاري
    بدل جائي بالڪل طبيعت تمهاري
    سرا سر بگڙ جائي حالت تمهاري
    تو سمجهو ڪه هي حق ڪي اڪ شان يه ڀي
    هي اڪ جلوه نور ايمان يه ڀي
    نه اوضاع ۾ تم سي نسبت ڪسي ڪو
    نه اخلاق ۾ تم په سبقت ڪسي ڪو
    نه حاصل يه کانون مين لذت ڪسي ڪو
    نه پيدا يه پوش مين زينت ڪسي ڪو
    تمهين فضل هو علم مين بر ملا هي
    تمهاري جهالت مين ڀي اڪ ادا هي
    ڪوئي چيز سمجهو نه اپني بري تم
    رهو بات ڪو اپني ڪرتي بڙي تم
    حمايت مين هو جبڪه اسلام ڪي تم
    تو هو هر بدي اور گنه سي بري تم
    بدي سي نهين مومنون ڪو مفرت
    تمهاري گنه اور اورونڪي طاعت
    مخالف ڪا اپني اگر نام ليجي
    تو ذڪر اسڪا ذلت سي خواري سي ڪيجي
    ڪڀي ڀولڪر طرح اس مين نه ديجي
    قيامت ڪو ديکوگي اس ڪي نتيجي
    گناهون سي هوتي هو گويا مبرا
    مخالف پر ڪرتي هو جب تم تبرا
    سني ۾ اور جعفري ۾ هو الفت
    نه نعماني و شافعي ۾ هو ملت
    وهابي سي صوفي ڪي ڪم هو نه نفرت
    مقلد ڪري نا مقلد په لعنت
    رهي اهل قبله ۾ جنگ ايسي باهم
    ڪه دين خدا پر هنسي سارا عالم
    ڪري ڪوئي اصلاح ڪا گر اراده
    تو شيطان سي اس ڪو سمجهو زياده
    جسي ايسي مفسد سي هي استفاده
    ره حق سي هي بر طرف اس ڪا جاده
    شريعت ڪو ڪرتي هين برباد دونون
    هين مردود شاگرد و استاد دونون
    وه دين جس ني الفت ڪي بنياد ڊالي
    ڪيا طبع دوران ڪو نفرت سي خالي
    بنايا اجانب ڪو جس ني موالي
    هر اڪ قوم ڪي دل سي نفرت نڪالي
    عرب اور حبش ترڪ و تاجيڪ و ويلم
    هوئي ساري شيرو شڪر ملڪي باهم
    تعصب ني اس صاف چشمه ڪو آڪر
    ڪيا بعض ڪي خارو خس سي مڪدر
    بني خصم جو ٿي عزيز اور برادر
    نفاق اهل قبله ۾ ڦيلا سراسر
    نهين دستياب ايسي اب دو مسلمان
    ڪه ڪو ايڪ هو ديکڪر ايڪ شادان
    همارا يه حق ٿا ڪه سڀ يار هوتي
    مصيبتون ۾ يارونڪي غمخوار هوتي
    سڀ ايڪ اڪ ڪي باهم مددگار هوتي
    عزيزون ڪي غم ۾ دل افگار هوتي
    جب الفت ۾ يون هوتي ثابت قدم هم
    تو ڪهه سڪتي اپني ڪو خير الامم
    اگر ڀولتي هم نه قول پيغمبر
    ڪه هين سڀ مسلمان باهم برادر
    برادر هي جب تڪ برادر ڪا ياور
    معين اس ڪا خود هي خداوند داور
    تو آتي نه بيڙي په اپني تباهي
    فقيري ۾ ڀي ڪرتي هم بادشاهي
    بڙهي جس سي نفرت وه تحرير ڪرني
    جگر جس سي شق هون وه تقرير ڪرني
    گنهگار بندون ڪي تحقير ڪرني
    مسلمان ڀائي ڪي تڪفير ڪرني
    يه هي عالمون ڪا هماري طريقه
    يه هي هاديون ڪا هماري سليقه
    ڪوئي مسئله پو ڇني ان سي جائي
    تو گردن په بار گران لي ڪي آئي
    اگر بدنصيبي سي شڪ اس ۾ لائي
    تو قطعي خطاب اهل دوزخ ڪا پائي
    اگر اعتراض اسڪي نڪلا زبان سي
    تو آنا سلامت هي دشوار وان سي
    ڪڀي وه گلي ڪي رگين هين ڦلاتي
    ڪڀي جهاگ پر جهاگ هين منه په لاتي
    ڪڀي خوڪ اور سڪ هين اسڪو بناتي
    ڪڀي مارني ڪو عصا هين اٺائي
    ستون چـشم بددور هين آپ دين ڪي
    نمونه هين خلق رسول امين ڪي
    جو چاهي ڪه خوش انسي مل ڪر هو انسان
    تو هي شرط وه قوم ڪا هو مسلمان
    نشان سجده ڪا هو جبين پر نمايان
    تشرع ۾ اس ڪي نه هو ڪوئي نقصان
    لبين بڙه رهي هون نه ڊاڙهي چڙهي هو
    ازار اپني حد سي نه آگي بڙهي هو
    عقايد ۾ حضرت ڪا هم داستان هو
    هر اڪ اصل ۾ فرع ۾ هم زبان هو
    حريفون سي ان ڪي بهت بدگمان هو
    مريدون ڪا انڪي بڙا مدح خوان هو
    اگر ايسا نهين هي ته مردود دين هي
    بزرگون سي ملني ڪي قابل نهين هي

    اسان جي سنڌ ملڪ ۾ جيڪو تعصب ۽ تنگ خيالي آهي تنهن جي خبر جيڪڏهن مولانا حالي کي هجي ها ته خبر ناهي ته سندس قلم ۽ شاعري ڪم ڏيئي سگهن ها يا نه. رواجي ماڻهو ڇڏي اسان جا ايڊيٽر ڏسو ۽ سندن اخبارن جا ڪالم ڏسو. اڪثر اخبارن ۾ گاريون، بدالفاظ ۽ شخصي جملا ڏسو. جيڪڏهن ڪو ايڊيٽر يا خاطو ڪهڙي به مسئلي ۾ ڪنهن سان مخالف ٿو ٿئي ته اهڙيءَ طرح ٿو ڪري جو ڄڻ ته کيس گاريون مليون آهن يا سندس جاگير کسجي ويئي آهي، تنهنڪري آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي. هي حال ايڊيٽرن جا آهن جيڪي قوم جا رهبر آهن ۽ قومي لٽريچر جا مصلح آهن. جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ ڪو ذاتي غرض آهي يا ان سان ذاتي تعلق آهي يا ڪن ڳالهين ۾ ان سان اتفاق آهي ته ان کي پڏائي پڏائي آسمان تي پهچايو وڃي ٿو اگرچه هو بيڪار ۽ بدڪار هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن سان ٿوري عداوت يا مخالفت آهي ته ان کي شيطان جي برابر سمجهيو وڃي ٿو اگرچه هو هڪ خدا جو نيڪ بندو هجي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته يا ته ان کي ڪامل مڪمل سمجهيو وڃي ٿو يا سراسر غلط ۽ شيطاني خيالن سان ڀرپور سمجهيو وڃي ٿو.
    در حقيقت انسان ڪهڙو به جاهل هجي ته به منجائنس ڪي صحيح خيال به صادر ٿين ٿا ۽ ڪهڙو به بدمعاش هجي ته به منجهس ڪي نه ڪي خوبيون ضرور هونديون. ساڳي طرح ڪهڙو به عالي دماغ انسان هجي ته به غلطين کان خالي هرگز ٿي ڪين ٿو سگهي ۽ ڪهڙو به متقي هجي ته به ڪو نه ڪو اوگڻ يا نقص منجهس ضرور هوندو.
    ننڍو ٻار جڏهن طاقت ۾ ڪنهن وڏي سان نه پڄي سگهندو آهي ته گاريون ڏيڻ شروع ڪندو آهي. ساڳي طرح ڪو اڻڄاڻ عالم سوال جو جواب نه ڏيئي سگهندو آهي ته غصي کان بيتاب ٿي گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي ۽ وهابي ۽ منڪر جا خطاب ڏيندو آهي. کين خبر ناهي ته در حقيقت ڪاوڙ ڪرڻ هار جي نشاني آهي. جيڪو سچ پچ عالم هوندو تنهن کان ڪهڙا به سوال ڪيا ويندا ته خنده پيشانيءَ سان ۽ مرڪندڙ منهن سان مٺن ۽ وڻندڙ لفظن ۾ جواب ڏيندو ويندو، نه توهين ۽ ڪراهت جي نموني سان. توهين يا ڪراهت يا ڪاوڙ جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو جيڪو به سمجهه وارو هوندو سو سمجهي وٺندو ته مولوي صاحب اڻ ڄاڻ ۽ ڀوڪ آهي. بلڪ ائين سمجهيو ويندو ته مخالف جا خيال صحيح آهن. انهيءَ ڪري ترقيءَ جي بدران گمراهي پيدا ٿي ٿئي. هڪڙي خرابي اسان جي عالمن ۽ حڪيمن ۾ اها به آهي جو هو سڀڪنهن مسئلي تي پنهنجي راءِ ڏيئي ڪڍندا آهن اگرچه کين پڪ نه به هجي. اوائلي امام اگرچه زبردست عالم هئا ته به ڪيترن ئي سوالن جي جوابن ۾ فرمائيندا هئا ته خبر ناهي. اسان جا نيم خوانده عالم ۽ حڪيم ائين ڇو چون. هنن کي سڀ ڪجهه معلوم جو آهي.!
    هڪڙي مولوي صاحب سان گفتگو پي ڪيم جڏهن جواب ڏيئي نه سگهيو تڏهن چيائين ته تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو جو تون مون سان بحث ٿو ڪرين. ڏاڙهي ڇو ننڍي ڪرائي اٿئي؟ مون چيو ته مولوي صاحب ڏاڙهي ننڍي رکائڻ ته ننڍڙو گناهه آهي پر مان وڏا وڏا گناهه ڪندڙ آهيان. منهنجي عملن ڏي نه ڏسو. هي بحث منهنجي عملن بابت نه آهي. جواب ڏنائين ته هرگز نه جڏهن تون شريعت تي هلندڙ ئي ناهين ته توسان بحث ڪرڻو ئي ناهي. هي ته هڪ رواجي مولوي هو پر هڪڙي ڀيري هڪ هوشيار مولوي صاحب سان ناسخ منسوخ جي مسئله بابت گفتگو هلي. جڏهن سوالن جا جواب ڏيئي نه سگهيو تڏهن غصي ٿي چيائين ته تون جڏهن عالم به ناهين ته توکي بحث ڪرڻ جو حق ڪونهي. تون فقط مون کان پڇ ۽ جيڪو جواب مان ڏيان سو سچو سمجهه. پر جيڪڏهن عالم آهين ته مان ٿو توکان سوال پڇان ته پوءِ خبر پئجي وڃي ته ڪيتري قدر عالم آهين. مون چيو ته مولوي صاحب مان جاهل ته برابر آهيان پر جيستائين جواب تي تسليٰ نه ايندي تيستائين هر هڪ جواب تي سوال ڪندو رهندس. چيائين ته نه اهي سوال ڪرڻ اعتراض جي قائم مقام آهي ۽ توکي اعتراض آڻڻ جو حق ئي ڪونهي. جڏهن چيائين ته قرآن شريف ۾ صاف حڪم اچڻ جو ضرور ئي ڪونه هو ته فلاڻي آيت منسوخ آهي ڇو ته ڪي آيتون ظاهر بظاهر هڪ ٻئي جي مخالف آهن. مثلن هڪڙي هنڌ آهي فاحشه عورت کي بند رکو ۽ ٻئي هنڌ آهي ته زاني عورت کي رجم ڪيو. مون چيو ته مولوي صاحب هتي فاحشه لفظ ڪم آندل آهي ۽ هتي زانيه. پاڻ فرمايائين ته فاحشه جي معنيٰ زانيه آهي. مون چيو ته مولوي صاحب ائين ڪين هوندو. تنهن تي ڪاوڙجي فرمايائين ته عربي ڄاڻندڙ مان ۽ تون جاهل، پوءِ به مون تي اعتبار نٿو ڪرين. دوران بحث ائين به چيائين ته شاهه ولي الله صاحب اهي پنج آيتون ڏنيون آهن جي سچ پچ منسوخ آهن ۽ انهن کان سواءِ ٻيون سڀ نا منسوخ آهن. مون عرض ڪيو ته مهرباني ڪري اهي پنج آيتون ڪڍي موڪلجو. پاڻ مهرباني ڪري ڪڍي موڪليائين پر لطف اهو ته انهن ۾ فاحشه ۽ زانيه واريون آيتون ڪونه هيون. هاڻي چئبو ته سندس خيال موجب شاهه ولي الله صاحب به مون جهڙو جاهل هو جو فاحشه لفظ جي معنيٰ نه آيس. ساڳئي مولوي صاحب دوران بحث ۾ فرمايو ته تون جيڪي مرزا خيال پيش ٿو ڪرين سي محمد علي جي قرآن مان آهن. محمد علي هڪ قادياني آهي ۽ مرزا غلام احمد قادياني جو چيلو آهي. مرزا غلام احمد قادياني هڪ بدمعاش شيطان هو جنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي. تنهن ڪري سندس ۽ سندس چيلن جا خيال هرگز صحيح ٿي نٿا سگهن. مون عرض ڪيو ته مولوي صاحب مان محمد علي ۽ مزار جو نالو ئي ڪونه ورتو. بحث انهن بابت نه آهي. توهان رڳو سوالن جا جواب ڏيو. چيائين ته نه. انهن خيالن جو اهو ڪافي رد آهي ته اهي خيال مرزا غلام احمد شيطان جا آهن. مون وري عرض ڪيو ته اگرچه ڪو انسان شيطان ۽ جاهل هجي ته به سندس زبان ۽ قلم کان ڪو اهڙو خيال به نڪري سگهي ٿو جو صحيح هجي. چيائين ته نه هرگز نه. مون چيو ته جيڪڏهن مزار غلام احمد چوي ته خدا هڪ آهي ته پوءِ اسان کي چوڻ گهرجي ڇا ته خدا هڪ ناهي پر گهڻا آهن؟ ائين ته خلق ۾ گمراهي پيدا ٿيندي.
    ٻيو نقص ڪن مولوي صاحبن جو هي آهي جو مخالف فرقي وارن سان تعلقات رکڻ يا ملڻ جلڻ ته پنهنجي ماڳ پر سندن منهن پوڻ ۽ ساڻن ڳالهائڻ کان سؤ ڪوه پري پيا ڀڄندا. ائين ڪرڻ سان ته اٽلندو غلط فهميون ۽ فرقا وڌندا. حق ائين آهي ته مخالف خيالن وارن کي پاڻ ڳولي لهجي ۽ سندن خيال معلوم ڪجن ۽ دل سان هنڊائجن ۽ تحقيقات ڪجي ۽ پوءِ ساڻن وڻندڙ نموني ۾ گفتگو ڪجي ته من حق ۽ باطل جي وچ ۾ تفاوت سمجهي حق کي قبول ڪري. نه رڳو مخالف فرقي وارن سان پر خود يهودين، عيسائين، هندن، ۽ مشرڪن وغيره سان به ملڻ جلڻ گهرجي ۽ انهن سان عزت سان پيش اچڻ گهرجي ۽ ساڻن وڻندڙ نموني سان گفتگو ڪجي. جيڪو ائين نٿو ڪري تنهن کي سمجهبو ته يا ته پنهنجي علم ۽ قابليت ۾ ڀروسو ڪونه هيس يا ته اسلام کي ڪوڙو ٿو سمجهي. ساڳيءَ طرح مخالفن جا ڪتاب پڙهجن انهيءَ لاءِ نه ته انهن کي هروڀرو رد ڏجي پر انهيءَ لاءِ ته انهن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون صحيح آهن ڪهڙيون غلط آهن. جيڪڏهن ڪنهن به ڪتاب کي سراسر غلط ٿو ڪوٺجي ته وڏيون خرابيون پيدا ٿي ٿيون پون. مثلن جيڪڏهن انهيءَ ۾ لکيل هجي ته علم پڙهڻ چڱو آهي ته پوءِ رواجي ماڻهو سمجهندا ته علم پڙهڻ خراب آهي ڇو ته فلاڻي مولوي صاحب فرمايو آهي ته اهو سڄو ڪتاب غلط آهي.
    انصاف ته هيئن ٿو چوي ته جيڪڏهن ڪي انسان جاهل يا گنهگار، بدڪار، بي دين ۽ شيطان آهن ته اهي پاڻ سان ظلم ٿا ڪن ۽ اسان کي مٿن رحم اچڻ گهرجي ۽ حڪمت عملي سان ساڻن ملي هنن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هنن کي ڏوه ڏيڻ بدران پاڻ کي ڏوه ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهو عالمن جو ئي قصور آهي جو تبليغ جو فرض پوريءَ طرح ادا نٿا ڪن. ڏسو ته رسول الله ﷺ پنهنجي سڄي زندگي تبليغ ۾ صرف ڪئي جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو ٿورن خود غرض ۽ هٺيلن قريش کان سواءِ سڀ جاهل عرب مسلمان ٿي پيا ۽ اصحاب سڳورا به جتي ويا اتي فوجن جون فوجون (عيسائي يهودي پارسي صابئي وغيره) مسلمان ٿينديون ويون. هن وقت جيڪڏهن غير مسلمان، مسلمان نٿا ٿين بلڪ خود مسلمان غير مسلمانن کان به وڌيڪ بيڪار ۽ بدڪار ٿي پيا آهن تنهن لاءِ انهن کي ڏوه ڏيڻ نه گهرجي پر پاڻ کي ڏوه ڏيڻ گهرجي. عالم سڳورا ٻين جي عيبن جانچڻ ۽ انهن کي ڌڪارڻ جي بدران پنهنجي گريبان ۾ نهارين، پنهنجا عمل جانچين ۽ پنهنجي علم ۽ قابليت ۽ اخلاقن ۽ فرض ادائيءَ جو اندازو ڪن ته پوءِ انشاءَ الله کين سڌاري جو شوق پيدا ٿيندو. عالم جيڪڏهن ٻين ماڻهن کان ٽهن ٿا ۽ گوشه نشيني اختيار ٿا ڪن ته انهيءَ جو سبب فقط هڪ ئي ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ بيڪار آهن.


    فرقا ۽ اتفاق

    جيڪڏهن اسان رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن واري واٽ وٺڻ تي متفق ٿي وڃون ۽ نين ڳالهين ۽ نون مسئلن کي وزن نه ڏيون ته پوءِ اسان ۾ فرقا هجن ئي ڪونه. فرقن جي پيدا ٿيڻ ڪري ۽ فرقن جي وچ ۾ وري تعصب ۽ عداوت ۽ فسادن ۽ جنگين ٿيڻ ڪري اسلامي دنيا تباه ٿي ويئي آهي. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيو. اسان ٿوري ٿوري اختلاف سبب هڪ ٻئي کان جدا ٿي ٿا وڃون ۽ هڪ ٻئي جا گلا ٿا ڪاٽيون. اسان جو رسول ﷺ به هڪ، ڪتاب به هڪ، تنهن هوندي به اسان هڪ ٻئي کون جدا ٿي وڃون سا افسوس جي ڳالهه آهي. قرآن شريف ۾ اهو به اخلاقي حڪم آهي ته هڪ ٻئي تي نالا نه ڌريو. جيڪڏهن نالا نه ڌريا وڃن ها ته جيڪر فرقا ڪونه هجن ۽ نڪا جدائي هجي ها. مان پنهنجي سر چاهيندو آهيان ته جيڪڏهن مون کان ڪو پڇي ته تون شيعو آهين يا سني، حنفي آهين يا شافعي ۽ وهابي آهين يا احمدي ته مان چوندس ته مان مسلمان آهيان. اهي مٿيان نالا قرآن شريف ۾ آهن ئي ڪونه. فرقن بابت جا حديث ڏني ويندي آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اسلام ۾ 73 فرقا ٿيندا تنهن بابت مولانا شبلي لکي ٿو ته هٿرادو ٺهيل آهي. مان وري به چوان ٿو ته اسان جيڪڏهن خود ساخته مسئلن کي وزن نه ڏيون ۽ فقط رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي قولن ۽ فعلن جي تحقيقات سچيءَ دل سان ڪيون ۽ قرآن شريف بابت اوائلي تفسيرن تي ڌيان ڏيون ۽ انهيءَ اصول کي سمجهون ته اسلام چڱا اخلاق سيکارڻ ۽ ذات انسان جي بهتري ۽ ترقي لاءِ آيو ته پوءِ فرقا بلڪل نابود ٿي ويندا. مان ته ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن هڪ غير جانبدار يعني غير مسلمانن جي ڪاميٽي اٽڪل 7 ميمبرن جي مقرر ڪجي ۽ چئجي ته توهان اسلام جو اڀياس ڪري ڏهن سالن اندر اسلام جي تعليم جي رپورٽ لکي پيش ڪيو ۽ جيڪي مکيه اختلاف آهن تنهن تي پنهنجي راءِ ڏيو ته مان اميد ٿو ڪريان ته گهڻو ڪري اتفاق راءِ سان رپورٽ پيش ڪري سگهندا. اڄ ڪلهه اهڙا غير مسلمان گهڻائي آهن جن کي عربي زبان جي چڱي واقفيت ۽ اسلام جو گهڻي قدر علم آهي. ازان سواءِ هيئن به ڪري سگهجي ٿو ته تمام وڏن عالمن مان ٻه سني ٻه شيعا ٻه وهابي ٻه قادياني گڏجي ٽي يا چار سال دوستاني نموني ويهي متفقه رپورٽ تيار ڪن. جيڪي منجهن اختلاف ٿين ۽ پاڻ ۾ ٺهي نه سگهن، تن بابت ٽن غير مسلمانن جي اڳيان پنهنجا خيال پيش ڪن پوءِ گڏجي هڪ رپورٽ تيار ڪن جنهن ۾ ڏيکارين ته ڪهڙين ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو، تن بابت غير مسلمانن ڪهڙو فيصله ڏنو ۽ مختلف ڌرين ڪهڙي پنهنجي پنهنجي لکيل رپورٽ پيش ڪئي. مان ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن اهو تحرڪ ورتو وڃي ته اهڙي ڪاميٽيءَ لاءِ اهڙا ميمبر مقرر ڪجن جي سچي دل سان حق جا طالب ۽ اتفاق قائم ڪرڻ جي ڪوشش وٺندا هجن ته پوءِ گهڻي قدر اتفاق قائم ٿي ويندو ۽ آئينده لاءِ هر سال زبردست عالمن جي ڪانفرنس ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويندو.
    ٻي ضروري ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن سڀ ماڻهو علم کي لڳي وڃن ۽ سڌيءَ طرح قرآن ۽ حديث جو علم حاصل ڪن ته به گهڻي قدر اختلاف هليا ويندا.
    مان هاڻي ڪن فرقن بابت ٿورو ڪجهه لکڻ گهران ٿو. جيتري قدر مون کي علم آهي تنهن مان نتيجو اهو ئي ڪڍان ته شيعن ۽ سنين جا فرقا ملڪي تڪرارن يعني خلافت جي سوال تي اختلاف هئڻ ڪري پيدا ٿيا. هڪڙو فرقو هميشه اها ڪوشش ڪندو رهيو ته خلافت بنو فاطمه وارن کي ملڻ گهرجي. انهي ڪري وقت جي خليفن بنو فاطمه وارن تي سخت ظلم ڪيا، جنهن ڪري پاڻ هنن لاءِ وڌيڪ همدردي پيدا ٿي. ٿي ڪجهه ڪين سگهيو پر نتيجو اهو ٿيو جو هڪڙو فرقو ٺهي پيو جن ملڪي سوالن کي مذهبي سوال کڻي بڻايو. چوندا آهن ته "مئا پَرُ، پِٽِجن هيلهه.“ هي به ساڳيو قصو آهي. خلافت پهريائين حضرت علي رضي الله کي ملڻ کپندي هئي يا نه تنهن سوال جو فيصلو انهن مسلمانن کي ڪرڻو هو. هن وقت انهيءَ سوال کي ڇيڙڻ مان عملي فائدو ڪهڙو؟. انهيءَ زماني جي مسلمانن غلط فيصلا ڪيا يا صحيح ڪيا تنهن جو حساب الله تعاليٰ وٽ ڏنو هوندائون ۽ ڏيندا. اسان کي انهن سوالن جو فيصلو ڪرڻو آهي جيڪي هاڻي اسان کي درپيش آهن.
    مگر جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن ضد سببان هروڀرو به اختلاف پيدا ڪيا ويا. شيعا پهريائين ٽن خليفن بلڪ اهل بيتن کان سواءِ سڀني اصحابن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بلڪ منافق وغيره ڪوٺڻ کي ايمان جو جزو سمجهڻ لڳا. سني وري هن عقيدي تي ايمان جو جزو سمجهڻ لڳا ته سڀني کان ڀلارو حضرت ابوبڪر صديق پوءِ حضرت عمر پوءِ حضرت عثمان ۽ پوءِ حضرت علي () هو. ازانسواءِ امير معاويه ۽ يزيد ۽ سندن اولاد جي طرفداري ۾ به حد کان ٻاهر لنگهي ويا اگرچه پوئين سوال سان نه هن وقت اسان جو ڪو تعلق؟ آهي تي ڪونه. فلاڻو ماڻهو جو تيرهن سو ورهيه اڳي گذاري ويو سو مسلمان هو يا نه، چڱو هو يا خراب تنهن جو اسان جي مذهب سان ڪهڙو تعلق. اسان جو مذهب آهي قرآن ۽ حديث. البت پهرين ٽن خليفن ۽ اصحابن سڳورن کي گهٽ وڌ چوڻ جو تعلق؟ اڻ سڌيءَ طرح سان وڏو اثر ٿو رکي. سڌيءَ طرح سان ته اسان جو واسطو انهن عقيدن ۽ احڪامن سان آهي جيڪي قرآن شريف ۽ رسول الله ﷺ پنهنجن قولن ۽ فعلن جي وسيلي اسان جي رهنمائي ۽ تعميل لاءِ سيکاريا آهن. مگر قرآن شريف ۽ صحيح روايتون ڏيکارين ٿيون ته رسول الله ﷺ اهڙي قوم پيدا ڪري ويا جنهن کي خير الامم سڏجي ٿو. شيعا جيڪڏهن سمجهن ٿا ته اصحاب منافق ۽ ڪوڙا هئا ته نه رڳو الله ۽ سندس رسول ﷺ ڪوڙا ٿي ٿا پون، پر هي ڳالهه به ثابت ٿي ٿئي ته رسول الله ﷺ جن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪونه ٿيا، يعني جاهل ۽ وحشي عربن ۾ سڌارو ڪونه ڪري سگهيا. حالانڪه غير مسلمان به قبول ٿا ڪن ته رسول ﷺ وحشين کي مهذب قوم بڻائي ويا. سچي ڳالهه آهي ته ڪن اڳوڻن پيغمبرن کي به پوري ڪاميابي حاصل نه ٿي. انهيءَ ڪري ڪو هنن جو شان گهٽ نه چئبو. پر جن جن ماڻهن مٿن ايمان نه آندو سي تباه ٿي ويا. ازان سواءِ هو آخري پيغمبر نه هئا. آخري پيغمبر اهو ئي هئڻ گهرجي جو ڪامياب ٿئي ۽ سندس قوم سندس تعليمات کي عملي جامون پهرائي. ان جو نتيجو حاصل ڪري پوين لاءِ ڪافي مثال ثابت ٿئي. مون کي يقين آهي ته جن شيعن صاحبن کي چڱو علم آهي سي اصحاب ثلاثه کي گهٽ وڌ چوڻ بدران سندن تعريف ئي تعريف ڪن. مثلن آنربل سيد امير علي هڪ شيعو هو مگر اصحابن سڳورن کي نهايت سچو ۽ اعليٰ اخلاق وارو ٿو سمجهي.
    ٻي ڳالهه ضروري هي آهي ته قرآن شريف جي عبارت گهڻي قدر مجمل آهي. رسول الله ﷺ جا قول ۽ فعل ان جو تفسير آهن. تاهم اصحابن سڳورن جا قول ۽ فعل موجود نه هجن ها ته اسان پوين جي لاءِ گهڻي قدر مونجهارو ٿئي ها. اهو ئي سبب آهي جو رسول الله ﷺ جن پاڻ فرمايو ته منهنجا اصحاب هدايت جا ڏيئا آهن.
    پر شيعا چون ٿا ته حضرت علي رضي الله ۽ ٻيا يارهن امام هدايت لاءِ ڪافي آهن. مون کي يقين آهي ته حضرت علي، امام حسن، امام حسين، امام باقر ۽ امام جعفر صادق نهايت اعليٰ درجي جي رهنمائي ڪري ويا آهن ۽ مون کي اهو به گمان آهي ته سني صاحبن انهن جي تصنيفن مان اهو فيض نه ورتو آهي جو وٺڻ گهربو هو (بلڪ هنن ٻين اصحابن سڳورن جي واٽ به گهڻي قدر ڇڏي ڏني آهي جيئن هن ڪتاب ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿم) پر رڳو انهن جي رهنمائي ڪافي ناهي ڇو ته انهن مان فقط حضرت علي رضي الله کي خلافت ملي سا به تمام ٿورو وقت هلي ۽ اهو ٿورو وقت به جنگين ۽ انقلابن ۾ صرف ٿي ويو. مگر حضرت علي پهرين ٽن خليفن جي وقت ۾ هميشه خلافت جي بارگاه ۾ حاضر رهندو هو. سڀ ڪم ڪار ۽ فيصلن ۾ سندس صلاح ۽ مشاورت ورتي ويندي هئي. ان وقت پاڻ کيس اسلام سمجهائڻ لاءِ ڪافي فرصت هوندي هئي. سندس خطبن وغيره مان اسان کي پورو پورو فيض وٺڻ گهرجي.
    اتفاق سان شيعن صاحبن جي هڪڙي مجتهد سان مون کي ملڻ جو موقعو مليو. جيڪا گفتگو ڪيائين تنهن مون کي بلڪل حيران ڪري ڇڏيو. هن چيو ته قرآن شريف سمجهائڻ جي طاقت فقط رسول ﷺ کي هئي. اهو لدني علم پاڻ صرف حضرت عليءَ کي ڏيئي ويا جو پنهنجو لعب مبارڪ حضرت عليءَ جي دهن مبارڪ ۾ وڌائون. پوءِ هر هڪ امام اهو علم ساڳيءَ طرح ٻئي کي ڏنو تان جو ڪل ٻارهن امام ٿيا ۽ امامن جو سلسلو ختم ٿيو. مون پڇيو ته جيڪڏهن ٻارهن امامن کي قرآن شريف سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جي طاقت هئي ته ٻارهن امامن کان پوءِ هيترين صدين ۾ ڪنهن قرآن شريف سمجهايو ۽ هاڻي ڪير سمجهائي. فرمايائين ته هاڻي ڪوئي ڪونهي. هي آزمايش جو زمانو آهي. هن جو مطلب اهو ٿيو ته ٻارهين امامم جي گذارڻ بعد مسلمانن کي قرآن شريف سمجهڻ جي نڪا طاقت آهي نڪو انکي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو حق اٿن. ٻارهين امام بعد اسان سڀ ۽ خود پاڻ متجهد صاحب گمراه آهيون. جيڪڏهن ائين آهي ته قرآن شريف، نماز، روزا ۽ ٻيا اسلامي عمل وغيره سڀ ڇڏي ڏيڻ گهرجن. (نعوذ بالله منها) الله تعاليٰ اهڙو بي انصاف ڪيئن ٿيندو جو جيڪڏهن قرآن شريف سان گڏ ڪنهن لدني علم واري امام جي ضرورت به هجي ته به اهڙو امام پيدا نه ڪري ۽ اسان کي گمراه ڪري هلاڪ ڪري ڇڏي. ها جيڪڏهن ائين چوي ها ته انهن ٻارهن امامن جون تصنيفون اسان جي لاءِ ڪافي رهنما آهن ته پوءِ کائنس پڇان ها ته مهرباني ڪري انهن جي تصنيفن جي لسٽ ڏيو. مان خوشيءَ سان اهي پڙهندس ۽ ڪو به سني انهن جي پڙهڻ ۽ انهن مان فيض وٺڻ کان انڪار ڪونه ڪندو. نه وري انهن امامن جي تعليمات ۽ ٻين امامن جي تعليمات ۾ ڪو تفاوت هوندو. جي هوندو ته بلڪل فروعي مسئلن ۾، جيئن خود سنين جي امامن جي وچ ۾ به فروعي اختلاف آهن.
    ٻي حيرت جهڙي ڳالهه مجتهد صاحب اها فرمائي ته اصحاب سڳورا منافق هئا ۽ شروعات کان ئي انهيءَ خيال سان مسلمان ٿيا هئا جو کين عقل جي وسيلي پڪ ٿي ته ڪنهن ڏينهن حضرت جن بادشاهه ٿيندا ۽ پوءِ سندن وصال بعد اسان بادشاهي ڪنداسين. جيڪي قربانيون اسلام واسطي ڪيائون سي به انهيءَ خود غرضي جي نيت سان ڪيائون. الله اڪبر! هن مجتهد صاحب کي اها به خبر ڪانهي ته خلافت حاصل ڪرڻ بعد موجون ماڻيائون يا ٻيڻا بار گردن تي رکي آرام ڦٽائي تڪليفون سهي قوم جي خدمت ڪيائون. مون کانئس پڇو ته رسول الله ﷺ جن کي اها خبر ڪا نه هئي ته هو منافق آهن. پاڻ فرمايائين ته خبر هين. مون چيو ته پوءِ اهڙن منافقن کي ڇو پنهنجي ويجهو رهڻ ڏنائون ۽ سندن تعريف ڪيائون، ساڻن مائٽيون ڳنڍيائون ۽ کانئن هر قسم جي مدد ورتائون. تنهن تي جواب ۾ چيائين ته رسول خدا جا منافقن کان به ڪم وٺندا آهن جيستائين ڪ اهي ظاهر ظهور منڪر ۽ ڪافر سڏائين. (نعوذ بالله منها) هي خود رسول الله ﷺ جي هتڪ ۽ توهين آهي. بلڪ کين به منافق ڪوٺڻ جي برابر آهي. انهيءَ مجتهد صاحب کي جيڪڏهن ان ڳالهه جو فيصلو ڪرڻو هجي ته غير مسلمانن کان ڪرائي جي نه شيعا آهن نه سني آهن بلڪ مسلمان ئي نه آهن.
    جيڪڏهن ٻيا شيعا به هن ردي مجتهد جهڙا آهن ته پوءِ منهنجي اها تمنا ته سني شيعا هڪ ٿي وڃن، سا هڪ خواب آهي بلڪ جنون آهي. پر مان نٿو ڀانيان ته سڀ شيعا انهن خيالن جا آهن. پر جيڪڏهن آهن به ته به ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪوشش جاري رکڻ سڀ ڪنهن چڱي عالم جو فرض آهي. بلڪ عالمن کي گڏجي متفق طور اهڙي ڪوشش وٺڻ گهرجي ته سڀ فرقا گڏجي هڪ ٿي وڃن.
    شيعن ۽ سنين جي وچ ۾ نه رڳو مٿيان اختلاف آهن پر ضد ۽ عناد سببان فقهي مسئلن ۾ به گهڻا اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. اهي به ڪانفرنس جي وسيلي گهڻي قدر ميٽجي سگهجن ٿا. فروعي مسئلن ۾ اختلافن هوندي به گڏجي هڪ ٿي سگهجي ٿو. پر مکيه سوال آهي نماز جو. سنين ۽ شيعن جي نماز پڙهڻ جو طريقو اهڙو مختلف ٿي پيو آهي جو شيعا سني امام جي پٺيان نماز پڙهڻ پسند نه ڪندا ۽ سني شيعي امام جي پٺيان نماز پڙهڻ پسند نه ڪندا. ۽ اتفاق جو سڄو مدار آهي به گڏجي نماز پڙهڻ تي. تنهنڪري جيڪا ڪوشش پهريائين ڪرڻ گهرجي ۽ جنهن تي سڄي طاقت صرف ڪرڻ گهرجي سا نماز جي اختلافن مٽائڻ ۽ گڏجي نماز پڙهڻ بابت ڪرڻ گهرجي. اگرچه اختلاف نه مٽجي سگهن ته به منهنجو خيال ته هيئن ٿو چوي (ممڪن آهي بلڪ گمان آهي ته مان بلڪل غلط آهيان) ته جتي شيعا گهڻا هجن اتي سني، شيعي امام جي پٺيان فرض پڙهن ۽ جتي سني گهڻا هجن اتي شيعا سني امام جي پٺيان فرض پڙهن ۽ باقي نماز شيعا ۽ سني پنهنجي نموني پڙهن پوءِ مسجد ۾ پڙهن توڙي گهر ۾ وڃي پڙهن. پر جيڪڏهن شيعا مقتدي يا سني مقتدي سمجهن ته اها فرضي نماز ڪانه ٿي ته اها به جماعت سان پڙهڻ بعد وري اڪيلائي ۾ پڙهن جيئن جمعي جي نماز بعد آخر ظهر پڙهبي آهي. شيعن بابت چيو ويندو آهي ته هو قرآن شريف کي مڃن ئي ڪونه. مان ڀانيان ٿو ته اهو الزام فقط غلط فهمي تي مبني آهي. ڪن جاهل شيعن برابر اڻ سڌيءَ طرح قرآن شريف جي صحت ۾ شڪ آندو هوندو. مگر اهو الزام عام طرح لڳائي نٿو سگهجي.
    احمدي فرقي وارن جا ٻه حصا ٿي پيا آهن. هڪڙا قاديان وارا جيڪي مرزا غلام احمد کي نبي ٿا سمجهن ۽ ٻين مسلمانن کي منڪر ٿا ڪوٺين ۽ ساڻن گڏ نماز نٿا پڙهن. انهن کي الله سمجهائي! هو ٻين مسلمانن کان بلڪل جدا ٿي ويا آهن. ٻيا لاهور وارا خواجه ڪمال الدين ۽ مولانا محمد علي جي پارٽي وارا آهن جي مرزا غلام احمد کي مجدد ٿا سمجهن. چون ٿا ته اسلام ۾ فرقو ئي ڪونهي. سڀ اهل قبله مسلمان آهن. هو ڪنهن جي به پٺيان نماز پڙهڻ لاءِ تيار آهن.
    منهنجي دل ٿي چوي ته جيڪڏهن اسان سچي دل سان گڏجڻ چاهيون ۽ نماز گڏجي پڙهون ته رفته رفته مکيه اختلاف مٽجي ويندا. جيڪڏهن اسان کي پاڻ ۾ گڏجڻ تي دل ئي نٿي ڪڍي ۽ دل وجان سان ڪوشش ڪرڻ کان نٽايون ٿا ته پوءِ اسان جي مسلماني ۾ ئي شڪ آهي ڇو ته اسلام جو وڏو مدار اتفاق تي آهي. سورت آل عمران جي ستين رڪوع ۾ الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته چؤ ته اي اهل ڪتاب وارا! اچو هڪڙي اهڙي ڪلمي تي جو اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ مشترڪ آهي (يا انصاف وارو آهي) ته اسان الله کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪنداسين، نه ساڻس ڪنهن کي شريڪ ڪنداسين. نڪي اسان منجهان ڪي خدا کي ڇڏي پاڻ مان ٻين کي رب ڪري وٺنداسين (ڇو ته رب فقط هڪ ئي آهي).
    ناظرينو! انصاف ڪيو ته جڏهن الله تعاليٰ اسان کي غير مسلمانن سان به هڪڙيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي تڏهن اسان کي اهل قبله ڪلمه گو قرآن شريف تي ايمان آڻيندڙ مسلمان ڀائرن، سان جن سان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ موافقت آهي تن سان اتفاق ڪرڻ جو ڪيڏو نه سخت تاڪيد ۽ جدا ٿيڻ کان ڪيڏي نه ترهيب هوندي.


    ڪتب خانه ۽ مطالعي جو شوق

    مان اڳي ئي چئي آيو آهيان ته جن ماڻهن کي مطالعي جو شوق ڪونهي سي پڙهيل ناهن، جاهل آهن بلڪ جاهلن کان به وڌيڪ آهن. جن کي وري مطالي جو ڪجهه ڪجهه شوق آهي تن مان گهڻن جو مزاج اهڙو ته خراب ٿيل آهي جو قرآن شريف ۽ صحيح حديثون هنن کي وڻن ئي ڪونه. ڪتاب به جيڪي قرآن شريف ۽ حديثن مان اخذ ڪيل آهن سي کين ڪونه وڻن. باقي ڪوڙا ۽ واهيات ڪتاب کين وڻندا آهن. يعني سچي هدايت وارا ڪتاب هنن کي گمراهه ڪندڙ ڪتاب نظر ٿا اچن ۽ گمراهه ڪندڙ ڪتاب هنن کي سچا رهبر ٿا ڏسڻ ۾ اچن. مان اخبارن خواه گفتگوءَ جي وسيلي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته اسان جا عالم ۽ اردو ڄاڻندڙ ڪم از ڪم ٻه ڪتاب هڪ مولانا حالي جو مسدس ۽ ٻيو رحمت للعالمين پڙهي ڏسن ته سندن اکيون کلن ۽ سندن مزاج مٽجي. پر جڏهن ڏٺم ته عالمن کي اهڙو شوق ئي ڪونهي جو رڳو 6 آنا خرچ ڪري مولانا حالي جو مسدس گهرائن، تڏهن مون پنهنجي خرچ سان مسدس جون گهڻيون ڪاپيون آڻايون ۽ مفت تقسيم ڪري ڏنيون. مون کي جلد معلوم ٿيو ته هڪڙي چڱي عالم جنهن جهڙو سوَن مان هڪ مس لڀي سگهندو، تنهن به منهنجي پرپٺ چيو ته فلاڻي مولانا حالي جي مسدس ۾ الائي ڇا ڏٺو آهي. مان اها ڳالهه ٻڌي بلڪل حيران ٿي ويس. ان ڪتاب ۾ سراسر قرآن شريف ۽ حديث آهي ۽ اهڙي سهڻي پيرا ۾ ڏنل آهي جو هندستان کي انهيءَ ڪتاب بيدار ڪري ڇڏيو. مگر سنڌ جي هڪڙي چڱي عالم کي به اهو ڪتاب نه وڻيو ته ٻين کي ڪيئن وڻندو. مان نا اميد ٿي غور ويچار ڪري هن نتيجي تي پهتس ته سنڌ جي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪي ٻيا اپاءَ وٺڻ گهرجن، جي ڪجهه قدر اڳي ئي بيان ڪيا اٿم مگر مکيه اپاءُ اڳتي بيان ٿيندا.
    رسول الله ﷺ جو قول مبارڪ آهي ته پينگهي کان قبر تائين علم جي طلب ڪريو. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هر هڪ مسجد ۾ قرآن شريف سنڌي ترجمي ۽ تفسير سان ۽ اڙدو ڪتاب تجريد البخاري هئڻ گهرجي. تجريدالبخاري جو سنڌي ترجمو تمام جلد ڪرڻ گهرجي. نوٽ - (هاڻي تازو مولوي دين محمد صاحب وفائيءَ ڪيو آهي) سنڌيءَ ۾ جيڪي اسلامي ڪتاب موجود آهن سي به رفته رفته آڻائي مسجدن ۾ رکجن. اهي ڪتاب جماعتين کي پڙهڻ گهرجن ۽ اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائڻ گهرجن. حديث سڳوري آهي ته سڀ کان چڱو ڪم اهو آهي جيڪو دائمي طور ڪجي اگرچه ٿورو هجي. گهڻن ئي ماڻهن کي هر روز ٻه ٽي ڪلاڪ فرصت ملي ٿي. پر جيڪڏهن رڳو ڏهه منٽ هر روز يعني ماني کائڻ جي ويرم ڪتابن جو مطالعو ڪجي ته به ڏهن سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7300 صفحا ڪتابن جا پڙهي وڃجن. ڦڙي ڦڙيءَ مان تلاءَ ٿو ٿئي.

    علم
    سڌاري ۽ ترقيءَ جو جيڪڏهن ڪو وسيلو آهي ته فقط هڪ ئي آهي. اهو آهي علم ۽ تعليم. اهو ئي سبب آهي جو الله تعاليٰ جيڪو پهريون پهريون وحي (اقرا باسم ربڪ) نازل فرمايو، سو پڙهڻ ۽ علم ۽ قلم بابت آهي. علم جي فضيلت ۽ ضرورت بابت سوين آيتون ۽ حديثون موجود آهن. در حقيقت علم کان سواءِ مسلمان ٿيڻ ئي محال آهي. قرآن شريف ۾ ڪافرن بابت بار بار چيل آهي ته هو جاهل آهن، هو نٿا ڄاڻن، هو نٿا سمجهن، هو غور ۽ فڪر نٿا ڪن، هو قدرت ۽ فطرت کي نٿا حاصل ڪن. وغيره وغيره. هن مان ثابت آهي ته جهل ڪفر جي برابر آهي يا ڪم از ڪم ڪفر کي ويجهو آهي. مگر اسان جا ڪي عالم سڳورا علم جي اٽلندو مخالفت ڪندا آهن. بي معنيٰ قرآن شريف پاڙهڻ کي ڪافي تعليم ۽ هدايت سمجهندا آهن. اگرچه ڏسن به ٿا ته بي معنيٰ قرآن شريف پڙهڻ مان اسلام جي ڪجهه به خبر ڪانه ٿي پوي. هو رڳو ڪلمي شريف جي معنيٰ به ڪانه سيکاريندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مڪتب ۽ مدرسا ويران ٿي ويا آهن ۽ ٿين پيا.
    مولوي صاحب فرمائيندا آهن ته قرآن شريف ۽ حديثن ۾ جيڪي تاڪيد علم پڙهڻ لاءِ آهن سي ديني علم بابت آهن نه دنيوي علم بابت. حقيقت ۾ اها خصوصيت ڪيل ئي ڪانهي. قرآن شريف ۾ آهي، ”رَّبِّ زِدْنِیۡ عِلْمًا- يعني اي الله سائين ۽ مونکي علم ۾ وڌاءِ. هتي ته لفظ علم جي اڳيان ال به ڪانهي جنهن ڪري ان کي هرو ڀرو ديني علم سان لڳائجي. هڪ حديث شريف ۾ آهي ته، ”اطلبو العلم ولو کانه با الصين- يعني علم جي طلب ڪريو اگرچه چين ۾ هجي.“ هڪڙي حديث انهيءَ کان به وڌيڪ چٽي آهي جنهن مان بلاشڪ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته دنيوي علم بابت آهي. اها هي آهي، ”الحکمت ضالت المومن خبث وجدها فهو احق بها- يعني حڪمت مسلمان جي وڃايل شيءِ آهي پوءِ جتي به ان کي لهي ته هو ان جو حقدار آهي.“
    ٻيو عالمن خواه عام ماڻهن ۾ هڪڙو غلط خيال هي ويٺل آهي ته زالن کي پڙهائڻ جو حڪم بلڪل ڪونهي.جيڪڏهن کڻي پاڙهجن ته به لکائجين نه. تواريخ مان ثابت ٿيو آهي ته زناني تعليم کان سواءِ ڪنهن به قوم جي ترقي اهڙي محال آهي آهي جهڙو ٻٻر کان ٻير وٺڻ . قرآن شريف ۽ حديثن جو حڪم عورتن ۽ مردن لاءِ عام آهي. ڪڏهن به ائين چيل ڪونهي ته اي مرد! تعليم حاصل ڪيو، نڪو ائين چيل آهي ته عورتون قلم هٿ ۾ نه کڻن. تعليمي تجربن مان ڏٺو ويو آهي ته لکڻ کان سواءِ پڙهڻ به محال ٿي ٿو پوي. پهرئين ئي پهرئين وحي ۾ فرمايل آهي ته پڙهه، تنهنجو رب اڪرم (سڀني کان گهڻو مهربان ۽ سخي) آهي جو قلم جي وسيلي علم سيکاريائين. قلم کي جيڪڏهن ايتري فضيلت آهي ته عورتن کي ڇو قلم کان محروم رکجي. ازانسواءِ هڪ حديث ۾ ته هيءَ به چٽائي آهي ته علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي. کڻي سمجهو ته عورتن کي لکڻ کان سواءِ گهڻي تڪليف بعد پاڙهي به سگهجي ۽ هو سڀ ڪتاب چڱيءَ طرح پڙهي وڃن ته پوءِ هي لکي ڪين سگهنديون ڇا؟ بيشڪ لکي وينديون مگر اکر ڪچا ۽ ڏنگا ڦڏا ٿيندا. پوءِ باقي نه لکائڻ مان مقصد ڪهڙو؟ اسان جي عالمن کي اسلام جي تاريخ جي خبر هجي ته جيڪر کين معلوم ٿي وڃي ته اوائلي زماني کان وٺي اورنگزيب بادشاهه جي زماني تائين مسلمان عورتون نه رڳو ديني علم پر دنيوي علم به سکنديون هيون. اورنگزيب هڪ نهايت متشرع بادشاهه هو، جو پنهنجي ڪمائيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ شاهي خزاني کي هٿ به نه لائيندو هو. ان بادشاهه جي مشهور نياڻي بيبي زيب النساءَ جنهن تي عالمگير کي فخر هوندو هو سا دنيوي علم به پڙهي هئي، لکڻ ۾ به قابل هئي ۽ عجب ته هي آهي ته شعر گوئي به ڪندي هئي ۽ انهن ملڪن جي عالمن ۽ شاعرن سان بحث مباحثا ڪندي هئي. عورتون اسلام جي تبليغ ڪنديون هيون. جنگين ۾ حاضر رهي مڙسن جون خدمت ڪنديون هيون ۽ جنگ وقت صفن جي پٺيان بيهي شعرن وغيره جي وسيلي مڙسن کي همٿائينديون هيون. ڦٽيلن کي مرهم پٽي ڪنديون هيون ۽ ضرورت وقت پاڻ به وڙهنديون هيون. اڄوڪا عالم ۽ پير پنهنجي عورتن کي اهڙو پوري ٿا ڇڏين ۽ اهڙو جاهل ٿا رکن جو نه هنن کي دنيا مان فيض حاصل ٿئي نه دنيا کانئن فيض وٺي. انهن جو نالو ظاهر ڪرڻ به عيب ۽ عزت جي گهٽتائي سمجهي وڃي ٿي حالانڪه رسول الله ﷺ جي حرمن مبارڪن جا نه رڳو نالا معلوم آهن پر پري پري جا مسلمان کانئن اچي حديثون ۽ مسئلا سکندا هئا.
    پردي جي مسئلي تي مان هت بحث ڪونه ٿو ڪيان مگر ايترو لکان ٿو ته اصحاب سڳورا اهڙو سخت پردو ڪونه ڪندا هوا جهڙو اسان جا ڪي پير ۽ عالم ڪن ٿا ۽ جو پردو فقط ڪي آسوده حال ماڻهو ڪري سگهن ٿا. مگر مسڪين نٿا ڪري سگهن. حالانڪه اسلام جا احڪام خصوصن پردي جو حڪم غريبن ۽ شاهوڪارن لاءِ عام آهي. تنهنڪري هئڻ به اهڙو گهرجي جنهن تي سڀئي عمل ڪري سگهن.
    مگر هتي پردي جو سوال ڪونهي. علم جو سوال آهي. دنيوي علم کان سواءِ ديني علم سمجهڻ به اهڙو محال آهي جهڙو لکڻ کان سواءِ پڙهڻ. اهو ئي سبب آهي جو مڪتبن ۽ مدرسن جي تعليم بلڪل ردي ۽ بيڪار ٿي وئي آهي. طالب علم زبان سان لفظ چوندا ويندا آهن مگر سمجهندا ڪجهه به ڪين آهن. پر فرض ڪيو ته لکڻ جو به ضرور ڪونهي ۽ دنيوي علم جو به ضرور ڪونهي. پر ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي عالمن ڇا ڪيو آهي. جن کي رڳو قرآن شريف پاڙهيو وڃي ٿو سي ته جاهل آهن. باقي رهيا اهي ٿورا شاگرد جن کي پارسي ۽ عربي پاڙهي ٿي وڃي تن جي حالت به رحم جوڳي آهي. ست سال پارسي تي لڳيو وڃن ته به نه پارسي ڳالهائي سگهن نه پارسيءَ ۾ خط پٽ لکي سگهن. اسلام جي ته خبر به ڪانه. ڏاڙهي اچڻ بعد عربي شروع ٿئي. گهڻا ته پارسي پڙهندي ئي بيزار ٿي مدرسو ڇڏي ٿا وڃن پر جيڪي همت ڪري پارسيءَ مان پار پئجي عربي شروع ڪري ٿا ڏين، تن کي عربي به پارسيءَ کان وڌيڪ ڏکئي نموني پاڙهي وڃي ٿي. صرف ۽ نحو بنا سمجهڻ جي طوطي وانگر حفظ ڪرڻ سو ٽڪر ڪاٽڻو آهي. فرهاد جهڙن عاشقن کان سواءِ ٻيا سڀ ڀڄي پٺ ٿا ڪن. جيڪي ويچارا محنتون ڪري صرف نحو مان پار ٿا پون تن کي به اڃا ته اسلام جي الف جي خبر به ڪانه پوي. جڏهن ڪي قرآن ۽ حديثون پڙهن تڏهن ڪا خبر پوي. مون کي ذاتي تجربي مان خبر آهي ته عربي جو ايترو مادو پيدا ڪونه ٿو ٿئي جو عربي ڳالهائي سگهن يا عربي لکي سگهن، پر سليس ڪتاب پاڻ پڙهي معنيٰ ڪڍي سگهن، جڏهن فقه يا قرآن شريف يا حديثون پڙهن ٿا تڏهن استاد صاحب جيڪي چوندو وڃي سو هو به چوندا ٿا وڃن. نه سمجهن نه سوال پڇن. مان پاڻ مدرسن ۾ آزمودا ڪري ڏٺا آهن. هڪڙي مدرسي ۾ ڪن طالب علمن فقه جو ڪتاب پي پڙهيو. عربي به پڙهيائين ان جي معنيٰ به طوطي وانگر چئي ويو. چيو مانس ته انهيءَ جو مطلب ته سمجهاءِ. جواب ڏنائين مطلب پوءِ سمجهنداسين. هڪڙي مدرسي ۾ اسلامي عقائدن بابت سوال پڇيم. مولوي صاحب هڪدم جواب ڏنو ته عقائد پوءِ سکندا. عربي پڙهندڙ شاگردن کي اها به خبر ڪانه هئي ته مسلمان ڇاکي ٿو چئجي.
    حقيقت هئين آهي ته لکڻ کان سواءِ پڙهڻ محال آهي ۽ دنيوي علم کان سواءِ ديني علم سمجهڻ محال آهي.بلڪ ديني ۽ دنيوي علم ۾ فرق ڪرڻ ئي چُڪَ آهي. اسان جو دين اسلام اهي ئي حڪم احڪام ٿو ڏئي جيڪي دنيا سان تعلق رکندڙ آهن ۽ منجهن دنيوي فائدا رکيل آهن. اسلام سيکاري ٿو ته دنيا ۾ ڪيئن هلجي چلجي ۽ ٻين سان ڪهڙي طرح پيش اچجي ۽ ڪيئن معاملات ۽ تعلقات رکجن وغيره وغيره. هاڻي جيڪڏهن اسان کي دنيا جي واقفيت ئي ڪانهي ته دين جا احڪام ڪيئن سمجهڻ ۾ ايندا. اهو ئي سبب آهي جو اسلام جا ٻهراڙيءَ جا عالم جن دنيوي علم نه پڙهيا آهن ۽ دنيا جي واقفيت ڪانهي سي جاهلن جهڙا آهن. مگر اهي عالم جن دنيوي علم به پڙهيو ۽ دنيا سان واقفيت به رکيائون تن دنيا تي اثر وجهي ڇڏيو آهي ۽ وڏو انقلاب پيدا ڪري ويا آهن مثلن مولانا حالي ۽ مولانا شبلي.
    سمجهو ته هڪڙو شخص ڄائي ڄم کان نابين آهي. هن کي توهان لفظن جي وسيلي اونده ۽ روشنائي ڪين سمجهائي سگهندؤ، نڪي مختلف رنگن جي حقيقت سمجهائي سگهندو. ڪنهن شخص انب ۽ زيتون ڪونه کاڌا آهن. هن کي لفظن جي رستي انهن جو سواد ڪونه سمجهائي سگهندو. اهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهو کي ڄائي ڄم کان ڪنهن غار ۾ رهايو ۽ کيس ڪنهن نوڪر هٿ رڌل پڪل طعام موڪليو. کيس سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل عالم استاد تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري ڏيو ته هو طوطي وانگر ڪي لفظ سو چئي سگهندو مگر هن کي علم رڳو هيٺين ڳالهين جو حاصل ٿي سگهندو. 1- اهي طعام جي کاڌا هوندائين 2- اهو غار جنهن کان ٻاهر اصل نه نڪتو 3- انهيءَ نوڪر جي شڪل ۽ انهيءَ استاد جي شڪل 4- کائڻ پيئڻ. ٽورو پيشاب ۽ بدن جي حالت. بس ٻيو ڪجهه به کيس سمجهڻ ۾ نه ايندو. اها ئي حالت انهن عالمن جي آهي جن کي دنيوي علم ڪونهي. هو اسلام بلڪل ڪونه ٿا سمجهن. اهو ئي سبب آهي ته هو رڳو معجزن ۽ ڪرامتن جي قصن تي زور ڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو قرآن شريف، نماز، وظيفن وغيره کي رڳو منتر کڻي بڻايو اٿن. کين دنيا جي واقفيت هجي ۽ دنيا ۾ جي آسانيون ۽ تڪليفون درپيش ٿيون اچن تن جي خبر هجين ۽ کين معلوم هجي ته اسان ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن ۾ مبتلا آهيون ۽ ڇا جي ڪري اهي مصيبتون اسان تي نازل ٿيون آهن ته هڪدم قرآن شريف ۽ حديثن جي حڪمن جون خوبيون ۽ حڪمتون ۽ اثر سندن خيال ۾ اچي وڃن. نه رڳو ايترو پر قرآن شريف ۽ حديثن ۾ اهڙا اهڙا اڻ کٽ خزانا آهن جو انهن کي سمجهه تڏهن پوندي ۽ انهن جي سچائي ۽ ڪارائتي هئڻ جي تڏهن پروڙ پوندي جڏهن ايندڙ زمانن ۾ ڪي نيون حالتون پيدا ٿينديون.
    انگلنڊ جو ملڪ هڪ ننڍڙو ملڪ اٽڪل ست هزار ڪوهه پري آهي. ان ملڪ مان هڪ مٺ ماڻهن جي ست ولايتون لتاڙي هندستان ملڪ ۾ آئي ۽ واپار شروع ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي زور وٺايو. منجهن حب الوطني به اهڙي جو ڊاڪٽر برائڊن کي جڏهن شاهه جهان بادشاه چيو ته جيڪو انعام گهرڻو هجيئي سو گهر تڏهن چيائين ته مون کي پنهنجي لاءِ ڪجهه نه گهرجي مهرباني ڪري منهنجي ملڪ جي ماڻهن کي واپار جون سهولتون ڏيو.
    ٿورڙن ئي سالن ۾ اها مٺ ماڻهن جي نه رڳو ٻين يورپي رقيبن فرنچن وغيره تي غالب پئي، پر رفته رفته سڄو هندستان پنهنجي عقل ۽ علم جي وسيلي فتح ڪري بادشاه ٿي ويهي رهيا. اسان جا عالم سڳورا مسجدن جي ڪنڊن ۾ ويهي تسبيون سوري پليت نصارن تي لعنتون پڙهڻ لڳا ۽ ماڻهن کي هدايت ڪرڻ لڳا ته نصارن جي ويجهو نه لنگهو. سندن اسڪولن کان پري ڀڄو. سندن پيسي ۽ نوڪريءَ کي حرام سمجهو. نتيجو اهو ٿيو جو نصارن کان پري به رهي نه سگهياسين ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ پست پئجي دنيا به وڃائيسين ۽ دين به وڃايوسين. انهيءَ کان ته اها صلاح ڏين ها ته هلو ته هلي سمنڊ ۾ ٻڏي مرون ته بهتر ٿئي ها ڇو ته ان تي عمل ته ڪري سگهجي ها ۽ ٻين قومن جي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ ته نه ڦاسون ها. پر ڀلو ٿئي سر سيد احمد خان جهڙن انسانن جو جن علمائن جي مخالفت ڪري مسلمانن کي تباهي کان ڪجهه قدر بچائي ورتو ۽ مولوين جي مخالفت هوندي به مسلمان ڪجهه قدر سجاڳ ٿيا آهن ۽ سمجهن ٿا ته دنيا ۾ ڪامياب ٿي رهڻ نه رڳو دنيائي طرح ضروري آهي پر ديني طرح به ضروري آهي.
    خبر ناهي ته مولوين سڳورن دنيوي تعليم ۾ ڪهڙو ڪفر ڏٺو هو. دنيوي تعلم دنيا ۾ پيسو ڪمائي خوشحال رهڻ لاءِ ضروري آهي. خوشحالي ۽ آسودگي حرام ۽ ننگي سڃائي حلال آهي ڇا؟ دنيوي تعليم عقل ۽ دنيا جي واقفيت وڌائي ٿي. اسلام بي عقل ۽ جاهل رهڻ جي هدايت ٿو ڪري ڇا؟ جيڪڏهن دولت اهڙي خراب آهي ته سخيءَ جو درجو اهڙو بلند ڇو ٿيو آهي؟ سخاوت ۾ هڪ کارڪ ڏيڻ به وڏو ثواب آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي دنيوي علم ۽ هنر سيکاري هوشيار ڪري هزارن رپين ڪمائڻ جي لائق ڪجي ته ڪيڏو نه ثواب سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌي يا انگريزي ٻولي سکڻ گناهه آهي ته تڏهن سڀني مسلمانن کي فقط عربي ٻولي سکڻ ۽ ڳالهائڻ گهرجي ڇا؟ جيڪڏهن ٻولين سکڻ ۾ ڪفر ڪونهي ته ڀلا ليکي چوکي ۽ حسابن سکڻ ۾ ڪفر آهي ڇا؟ انهن ۾ ڪفر ڪونهي ته ڀلا تاريخ ۽ جاگرافي ۾ ڪفر آهي ڇا؟ تڏهن ڇا ۾ ڪفر آهي؟ تاريخ جو علم اهو اعليٰ علم آهي جيڪو اسلام ۽ ترقي لاءِ اشد ضروري آهي. تاريخ مان خبر ٿي پوي ته مختلف قومون مختلف ملڪن ۽ مختلف زمانن ۾ ڪهڙيءَ طرح گذاري ويون. سندن علم ۽ عقل، سندن رسمون ۽ رواج، سندن هنر ۽ ڌنڌا، سندن خوراڪ ۽ پوشاڪ، سندن خيال ۽ عقيدا، ليڊرن ۽ رهبرن جا حالات، انهن جو قوم تي اثر، سڌارا يا بگاڙا، سبب ۽ انهن جا نتيجا، اهي ئي ڳالهيون تاريخن ۾ بيان ڪيل آهن ۽ انهن ئي مان گذريل زمانن جي سڀني قومن جو عقل حاصل ڪري پنهنجو سڌارو ۽ ترقي ڪري سگهون ٿا. ساڳيءَ طرح جاگرافي به اهو علم آهي جنهن جي وسيلي سڄي دنيا جي واقفيت پنهنجي ننڍڙيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ حاصل ڪري سگهون ٿا. سڄي دنيا جا عجب نظارا جبل ۽ درياهه، عمارتون ۽ پليون، سمنڊ ۽ ڍنڍون، ماڻهو ۽ مرون، پکي ۽ جيت، هنر ۽ ڪاريگريون، ڀاڄيون ۽ ميوا وغيره وغيره گهر ويٺي ڏسي سگهون ٿا. سائنس جو علم اهو علم آهي جنهن سڄي دنيا کي تارن، آگبوٽن، ريل گاڏين، هوائي جهازن جي وسيلي ڳنڍي گويا هڪ ننڍڙو ملڪ ڪري وڌو آهي. جنهن کي پيسو آهي سو ٿوريئي وقت ۾ سڄي دنيا جو سير ڪري اچي ٿو گهر کان نڪري. ڪي يار ته سائيڪل تي چڙهي سڄي دنيا جو سير ڪري ٿا اچن. اسان کان بلڪل ڏورانهون ملڪ آمريڪا آهي. ان ملڪ ۾ جيڪي گذريل رات وهيو واپريو تنهن جي خبر اخبارن ۾ صبح سان پئجي ٿي وڃي. راڳ ٿئي بمبئي ۽ ڪلڪتي ۾، ٻڌجي ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾. اهڙا علم ۽ هنر ايجاد ڪيا ويا آهن جن جي وسيلي انسان چڱي تندرستي حاصل ڪري خوشحال گذاري سگهن ٿا. مگر افسوس ته اخلاقي ۽ ديني ڪماليتن نه هئڻ ڪري عقل ۽ علم جون نعمتون گهڻي قدر رائگان وڃن ٿيون. ناظرينو! سوچيو ۽ سمجهو ته دنيوي علمن ۾ ڪفر ڪونهي پر ان مان خدائي نعمتون حاصل ٿيون ٿين. فقط هي ڳالهه آهي ته دنيوي علم سان گڏ ديني علم ۽ اسلامي اخلاق به هئڻ گهرجن. اسان جي عالمن کي جيڪڏهن ڪجهه به اسلام جي خبر هجي ها ته دنيوي علم جو پڙهڻ به ديني فرض ڪري ڏيکارين ها ۽ ان سان گڏ سچي اسلامي تعليم ڏيڻ جو به انتظام ڪن ها. مولوي ۽ ٻيا مسلمان گڏجي سرڪار تي زور رکن ها ته اسان جي ٻارن کي دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم ڏيڻ جو به انتظام ڪيو. يا 6 ڪلاڪن مان 4 ڪلاڪ توهان جا ماستر کين دنيوي تعليم ڏين ۽ باقي ٻه ڪلاڪ اسان جا عالم کين اسلام سيکارين. جيڪڏهن سرڪار ائين ڪرڻ کان به انڪار ڪري ها ته پوءِ پنهنجا اسڪول اهڙا کولين ها جن ۾ انگريزي نموني واري دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم به شامل ڪن ها. ارمان جي ڳالهه آهي ته ڪي مولوي صاحب اڃان تائين انگريزي تعليم جي مخالفت ڪندا اچن سو هن ڪري جو انگريزي خوانده پنهنجي پوشاڪ ڇڏي انگريزي پوشاڪ اختيار ٿا ڪن، ڏاڙهي مڇون چٽ ٿا ڪرائين، بلڪ ڪي ته روزا ۽ نمازون ۽ اسلام ئي ڇڏي ٿا ڏين. ان ۾ انگريزي تعليم جو ڏوهه ڪونهي پر اسلامي تعليم نه هئڻ جو ڏوه آهي. اڃان سچ چئجي ته عالمن جو ئي ڏوهه آهي جئين اڳي سمجهايو ويو آهي. تڏهن به انگريزي خوانده جاهلن کان وري به چڱا آهن. جاهلن کي نه دين آهي نه دينا آهي نه عقل آهي نه علم آهي. هو وحشين وانگر چوريون ٿا ڪن، چڪلن ۾ ٿا ويهن، ڪڪڙ ٿا ويڙهائين وغيره وغيره.
    انگريزن جي اچڻ وقت اسان جي قوم هر طرح تباهي جي حالت کي پهتل هئي. غفلت ۽ سستي اسان تي غالب پئجي ويئي هئي. انگريزن اسان کي ٺوڪرون هڻي سجاڳ ڪيو. هونئن دنيا و ما فيها کان نا واقف هئاسين، انگريزن اسان کي ان کان واقف ڪيو.
    دنيا ته ڇڏيو پر خود دين به اسان کي اڻ سڌيءَ طرح انگريزن ئي سيکاريو. سو هيئن: چوندا آهن ته ”نادان دوست کان داناءُ دشمن به ڀلو آهي“ يورپي مشنري پادرين اسلام تي سخت حملا ڪيا. هنن جا اهي حملا واجبي به هئا. ڇو ته خود اسان جا ڪي تفسير ۽ ڪتاب اهڙا ته واهيات هئا جو انهن جي ئي وسيلي هنن اسلام کي ڪوڙو ۽ واهيات ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ رسول الله ﷺ کي الاجي ڇا ڇا ثابت ڪري ڏيکاريو. انهيءَ تي ئي ڪن روشن دماغ عالمن کي غيرت آئي جن قرآن شريف ۽ صحيح حديثن ڏي رجوع ڪيو ۽ انهن مصنفن جي ڪتابن ڏي رجوع ڪيو، جن بنو اميه ۽ بنو عباس جي زماني ۾ علم ڪلام کي زور وٺايو ۽ اسلام جون خوبيون فلسفي جي وسيلي سمجهايون. نتيجو اهو ٿيو جو پادرين جي ترديد ڪاميابي سان ڪئي ويئي ۽ اسان کي به سچي اسلام جي خبر پيئي.
    ڪرستان پادرين جو ذڪر به ائين ئي وچ ۾ اچي ويو. اصل مطلب هي هو ته انگريزن جي اچڻ کان علم جي روشني وري اسان جي ملڪ ۾ منهن ڪڍيو ۽ اسان جي مولوين گهڻي قدر ان روشنائي کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه قدر اڃان به ڪن پيا، پر اوندهه تي روشنائي ضرورو غالب پوڻي آهي.


    تعليم

    مان اڳي ئي لکي چڪو آهيان ته اسان جي ديني خواه دنيوي ترقيءَ جو مدار تعليم ئي آهي. اسان جو بگاڙو يا تنزل هن ڪري ٿيو آهي جو اسان وٽ تعليم يا ته اصل آهي ئي ڪانه يا جيڪڏهن آهي ته اهڙي ردي آهي جو نه هڙ نه حاصل. جنهن صورت ۾ مان تعليم کي ترقيءَ جو يگانو وسيلو ٿو سمجهان تنهن صورت ۾ مون تي فرض آهي ته ٻڌايان ته تعليم اڄ ڪلهه ڪيئن ڏني وڃي ٿي، تعليم جا مقصد ڇا آهن ۽ تعليم ڪيئن ڏيڻ گهرجي، ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي. ياد رکڻ گهرجي ته ترقي تڏهن ٿيندي جڏهن هر هڪ انسان مرد خواه عورت پڙهيل هوندي، نه رڳو پڙهيل هوندي پر موت جي گهڙيءَ تائين پڙهندي رهندي. پڙهڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي. اسان جا ماڻهو هر روز گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٽي ڪلاڪ اجايا بيهودين ڳالهين يا بيهودن ڪمن ۾ ضايع ڪن ٿا. جيڪڏهن هرڪو ماڻهو فقط اڌ ڪلاڪ هر روز تعليم وٺي ته به ٽن سالن ۾ هو لکڻ پڙهڻ سکي ويندو. پر جي ٽن سالن ۾ نه ته پنجن سالن ۾ ضرور سکي ويندو. پوءِ کيس گهرجي ته ڪتاب اخبارون رسالا وغيره مطالعو ڪندو رهي. اڄ ڪلهه علم پاڻي وانگر مفت ميسر آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو خيرخواه ۽ همدرد نه لڀي سگهي جو هر روز شائقن کي گڏي ڪلاڪ اڌ مفت تعليم ڏئي، ته پوءِ کيس 5 روپيا ماهوار مقرر ڪري ڏجن. جيڪڏهن 15 ڄڻا پڙهندڙ هوندا ته هر هڪ تي مهيني ۾ پنج آنا چار پايون لڳندا. اها رقم ڪا وڏي ڪانهي. هرڪا آڪهه ڪفايت سان ۽ اجاين خرچن ڦٽي ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 3 رپيا مهينو بچائي سگهي ٿي.
    هلندڙ صديءَ ۾ تعليمي ڪم بابت ايترا تجربا ٿيا آهن ۽ ننڍن خواه وڏن جي دل ۽ دماغ بابت ايتري کوجنا ڪئي وئي آهي جو تعليم جي هنر ۾ هڪ وڏو انقلاب پيدا ٿي ويو آهي. من وديا ۽ تعليم بابت هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن جن جي رکڻ لاءِ ٻه ٽي جايون به پوريون نه پون. ازان سواءِ هزارين ماهوار رسالا تعليم بابت شايع ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪيترائي ماهوار رسالا خاص ٻارن ۽ شاگردن لاءِ نڪرندا رهن ٿا. اسان جي مڪتبن ۽ مدرسن جي معلمن اهڙن ڪتابن ۽ رسالن جو رڳو نالو به نه ٻڌو هوندو. سندن تعليم جا رستا اهڙا ناقص آهن جو جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ڪن ٿا، تنهن جو به نتيجو چڱو ڪو نه ٿو نڪري. چوندا آهن ته عقل وارن جو رڳو عقل کپي ۽ ڄٽ جي کپي سڄي ڄمار.
    اسان جي مڪتبن ۾ پهريان 2 سال فقط قرآن شريف پڙهڻ ۾ لڳايا وڃن ٿا، سو به اهڙيءَ طرح پاڙهيو وڃي ٿو جو ڪجهه وقت جيڪڏهن شاگرد ڇڏي ٿا ڏين ته وسري ٿو وڃين. انهي جو سبب هيءُ آهي جو هو گهڻو ڪري طوطي وانگر پڙهندا ياد ڪندا ويندا آهن. در حقيقت جيڪڏهن بغدادي قاعدو چڱي طرح سيکارجي يعني منڍ کان وٺي جيڪو حرف پاڙهجي سو سڃاڻارائجي به ۽ لکارائجي به ۽ زيرون زبرون پڙهن ته هجي ڪري لفظ پاڻ ٺاهي وڃن. پڙهي به وڃن ۽ لکي به وڃن ته پوءِ سڄو قرآن شريف پاڙهڻ لاءِ 3 مهينا يا وڌ ۾ وڌ 6 مهينا لڳندا. ان مان هيءُ به فائدو ٿيندو جو پوءِ هو سنڌي به هفتي کن ۾ يا وڌ ۾ وڌ مهيني ۾ پڙهي ويندا. ڇو ته سنڌي پڙهڻ لاءِ فقط ڪي ٿورا حرف وڌيڪ کين سکڻا پوندا. ساڳي طرح جيڪڏهن پهريائين سنڌي پاڙهجي ته پوءِ قرآن شريف سيکارڻ ۾ مهينو به مس لڳندو. تنهنڪري بهتر ائين ئي آهي ته پهريائين مادري زبان سنڌي سيکارجي. فطرتي قانون موجب اصول آهي ته ٻارن کي پهريائين سولو ڪم سيکارجي. پنهنجي زبان پڙهڻ سولي آهي. ٻيو فطرتي قانون آهي ته اهو ئي ڪم شوق ۽ آساني سان ڪري سگهندا جو کين سمجهه ۾ ايندو ۽ وڻندو. تنهنڪري بهترين طريقو اهو ڪڍيو ويو آهي ته شروعات ۾ ئي ٻارن کي ننڍڙيون ۽ وڻندڙ آکاڻيون ۽ گيت پاڙهجن، ڇو ته آکاڻيون ۽ گيت کين ڏاڍا وڻندا آهن. ٽئين درجي ۾ ٻارن کي ننڍيون ننڍيون سورتون پاڙهجن پر معنيٰ سان. ڇو ته کين معنيٰ سيکاربي ته وڌيڪ مزو ايندن ۽ هوريان هوريان اسلام جي خبر به پوندي ويندن. بلڪ سورتن شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪلمون شريف پڙهڻ، لکڻ ۽ ان جو مطلب سمجهائجي.
    اسلامي تعليم ٻئي يا ٽئين درجي ۾ شروع ڪجي. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ تمام سولا ۽ ننڍڙا اسلامي ڪتاب تيار ڪرڻ گهرجن. اهي ننڍڙا ڪتاب لوڪل بورڊ اسڪولن ۾ ماسترن کي پاڙهڻ گهرجن. هر روز هڪ ڪلاڪ نه ٿي سگهي ته فقط هفتي ۾ ٽي ڪلاڪ اهي سليس ديني ڪتاب پاڙهڻ گهرجن. مڪتبن ۾ جتي آهن ئي مسلمان ڇوڪرا اتي وڏيرڙا اسلامي ڪتاب پاڙهي سگهجن ٿا ڇو ته انهن ۾ پوءِ اسڪولي درسي ڪتابن ۾ ڪجهه پاڙهڻ جو ضرور ڪونهي. انهن ئي ڪتابن ۾ ڪجهه دنيوي سبق به وجهي سگهجن ٿا. ساڳي طرح ديني تعليم جو سلسلو (هفتي ۾ 3 ڪلاڪ) انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به هلڻ گهرجي. ڪم از ڪم 4 درجا سڀني شاگردن کي پاس ڪرڻ گهرجن اها آهي ابتدائي تعليم.
    خاص ديني مدرسن ۾ يا ته لوڪل بورڊ اسڪول جا چار درجا پڙهيل شاگرد داخل ڪجن يا جيڪڏهن لوڪل بورڊ اسڪول ڳوٺ ۾ يا ويجهونه هجي ته پاڻ 4 درجا پاڙهي پوءِ مٿاهين تعليم شروع ڪجي. مدرسن ۾ پهريائين پارسي پاڙهي وڃي ٿي پوءِ عربي. پارسي نڪي اسلامي زبان آهي نڪي اسان جي مادري زبان آهي. اڳي پارسي پڙهڻ لاءِ هي سبب هو جو بادشاهن جي مادري زبان پارسي هئي ۽ سرڪاري لکپڙهه ۾ فقط پارسي ڪم آڻبي هئي. هن وقت پارسي پاڙهڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. فقط هڪ ڳالهه آهي ته سنڌي زبان وسيع نه آهي منجهس ڪارآمد ۽ چيدا لفظ ٿورا آهن تنهنڪري پارسي ۽ عربي لفظن جي مدد سان ئي ان کي ڪجهه وسيع ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي به وسيع ٿيندي ويندي. پر ساڳيو ئي مقصد اڙدو پاڙهڻ سان به حاصل ٿي سگهندو. اڙدو وڌيڪ آسان آهي. جتي ڪٿي اها ٻولي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي تنهنڪري ان جو سکڻ گهڻي قدر ضروري به ٿي پيو آهي. ازان سواءِ اڙدو زبان ۾ ڪارآمد لٽريچر جو وڏو ذخيرو موجود آهي. پارسي بابت چيو وڃي ٿو ته ان جي پاڙهڻ بعد عربي سيکارڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ور نه سخت تڪليف ٿي ٿئي. ائين سمجهڻ ۾ هن ڪري ٿو اچي جو اڄ تائين اهو دستور هليو آيو آهي. هندستان ۾ اڳي ئي جهونو رواج ڇڏيو ويو آهي. ڪي اڙدو ڪتاب مثلن عربي بول چال ۽ عربي ڪي قواعد نڪتا آهن جن جي وسيلي عربي تمام آسانيءَ سان پاڙهي سگهجي ٿي. سنڌيءَ ۾ به ڊاڪٽر عمرالدين دائود پوٽي ڊي - پي - آءِ سنڌ عربي ۾ ٻه ڪتاب لکي ڇپايا آهن ۽ وڌيڪ ڇپارائي پيو. اهي اهڙي طرز سان لکيل آهن جو اميد ٿي ڪجي ته آئينده سنڌ جا مولوي تمام گهڻي آساني سان عربي تعليم ڏئي سگهندا.
    مون اڳي ئي چيو آهي ته ابتدائي تعليم درجي تائين هئڻ گهرجي. اوتري تعليم سڀ ڪنهن مرد ۽ عورت کي ضرور هئڻ گهرجي. پوءِ خانگي طرح ديني ۽ دنيوي علم وڌائي سگهجي ٿو. اها تعليم 5 يا 6 ورهين جي عمر کان 11 ورهين جي عمر جي اندر ڏئي سگهجي ٿي. خانگي مدرسن جي تعليم جي ٻي منزل به پنجن ورهين جي هئڻ گهرجي يعني 11 ورهين جي عمر کان وٺي 16 ورهين جي عمر تائين. ان عرصي ۾ هيٺيان ڪم پاڙهڻ گهرجن. 1- عربي پنج درجا، 2- اسلامي ڪتاب سنڌيءَ ۾ خاص طرح تيار ڪيل، 3- هندستان جي مختصر تاريخ، 4- رسول الله ﷺ ۽ خلفاء راشدين جي مختصر تاريخ، 5- هندستان ۽ اسلامي ملڪن ۽ برٽش سلطنت جي تمام مختصر جاگرافي، 6- مضمون لکڻ جو استعمال ۽ 7- تقرير ڪرڻ جو استعمال. پارسي يا اڙدو نه سيکارجي ته ڪوئي حرج ڪونهي. پر جيڪڏهن هروڀرو ڪو پارسي سيکاري ته کيس گهرجي ته پڙهائڻ جو ڍنگ سڌاري. پارسيءَ ۾ به پهريائين پهريائين تمام سليس آکاڻيون ۽ روزمره جي گفتگو ۾ ڪم اچڻ جهڙا الفاظ ۽ جملا سيکارجن. شاگردن سان پارسي ۾ سليس گفتگو ڪرڻ گهرجي. انگريزي اسڪولن ۾ جيڪي پارسي ڪتاب پاڙهيا وڃن ٿا اهي پاڙهڻ گهرجن. سنڌي مان پارسي ۾ ترجمو ڪرائڻ جي مشق ڪرائڻ گهرجي ۽ پارسي ۾ خطَ ۽ مضمونَ لکائڻ گهرجن.
    اڪثر ڏٺو ويو آهي ته معلم صاحب پارسي جي سٽ پڙهي متعلم کي پڙهائيندو آهي ۽ ان جي معنيٰ به متعلم کي چوارائيندو آهي. معنيٰ به سنڌي محاوري ۽ نحو موجب نه پر پارسي جي نحو موجب ڪندو آهي. مثلن زبان تابود درد هان جائيگر. ثنائي محمد بود دلپذير. معنيٰ ”زبان جيستائين هجي منجهه وات جي جاءِ وٺندڙ تعريف محمد جي هجي دل قبول ڪندڙ.“ شاگرد پارسي جي سٽ ۽ ان جي اهڙي معنيٰ ياد ڪري ٿا ڇڏين. مگر سمجهن ڪجهه به ڪونه ٿا. جيڪڏهن کانئن پڇجي ٿو ته وات جي واسطي پارسي لفظ ڪهڙو آهي ته ڪو نه ٿا ٻڌائي سگهن ۽ جيڪڏهن وري پڇجين ٿو ته دهان جي معنيٰ ڇا آهي يا ثنا جي معنيٰ ڇا آهي يا گير ۽ پذير جي معنيٰ ڇا آهي ته ڪو نه ٿا ٻڌائي سگهن. هاڻي انصاف ڪيو ته اهڙيءَ طرح سان ڇو نه ورهين جا ورهيه لڳي ويندا ۽ ٻئي معلم ۽ متعلم به سخت محنت ڪندا مگر پارسي سکي ڪين سگهندا. ساڳيو ئي حال آهي عربي تعليم جو بلڪ گهڻو بدتر. سولو رستو هي آهي ته هر هڪ لفظ جي معنيٰ ٻڌائجي ۽ استعمال لاءِ وري سنڌي لفظ لاءِ پارسي لفظ پڇجي. پوءِ متعلم جملي يا سٽ جي معنيٰ پاڻ ڪڍي وڃي ۽ مطلب به سمجهائي وڃي ته ڳالهه کي سمجهي لطف ۽ نصيحت ۽ واقفيت به حاصل ڪري. پارسي زبان سيکارڻ ۽ ترجمي ڪرائڻ لاءِ زمانن ٺاهڻ جا قاعدا ضرور سيکارڻ گهرجن. انهن جي سيکارڻ تي مهينو به مس لڳندو. پوءِ هنن کي پارسي مان سنڌي ۽ سنڌي مان پارسي ڪرڻ بلڪل آسان لڳندي، جملي ۾ جيڪي فعل اچن تن جو مصدر ۽ امر ضرور ٻڌائجي. بلڪ گرامر جا مکيه قاعدا جتي جتي جملي ۾ ضرورت پوي سيکاربا وڃجن.
    ٻي منزل جي پنجن سالن ۾ شاگرد کي عربي زبان ايتري قدر اچي ويندي جو هو عربي ۾ ڳالهائي ٻولهائي سگهندا ۽ خط پٽ لکي پڙهي ويندا. عربيءَ ۾ مضمون لکي سگهندا. سليس عربي ادبي ڪتاب پڙهي مطلب ڪڍي ويندا ۽ لغت جي وسيلي ڏکيا عربي ڪتاب به پڙهي سگهندا. جيڪڏهن انهيءَ منزل کان پوءِ شاگرد ڇڏي ويندا. ته به هو پوءِ خانگي طرح ڪتابن جو مطالعو ڪري چڱا عالم ٿي سگهندا.
    ڌارين ٻولين سيکارڻ جو هڪڙو عام مقبول اصول يورپ ۽ آمريڪا ۾ هي قائم ڪيو ويو آهي ته جنهن صورت ۾ ننڍڙو ٻار ٻولي ٻڌڻ ساڻ ۽ از خود ڳالهائڻ سان سکي ٿو وڃي، تيئن مدرسن ۾ به پهرئين ڏينهن کان طالب علمن سان ان ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي جا هن کي سکڻي آهي. وڏا ته ننڍن ٻارن کان گهڻو وڌيڪ آساني سان ۽ جلد سکي پوندا. معلم کي ان طرح تعليم ڏيڻ لاءِ اشارن کان ڪم وٺڻو پوندو. شيون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون ۽ ڪلاس ۾ رکيل شيون، طالب علمن جا عمل (مثلن اٿ ويهه، هيڏي اچ ۽ ڪتاب کڻ وغيره وغيره) ۽ بدن جا عضوا وغيره انهن جي وسيلي گفتگو جو دائرو وڌائڻو پوندو.
    مدرسن جي تعليم جي ٽئين منزل لاءِ به منهنجي خيال ۾ 5 سال هئڻ گهرجن. ان لاءِ نصاب ڪهڙو هئڻ گهرجي سو مان چئي نٿو سگهان مگر ته به ڪجهه نه ڪجهه چوڻ کان رهي نٿو سگهان. 1- قرآن شريف جو ڪو اوائلي تفسير مثلن، ابن ڪثير، 2- صحيح بخاري، 3- فقه شريف، 4- قاضي سليمان جو رحمت للعالمين، 5- مولانا شبلي جا ڪتاب سيرت النبي. سيره النعمان ۽ الفاروق، 6- وڌيڪ حديثن جا ڪتاب پر تحقيق ڪيل معتبر ۽ صحيح حديثون هجن، 7- تاريخ اسلام، 8- تقريرون ۽ تصنيفن ڪرڻ جو استعمال ۽ 9- دنيا جي مختصر جاگرافي.
    هر هڪ درجي لاءِ ڪم ۽ ٽائيم ٽيبل مقرر ڪرڻ گهرجن. هر مهيني طالب علمن جو امتحان وٺڻ گهرجي. سالياني امتحان ۾ سڄي درجي جي ڪمن جو امتحان وٺڻ گهرجي. جيڪو پاس ٿئي تنهن کي مٿين درجي ۾ ٽپائجي ۽ جيڪو ناپاس ٿئي تنهن کي وري سڄو سال پڙهائجي. سرڪاري اسڪولن ۾ اهو دستور آهي. پر منهنجو خيال آهي ته هر هڪ درجو 6 مهينن جو هئڻ گهرجي ۽ آخري امتحان درجي ٽپائڻ جو به ڇهين ڇهين مهيني هئڻ گهرجي. ان مان اهو فائدو ٿيندو جو جيڪڏهن ڪو شاگرد ناپاس ٿيندو ته وري 6 مهينا پڙهڻو پوندس نه ڪي ٻارهن مهينا.
    ٻي منزل جو آخري امتحان باقاعدي مقرر تاريخن تي سنڌ جي ڪن مرڪزي هنڌن تي وٺڻ گهرجي. ممتحن اهي مقرر ڪرڻ گهرجن جيڪي وڏا عالم هجن ۽ تعليم جو ڪم ڪيل هجين. جيڪي پاس ٿين تن کي ڇپيل سرٽيفڪيٽ ملڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ ته هو ڪٿي به معلمي جو عهدو وٺي سگهن ۽ مسلمانن جا ٻار پاڙهين.
    ساڳي طرح ٽئين منزل جي آخري امتحان لاءِ سڄي سنڌ جي طالب علمن لاءِ هڪ مرڪز مقرر ڪجي. جيڪو پاس ٿئي تنهن کي عاليشان ڇپيل سند ڏيڻ گهرجي. فقط انهن کي ئي عالم يا مولوي سمجهڻ گهرجي.
    سڄي سنڌ ۾ ڪم از ڪم هڪ عاليشان ديني اسلامي ڪاليج هئڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ ٻين معلمن سان گڏ هڪ اهڙو معلم به هجي جيڪو مولوي به هجي انگريزي، دان بي - اي يا ايم - اي به هجي. ديني ۽ دنيوي علم کان چڱو واقف هجي. هو شريعت تي هلندڙ ۽ اعليٰ اسلامي اخلاقن وارو هجي. هڪڙو معلم مصر جي جامعه ازهر مان آڻائجي. اهڙي وڏي ڪاليج جي اشد ضرورت آهي. ان ۾ وڏا وڏا تفسير جهڙوڪ ابن جرير جو پڙهائڻ گهرجي ۽ وڏن وڏن اوائلي امامن جون تصنيفون پڙهائڻ گهرجن.
    1- وڏن عالمن کي گهرجي ته پاڻ ۾ ڪانفرنس ڪري ٽنهي منزلن لاءِ نصاب ٺاهي سڀني معلمن ڏي ڏياري موڪلين، 2- گهربل ڪتاب تصنيف ڪن ۽ 3- ممتحن مقرر ڪن ۽ امتحان وٺڻ جو انتظام رکن.

    تعليم ۽ ضابطي ۽ انتظام بابت هدايتون
    تعليم جو مقصد آهي بدني، اخلاقي، دماغي ۽ روحاني ترقي. تعليم مان اهڙو هوش ۽ واقفيت حاصل ٿيڻ گهرجي جو ماڻهو دنيا ۾ روزگار به چڱو ڪمائي سگهي ۽ هر طرح ڪامياب ۽ با عزت رهي سگهي.
    بدني ترقي يعني چڱي تندرستي بابت سوين بلڪ هزارين وڏا وڏا ڪتاب لکيل آهن. مختصر طور هيترو لکڻ ضروري آهي ته تندرستي جو مدار آهي صفائي ۽ ورزش تي.
    هر روز صبح جو وهنجڻ گهرجي. وضو نماز ۽ روزن ۾ چڱا تندرستي جا اصول رکيل آهن پر هر وضو ساڻ ڏندڻ ڪرڻ گهرجي. ڪپڙا به صاف هئڻ گهرجن. شاگردن کي وهنجڻ ڏندن هڻڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ ڌورائرڻ جو تاڪيد ڪجي. هوا صاف هئڻ گهرجي. دريون کليل رکڻ گهرجن. منهن تي ڪپڙو يا سوڙ وجهڻ نه گهرجي. وات بند رکڻ گهرجي ۽ نڪ سان ساه کڻڻ گهرجي. پاڻي به صاف هئڻ گهرجي. صاف نه هجي ته ڪاڙهي ٺاري رکي پوءِ پيئڻ جي ڪم آڻجي. گهرن جي ڀرسان گندگي نه هئڻ گهرجي. مکين کي کائڻ پيئڻ جي شين تي ويهڻ نه ڏجي.
    ورزش بابت بهتر ته ائين آهي ته ٻارن کي گهر جو ڪم ڪار صبح شام ڪرڻ گهرجي. امريڪا ۾ ڪي اسڪول اهڙا آهن جن ۾ طالب علم پنهنجي گهرج جون شيون سڀ پاڻ تيار ڪندا آهن ۽ علم به حاصل ڪندا آهن. هو سرون وجهي جايون ٺاهيندا آهن ۽ پوک پوکي ان مان ڪپهه، ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ڪندا آهن. ڪپڙا اڻندا، سبندا ۽ ڌوئندا پاڻ آهن. واڍڪو ڪم سکي ڪرسيون ميزون کٽون پاڻ ٺاهيندا آهن. يعني علم سکڻ سان گڏ بدني ڪم ڪري تندرستي به ٺيڪ رکندا آهن ۽ هنر سکي دنيا ۾ روزگار ڪمائڻ جا وسيلا به ٺاهيندا آهن. اهڙا ڪم ڪاريون هجن توڙي نه هجن ته به گهمڻ ڦرڻ ڊڪڻ ڊوڙڻ ملهه وڙهڻ ۽ رانديون ڪرڻ به تندرستي لاءِ مفيد آهن.
    شاگردن جي اخلاق سڌارڻ لاءِ پهرين ضروري ڳالهه آهي ته معلم پاڻ نيڪ اخلاق هجن پوءِ ٻارن جي عادتن ۽ اخلاقن تي نظر رکن. خصوصن گندو ڳالهائڻ ۽ گارين ڏيڻ کان پاڻ به پرهيز ڪجي ۽ ڇوڪرن کي به انهن ڳالهين کان سختي سان باز رکجي. انهن ڳالهين ۾ وڏي حڪمت رکيل آهي.
    روحاني طاقت وڌائڻ لاءِ انهن بزرگن جي صحبت اپنائجي جن جي صحبت ڪري گناهن کان نفرت ۽ چڱن عملن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي. قرآن شريف ۽ حديثون با معنيٰ پڙهڻ ته گهڻو افضل آهي.
    ٻارن جي دماغي طاقت تڏهن ٿي وڌي جڏهن کين تعليم سوالن جي رستي ٿي ڏجي. ساڻن گفتگو ۽ بحث مباحثو ڪجي ته منجهن غور ۽ فڪر ڪرڻ جي عادت پيدا ٿئي.
    ترقي جو مدار تعليم تي آهي ۽ تعليم جو مدار معلم تي ۽ معلم جو مدار ڪجهه قدر پاڻ تي ۽ ڪجهه قدر سوسائٽي تي. معلم ۾ چار گڻ ضروري آهن. 1- علم جي گهڻائي، 2- محنت، 3- نيڪ اخلاق ۽ چڱي چال ۽ 4- ماڻهن سان رلڻ ملڻ ۽ مرڪي پيش اچڻ جي خصلت.
    پبلڪ (عوام) تي فرض آهي ته معلمن کي خوشحال رکڻ لاءِ سندن چڱيون پگهارون مقرر ڪن ۽ کين وڏي عزت سان ڏسن. جيئن اڳي چيو ويو آهي ته اسان جي ترقيءَ جو مدار معلمن تي ئي آهي. هو ئي اسان جا ليڊر ۽ رهبر آهن يا هئڻ گهرجن. هوئي اسان جا هادي ۽ مرشد آهن. جيستائين پبلڪ معلمن جي قدر شناسي نه ڪندي تيستائين تعليم جي ترقي ڪانه ٿيندي ۽ اسان جا ٻار فيض ۽ فائدو ڪو نه وٺندا.
    اسڪول ۾ جيڪڏهن ضابطو ۽ انتظام پورو ناهي ته تعليم ڏيئي نٿي سگهجي. ان لاءِ هيٺيون هدايتون ضروري آهن.
    1) اسڪول جو وقت مقرر ڪجي. ان وقت تي گهنٽي هڻائجي ۽ اسڪول کولجي. معلم کي ڪاڏي ٻاهر وڃڻو هجي ته هڪ وڏي شاگرد کي مانيٽر مقرر ڪري وڃي جيڪو کين ڪم ۾ مشغول رکي. سڀ ڪنهن درجي کي ڪم مقرر ڪري ڏئي وڃجي. معلم حاضر هجي ته پوري وقت تي اچي ۽ اجايو وقت نه وڃائي. وقت جي پابندي سڀ ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي جو پهريون اصول آهي.
    2) روزانه ٽائم ٽيبل مقرر ڪرڻ گهرجي ۽ ان موجب ڪم ڪرڻ گهرجي. هر مهيني جي پهرين تاريخ تي لکي ڇڏڻ گهرجي ته هيترو ڪم هر درجي ۾ مهيني جي آخر تائين پورو ڪرڻو آهي.
    3) ٻارن کي درجيوار قطارن ۾ وهارڻ گهرجي.
    4) اسڪول جي جاءِ صاف هوادار ۽ روشنائي واري هجي. ڪن حالتن ۾ ته وڻن هيٺان ۽ وڏي ديوارن جي ڇانو ۾ ٻاهر پڙهائڻ بهتر آهي.
    5) پهريائين ٻارن کي حڪم جي تعميل هڪدم ڪرڻ تي هيرائجي. هن قسم جا حڪم ڇوڪرن کي گڏي ڏجن ۽ هڪدم تعميل ڪرائجي. اٿي بيهو ويهي رهو ڪتاب کڻو، هيٺ رکو، سليٽ کڻو، هيٺ رکو. قطار ۾ هيڏي اچو. قطار ۾ موٽي وڃو وغيره وغيره.
    6) شاگردن کي مشغول رکجي ته گوڙ نه ڪن. هڪڙي ڪلاس کي سبق سيکارجي ته ٻين کي لکڻ جو ڪم ڏيئي ڇڏجي.
    7) درجي درجي جو گڏي ڪم وٺجي. گڏي ڪم وٺڻ جون گهڻيون تجويزون آهن جيڪي چڱن ماسترن وٽ ويهي ڏسڻ گهرجن. گڏي ڪم وٺڻ مان اهو فائدو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن درجي ۾ ڏهه شاگرد آهن ته ڏهن تي ئي هڪ محنت ڪرڻي ٿي پوي. هر هڪ شاگرد کي ڌار ڌار سبق ڏيڻ سان ڏهوڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
    8) ٻارن کي لکڻ جو ڪم ڏجي ته اهو لکي سنڀالي سليٽون يا پٽيون پاڻيهي هيٺ رکن ۽ پوءِ سامهون نهارين. نڪي ٻين جي سليٽن ڏي نهارڻ گهرجين. نڪي ساڻن ڳالهائڻ گهرجين جيستائين سليٽون سڀئي هيٺ رکن.
    9) ٻار گهڻو وقت هڪ هنڌ آرام سان ويهي نه سگهندا آهن تنهنڪري ضروري آهي ته اٽڪل چاليهن چاليهن منٽن بعد کين پنج منٽ موڪل ڏجي ته ٻاهران گهمي ڦري اچن.
    10) جيڪڏهن ڪو ڪلاس استاد ڏي اچي سليٽون يا ڪاپيون ڏيکاري ته هڪ ٻي پٺيان پاڻيهي هلندا اچن ۽ استاد جي سڄي يا کٻي پاسي کان بيهن جنهن کي سليٽ يا ڪاپي واپس ملندي وڃي سو پاڻيهي هلندو وڃي ۽ ٻيو پاڻيهي هلندو اچي.
    11) صورتخطي چوڻ ۾ ساڳيو نمونو يا ساڳيا لفظ ٻه ڀيرا نه چئجن. هڪ ڀيرو چوڻ ڪافي آهي. صورتخطي لکائڻ مهل شاگردن کي اصل ڪڇڻ نه گهرجي.
    هر هڪ ڪم ڪيترو پاڙهجي تنهن بابت هت هدايتون ڏيون ته گهڻي ڊيگهه ٿي پوندي. معلمن کي گهرجي ته سنڌي خواهه انگريزي اسڪولن جي چڱن ماسترن وٽ ويهي سندن پڙهائڻ جو نمونو ڏسن ۽ خانگي طرح کانئن پڇن.
    پڙهي ٻه ٽي اصول ياد ڪرڻ گهرجن.
    1) تڪڙ اصل نه ڪجي. جيستائين ٻار هڪڙي ڳالهه پوريءَ طرح نه سمجهي آهي ۽ نٿو سمجهائي سگهي يا ان تي عمل نٿو ڪري سگهي تيستائين ٻي ڳالهه نه سيکارجي. جيستائين سکيل حرف يا لفظ لکي ۽ سمجهائي نٿو سگهي تيستائين ٻيو نه سيکارجي. جيترو بنياد پڪو ڪبو ۽ وري وري دور ڪرائبو اوترو فائدو ٿيندو.
    2) طوطي وانگر پڙهائڻ ڦٽي ڪجي. سوالن جوابن، گفتگو ۽ بحث مباحثي جي نموني تعليم ڏجي. انهيءَ لاءِ ته سڀ ڪنهن مسئلي تي پهريائين شاگرد پنهنجو خيال ۽ خوض هلائي. لفظن سان ڪم ناهي. مقصد اهو آهي ته شاگرد کي اها ڳالهه دل سان لڳي ۽ وسهڻ ۾ اچيس.

    سڄي ڪتاب جو خلاصو
    تواريخ جو علم ترقي لاءِ نهايت ضروري آهي. خصوصن اسلام جي تاريخ ضرور پڙهڻ گهرجي.
    ڪنهن به زبردست عالم کي گهرجي ته قرآن شريف جي سڀني تفسيرن تي تبصرو ۽ ريويو ڪري ۽ پڻ اوائلي زماني کان وٺي اڄ تائين اسلامي عقيدن خيالن ۽ رسمن ۽ تبديلن ٿيڻ جي هسٽري تيار ڪري، ظاهر آهي ته سندن عقيدا، خيال، رسمون، عمل وغيره اصحابن سڳورن جي زماني وران کان گهڻو مختلف ٿي ويا آهن.
    عقل، دين کي سمجهڻ لاءِ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين کي دين سيکارڻ لاءِ نهايت ضروري آهي.
    اجتهاد جو دروازو نڪو ڪڏهن بند ٿيو آهي نڪي ٿيندو. تقليد ڪرڻ ۽ اجماع امت تي هلڻ ضروري آهي، پر ڪن شرطن سان. ضروري شرط هي آهي ته هر سال وڏن عالمن جي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي نه ته جاهلن جا خيال ۽ ڪتاب به رواج ۾ اچي ٿا وڃن. پوءِ انهن کي اجماع امت سمجهيو ٿو وڃي.
    اسلام اهو مذهب آهي جو ڪامل عقل تي مبني آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ تي اسان جي بهبودي ۽ ترقي جو مدار اهي.
    دنيا ۾ گناهن کان بچڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ لاءِ رڳو عقل ڪافي ناهي. روحاني جذبي کي زور وٺائڻ ۽ ان سان عقل کي شامل ڪرڻ سان ئي ماڻهو ترقي ڪري سگهي ٿو. اڄوڪا تعليم يافته چوندا آهن ته نماز روزو وغيره جو ضرور ڪهڙو آهي؟ کين خبر به آهي ته دنيائي ڪمن ۾ ڪاميابي لاءِ Discipline and self control ضابطو ۽ انتطام ۽ پاڻ کي وس ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. نماز ۽ روزو ٻين سون فائدن سان گڏ اعليٰ درجي جيڪي ڊسپلن ۽ سيلف ڪنٽرول ٿا سيکارين. ازانسواءِ نماز ۽ روزا روحاني جذبي کي تقويت ٿا وٺائن ۽ هر وقت الله تعاليٰ ۽ سندس حڪمن جي يادگيري ٿا ڏيارين. ڪي مخبري خيالن وارا ماڻهو ته اصل دين ڌرم جي ضرورت ئي ڪا نه ٿا سمجهن. بلڪ چون ٿا ته دنيا ۾ دين ۽ ڌرم جي ڪري جيڪي فساد فتنا، جنگيون ۽ جهڳڙا پي ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا تهڙا ٻي ڪنهن به سبب کان ڪونه ٿيا آهن. اها ڳالهه شايد برابر به نه هجي پر اهي فساد وغيره هميشه دين جي نه سمجهڻ کان پي ٿيا آهن. سچو دين اٽلندو انهن ڳالهين جي پاڙ پٽيندڙ آهي. حقيقت ۾ مذهب کان سواءِ انسان شتر بي مهار آهي. جيئن ناڪيلي کان سواءِ اٺ سڌو نه هلندو ۽ جئن ٻيڙي سڙهه کان سواءِ سڌي نه هلندي تيئن روحاني جذبي کان سواءِ انسان ڀٽڪي ڀٽڪي تباهه ٿيندو، ڇو ته شريف روحاني جذبي جي اڻ موجودگي جي ڪري هو شيطاني جذبي جي غلبي هيٺ اچي هلاڪ ٿي ويندو. اڄوڪن بزرگن جو تسبي ۽ گوشه نشيني تي زور آهي. مگر اڳوڻن بزرگن جو خاصو هو دنيا ۾ عمل ڪري ڏيکارڻ ۽ اعليٰ اخلاق رکڻ ۽ قوم جو فائدو ڪرڻ.
    اسلامي احڪامن تي اڄ ڪلهه عمل اهڙيءَ طرح ڪيو ٿو وڃي جو انهن جو مقصد يا فائدو حاصل ڪونه ٿو ٿئي. گويا اسلام جو پاڇو وڃي بچيو آهي. بلڪ بدعتون ۽ بدرسمون جاري ٿي ويون آهن. قرآن شريف کي هڪ بي معنيٰ منتر سمجهيو وڃي ٿو. ويچارن جاهل مسلمانن ۾ دين جو ايڏو شوق آهي جو ڪروڙين مسلمان صبح جو اٿي قرآن شريف جو دور ٿا ڪن ۽ اسر جو يا سمهڻ وقت هڪ قسم جو ذڪر ٿا ڪن. جيڪڏهن عالمن ۾ ڪجهه به فهم هجي ها ته ماڻهن کي سمجهائين ها ته معنيٰ سان قرآن شريف موجود آهن. صبح جي وقت جڏهن قرآن شريف جو دور ڪيو ٿا تڏهن معنيٰ کي ڏسو. ڏهه رڪوع بي معنيٰ پڙهي وڃو، تنهن کان هڪ آيت معنيٰ سان پڙهو ۽ سمجهو ته گهڻو بهتر اٿو. صلواتن ۽ وظيفن پڙهڻ ۾ ۽ ٻين ڪن ڪمن ۾ افراط ۽ تفريط کان پاسو ڪجي. سڀني ڪمن ۾ اهو ئي نمونو وٺجي جو اصحاب سڳورا وٺندا هئا.
    ڪن مسئلن تي راءِ زني ڪرڻ يا انهن جي سمجهڻ ۾ هن اصول کي نه وسارجي ته سڀ ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيوي طرح ڪوشش ڪرڻ به ضرور آهي ۽ ان سان گڏ الله تعاليٰ جي مدد گهرڻ به ضروري آهي. ليس للانسان الاماسعيٰ.
    الله تعاليٰ دين ۽ ديني هدايتون ان لاءِ ڏنيون آهن ته اسان گناهن کان بچون ۽ چڱا عمل ڪيون، هڪ ٻئي کي فائدا ڏيون، پاڻ کي پاڪ رکون ته جيئن فلاح پايون ۽ الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪري کانئس الهامن پهچڻ جا لائق ٿيون. الله تعاليٰ دين ۾ اسان لاءِ آسانيون ۽ فائدا رکيا آهن نه تڪليفون ۽ نقصان.
    شفاعت برحق آهي. پر شفاعت مومنن لاءِ آهي. انهن مومنن جي لاءِ جيڪي هر طرح اسلام تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا ٿا رهن. پوءِ به اهي شفاعت جو حق ڇڪي نٿا سگهن، مگر شفاعت جي اميد رکي سگهن ٿا. پوءِ پاڻ ﷺ جن شفاعت ڪن يا نه ڪن.
    ڪوڙي تصوف اسلام کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ مسلمانن کي سچي اسلام کان بلڪل پري اڇلائي ڇڏيو آهي.
    معجزا ۽ ڪرامتون برحق آهن. پر انهن کي ڪنهن به قسم جو وزن ڏيڻ نه گهرجي ڇو ته يوگه ۽ مسمريزم وارا به خرق عادت جهڙا ڪم ڪري سگهن ٿا. سچن بزرگن جي سڃاڻڻ جون نشانيون ٻيون آهن سچا بزرگ اهي آهن جيڪي پنهنجي روزگار لاءِ ڪمائي ڪن ۽ سخاوت ڪن، وٺڻ بدران ڏين ۽ قوم جي بهتريءَ لاءِ خود قربانيون ڪن. وڏي نشاني هي آهي ته انهن جي صحبت جي ڪري گناهن کان باز اچجي ۽ چڱن عملن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي.
    قبا ٺاهڻ نه گهرجن. ان جي بدران تعليم تي پيسا خرچ ڪرڻ گهرجن. قبرن جي زيارت ۾ ثواب آهي، پر وڏيون تڪليفون ڪري دور دراز مسافريون ڪري قبرن تي وڃڻ نه گهرجي.
    ملن جو فرقو هئڻ ئي نه گهرجي. نڪي پيرن جو فرقو هئڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته انهن معلمن کي مان ۽ عزت ڏيون ۽ پگهارون مقرر ڪري ڏيون جيڪي اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي تعليم ڏين ۽ پڻ انهن عالمن کي عزت ڏيون جيڪي اسلام تي عمل ڪندڙ ۽ مسلمانن کي حق ڏانهن سڏيندڙ هجن. جيڪڏهن تعليم جي ڪم ڪرڻ ڪري هنن کي سادي گذران هوندي به روزگار جي تنگي ٿي رهي هجي ته انهن جي مدد به ڪرڻ گهرجي ڇو ته اها مدد انهن لاءِ ناهي پر قوم جي لاءِ آهي. مسڪين طالبن کي مدد ڪرڻ ۾ به وڏو ثواب آهي.
    قرآن شريف کي منسوخ سمجهڻ ۾ وڏو نقصان آهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي ته ”اسان جي عملي هدايت لاءِ فقه ڪافي آهي ۽ قرآن شريف فقط تبرڪن، پڙهڻ گهرجي.“ نجدي غلطين کان خالي ڪو نه آهن، پر عمل تي جيترو انهن جو زور آهي ۽ جيتري قدر هو قرآن شريف ۽ حديث ۽ شرعي قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن جيترو ٻي ڪا به قوم ۽ ڪا به اسلامي رياست ڪا نه ٿي ڪري.
    ڪتابن يا شخصن يا فرقن يا غير مذهب جي ماڻهن تي راءِ زني ڪرڻ ۾ پهريائين سندن خوبين تي زور ڏجي نه عيب جوئي تي. پوءِ جيڪڏهن عيب جوئي ڪجي ته بلڪل تهذيب جي نموني ڪجي. اهڙي نموني جو خود انهن ماڻهن تي به چڱو اثر پوي. عيب جوئي انهيءَ نيت سان ڪجي ته اهي ماڻهو راه راست تي اچن ۽ ٻيا ماڻهو سندن غلطين کان احتراز ڪن. تعصب ڪرڻ بلڪل ڇڏي ڏجي. سڀ ڪنهن قسم جي ماڻهن سان خنده پيشاني سان ملڻ گهرجي. فقط انهن ماڻهن کان منهن موڙجي جيڪي بدڪار بدگفتار ۽ فسادي هجن ۽ سمجهائڻ سان به نه مڙن.
    مسلمانن ۾ جيڪي ٽي فرقا آهن تن کي هڪ ڌاڳي ۾ آڻڻ جي هر طرح ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ اختلافن هوندي به سڀني کي گڏجي نماز پڙهڻ گهرجي ۽ اهڙا ٻيا ضروري ڪم گڏجي ڪرڻ گهرجن.
    اسلامي ڪتب خانن جو اهتمام ضرور ڪرڻ گهرجي. علم اسلام جو بنياد آهي. دنيوي خواه ديني تعليم تي ئي اسلام جو سچو مدار آهي.


    اسلام ڇا آهي؟

    بـسم الله الرحمٰن الرحيم نحمده و نصلي علي رسوله الکريم

    اسلام ڇا آهي؟
    انهيءَ سوال جو مختصر جواب هي آهي ته اسلام اهو دين آهي جو قرآن شريف ۾ سيکاريل آهي. جو شخص قرآن شريف جو اڀياس ڪندو ۽ پيغمبر ﷺ جي سوانح عمري مان اها واقفيت حاصل ڪندو ته ڪهڙي طرح پاڻ قرآن شريف جي حڪمن تي عمل ڪيائون، تنهن کي اسلام جي چڱي خبر پئجي ويندي. هن ننڍڙي ڪتاب ۾ بلڪل مختصر طور اسلام جي تعليمات جو بيان ٿو ڪجي.

    اسلام ذات انسان جو دين آهي
    ”اسلام“ انهيءَ دين جو نالو آهي جو حضرت رسول ﷺ تيرهن سو ورهيه اڳي سيکاريو. مغرب ۾ هن مذهب کي ”محمدي مذهب“ سڏيو وڃي ٿو، جيئن عيسائي مذهب ۽ ٻڌ ڌرم حضرت عيسيٰ ؑ ۽ گوتم ٻڌ جي نالن پٺيان سڏجن ٿا. مگر پاڻ مسلمان پنهنجي مذهب کي ڪڏهن انهيءَ نالي سان نه سڏيندا آهيون. قرآن شريف موجب ”اسلام“ جي معنيٰ ايترو وسيع آهي جيترو ذات انسان. اهو دين حضرت محمد ﷺ جي سيکارڻ کان شروع ڪو نه ٿيو، پر اڳواڻن نبين جو به اهو ئي دين هو. حضرت آدم، حضرت نوح، حضرت ابراهيم حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليهم السلام جو دين به اسلام هو، در حقيقت خدا جي سڀ ڪنهن رسول جو (جو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ پيدا ٿيو) دين اهو ئي هو. بلڪ حضرت جن جي قول موجب سڀ ڪنهن نئين ڄاول ٻار جو دين اسلام آهي. حضرت جن انهيءَ دين جو بنياد وجهندڙ نه هئا مگر آخري سيکاريندڙ هئا، ۽ سندن رسالت ۾ دين کي ڪامل ڪيو ويو جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي، ”اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیْنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَیْكُمْ نِعْمَتِیْ- قرآن شريف جي تعليم موجب اسلام انسان جو فطرتي دين آهي سوره الروم جي ٽيهين آيت ۾ هي لفظ آيل آهن، ”اها الله تعاليٰ جي بنايل فطرت آهي جنهن ۾ انسان کي خلقيائين، خدا جي بنايل فطرت ۾ ڪابه ڦيرڦار ٿيڻ نه ڏيو. اهو ئي آهي سچو دين.“ جيئن ته قرآن شريف موجب نبي سڳورا مختلف قومن ۾ مختلف وقتن تي پيدا ٿيا ۽ جيئن ته سڀ ڪنهن نبي سڳوري جو دين اوائلي پاڪيزگي ۾ اسلام ئي هو، هن دين جو دائرو ڪيترو پٺتي ٿو وڃي ۽ ايترو وسيع آهي جيترو خود انسان ذات. مکيه اصول ساڳيا ئي هوا؛ جيڪڏهن ڪو فرق هو ته رڳو ظاهري حالتن ۾ جي انسانن جي ڦرندڙ ضرورتن لاءِ ڦيرايون ويون ٿي. اسلام جي آخري صورت اها آهي جا دنيا ۾ خاتم النبين ﷺ جي اچڻ بعد قائم ٿي.

    لفظ “اسلام” جي ڪيفيت
    ٻين مذهبن تي نالا انهن ماڻهن رکيا جن اهي دين قبول ڪيا، مگر اسان جي دين تي نالو ”اسلام“ مسلمانن پاڻ ڪو نه رکيو. اهو نالو چڱيءَ طرح سان قرآن شريف ۾ ڏنل آهي. سوره المائده جي ٽين آيت ۾ فرمايل آهي ته ”اڄ مون اوهان جي واسطي اوهان جو دين ڪامل ڪيو؛ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوهان جي واسطي دين اسلام پسند ڪيم“ وري سوره آل عمران جي ارڙهين آيت ۾ آيل آهي ته: ”تحقيق خدا وٽ سچو دين اسلام آهي.“
    اهو نالو هن دين واسطي به وري ڏاڍو موزون ۽ پر معنيٰ، ڇو ته لفظ اسلام در حقيقت هن دين جو جوهر ٿو ڏيکاري. انهيءَ لفظ جي اصلي معنيٰ آهي صلح ڪرڻ، اسلا۾ ۾ صلح جي متي جي خاص طرح تعليم ڏنل آهي. قرآن شريف موجب مسلمان اهو آهي جنهن خدا سان ۽ انسان سان، خالق سان صلح جي معنيٰ آهي خدا جي مرضيءَ جي پوري پوري تابعداري ڇو ته سڀ پاڪائي ۽ نيڪيءَ جو منڍ الله تعاليٰ ئي آهي. انسان سان صلح جي معنيٰ آهي ذات انسان سان ڀلائي ڪرڻ. اهي ٻئي خيال قرآن شريف ۾ نهايت مختصر طور پر بلڪل سهڻي نموني ۾ ظاهر ڪيل آهي. سورة البقره جي 112 آيت ۾ فرمايل آهي ته جو شخص الله تعاليٰ جي پوري طرح تسليم ٿو ڪري ۽ ٻين سان ڀلايون ڪندڙ آهي تنهن کي الله تعاليٰ وٽان اجر ٿو ملي، هن کي ڪو خوف خطرو ڪونهي نڪي هو ڪو ڏک ڏسندو.“ قرآن شريف موجب نجات (ڇوٽڪارو) اها آهي ته ڪا ٻي. جيئن ته ڪوئي به مسلم پوري صلح ۾ آهي تنهنڪري هن کي دل جو ڪامل آرام ۽ خوشي حاصل آهي. ”صلح“ جي لفظ ”السلام عليڪم“ سان مسلمان هڪ ٻئي کي ملن يا کيڪارين ٿا، ۽ بهشت ۾ به هڪ ٻئي کي ”صلح“ لي لفظ سان سلام ورائيندا. سورة يونس جي ڏهين آيت ۾ آيو آهي ته ”ان ۾ هن جو سلام ٿيندو”صلح“. بلڪ قرآن شريف جي بيان ڪيل بهشت ۾ ”صلح صلح“ کان سواءِ ٻيو ڪو لفظ ٻڌڻ ۾ ئي ڪو نه ايندو. سورة الواقعه جي 25 ۽ 26 آيت ۾ جي لفظ آيل آهن ته ”ان ۾ هو اجائي بڪ بڪ ۽ بيهودا لفظ نه ٻڌندا سواءِ ”صلح صلح“ جي. الله تعاليٰ جو هڪڙو صفاتي نالو ”صلح ڪرائيندڙ“ به آهي، (سورة 59 ۽ آيت 23) ۽ جنهن مقصد ڏانهن انسان کي نئين ٿو تنهنجو نالو به ”صلح جو مڪان“ آهي جيئن ته سورة ڏهين آيت 25 ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ ”صلح جي مڪان“ ڏانهن ٿو سڏي. تنهنڪري صلح دين اسلام جو جوهر آهي؛ صلح پاڙ آهي جنهن مان اسلام اڀري ٿو، ۽ ميوو آهي جو ان درخت مان پيدا ٿئي ٿو، تنهنڪري اسلام ”صلح جو دين“ آهي.

    اسلام جي يگاني خصوصيت
    اسلام جي وڏي خصوصيت اها آهي جو هو سيکاري ٿو ته دنيا جا سڀئي مکيه مذهب جي ان کان اڳ رائج هئا الله تعاليٰ وحي جي معرفت سيکاريا هئا. اهڙي طرح اسلام (جيئن اڳئي ڏيکاريو ويو آهي ته ان جي معنيٰ صلح ڏي اشارو ٿي ڪري) دنيا جي سڀني مذهبن جي وچ ۾ صلح ۽ ٺاهه جو بنياد وجهڻ لاءِ آيو. مگر اسلام جو اعليٰ مقصد رڳو اهو نه هو ته ڪو فقط اهو سچو سبق سيکاري پر اهو به هو ته اهي غلطيون جي گهڻي عرصي کان سڌاري نه ٿيڻ ڪري مذهبن ۾ داخل ٿي ويون هيون، تن کان حق کي ڌار ڪري؛ ۽ اهي سچا سبق سيکاري جي اڳ سيکاريل نه هئا يا قومن جي خاص حالتن جي ڪري يا انهن جي ابتدائي حالت ۾ هجڻ جي ڪري انهن کي سيکارڻ ضروري هئا. سڀني کان مکيه ڳالهه اها هئي ته اسلام اهي سڀئي سبق هڪ ڪتب ۾ جمع ڪيا جي ڌار ڌار وحيءَ جي معرفت دنيا ۾ موجود هئا، ۽ ترقي ڪندڙ انسان جي سڀني اخلاقي ۽ روحاني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪامل هدايتون بخشيون تنهن ڪري اسلام انهيءَ خصوصيت جي دعويٰ ٿو ڪري ته قرآن شريف ۾ خدا تعاليٰ جون آخري ۽ ڪامل هدايتون سمايل آهن. ۽ ٻين مذهبن سان اسلام اها مشانهت ٿو رکي ته هي به انهن وانگر وحي جي معرفت سيکاريل آهي. مگر تفاوت هي آهي ته اسلام خدا جو آخرين ۽ ڪامل پيغام آهي. تنهنڪري محمد مصطفيٰ ﷺ کي 33 سورت جي 40 آيت ۾ خاتم النبين (نيبن جي مهر) جو لقب مليل آهي، ۽ لم يکن واري سورة ۾ قرآن شريف بابت هي لفظ آيل آهن. ”پاڪ صفحا جن ۾ سڀ سچا ڪتاب سمايل آهن.“

    اسلام هڪ تواريخي مذهب آهي
    هڪ وڌيڪ خصوصيت جا اسلام ۾ آهي سا پڻ هتي بيان ٿي ڪجي. اسلام بلاشڪ هڪ تواريخي مذهب آهي ۽ ان جو آخري سيکاريندڙ هڪ تواريخي شخص آهي. پيغمبر ﷺ جي حياتيءَ جو هر هڪ واقعو پوريءَ تحقيق سان تاريخ طور درج ٿيل آهي ۽ قرآن مجيد جو اسلام جي سڀني روحاني، اخلاقي ۽ معاشرتي قانونن جو منبع آهي، تنهنجي محفوظيت يگاني آهي. يعني الاهي ڪلامن مان فقط قرآن مجيد بنا تبديل جي محفوظ رهيو آهي. جنهن صورت ۾ هي خدا جو وحي يا ڪلام اسان جي روحاني ۽ اخلاقي بهبودي لاءِ صدين کان صحيح سلامت محفوظ اسان وٽ موجود آهي ۽ جنهن صورت ۾ نبي ڪريم ﷺ، جنهن جي دنيائي زندگي جا مختلف عمل، قول، رَوَشون ۽ آزمودا انسان جي سڀ ڪنهن قسم جي زندگي لاءِ بهترين عملي سبق سيکارين ٿا تنهنجو مثال اسان جي اکين اڳيان رکيو آهي ۽ تنهن صورت ۾ سڀ ڪنهن مسلمان کي يقين آهي ته هن ڪنهن به نيڪي جي مخالفت ڪا نه ڪئي آهي جا ڪنهن به نيڪ انسان جي زندگيءَ ۾ عمل آئي هجي. تنهنڪري هو نه رڳو سڀني خدائي وحين جي سچائي ۾ ايمان ٿو آڻي ۽ سڀني قومن جي مقدس رهبرن کي قبول ٿو ڪري پر آخرين ۽ مجمل ڪتاب تي هلڻ سان هو سڀني اڳوڻن وحين جي دائمي سبقن تي قدم ٿو کڻي ۽ اسوة حسنه (بهترين نموني) جي پيروي ڪرڻ سان هو سڀني نيڪ انسانن جي زندگيءَ جي سڀني نيڪين جو مثال وٺي انهن جي نقش قدم تي هلي ٿو.

    اسلام جا مکيه اصول
    اسلام جا مکيه اصول قرآن شريف جي شروعات ۾ ئي ڏنل آهن. قرآن شريف هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿو: ”هي ڪتاب، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي، انهن لاءِ هدايت آهي جي گناهن کان پاڻ کي بچائين ٿا. جي غيب ۾ ايمان آڻين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏٺو آهي تن مان فراخدلي سان سخاوت ڪن ٿا. ۽ جي اڳوڻن وحين تي ۽ جيڪي تو تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ايمان آڻين ٿا ۽ هو آخرت ۾ يقين سان ويساه رکن ٿا.“ هي آيتون اهي مکيه اصول ڏيکارين ٿيون جي قرآن شريف جي مڃيندڙن کي ضرور قبول ڪرڻا آهن. هنن ۾ ٽي مکيه عقايدي مسئلا ۽ ٻه مکيه عملي مسئلا بيان ڪيل آهن. يعني ٽي اعتقادي ۽ ٻه عملي قانون. هنن پنجن ڳالهين تي جدا جدا بحث ڪرڻ کان اڳ اِها ڳالهه ڏيکارڻ ضرور آهي (جيئن انهي آيت ۾ اشارو آهي) ته اسلام ۾ فقط عقيدو ڪنهن به ڪم جو نه آهي جيستاءِ ان کي عمل ۾ نٿو آڻجي قرآن شريف ۾ نيڪ ٻانهن جي بيان ۾ بار بار هي لفظ آيل آهن ته ”اهي جي ايمان ٿا آڻين ۽ چڱايون ٿا ڪن.“ سچو ويساه هڪڙو سٺو ٻج آهي جو وڌي چڱو وڻ تڏهن ٿيندو جڏهن هن کي زمين مان خوراڪ ملندي. اها خوراڪ آهي چڱا ڪم. هنن پنجن اصولن به نسبت هڪڙي ٻي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اهي پنجئي اصول هڪ ته ٻي صورت ۾ سڄي ذات انسان جا قبول ڪيل آهن. اهي پنج اصول جيئن مٿين آيتن ۾ بيان ڪيل آهن هي آهن (1) خدا تعاليٰ (غيب) ۾ ويساهه، (2) وحي ۾ ويساهه ۽ (3) آخرت ۾ ويساهه، ۽ (4) نماز، جنهن مان خدا جي محبت ٿي اٿي، ۽ (5) سخاوت سڀ ڪنهن قسم جي. سخاوت لفظ جي معنيٰ بلڪل وسيع آهي جنهن ۾ سڀ ڀلايون يعني چڱايون اچي ٿيون وڃن. پهريون عملي اصول آهي سخاوت، يعني انسان ۽ ٻي خلق جا حق ادا ڪرڻ. هي پنج اصول عقائدي ۽ عملي دنيا جي سڀني قومن جا قبول ڪيل آهن ۽ اهي عام اصول آهن جن تي سڀني مذهبن جو بنياد ٻڌل آهي. در حقيقت هي پاڪ دين اسلام جا پنج مکيه اصول انساني فطرت ۾ اڪريل آهن. هاڻي جيئن قرآن شريف ۾ بيان ڪيل آهن تئين هنن اصولن جو جدا جدا تفصيل وارا بيان ڏجي ٿو.

    اسلام ۾ الله تعاليٰ جي وجوديت جي ڪيفيت
    جيڪي ٽي مکيه اعتقادي اصول آهن تن مان بهترين آهي الله تعاليٰ ۾ ايمان آڻڻ. تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته انسان تمام اوائلي زماني کان وٺي اڄ تائين ڪنهن بالائي طاقت ۾ (ڏسڻ کان سواءِ) ويساه رکندو پي آيو آهي؛ مگر مختلف قومن مختلف وقتن ۾ ۽ مختلف خيال پي رکيا آهن. اسلام انهيءَ خدا جي وجوديت ٿو سيکاري جو قبيلن جي ديوتائن ۽ قومي خدائن جي باطل خيال کي ميساري ٿو ڇڏي. اسلام ۾ بيان ڪيل خدا ڪنهن خاص قوم جو خدا نه آهي جو فقط ان قوم جي نگهباني ڪندڙ هجي. قرآن شريف جي پهرين ئي لفظن ۾ آيل آهي ته الله تعاليٰ سڀني جهانن ۽ سڀ خلق جو رب آهي؛ اهڙي طرح قرآن شريف الله تعاليٰ جي ربوبيت کي وسيع ڄاڻائي انسانن جي ڀائپي جي دائره کي ايترو وسيع ٿو ڪري جو ان ۾ دنيا جون سڀ قومون اچي ٿيون وڃن، ۽ انساني همدردي جو دائرو به وسيع ٿو ٿئي. توحيد اهو اعليٰ موضوع آهي جنهن تي قرآن شريف تمام گهڻو زور ڏنو آهي. خدائي فطرت ۾ پوري پوري ايڪائي آهي؛ ان ۾ شراڪت يا ڪثرت کي دخل بلڪل ڪونهي. الله تعاليٰ جي صفتن مان سڀ کان مکيه صفت آهي ايڪائي. خدا تعاليٰ سان ٻئي ڪنهن جي شراڪت کي اسلام بلڪل رد ٿو ڪري، سڀ اعليٰ ترين ۽ ڪامل صفتون الله تعاليٰ جون آهن مگر رحمت جي صفت سڀني جي مٿان سوار آهي. قرآن شريف جي سڀڪا سورة الرحمن ۽ الرحيم جي نالن سان شروع ٿي ٿئي، انهن لفظن ۾ جيڪا الله تعاليٰ جي وسيع رحمت سمايل آهي سا ڪنهن به ٻولي ۾ انهن لفظن جي ترجمي ڪرڻ سان معلوم ڪين ٿي سگهندي. ٽين سورة جي 156 آيت ۾ فرمايل آهي ته منهنجي رحمت سڀني شين کي وڪوڙيل آهي، تنهن ڪري انهي رسول (ﷺ) کي جنهن الله تعاليٰ جون اهي صفتون بيان ڪيون قرآن شريف ۾ رحمة العالمين سڏيو ويو آهي. ائين ممڪن ئي ڪين هو ته توحيد جو سيکاريندڙ عظيم النسان اهڙي خدا کي خيال ۾ آڻي جو سڀ شي ۽ سڀ خلق جو خالق نه هجي. الله تعاليٰ جي طاقت ۽ علم ۾ اهڙو نقص الله تعاليٰ عظيم سان ڪامل ۽ قدرت جو بنياد ڊاهي وجهي ها، تنهن ڪري اسلام جو ٻين مذهبن وانگر الله تعاليٰ جي وجوديت تي ٻڌل آهي، ٻين مذهبن کان هن ڳالهه ۾ تفاوت ٿو رکي ته هو پوري پوري توحيد ٿو سيکاري ۽ الله تعاليٰ جي طاقت ۽ علم جي ڪا حد مقرر نه ٿو ڪري.

    توحيد
    الله تعاليٰ جي هيڪڙائي جيئن اڳئي چيو ويو آهي، قرآن شريف جو عظيم ۽ سڀ کان مکيه موضوع آهي. ان م خالق جي هيڪڙائي سمجهائڻ لاءِ بار بار فطرت جي قانونن، انساني طبيعت ۽ اڳوڻن نبين جي تعليمات ڏي ڌيان ڇڪايو ويو آهي. بيشمار آسماني سيارن ۽ ستارن جي خلقت تي غور ڪري ڏسو؛ ڪيترن ئي ظاهري مختلف حالتن هوندي به هڪڙي ۽ ساڳئي قانون هيٺ پنهنجو پنهنجو ڪم پيا ڪن. وري جيڪي ڌرتيءَ تي جاندار توڙي بيجان شيون ڏسو پيا، نباتات خواه حيوانات، ڌرتي، سمنڊ، نديون ۽ اوچا جبل، انهن سڀني تي غور ڪريو ته انهيءَ ڪثرت ۾ وحدت پئي ڏسجي. خود پنهنجي پيدائش يا حالت کي ڏسو، توهان جا رنگ ۽ توهان جون ٻوليون ڪيئن نه جدا جدا آهن؛ انهن تفاوتن هوندي به توهان سڀ هڪ جنس (يعني انسان) آهيو. هستي ۾ جيڪي ئي شيون آهن جو ٺاهڻ ۽ وري ڊاهڻ، خلقڻ ۽ وري خلقڻ، جنهن جو سلسلو هڪ گهڙي به بند نه ٿو ٿئي، انهيءَ سڀ ۾ ساڳيو ئي هڪ قانون ڪم پيو ڪري. جيڪڏهن فطرت منجهه چٽيءَ طرح ڪثرت ۾ وحدت پئي ڏسجي ته پوءِ انهيءَ ۾ توهان کي خالق ۽ مالڪ جي هيڪڙائي جا چٽا نشان ڪين ٿا ڏسڻ ۾ اچن؟ وري انساني فطرت جي اڻ گس شاهدي ڏسو، ڪي انسان اگرچه گهڻن خدائن ۾ ويساهه ٿا رکن ته به انهي ڪثرت ۾ ئي وحدت کي قبول ٿا ڪن. اهڙي طرح هو خدا جي هيڪڙائي جو پورو پورو ثبوت ڏين ٿا. ڪتابن جا پنا ورائي ڏسو، سڀني قومن جي روحاني رهبرن جون تعليمات جانچي ڏسو، سڀئي الله تعاليٰ جي هيڪڙائي جي شاهدي ٿا ڏين. مطلب ته فطرت جا قانون انسان جي طبيعت ۽ گهڻو ڪري سڀني زمانن جي مذهبي رهبرين جي شاهدي هڪ ئي آواز سان الله تعاليٰ جي توحيد جو اظهار ٿا ڪن، ۽ اها توحيد اسلام جي روحاني تعليمات جو بنيادي متو آهي.

    وحي
    اسلام جو ٻيو مکيه متو آهي وحي ۾ ايمان آڻڻ. اسلام نه رڳو قرآن شريف ۾ پر جيڪا به وحي دنيا جي سڀني قومن ۽ سڀني زمانن ۾ نازل ٿي تن سڀني ۾ به ويساه رکڻ لازمي جز قرار ڏئي ٿو. سڀني خدائي مذهبن جو بنياد وحيءَ آهي، پر انهيءَ متي کي ڪي ماڻهو ڪنهن حد تائين موقوف رکن ٿا. ڪن مذهبن جا ماڻهو سمجهن ٿا ته وحي فقط هڪ ڀيرو نازل ٿي، ٻيا وري ڀائن ٿا ته وحي فقط هڪ قوم تي ٿي لهي، ڪي وري ڪنهن خاص وقت کان پوءِ وحي جو دروازو بند ٿا سمجهن. وحي جي باري ۾ به اسلام اهڙي وسعت سيکاري جهڙي خدا تعاليٰ جي صفتن جي ڪي باري ۾. قرآن شريف وحي جي باري ۾ ڪابه حد، وقت يا قوم مقرر نٿو ڪري جو فقط هڪ وقت ۽ هڪ قوم تي وحي نازل ٿي هجي. ان کي ڏيکاريل آهي ته سڀ ڪنهن قوم تي ڪنهن نه ڪنهن وقت وحي نازل ٿي هو. وحي جي مدد کان سواءِ خدا سان ميلاپ حاصل ٿي نه ٿو سگهي، تنهنڪري ضروري هو ته قادر ڪريم، جو سڄي دنيا جو رب آهي ۽ سڀني ماڻهن جون بدني ضرورتون پوريون ٿو ڪري سو سڀني کي روحاني نعمتون به بخشي. تنهنڪري هن متي جي حالت ۾ به اسلام ٻين مذهبن وانگر خدائي وحي ۾ ويساهه رکڻ سيکاري ٿو، مگر ان کي ڪنهن وقتي يا مڪاني حد تائين موقوف نٿو رکي. تنهنڪري اسلام ائين به ٿو سيکاري ته اگرچه حضرت محمد ﷺ کان پوءِ ڪنهن به نبيءَ جي ضرورت ڪانه رهي آهي، ڇو ته سندن اچڻ سان دين ۽ ديني قانونن کي ڪماليت ملي چڪي؛ مگر وحي جو دروازو اڃا به کليل آهي ۽ ڪنهن به سچي مسلمان کي قرب حاصل ٿي سگهي ٿو. هي خيال احمدي فرقي جي ماڻهن جو آهي. مگر جيڪڏهن وحيءَ جي بدران الهام چئجي ته پوءِ مسلمانن جي ڪنهن به فرقي کي اعتراض جو سبب ڪونهي.
    خدائي وحي به نسبت هڪ ٻي ڳالهه به آهي جنهن ۾ اسلام ڪن ٻين مذهبن سان اختلاف رکي ٿو. خدا تعاليٰ جو اوتار جي شڪل ۾ آڻڻ سان نٿو ملي پر انسان کي رفته رفته مٿي خدا ڏي چڙهڻ سان جو چڙهڻ نيچ ارادن ۽ شهواني خواهش کان پاڻ کي پاڪ ڪرڻ ۽ روحاني ترقي ڪرڻ سان ٿئي ٿو. اهو ڪامل شخص جو دنيا کي خدا سان ملائي ٿو سو انسان جي شڪل ۾ خدا ناهي پر انسان آهي، جنهن پنهنجي ذات کي خدا جي عشق جي آگ ۾ جلائي خدا جو مظهر بنايو آهي. هن جو مثال ٻين کي ريس ٿو ڏياري ۽ ٻيا هن جو نمونو وٺي هن جي نقش قدم تي هلن ٿا. هو پنهنجي مثال سان ڏيکاري ٿو ته ڪيئن ڪوئي به انسان خدا تعاليٰ جو ميلاپ حاصل ڪري ٿو سگهي. انهيءَ ڪري اسلام جو اهو اصول ڪشادو آهي ته ڪوئي به شخص خدا تعاليٰ سان ميلاپ حاصل ڪرڻ کان يا الهام جي چشمي مان بهري وٺڻ کان محروم ڪون ڪيو ويو آهي ۽ سڀ ڪوئي شخص خدا جي ڪلام تي پيروي ڪرڻ سان ان کي حاصل ڪري ٿو سگهي.

    موت کان پوءِ انسان جي حالت
    آخرت ۾ ويساهه به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سڀني مذهبن ۾ عام آهي، ۽ مسلمانن جي ايمان جو اهو ٽيون مکيه متو آهي. مگر ٻي حياتيءَ جو مخفي راز جهڙو اسلام سمجهايو آهي تهڙو ٻئي ڪنهن به مذهب نه سمجهايو آهي. يهودين جي مذهب جي زماني تائين آخرت جو متو اهڙو منجهيل ۽ لڪل هو جو نه رڳو توريت ۾ ان جو لڀڻ مشڪل هو پر يهودين جو هڪڙو مکيه فرقو آخرت جو بلڪل منڪر هو. ڀائنجي ٿو ته اڳين نازل ٿيل ڪتابن ۾ انهيءَ مسئلي تي گهڻي روشني وڌل ڪا نه هئي. دنيا ۾ وري وري جنم وٺڻ جو متو به ابتدائي حالت وارن ماڻهن جو آهي، جن روحاني حقيقتن کي ظاهري نماءَ ڪري سمجهيو. اسلام ۾ آخرت جي زندگيءَ جو مسئلو به ڪامل طور سمجهايو ويو جيئن ٻيا مذهبي مکيه متا. هي بيان انهن ماڻهن کي مبالغي نظر ايندو جن جي دلين ۾ اهو خيال ويهي ويو آهي ته اسلام فقط جسماني خواهش جي پورائي جي تحريص ٿو ڪري. پر آخرت به نسبت جيڪي حقيقتون قرآن شريف ۾ بيان ڪيل آهن ۽ جي ٻين مذهبن جي ڪتابن ۾ بلڪل غائب آهن سي اسان جي مٿين بيان جي سچائي جي پوري ثابتي ڏينديون. آخرت ۾ ايمان آڻڻ جو مطلب آهي ته جيڪي عمل انسان هن حياتيءَ ۾ ڪري ٿو تن جو موت کان پوءِ حساب ڏيندو ۽ انهن جو نتيجو پَسندو. جيڪڏهن انهيءَ متي کي چڱيءَ طرح سمجهيو وڃي ته بيشڪ دنيا جي اخلاقي بلندي جو سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو بنياد آهي. آخرت به نسبت قرآن مجيد هيٺين ڳالهين تي خاص طور زور ڏنو آهي:

    ٻي حياتي هن حياتيءَ سان ڳنڍيل آهي
    هن حياتيءَ جي وچ ۾ جا جدائي جي ديوار وڌل آهي سا آخرت جي راز کولڻ لاءِ مانع ٿي ٿئي. اسلام اها ديوار ڪڍي ٿو ڇڏي، ۽ هن حياتيءَ ۽ ٻيءَ حياتيءَ کي ملائي ٿو ڇڏي. قرآن شريف ۾ هي حقيقتون بلڪل صاف بيان ڪيل آهي. سترهين سورة جي تيرهين آيت ۾ آيل آهي ته اسان سڀ ڪنهن انسان جا عمل هن جي ڳچي ۾ ٻڌي ڇڏيا آهن، ۽ قيامت جي ڏينهن اسان هن جي اڳيان هڪڙو ڪتاب آڻي رکنداسين جو هو بلڪل کليل ڏسندو. وري سترهين سورة جي 72 آيت ۾ فرمايل آهي ته جو هن دنيا ۾ انڌو آهي سو پوءِ به انڌو هوندو. سورة79 جي 27، 28 ۽ 29 آيتن ۾ فرمايل آهي ته اي آرام حاصل ڪيل روح! پنهنجي رب ڏانهن موٽ جنهن کان تون راضي آهين ۽ جو توکان راضي آهي؛ تنهنڪري منهنجي ٻانهن ۾ داخل ٿي ۽ منهنجي باغ ۾ گهڙ. هنن مان پهرين آيت ظاهر ڪري ٿي ڏيکاري ته وڏيون حقيقتون جيڪي قيامت جي ڏينهن روشن ٿينديون سي نيون ڪين هونديون پر جيڪي هتي ظاهر بين اک کان لڪل آهي تنهنجو پوو ظهور هونديون. تنهن ڪري موت کان پوءِ واري زندگي ڪا نئين زندگي نه هوندي پر اهائي ساڳي هوندي، رڳو ان ۾ لڪل حقيقتون ظاهر ٿي پونديون. مٿي ڏنل باقي آيتن مان پروڙي ٿو سگهجي ته دوزخ ۽ بهشت واريون حياتيون هن ئي دنيا ۾ شروع ٿين ٿيون آخرت جي اونڌائي يقينا دوزخ آهي، مگر مٿين آيت موجب فقط اهي آخرت ۾ انڌا هوندا جي هتي به انڌا آهن؛ جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هن حياتيءَ جي روحاني انڌائي سچو دوزخ آهي جو هتان ٻيءَ حياتيءَ ۾ پاڻ سان کڻي ٿو هلجي. اهڙي طرح اهو روح جنهن آرام ۽ اطمينان حاصل ڪيو آهي سو موت بعد بهشت ۾ آندو ٿو وڃي جنهن مان ظاهر آهي ته جيڪو آرام ۽ اطمينان ڪوئي به انسان هن حياتي ۾ روحاني طور ماڻي ٿو سو آخرت ۾ هن لاءِ بهشت ٿئي ٿو. هاڻي صاف معلوم ٿيو ته قرآن شريف موجب آخرت جي زندگي هن زندگي سان ڳنڍيل آهي ۽ موت حياتيءَ جو ڇينو نه آهي بلڪ زنجير جي ڪڙي آهي، يا هڪ دروازو آهي جو کلي ٿو پوي ۽ هن حياتيءَ جون لڪل حقيقتون ظاهر ٿو ڪري.

    آخرت جي حياتي هن حياتي جي روحاني حالت جو جسماني فوٽو آهي
    ٻئي حياتيءَ بنسبت سڀ کان مفصل حقيقت اسلام کان سواءِ ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ بيان ڪيل ناهي. ٻين مذهبن ۾ آخرت جي رازن کولڻ جي رڳو ڪوشش به ڪا نه ڪيل آهي. عيسائي مذهب ۾ روحاني ۽ جسماني حالتون ملايل آهن. هڪڙي طرف گنهگارن جي سزا واسطي رئڻ پٽڻ، ڏند ڪرٽڻ ۽ اڻ وسامندڙ باه جو بيان آيل آهي ته وري نيڪ بندن جي جزا ۾ آسماني بادشاهت، آسماني دولت ۽ دائمي زندگيءَ جو بيان ٿيل آهي؛ مگر اهو اشارو ٿيل ڪونهي ته انهيءَ جزا ۽ سزا جو اصل ڪهڙو آهي. قرآن شريف صاف طور بيان ٿو ڪري ته موت کانپوءِ واري حالت هن حياتيءَ جي روحاني حالت جو ڪامل نماءُ ۽ پورو فوٽو آهي. هتي عملن ۽ اعتقادن جون چڱيون يا بريون حالتون انسان ۾ لڪل آهن ۽ انهن جو زهر يا ماکي فقط ڳجهيءَ طرح هن تي اثر ڪن ٿا، مگر ٻئي حياتيءَ ۾ اهڙا چٽا ظاهر ٿين ٿا جهڙو منجهند جو سج. اسان جا عمل ۽ انهن جا نتيجا جيڪا صورت هن زندگيءَ ۾ وٺن ٿا سا انسان جي ظاهري اک کي ڏسڻ ۾ ڪان ٿي اچي، مگر ٻيءَ دنيا ۾ اها صورت کولي سندس اڳيان ظاهر ڪئي ويندي. تنهنڪري ٻيءَ حياتيءَ جون خوشيون ۽ عذاب اگرچه درحقيقت روحاني آهن ته به لڪل آهن. اهو ئي سبب آهي جو هڪ طرف ٻيءَ زندگيءَ جون نعمتون جسماني ۽ دنيائي نالن سان سڏيل آهن، ڇو ته اکين کي چٽيون ڏسڻ ۾ اينديون ته ٻئي طرف وري حضرت رسول ﷺ جي هڪ قول ۾ انهن بابت فرمايل آهي ته اهي اهڙيون شيون آهن جي نه اکين ڏٺيون آهن نه ڪنن ٻڌيون آهن، ۽ نه ڪڏهن انسان جي خيال ۾ ايون آهن. ٻي حياتيءَ جي نعمتن بابت اهو بيان سچ پچ قرآن شريف جي 32 سورة جي 17 آيت جي سمجهاڻي آهي. اها آيت هن طرح آهي: ڪنهن به روح کي خبرناهي ته هن لاءِ بهشت ۾ ڪهڙو سامان موجود آهي جو هن جي اکين کي فرحت ڏيندو.
    قرآن شريف جي 57 سورة جي 12 آيت به ساڳيو ئي مطلب ٿي سمجهائي. اها آيت هي آهي: انهيءَ ڏينهن اوهان مؤمنن ۽ مومنياڻين کي ڏسندو ته سندن نور سندن اڳيان ۽ سڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو. اها آيت ڏيکاري ٿي ته اها ايمان جي روشني جا نيڪ ٻانهين کي هن دنيا ۾ هدايت جو رستو ڏيکاري ٿي ۽ جا هتي فقط روحاني اکين سان ڏسي سگهجي ٿي سا قيامت جي ڏينهن مؤمنن جي اڳيان بلڪل چٽي ڏسڻ ۾ ايندي.
    بهشت جي نعمتن وانگر دوزخ جي سزا به هن حياتيءَ جي روحاني عذابن جو فوٽو آهي. ويهين سورة جي 74 آيت ۾ فرمايل آهي ته دوزخ اها جاءِ هي جتي انسان نه جيترو هوندو نه مرندو. هن به نسبت اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته خدا جو ڪلام گمراه ۽ گنهگار ماڻهن کي مئل ٿو ڪوٺي ۽ نيڪ انسانن کي جيرو ٿو سڏي. انهيءَ راز جي سمجهاڻي هي آهي ته جيڪي ماڻهو خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جن جي حياتيءَ جا وسيلا فقط کائڻ پيڻ ۽ شهواني خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ آهن تن جا اهي وسيلا مرڻ وقت قطع ٿي ٿا وڃن. روحاني خوارڪ هنن وٽ ذرو به ڪانهي، تنهنڪري سچي زندگيءَ کان هو محروم آهن. هنن کي فقط انهيءَ لاءِ اٿاريو ويندو ته پنهنجي بد عملن جو برو نتيجو چکن.

    ملائڪن ۾ ايمان ۽ ان جو مطلب
    هيل تائين اسلام جي ٽن مکيه اعتقادي اصولن جو بيان مختصر طور ڪيو ويو آهي، پر ان بنسبت هيترو اڃان چوڻو آهي ته غيب ۾ ملائڪ به اچي ٿا وڃن، ۽ انهن ۾ ايمان آڻڻ به ضروري آهي. هي ويساه به اگرچه گهڻن مذهبن ۾ لڀي ٿو؛ مگر عام قبوليت ۾ نه آيل آهي. تنهنڪري انهيءَ ويساهه بنسبت ٿورا ريمارڪ ڏجن ٿا: جسماني دنيا ۾ هي هڪڙو مقرر قاعدو آهي ته اگرچه اسان جي اندر قوقون ۽ طاقتون موجود آهن ته به انهن جي ڪم آڻڻ لاءِ ٻاهرين وسيلن جي ضرورت آهي. اکيون شين کي ڏسڻ لاءِ برابر ڏنيون ويون آهن ۽ انهن کي ڏسن ٿيون هن لاءِ ٻاهرين روشنائي جي مدد پڻ ضرور آهي. ڪن آواز ٻڌي سگهن ٿا، پر هوا جي مدد کان سواءِ هو اهو ڪم نه ٿا ڪري سگهن. تنهنڪري انسان کي پنهنجي اندرين قوتن سان گڏ ڪن ٻاهرين شين جي به گهرج آهي. جيئن جسماني طاقتون ٻاهرين وسلين کان سواءِ ڪم ڏيئي نه ٿيون سگهن تيئن روحاني طاقتون به ازخود چڱن يا برن ڪمن ڏي نيئي نه ٿيون سگهن، تنهنڪري روحاني دنيا ۾ به ڪن ٻاهرين وسيلن جي ضرورت آهي جن جي مدد سان روحاني طاقتون پنهنجو ڪم ڏيئي سگهن. مطلب هي آهي ته انسان جي فطرت ۾ ٻه ڪوششون رکيل آهن. هڪ نيڪيءَ ڪرڻ جي جا اسان کي اعليٰ درجي تي رسائي ٿي ۽ ٻي بدي ڪرڻ جي جا اسان کي مرن جهڙو بلڪ زياده خراب ٿي ڪري. پر انهن ڪششن کي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ ٻاهرين وسيلن جي ضرورت آهي جيئن جسماني قوتن کي ٻاهرين شين جي ضرورت ٿئي ٿي. ٻاهريون وسيلو جو نيڪي جي ڪشش کي ڪم ۾ ٿو رکي سو مَلڪ ٿو سڏجي، ۽ جو بديءَ جي ڪشش کي مدد ٿو ڪري سو شيطان ٿو سڏجي. جيڪڏهن اسان نيڪي جي ڪشش تي ٿا هلون ته روح القدس جي پيروي ٿا ڪريون ۽ جيڪڏهن بديءَ جي ڪشش تي ٿا هلون ته شيطان جي پيروي ٿا ڪريون. تنهنڪري ملائڪن ۾ ايمان آڻڻ جو سچو مطلب هي آهي ته اسان نيڪي جي دعوت کي قبول ڪريون يا نيڪيءَ جي ڪشش جا اسان ۾ رکيل آهي تنهن تي قدم کڻون.

    ايمان يا اعتقاد جي ڪيفيت
    مٿيان ريمارڪ نه رڳو ملائڪن ۾ ايمان آڻڻ جو مطلب ٿا سمجهائن پر لفظ ايمان جي ماتحت جو مطلب رکيل آهي سو به ٿا سمجهائين. اسلام موجب ايمان يا اعتقاد نه رڳو ڪنهن خاص ڳالهه جي سچائي جو يقين رکڻ آهي پر ان کي عملن لاءِ بنياد سمجهڻ ۽ عملي طور قبول ڪرڻ لازمي آهي. جيئن اڳيئي ڏيکاريو ويو آهي ته شيطانن جو هئڻ به اهڙو ئي سچو آهي جهڙو ملائڪن جو. پر ملائڪن ۾ ويساه رکڻ بار بار مسلمان جي ايمان لاءِ ضروري طور بيان ڪيو ويو آهي مگر ڪٿي به ائين ڪو نه چيو ويو آهي ته شيطانن ۾ ايمان آڻيو. ٻئي حقيقتون (يعني ٻنهي جو هئڻ) صحيح آهن ۽ قرآن شريف ۾ ڪيترن ئي هنڌن شيطانن جي حرڪتن ۽ لچاين جو بيان ڪيو ويو آهي، پر قرآن شريف ملائڪن ۾ ايمان آڻڻ سيکاري ٿو مگر شيطانن ۾ ايمان آڻڻ جو حڪم نٿو ڏئي. جيڪڏهن ملائڪن ۾ ايمان آڻڻ جي فقط اها معنيٰ هجي ها ته انهن جو هئڻ به قبول ڪريو ته شيطانن ۾ ويساه رکڻ به اهڙو ئي هجي ها. پر ائين نه آهي. سبب هي آهي ته اسان کي نيڪيءَ جي دعوت ڪندڙ جو سڏ قبول ڪري عمل ڪرڻو آهي مگر بديءَ جي دعوت ڏيندڙ جو سڏ رد ڪرڻو آهي؛ تنهنڪري جيئن ته پهرين ڳالهه تي عمل جو بنياد آهي ۽ پوئين تي ناهي، اسان ملائڪن ۾ ايمان آڻيون ٿا، مگر شيطانن ۾ نه ٿا آڻيون بلڪ قرآن شريف شيطانن جو منڪر ٿيڻ ٿو سيکاري جيئن سورة البقره جي 256 آيت ۾ آيل آهي ته جو شخص شيطانن جو منڪر آهي ۽ الله تعاليٰ ۾ ايمان ٿو رکي تنهن تحقيق سڀ کان مضبوط هٿئي کي جهليو آهي.
    هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مٿي بيان ڪيل اعتقادي اصول جيئن قرآن شريف ۾ ڏنل آهن، اهڙا اصول آهن جي سڀ عمل جو بنياد آهن؛ ٻئي قسم جو اعتقاد يعني جنهن اعتقاد سان عمل لاڳو نه هجي سو اسلام ۾ آهي ئي ڪونه. اسلام جا عقيدا زبان سان چوڻ جا منتر ناهن، مگر اهي عمل جا حڪم آهن. عربي لفظ الله انهي خدا ڏي اشارو ٿو ڪري جنهن ۾ سڀ ڪامل صفتون موجود آهن، ۽ جڏهن اسان کي الله ۾ ايمان آڻڻ جو حڪم ڪيو ٿو وڃي تڏهن درحقيقت انهن سڀني ڪامل صفتن هٿ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ٿو وڃي. اسان کي پنهنجي سامهون سڀ کان اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد رکڻو آهي، ۽ پنهنجي هلت چلت انهيءَ مقصد موافق ڪرڻي آهي، وحي ۾ ايمان آڻڻ سيکاري ٿو ته جيڪائي نيڪي پيغمبرن ۽ نيڪ بندن جي حياتين ۾ معلوم ڪئي وئي آهي سا قبول ڪري انهن جو نقل ڪرڻ گهرجي، ۽ قيامت ۾ ايمان آڻڻ انسان جي جوابدهي جي سڀ کان مکيه اصول کي قبول ڪرڻ ٿو سيکاري، اهو اصول آهي عملن جو حساب ڏيڻ. تنهنڪري اسلام جا ويساهه اهڙا عام قبول حق آهن جن جي ثابتيءَ جي گهرج ئي ڪانهي، ۽ انهن ويساهن تي انسان جي حياتي جي اخلاقي ۽ روحاني حالتن جو بنياد ٻڌل آهي.

    عملي اصول
    هاڻي اسان دين اسلام جو عملي بحث ٿا کڻون. اڳيئي چيو ويو آهي ته دين اسلام ۾ عمل دين جو اهڙو ئي ضروري ڀاڱو آهي جهڙو ايمان. انهيءَ باري ۾ اسلام سهڻو وچون رستو اختيار ڪيو آهي. نه ته ڪن مذهبن عملي طرف کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ته ٻين وري سون رسمن جي زنجير سان انسان کي ڦاسائي ڇڏيو آهي. اسلام انسان جي قوتن کي زور وٺائڻ لاءِ ضروري عام هدايتون ڏيئي باقي ميدان صاف ڇڏي ڏنو آهي ته هر ڪوئي شخص پنهنجو عقل ڪم آڻي عمل ڪري. عملي طرف کي بلڪل ڇڏي ڏيڻ سان ڪوئي به مذهب رڳو خيالي وڃي رهندو ۽ انسان جي چال ۽ هلت چلت تي ان جو اثر ڪو نه ٿيندو. اسلام جون هدايتون جي خدا ۽ خدا جي خلق جا فرض ادا ڪرڻ سيکارين ٿيون تن جو بنياد انساني فطرت جي اونهي ۽ ڪامل علم تي ٻڌل آهي جو علم فقط ان فطرت جي مالڪ وٽ آهي. اهي هدايتون انساني تهذيب ۽ ترقي جي سڀني مختلف ڏاڪن لاءِ ڏنيون ويو آهن، تنهنڪري اهي مختلف ماڻهن جي ضرورتن لاءِ نهايت موزون ۽ مناسب آهن. قرآن مجيد ۾ رواجي دنيا ئي ماڻهن لاءِ خواه فيلسوفن لاءِ ۽ اگهاڙن جابلو جهنگلين لاءِ خواه نهايت مهذب قومن لاءِ هدايتون ۽ قانون موجود آهن.۽ عمل ۾ آڻڻ لاءِ بلڪل ڪارائتو هجڻ اها اسلامي هدايتن جي خاصيت آهي، تنهنڪري جيئن اسلام جا اعتقادي اصول وسيع ۽ عام آهن تيئن عملي هدايتون به سڀني قومن ۽ سڀني وقتن لاءِ موزون ۽ مناسب آهن.
    اهي هدايتون جي ٽي مکيه اعتقادي اصول بيان ڪن ٿيون سي ٻه مکيه عملي اصول به بيان ٿيون ڪن (1) نماز قائم رکڻ (2) جيڪي اسان وٽ هجي تنهن کي سخاوت طور ڪم آڻڻ. اهي ٻه ڪم در حقيقت انسان جي سڄي عملي دائري کي پنهنجي اندر رکن ٿا. عام لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته اهي اصول آهن (1) خدا جا انسان تي حق ۽ (2) انسان جا انسان تي حق. مگر در حقيقت اهو تفاوت رڳو ظاهري آهي. سچو مطلب وٺجي ته سڀ انسان جا حق خدا جا حق آهن، ۽ انهيءَ ئي ڪري قرآن شريف جڏهن به انسان تي ڪهڙا به ننڍڙا حق بيان ٿو ڪري تڏهن انهن جي پٺيان هي لفظ ٿو آڻي وا تقو الله يعني خدا جي حقن جي خبرداري ڪريو. حضرت ﷺ جو هي قول، ته جو شخص پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جو حق ٿو ٻوڙي سو خدا جي هيڪڙائي ۾ ايمان رکندڙ ناهي. ”تنهن مان پڻ اهو ئي مطلب ٿو نڪري. سڀني حالتن ۽ سڀني ڪمن لاءِ انسان فقط پنهنجي خالق وٽ جوابداري ڏيندو. پر جيڪڏهن ٻيو مطلب وٺجي ته وري انسان جا سڀئي فرض يا ته پنهنجا پاڻ تي حق اٿس، يا ٻين جا پاڻ تي حق اٿس ڇو ته الله تعاليٰ جي صفت قرآن شريف ۾ بار بار غني بيان ڪيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته الله تعاليٰ کي دنيا سندس عبادت ۾ مشغول رهي ته به سندس اعليٰ شان ۾ تر جيترو به واڌارو ٿي نه ٿو سگهي، ۽ جيڪڏهن سڄي دنيا هن ۾ ايمان نه آڻي ۽ بي شڪري ڏيکاري ته به سندس عظمت مان ذو به گهٽجي نٿو سگهي. تنهن ڪري جيڪي خدا جا حق سڏيا ويا آهن سي در حقيقت پنهنجا حق پاڻ تي آهن يعني اهي حق آهن جي سڌيءَ طرح ٻين تي اثر نٿا ڪن پر پاڻ تي اثر ٿا رکن. اهي خدائي حق سچ پچ انسان جي اخلاقي ترقي ۽ روحاني سڌاري جا وسيلا آهن، ۽ انهن مان مکيه فرض آهن نماز روزا ۽ حج. انسان جا انسان تي جيڪي فرض آهن تن مان سڀني کان مکيه آهي زڪواة. هڪ ڍل آهي جا مسڪينن جي فائدي لاءِ شاهوڪارن کان اڳاڙجي ٿي. اها زڪواة ۽ ٽي انسان جا پاڻ تي مکيه فرض عملي طرف اسلام جا چار رڪن يعني ٿنڀ آهن. انهن چئن ٿنڀن جو مختصر بيان هت ڏنو ويندو، پر تنهن کان اڳي انسان تي انسانن جي حقن به نسبت ٿورا ريمارڪ ڪجن ٿا.

    اخلاقي تعليمات جي وسعت
    قرآن مجيد هڪ قوم يا هڪ زماني واسطي نه موڪليل هو، تنهنڪري ان جي اخلاقي تعليمات جو دائرو ايترو وسيع آهي جيترو انسان جي ذات. اهو اهڙو ڪتاب آهي جو سڀني ماڻهن کي سڀني حالتن ۾ ڪامل هدايتون ڏئي ٿو، جاهل جهنگليءَ کي خواه عاقل فيلسوف کي، ڌنڌي واري ماڻهوءَ کي خواه گوشه نشين کي، شاهوڪار کي خواه مسڪين کي. قرآن شريف ۾ ايتريون هدايتون ۽ قانون سمايل آهن جو هر هڪ شخص پنهنجي حالت موافق قانون ان مان لهي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ طرف ان ۾ اهڙيون هدايتون آهن جو هڪ جهنگلي کي مٿين ڏاڪي تي آڻڻ ۽ رواجي معاشرتي اخلاق سيکارڻ لاءِ موزون آهن ته ٻئي طرف وري اهڙا قانون موجود آهن جي اخلاقي ۽ روحاني ترقي جي مٿين ڏاڪن وارن لاءِ هادي ٿين. اعليٰ اخلاقي تعليمون بيشڪ انسان جي ترقي لاءِ ضروري آهن، پر اهي انهن کي فائدو ڪري سگهنديون جيڪي انهن کي سمجهي سگهندا. پر عام ماڻهو ڪهڙي به سڌريل قوم جا انهن جي سمجهڻ جا لائق ناهن. تنهنڪري قرآن شريف سڀني منزلن لاءِ هدايتون ٿو ڏئي جي منزلون انسان کي جهنگلپڻ کان وٺي اعليٰ روحاني ترقيءَ تائين لتاڙڻيون ٿيون پون. اهي هدايتون انسان جي عملن جي هر هڪ شاخ به نسبت آهن ۽ انسان جي سڀني قوتن جو واڌارو گهرن ٿيون. جيڪي ئي خاصيتون انسان ۾ رکيل آهن تن سڀني کي اسلام نرمي ۽ شجاعت ٻئي خاصيتون عمل ۾ آڻڻ سيکاري ٿو مگر هر هڪ پنهنجي پنهنجي مناسب موقع تي. اسلام عفو (معافي ڏيڻ) سيکاري ٿو مگر هدايت ٿو ڪري ته جڏهن ڏوهه جو قسم اهڙو هجي جو سزا جو ضرور ٿئي تڏهن انهي ڏوهه جي قدر تي سزا ڏيڻ گهرجي. اسلام سيکاري ٿو ته. معافي تڏهن ڏيو جڏهن انهيءَ مان چڱائي نڪري. اسلام وري ائين به ٿو سيکاري ته تمام مشڪل حالتن ۾ به اعليٰ صفتون قائم رکو، مثلا ايمانداري ڏيکاريو اگرچه ان ايمانداري جي ڪري تڪليفن هيٺ اچو؛ سچ ڳالهايو اگرچه اهو سچ توهان جي پيارن مائٽن يا دوستن جي برخلاف هجي، همدردي ڏيکاريو اگرچه ان ۾ پنهنجو نقصان ٿئي، سخت مصيبتن ۾ به صبر اختيار ڪيو، انهن سان به ڀلائي ڪيو جن توهان سان برائي ڪئي هجي وغيره. تنهن هوندي به اسلام وچون رستو ٿو سيکاري: اسلام سيکاري ٿو ته جيڪي شريف جذبا انسان ۾ رکيل آهن تن کي دنيا جي ڌنڌن ۾ رهي ڪري عمل ۾ آڻيو. اسلام نٿو سيکاري ته دنيا کان الڳ رهي سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو. هو پاڪدامني ٿو سيکاري مگر نه پاڻ کي کدڙو ڪرڻ سان، هو خدا جي عبادت جي هدايت ٿو ڪري مگر نه راهبن وانگر، هو دولت سخاوت ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ٿو ڪري پر نه ايتري قدر جو بيوس ۽ تنگ حال ٿي پئجي، هو فرمانبرداري سيکاري ٿو مگر نه پنهنجي عزت کوهڻ سان، هو معافي ڏيڻ جي هدايت ڪري ٿو مگر نه ايتري قدر جو ڏوهي بي پرواهه ٿي قوم کي ناس ڪري ڇڏين، هو پنهنجن حقن ماڻڻ جي اجازت ٿو ڏئي مگر نه اهڙي طرح جو پراوا حق مارجي وڃن ۽ اسلام حڪم ٿو ڪري ته پنهنجي دين جي اشاعت ڪريو، مگر نه ٻين جي مذهب کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان.

    اسلامي آخرت يعني ڀائپي
    اسلام هڪدم سڀني ذاتين يا قبيلن جا اڻ وڻندڙ تفاوت مٽائي ٿو ڇڏي. تحقيق الله وٽ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو اوهان مان اهو آهي جو پنهنجا فرض بجا آڻڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ خبردار آهي، هي آيت ذات جي وڏائي يا گهٽتائي ۽ دنيائي مرتبن جي تفاوتن کي پائمال ڪري ٿي ڇڏي. قرآن مجيد سڄي ذات انسان جي هڪ ڪٽنب آهي. 49 سورة جي 13 آيت ۾ آهي ته اي انسان! تحقيق اسان توهان کي هڪ مرد ۽ زال مان پيدا ڪيو، ۽ توهان کي ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهايو انهيءَ لاءِ ته توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻو: تحقيق توهان مان سڀني کان وڌيڪ الله تعاليٰ وٽ مرتبي ۽ عزت وارو اهو آهي جو فرضن بجا آڻڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ خبردار آهي. اسلام اهڙي طرح هڪ وسيع اخوت جو بنياد ٿو وجهي جهن ۾ سڀ مرد ۽ زالون – پوءِ هو ڪهڙي به قبيلي يا قوم يا ذات جا حج، ڪهڙو به هنن جو ڌنڌو يا درجو هجي؛ مسڪين هجن توڙي دنيا دار هجن – هڪ جهڙا حق رکن ٿا، ۽ جنهن ۾ ڪوئي به پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي حق تي لت ڏيئي نٿو سگهي. هن ڀائپي ۾ سڀني کي هڪ ٻئي سان ائين هلڻو آهي جيئن ساڳيءَ ڪٽنب جا ڀاتي. ٻانهي کي اهڙو کاڌو ڏيڻو آهي ۽ اهڙا ڪپڙا پهرائڻا آهن جهڙا ڌڻيءَ کي، ۽ ٻانهي کي خسيس يا گهٽ ڪري نه ڏسڻو آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته توهان جي زالن جا اوهان تي به اهڙي طرح حق آهن جهڙيءَ طرح توهان جا هنن تي آهن. ذات يا ڌنڌي يا جنس جي تفاوت ڪري ڪنهن جو حق ٻوڙي نٿو سگهي. هي وسيع ڀائپي رڳو خيالي ڪين هئي، پر حضرت ﷺ جي ۽ سندن اصحابن ۽ خليفن سڳورن جي اعليٰ مثال سان عملاً قائم ٿي ويئي. ڀائپي جو تاڪيدي قانون هن حديث ۾ ڏٺو ويو آهي ته توهان مان ڪوئي به خدا کي مڃيندڙ ناهي جيستائين ڪ هو پنهنجي ڀاءُ جي واسطي به اها ئي شي نٿو چاهي جيڪا پاڻ واسطي ٿو چاهي.

    حاڪم لاءِ عزت ۽ فرمانبرداري
    اگرچه اسلام حقن جي برابري قائم ڪئي ته به حڪومت لاءِ اعليٰ قسم جي فرمانبرداري ٿو سيکاري. سچي سکيا جي جاءِ آهي جنهن ۾ انسان جي اخلاقي تربيت شروع ٿئي ٿي تنهنڪري قرآن مجيد والدين جي فرمانبرداري جو بلڪل گهڻو تاڪيد ٿو ڪري. سورة 17 جي 23 ۽ 24 آيت ۾ فرمايل آهي ته جيڪڏهن انهن مان هڪ يا ٻئي وڏي عمر کي رسن ته تون هنن کي رڳو اف به نه ڪر نڪي هنن کي ڇڙٻ ڏي، ۽ هنن سان ادب جا لفظ ڳالهاءِ، ۽ رحمدلي ۽ فرمانبرداري سان هنن جي اڳيان نرمي جي هلت وٺ، ۽ چؤ ته اي منهنجا رب هنن اڳيان نرمي جي هلت وٺ، ۽ چؤ ته اي منهنجا رب هنن تي رحم ڪر جو هنن مون کي نپايو جڏهن مان ننڍڙو هوس. ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته والدين جي حڪم جي انحرافي فقط تڏهن جائز آهي جڏهن خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪرڻ تي مجبور ڪن. والدين لاءِ هي اعليٰ فرمانبرداري اهو بنياد آهي جنهن تي سڀ ڪنهن قسم جي حاڪم جي فرمانبرداري جي عمارت اڏيل آهي. قرآن شريف صاف طور فرمائي ٿو ته خدا جي اطاعت ڪيو ۽ خدا جي رسول جي اطاعت ڪيو ۽ انهن جي جيڪي اوهان مان اوهان تي حاڪم آهن. (4 سورة 62 آيت) حاڪمن جو مطلب رڳو ملڪي حاڪم ناهي، پر اهي سڀئي جن کي ڪنهن به قسم جي اختياري ڏنل آهي. حضرت ﷺ جو قول آهي ته اوهان مان هر هڪ حاڪم آهي، ۽ هر ڪنهن کان قيامت جي ڏينهن انهن بابت پڇاڻو ٿيندو جي هن جي اختياري هيٺ آهن. تنهنڪري اسلام سڀني ماڻهن کي انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري جيڪي سندن مٿان آهن يا سندن ترت عملدار آهن. اهڙي طرح اسلام بغاوت ۽ گوڙ جي پاڙ پٽي ٿو ڪڍي. حاڪم ڪهڙي به مذهب جو هجي ته به هن جي فرمانبرداري اهري طرح ڪجي جيئن والدين جي، اگرچه والدين اسلام جا منڪر هجن. پيغمبر ﷺ جي هڪڙي قول موجب اگرچه ڪو شيدي ٻانهو حاڪم هجي ته هن جي به اطاعت ڪرڻ گهرجي.

    چار مکيه عملي رڪن:
    هاڻي مذهب اسلام جا چار مکيه عملي رڪن ڪجهه کولي بيان ٿا ڪجن خاص ڪري نماز صلواة يعني اسلامي نماز. اسان جي ملڪ ۾ اڄوڪي زماني ۾ نماز اڪثر بنا سمجهه جي پڙهڻ ۾ ٿي اچي. ماڻهن کي نڪا نماز جي حقيقت جي خبر آهي نڪا اها خبر اٿن ته نماز ۾ اسان ڇا ٿا چئون. الله تعاليٰ انسان کي جيڪا سڀ کان وڏي نعمت بخشي آهي سا آهي عقل. اسان انهيءَ نعمت کي ذرو به ڪم نٿا آڻيون. حضرت رسول ﷺ جن فرمايو آهي ته جا شيءِ سڀني کان پهريائين خلقي ويئي سا آهي عقل. ائين به فرمايو اٿن ته تحقيق هڪڙو ماڻهو نمازون روزا زڪواة حج ۽ ٻيا سڀ فرض ادا ڪري ٿو. مگر هن کي ثواب رڳو اوتري قدر ملندو جيتري قدر عقل ۽ سمجهه ڪم آندي اٿس. نماز به نسبت به فرمايو اٿن ته جنهن ۾ جسم سان دل شامل ناهي تنهن تي الله تعاليٰ ڌيان ڪون ٿو ڏئي. هنن حديثن مان صاف طرح ثابت ٿو ٿئي ته نماز جي حقيقت ۽ معنيٰ سمجهڻ تمام ضروري آهي.
    نماز اسلام جو اهو رڪن آهي جو مسلمان تي سڀ کان پهريائين فرض ٿو ٿئي. ستن ورهين جي ٻار کي نماز پڙهڻ مستحب ۽ ڏهن ورهين واري تي فرض آهي، ۽ مرڻ جي گهڙيءَ تائين سڀ ڪنهن حالت ۾ ۽ سڀ ڪنهن هنڌ فرض رهي ٿي. حديث شريف ۾ آهي ته نماز بيهي پڙهو، بيهي نه سگهو ته ويهي پڙهو، ويهي به نه ته پاسي ڀر. ٻي حديث ۾ آهي جنهن دين ۾ نماز ڪانهي تنهن ۾ ڪا خوبي ڪانهي.
    نماز آهي دل جي جذبن جو اظهار، خدا وٽ عجز ۽ نياز سان عرض ۽ استدعا، ۽ خالق جي اڳيان روح جي پاڪ ۽ مخلص خواهشن جو نهايت مؤدبانه طور ظاهر ڪرڻ. اسلام ۾ عبادت جو خيال ۽ طريقو ٻين ديني اصولن وانگر اعليٰ ترين ترقي کي پهتل آهي. قرآن شريف موجب نماز دل کي صاف ۽ پاڪ ڪرڻ جو وسيلو آهي، ۽ خدا جو ميلاپ فقط دل جي پاڪائي سان حاصل ٿئي ٿو. سورة عنکبوت جي 45 آيت ۾ فرمايل آهي ته ”جيڪو ڪتاب توتي نازل ڪيو ويو آهي سو پڙهه ۽ نماز قائم ڪر، تحقيق نماز فاحش ڪمن ۽ خرابين کان بچائي ٿي ۽ يقينا خدا جو ذڪر سڀ کان وڏي ڳالهه آهي“ تنهنڪري اسلام نماز کي انسان جي اخلاقي ترقي جو وسيلو ڏيکاري ان جو تاڪيد ڪيو آهي. اسلام اها نماز نه سيکاري آهي جا بنا روح جي هڪ بي جان بت وانگر هجي ۽ جنهن ۾ دل جو خلوص نه هجي. اهڙي نماز قرآن شريف جي الماعون سورة جي 5 آيت ۾ صاف طرح رد ڪيل آهي. اتي فرمايل آهي ته مصيبت آهي انهن نمازين جي لاءِ جي نماز ۾ بي خبر ٿا رهن.“
    مسلمان لاءِ نماز هڪ روحاني غذا آهي، جا ڏينهن ۾ پنج ڀيرا کائي ٿو. جي ماڻهو ڀانئين ٿا هر روز پنج وقت نماز پڙهڻ هڪ مشڪل ڪم آهي تن کي ياد رکڻ گهرجي ته ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا کائجي پئجي ٿو. جسماني طاقت ۽ واڌاري کان روحاني ترقي وڌيڪ ضروري ناهي ڇا؟ جسم کان روح وڌيڪ قيمتي ناهي ڇا؟ جيڪڏهن بدن جي لاءِ هر روز ڪيترا ڀيرا کاڄ جي ضرورت آهي ته وري روح جي لاءِ غذا جي ضرورت نه آهي ڇا؟
    ڪن مذهبن ۾ نماز لاءِ هڪ خاص ڏينهن مقرر ڪيل آهي جنهن ڏينهن ٻيو ڪو ڪم ڪرڻ ۾ نه ايندو آهي. اسلام جنهن دنيائي ڌنڌن جي وچ ۾ هر روز عبادت ڪرڻ سيکاري آهي تنهن ان ۾ هڪ نئين معنيٰ رکي آهي ته ڪوئي به مسلمان ڪهڙي به مشغولي ۾ هجي ته به پاڻ کي دنيا ئي مشغولين کان هڪدم ڇني سگهي ۽ نماز ۾ مشغول ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام رهبانيت جون سڀ رسمون ڪڍي ڇڏيون آهن جن جو مطلب آهي ته انسان خدا جا ڌنڌا ڦٽي ڪري. مگر اسلام سيکاري ٿو ته دنيا ڇڏڻ کان سواءِ ئي خدا جو ميلاپ حاصل ڪجي.
    اگرچه اسلام نماز کي دائماً قائم رکڻ لاءِ خاص طريقو ۽ وقت تاڪيد طور مقرر ڪري ڇڏيا آهن ته به هر هڪ شخص کي وڏو ميدان کليل ڏنو ويو آهي. هن کي آزادي آهي ته قرآن شريف مان جيڪو ٽڪر کيس وڻي سو نماز ۾ پڙهي ۽ اهي دعاؤن گهري جي سندس روح جي جذبن موافق هجن. عام هدايتون بيشڪ ڏنل آهن ڇو ته اهي هدايتون وقت جي پابندي، انتظام ۽ هڪجهڙائي رکڻ لاءِ ضروري آهن، مگر سڀ ڪنهن شخص کي آزادي آهي ته انهيءَ طريقي سان نماز پڙهڻ کان سواءِ پنهنجي خالق جي اڳيان ٻي طرح به پنهنجي شريف جذبن جو اظهار ڪري.
    هر روز پنج وقت انهن عضون کي ڌئڻ جي ڪم ڪار ۾ يا ازخود جلد ميرا ٿا ٿين، وات ۽ ڏند صفا ڪرڻ، اکين کي پاڻي هڻڻ، ۽ نڪ صفا ڪرڻ وضو کان اڳ ڏندڻ هڻڻ، جسم لباس مڪان غليظائي کان پاڪ رکڻ اهي سڀ نماز لاءِ ضروري ڪيا ويا آهن، ۽ جسماني صحت لاءِ به اهي ئي سڀ کان چڱيون تدبيرون آهن. حضرت ﷺ فرمائي ٿو ته مان سڀ ڪنهن نماز وقت ڏندڻ هڻڻ جو تاڪيد ڪيان ها مگر مون کي اهو انديشو ٿيو ته متان منهنجي امت تي بار ٿي پوي. ارمان جي ڳالهه آهي جو ڪي مسلمان ته ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو به ڏندڻ ڪين ٿا هڻن. انهيءَ ظاهري پاڪائي رکڻ جو باطني فائدو اهو آهي جو ظاهري صفائي روح تي چڱو اثر ٿي ڪري. جهڙيءَ طرح جسم کي پاڪ ٿو رکجي تهڙيءَ طرح روح کي به دشمني ۽ بغض کان پاڪ ڪري پوءِ الله تعاليٰ جي روبرو حاضر ٿيڻ گهرجي.
    انسان جي لاءِ تندرستيءَ جهڙي ٻي ڪا نعمت ڪانهي. تندرستي صفائي ۽ بدني ورزش تي مدار رکي ٿي. نماز جي حڪمن ۾ اعلٰي درجي جي صفائي اچي ٿي وڃي، ۽ خود نماز ۾ ڪجهه قدر بدني ورزش به ٿي ٿئي. اسلام جي هدايتن وغيره ۾ اها خوبي آهي جو انهن تي عمل ڪرڻ سان نه رڳو روحاني پر دنيا ئي فائدا به حاصل ٿا ٿين.

    آذان
    اذان يا بانگ جي پهريائين ضرورت هن لاءِ پيئي ته سڀ مسلمان ملي هڪ وقت نماز ادا ڪري سگهن. اذان نه رڳو نماز جو سڏ آهي پر اسلام جي اصولن جي اشاعت ۽ اعلان به آهي. مسلمان انهيءَ اذان جي وسيلي پنهنجا اصول سڀني ماڻهن جي ڪنن تائين پهچائين ٿا، ۽ ڇوٽڪاري جي راه ڏيکارين ٿا. پر افسوس جو اسان جي ملڪ جا مسلمان آذان جي لفظن جي معنيٰ بلڪل ڪو نه ٿا ڄاڻن. آذان جا لفظ هي آهن جي معنى سميت ڏجن ٿا:
    الله اکبر الله اکبر الله سڀ کان وڏو آهي الله سڀ کان وڏو آهي.
    اشهد الا الہٰ الا الله آءٌ گواهي ٿو ڏيان ته الله کانسواءِ ڪو بيو معبود نه آهي.
    اشهد ان محمداً رسول الله آءٌ گواهي ٿو ڏيان ته (حضرت) محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي.
    حيّ علي الصلواة اچو نماز جي طرف
    حيّ علي الفلاح اچو ڪاميابيءَ جي طرف
    الصلواة خير من النوم نماز ننڊ کان بهتر آهي.
    الله اکبر الله اکبر الله سڀ کان وڏو آهي الله سڀ کان وڏو آهي.
    لاالہٰ الاالله الله کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آهي.

    وقت جي پابندي
    سڄي عمر الاهي عبادت کي قائم رکڻ ڪري استقلال جو گڻ ٿو سکجي. هر روز پنجن نمازن جو وقت تي پڙهڻ وقت جي پابندي جي زبردست تعليم آهي. نماز ۾ جيتري قدر پابندي آهي، هوءَ جنهن طرح سوير سمهڻ ۽ سوير اٿڻ جي تعليم ٿي ڏئي ۽ جنهن طرح هر هڪ ٽائيم ٽيبل کي پنهنجي قبضي ۾ ٿي آڻي تنهن مان هي به معلوم ٿو ٿئي ته اسلام ۾ شهواني ۽ نفساني خيالن کي نماز جي وسيلي ڪيئن نه بيدخل ڪيو ويو آهي.
    نماز ماڻهن جي ميل ميلاپ جو وسيلو آهي
    نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ اچڻ ۽ جماعت جي پابندي تمدن ۽ ترقي جي جان آهي، اتفاق، ٻڌي ۽ خيالن جي تبادلي جو سڀ کان پاڪ وسيلو آهي. انهيءَ جي ڪري ڪوئي به جاهل شخص گهڻيون ڳالهيون نمونو ڏسي سکي سگهي ٿو، ۽ ڪوئي به عالم آسانيءَ سان اسلام سيکاري سگهي ٿو. ڪوئي به امير غريب ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ هڻي بيهڻ سان مساوات جو سبق وٺي سگهي ٿو؛ ۽ ڪوئي به غريب امير جي برابر ويهي سچي دين جي انصاف کان پنهنجي روح کي خوشي ڏيئي سگهي ٿو.

    امام
    امام جي پٺيان نماز پڙهڻ مان اهو سبق ٿو سکجي ته دنيا ۾ به سڀني ڪمن ڪارين کي چڱيءَ طرح سر انجام ڪرڻ لاءِ هڪ پريو مڙس يا حاڪم مقرر ڪجي جنهن جي زيردستيءَ ۾ صلح ۽ اتفاق سان ڪم هلي. اهو پريو مڙس نيڪ دل ۽ عادل هئڻ گهرجي.
    امام ٿيڻ جو لائق به اهو آهي جو ٻين کان قرآن شريف وڌيڪ ڄاڻي ۽ ٻين کان وڌيڪ نيڪ هجي. مٿي حديث ڏنل آهي جيڪا نماز ۾ خلوص دل ۽ معنيٰ سمجهڻ سان تعلق ٿي رکي، تنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته جنهن نماز ۾ جسم سان دل شامل ناهي تنهن تي الله تعاليٰ ڌيان ڪو نه ٿو ڏئي. منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته دل شامل فقط تڏهن ٿيندي جڏهن نماز جي لفظن جي معنيٰ سمجهبي. تنهنڪري ضرورت آهي ته نماز جي لفظن جي معنيٰ سکجي، ۽ نماز پڙهڻ وقت معنيٰ تي غور ڪجي هتي نماز جا الفاظ معنيٰ سان ڏجن ٿا:
    1 – سبحاﻧﻚ اللهم وبحمدك وتبارك اﺳﻤﻚ
    شان آهي تنهنجو اي خدا ۽ تعريف تنهنجي ۽ پاڪ آهي تنهنجو نالو
    وتعالیٰ جدك ولا الٰہ غيرك
    ۽ اعليٰ آهي تنهنجي وڏائي ۽ ڪونهي معبود سواءِ تنهنجي
    2 – اعوذ بالله من الشيطٰن الرجيم
    پناه وٺان ٿو الله جي ڪنان شيطان لعنتي جي
    3 – بـسم الله الرحمٰن الرحيم
    ساڻ نالي الله جي جو مهربان ۽ بخشيندڙ آهي
    4 – الحمد الله رب العالمين الرحمٰن الرحيم
    سڀ تعريف آهي الله جي جو سڀني جهانن جو هلائندڙ آهي جو مهربان ۽ بخشيندڙ آهي
    ماﻟﻚ يوم الدين اياك نعبد واياك نستعين
    مالڪ آهي ڏينهن قيامت جي جو تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا تنهنجي ئي مدد گهرون ٿا
    اهدنا الصراط المستقيم صراط الذين انعمت عليهم
    هدايت ڪر اسان کي رستي سڌي جي رستو انهن جو جن تي تنهنجون نعمتون وسيون آهن
    غير المغضوب عليهم ولالضالين آمين
    نه انهن جو جن تي غضب آهي ۽ نه گمراه ٿيلن ٿا شال ائين ٿئي
    5 – قل هو الله احد الله الصمد
    چؤ ته هو الله هڪ آهي الله بي نياز
    (يعني کيس ڪنهن جي پرواه ڪانهي مگر ٻي سڀ ڪنهن شيءَ جو مٿس مدار آهي ۽ ان جي مرضيءَ کان سواءِ هلڪي ڪين سگهندي)
    لم يلد ولم يولد ولم يکن له کفوا احد
    هن نه ڄڻيو آهي ۽ نه ڄائو آهي ۽ ناهي هن جي برابر ڪوئي به يا ڪوئي به هن جهڙو ناهي
    6 – سبحان ربی العظيم
    شان آهي منهنجي وڏي رب جو
    7 – سمع الله لمن حمده ربناوﻟﻚ الحمد
    ٻڌي ٿو الله ان کي جو سندس تعريف ٿو ڪري اي رب اسان جا تنهن جي ئي تعريف آهي
    8 – سبحان ربی الاعلیٰ
    شان آهي منهنجي رب جو جو سڀني کان مٿي آهي.
    9 – التحيات الله والصلوات والطيبات
    دائمي بقا الله جي ۽ موچاريون ۽ پاڪايون
    (ٻي معنيٰ التحيات = لفظن سان خدا جي عبادت – الصلوات = عملن سان عبادت – الطيبات = دولت سان يعني سخاوت سان خدا جي عبادت – اهي عبادتون جڳائن ٿيون الله کي)
    السلام عليک يا ايها النبی ورحمـة الله وبرڪاته
    سلام آهي توتي اي پيغمبر ۽ رحمت الله جي ۽ برڪتون
    السلام علينا وعلیٰ عباد الله الصالحين اشهد
    سلامتي هجي اسان تي ۽ الله جي ڀلارن بندن تي شاهدي ٿو ڏيان
    ان لالله الا الله واشهد ان محمداًعبدهٗ و رسوله
    ته ڪونهي معبود سواءِ الله جي ۽ شاهدي ٿو ڏيان ته محمد (ﷺ) سندس ٻانهو ۽ پيغام پهچائيندڙ آهي
    10 – اللهم صل علیٰ محمد
    اي الله وڏو شان ڪر محمد ﷺ جو
    وعلیٰ آل محمد کما صليت علیٰ ابراهيم
    ۽ سندس آل جو جيئن ڪيئي وڏو شان ابراهيم
    وعلیٰ آل ابراهيم انڪ حميد مجيد اللهم
    ۽ ابراهيم جي آل جو تحقيق تون تعريف جوڳو ۽ وڏي شان وارو آهين اي الله
    بارڪ علیٰ محمد وعلیٰ آل محمد کما بارکت علیٰ ابراهيم وعلیٰ آل ابراهيم
    برڪتون ڪر محمد ۽ سندس آل تي جيئن ڪيئي برڪتون ابراهيم (ؑ) ۽ سندس آل تي
    انڪ حميد مجيد
    تحقيق تنهنجي تعريف ۽ شان ڪيو ٿو وڃي
    11 – رب اجعلنی مقيم الصلوات ومن ذريتی ربنا
    رب منهنجا مون کي نماز تي قائم رک منهنجي اولاد کي اسان جا رب
    وتقبل دعاءِ ربنا اغفرلی
    ڪر دعا رب اسان جا بخش ڪر مون کي
    ولوالدی وللمؤمنين يوم يقوم الحساب
    منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ مومنن کي ڏينهن قيامت جي
    11 – السلام عليکم ورحـمة الله
    سلامتي هجي اوهان تي ۽ رحمت الله جي
    11 – اللهم انانستعينڪ ونستغفرك
    اي الله اسين تنهنجي مدد ٿا گهرون ۽ تنهنجي بخشش ٿا گهرون
    ونؤمن بڪ ونتوکل عليک ونثنی عليڪ الخير
    ۽ توتي ايمان آڻيون ٿا ۽ توتي ڀروسو ڪريون ٿا ۽ تنهنجي تعريف ڪريون ٿا چڱي طرح
    ونشرڪ ولانڪفرڪ ونخلع
    تنهنجو شڪر ٿا ڪريون ۽ تنهنجي بي شڪرائي نه ٿا ڪريون ۽ اڇليون ٿا
    ونترك من يفجرك اللهم اياك نعبد
    ۽ ترڪ ٿا ڪيون ان کي جو توکي نٿو مڃي اي الله تنهنجي ٻانهپ ٿا ڪريون
    ولڪ نصلی ونسجد واليڪ نسعیٰ
    ۽ تنهنجي عبادت ٿا ڪريون ۽ سجدو ٿا ڪريون ۽ توڏي ڀڄون ٿا
    ونحفد ونر جورحمتڪ ونخشیٰ
    ۽ تڪڙاٿيون ٿا ۽ اميد ٿا رکون تنهنجي رحمت جي ۽ ڊڄون ٿا
    عذابڪ ان عذابڪ بالکفار ملحق
    تنهنجي عذاب کان تحقيق تنهنجو عزاب ڪافرن سان شامل آهي
    سڄي نماز ۾ بار بر ”الله اڪبر“ چوڻ ۾ اچي ٿو جنهن منجهان اهو ضروري مطلب ٿو نڪري ته نمازي الله تعاليٰ کي سڀني کان وڏو سمجهي نماز جي سڀ ڪنهن حالت ۾ نهايت عجز ۽ نياز رکي. هڪڙي حديث ۾ آهي ته نماز اهڙي نياز سان پڙهو جو ڄڻ ته سچ پچ خدا تعاليٰ جي روبرو حاضر ٿيا آهيو ڇو ته جيڪڏهن توهان هن کي نٿا ڏسو ته هو ته توهان کي ڏسي پيو. مسلمانن جي سڄي نماز الله تعاليٰ جي اعليٰ شان ۽ عظمت جو ۽ سندس پاڪائي ۽ ڪماليت جو اظهار آهي، ۽ پڻ انسان جو پنهنجي خالق تي هر طرح مدار ۽ محتا جي ڏيکاري ٿي. جئين جسم سڀ ڪنهن قسم جي تواضع ۽ بندگي واريون حالتون اختيار ٿو ڪري تئين زبان وري خدا جي سڀ شان ۽ ڪماليت جو اظهار ڪري ٿي، جنهن ڪري دل به ضرور پاڪيزه جذبن سان ڀرجيو ٿي وڃي. هر لفظ ۾ ڪهڙو نه خدائي عظمت جو روح سمايل آهي، ڪيڏو نه خدا تي ڀروسو ۽ توڪل ڏيکاريل آهي، سندس اطاعت جو اظهار ڪهڙو نه عجيب نموني سان ڪيو ويو آهي، ۽ جيڪي خدا کان الڳ آهن تن سان واسطو نه رکڻ جي ڪهڙي نه زور سان خواهش ڏيکاريل آهي، ڪهڙو نه سچو خدا جو خوف خدا جو ۽ ٻين کان بي ڊپائي ڏيکاريل آهي ! اهڙي شريف خواهش يا جذبو يا خيال آهي ئي ڪونه جو مٿين لفظن ۾ ظاهر ڪيل ناهي.“
    روزا
    روزا اگرچه سڀ ڪنهن مذهب ۾ مقرر ٿيل آهن مگر اسلام هنن ۾ بلڪل نئين معنيٰ ۽ مقصد رکيو آهي. اسلام کان اڳي روزا گهڻو ڪري موت ۽ مصيبت جي وقتن تي رکيا ويندا هئا، شايد انهي مطلب تي ته ڪاوڙيل خدا کي ٺارجي. اسلام ۾ روزا انسان جي اخلاقي ترقي ۽ روحاني بهتري لاءِ مقرر ڪيل آهي. اهو مقصد قرآن شريف ۾ بلڪل چٽيءَ طرح ڏيکاريل آهي، جتي روزن رکڻ جو حڪم ڪيل آهي. سورة البقره جي 173 آيت ۾ فرمايل آهي ته روزا اوهان جي واسطي مقرر ڪيا ويا آهن، انهي لاءِ ته توهين تقويٰ رکو. تنهنڪري نماز وانگر روزن جو مقصد به روح جي پاڪيزگي آهي جنهن سان انسان گناهن کان پري ڀڄي. قرآن شريف رڳو چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ گناهن کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ڪين ٿو ڪري پر انسان کي اهي رستا ٿو ڏيکاري جن تي هلڻ سان برائي جي خواهش دٻجي وڃي ۽ چڱائي جي قوة زور وٺي. انهن مان هڪڙو رستو آهي روزا رکڻ. تنهنڪري اسلام ۾ روزا رکڻ جي رڳي اها معنيٰ ناهي ته ماني کائڻ بند ڪجي پر گناهن کان به پرهيز ڪجي. هڪڙي حديث ۾ آهي ته هڪڙو روزيدار جو ڪوڙ ۽ گلا نه ٿو ڇڏي تنهن جي کائڻ پيئڻ جي ڇڏي ڏيڻ تي الله تعاليٰ ڪو ڌيان ڪو نه ٿو ڏئي. ٻي حديث آهي ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي روزي ۾ فاحش لفظن کان حذر ڪرڻ گهرجي ۽ رڳو ايذاءُ رسڻ تي به غصو نه ڪري. در حقيقت کاڌي کان پرهيز ڪرڻ هڪڙو ڏاڪو آهي جنهن تان انسان سکي ٿو ته جنهن صورت ۾ خدا جي حڪمن ڪري رڳو انهن شين کان جيڪي حلال آهن پرهيز ٿي ڪجي ته ڪيترو نه ضروري آهي ته گناهن ۽ حرام کان پرهيز ڪجي جن کان خدا تعاليٰ به منع ٿو فرمائي جن جو نتيجو به برو آهي. انسان جي قوتن کي طاقت وٺائڻ لاءِ تربيت يا استعمال جي قوتن کي طاقت وٺائڻ لاءِ تربيت يا استعمال يا ورزش گهرجي. خدا جي حڪم جي فرمانبرداري جي قوت کي محڪم ڪرڻ لاءِ هڪڙو وسيلو آهي روزا رکڻ. روزن رکڻ ۾ بدني فائدا به آهن. روزا بک ۽ اڃ سهڻ جي عادت سيکارين ٿا، ۽ سختين واري زندگي لاءِ تيار ڪري ٿا ڇڏين، ۽ عيش عشرت ۾ پئجي نازڪ ٿيڻ کان بچائين ٿا. تنهن کان سواءِ روزا تندرستي جي لاءِ به چڱا آهن. ٻيا فائدا هي آهن.
    1) روزا اميرن کي غريبن جي حالت جي واقفيت عملي طور ڏين ٿا.
    2) آسودن ۽ تنگدستن کي هڪ حالت ۾ آڻي مساوات جي اصول کي قوت وٺائن ٿا.
    3) گرميءَ جي موسم آهي، روزيدار کي سخت اڃ لڳي آهي، اڪيلي جاءِ ۾ ٿڌو پاڻي هن جي سامهون رکيو آهي، تڏهن به هو پاڻي نٿو پئي.
    روزيدار کي سخت بک لڳي آهي، بک کان جسم ۾ ضعف ٿو ڀانئين، کاڌو موجود آهي، هن کي ڏسي به ڪوئي ڪو نه ٿو ته به کائي نه ٿو.
    پياري زال حاضر آهي، محبت جو جذبو هن کي زال ڏانهن ڇڪي ٿو، مگر روزيدار هن کان پري ٿو رهي.
    سبب ڇا آهي؟ سبب هي آهي ته خدا جي حڪم جي عزت ۽ عظمت هن جي دل ۾ ايتري قدر ڄمي وئي آهي جو ڪوئي به جذبو هن تي غالب پئجي نٿو سگهي، ۽ روزوئي خدا جي عظمت ۽ جلال کي دل ۾ قائم ڪرڻ جو باعث آهي. هي ته ظاهر آهي ته جڏهن هڪ مؤمن خدا جي حڪم جي سببان جائز ۽ حلال خواهشن کي ڦٽي ڪرڻ جي عادت ٿو ڪري تڏهن هو ضرور (جيئن اڳي به چيو ويو آهي) خدا جي حڪم جي سبب کان ناجائز ۽ گندين عادتن ۽ خواهشن کي ڇڏي ڏيندو. اهائي اخلاقي پاڪيزگي آهي جنهن کي روزيدار جي اندر ۾ پيدا ڪرڻ ۽ محڪم ڪرڻ شريعت جو مقصد آهي.

    زڪواة
    سڀ ڪنهن مذهب سخاوت جي ڀلائي ۽ ضرورت سمجهائي آهي، مگر اسلام ۾ نماز وانگر سخاوت به باقاعدي مقرر ڪئي ويئي آهي ۽ ان جو نالو زڪواة رکيو ويو آهي. اهڙي سخاوت هڪڙو دائمي قانون بنجي پيو آهي. اسلام سخاوت فرض ڪئي آهي، ۽ جيڪو ئي اسلام ۾ داخل ٿئي سو زڪواة ڏيڻ لاءِ ٻڌل آهي. مسلمان هڪ برادري آهن، ۽ ان برادري ۾ ڪوئي به شاهوڪار داخل ٿي نه ٿو سگهي جيستائين هو پنهنجي دولت مان ان برادريءَ جي غريب ڀائرن جي مدد لاءِ ڪجهه حصو ڏيڻ تي راضي نٿو ٿئي. زڪواة هڪ عملي آزمائش آهي جا هن کي غريب ۾ غريب ڀاءُ سان برابر ڪري ٿي، ۽ زڪواة هڪ ڍل آهي جا مسڪينن جي فائدي لاءِ شاهوڪارن کان اڳاڙڻ ۾ اچي ٿي. اهڙي طرح شاهوڪارن ۽ غريبن جي وچ ۾ سچي برادري قائم ڪئي ويئي آهي.
    زڪواة ڏيڻ هڪ اهڙو مکيه فرض آهي جو نماز کان پوءِ اهو ئي سڀني کان وڌيڪ ضروري سمجهڻ ۾ اچي ٿو. قرآن شريف ۾ اڪثر ڪري ان جو حڪم نماز سان شامل ڪيو ويو آهي. هڪ حديث آهي ته زڪواة هڪ سخا جو تحفو آهي جو مسڪينن جي فائدي واسطي شاهوڪارن کان وٺجي ٿو.
    زڪواة جا حقدار قرآن مجيد موجب هي آهن 1 – مسڪين 2 – گهرج وارا 3 – قرضي 4 – قيدي (آزاد ڪرائڻ لاءِ) 5 – مسافر 6 – زڪواة اڳاڙڻ ۽ ڪم هلائڻ لاءِ مقرر ڪيل نوڪر 7 – اهي جن جون دليون حق ڏانهن مائل ٿين 8 – الله جي راه ۾ ڪم ڪندڙ.
    مسڪينن ۽ گهرج وارن ۾ تفاوت هي آهي ته مسڪين اهي آهن جي پنهنجي گذران لائق ڪمائي نٿا ڪري سگهن ۽ تنگ گذران اٿن، مگر گهرج وارا اهي آهن جن کي ڪنهن وقت ڪمائي ڪرڻ لاءِ اوزارن وغيره جي گهرج آهي ۽ خريد ڪرڻ لاءِ پيسو ڪونهين. ڪو شخص ڪمائي ڪرڻ جو لائق به آهي پر قرض به اٿس، هن جو قرض زڪواة جي مال مان ڏيئي ڇڏجي. قيدي اهي آهن جي جنگ ۾ جهليا ويا آهن. زڪواة مان ڪجهه حصو انهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪجي. مسافر اگرچه شاهوڪار هجي ته به بعضي وقتن تي اتفاقن سببان ڌارين ملڪن ۾ هو محتاج ٿي ٿو پوي. تنهن ڪري زڪواة جو ڪجهه حصو اهڙن مسافرن جي مدد لاءِ خرچ ڪجي. ڇهين نمبر واري حقداري ڏيکاري ٿي ته زڪواة هر حالت ۾ سرڪاري طور گڏ ڪري خرچ ڪرڻي آهي، ائين ناهي ته هر ڪنهن شخص کي جيئن وڻي تئين زڪواة جا پيسا پنهنجي ليکي خرچ ڪري ڇڏي. پگهار تي ماڻهو مقرر ڪرڻ گهرجن جي زڪواة اڳاڙي بيت المال ۾ گڏ ڪن ۽ ان جي خرچ جو انتظام رکن، انهن جي پگهار زڪواة جي پيسن مان ڏيڻ گهرجي.
    پويون ٻه حقداريون اسلام جي اشاعت به بنسبت آهن. ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جي سلام ڏي مائل هوندا آهن ۽ اسلام جي تعليم معلوم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريندا آهن مگر انهن کي اسلام سيکارڻ جي انتظام لاءِ پيسا گهرجن. في سبيل الله خرچ ڪرڻ (يعني الله جي راه ۾) جو مطلب آهي دين اسلام جي واڌاري ۽ بچاءَ لاءِ خرچ ڪرڻ. اسلام جي اشاعت ڪرڻ لاءِ تقريرن، تحريرن ۽ تصنيفن جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ مخالفن جي اعتراضن جا رد ڏيڻا ٿا پون. انهيءَ ڪم لاءِ به پيسا کپن، ۽ اهي پيسا زڪواة جي پيسن مان ڪڍي سگهجن ٿا. ارمان جي ڳالهه آهي ته مسلمانن زڪواة جي خرچڻ بنسبت هن فرض کي ٻن ٽن صدين کان بلڪل وساري ڇڏيو آهي. نتيجو اهو ٿيو آهي جو اسلام جي پاڪ دين جي اشاعت لاءِ ڪا ورلي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.
    زڪواة ادا ڪرڻ سان زڪواة ڏيڻ واري کي هي فائدو ٿو ٿئي جو مال جي محبت انساني اخلاقن تي غالب پئجي نه ٿي سگهي، ۽ ڪنجوسائي جي عيبن کان انسان پاڪ ٿو رهي، ۽ هي به فائدو ٿو ٿئي جو غريبن ۽ مسڪينن کي هو پنهنجي قوم جو جز سمجهي ٿو، ۽ انهي ڪري بيحد دولت جو جمع ٿيڻ به هن ۾ تڪبر ۽ هٺ پيدا نه ٿو ڪري، ۽ هي به فائدو ٿئي ٿو جو غريبن جو وڏي جماعت کي هن سان محبت ۽ هن جي دولت سان خير خواهي پيدا ٿئي ٿي. ڇو ته هو هن جي مال ۾ پنهنجو هڪ حصو موجود ۽ قائم سمجهن ٿا. قوم کي هي فائدو ٿو ٿئي جو پنڻ جي رسم قوم مان نڪري ٿي وڃي.
    نوٽ 1 – مسلمان جيڪڏهن پوري طرح باقاعدي زڪواة اڳاڙي بيت المال ۾ گڏ ڪري باقاعدي انتظام رکن ها ته جيڪر گهڻا قرضن کان آزاد هجن ها، ۽ وياج خورن جي چنبن ۾ نه ڦاسن ها. مسلمانن جي ليڊرن تي فرض آهي ته هڪدم سجاڳ ٿي هڪ جماعت مقرر ڪري زڪواة اڳاڙين ۽ اڳريل پيسا مٿي ڏيکاريل حقن موجب خرچ ڪرڻ جو انتظام رکن.
    نوٽ 2 – ائين نه سمجهڻ گهرجي ته جو شخص زڪواة ڏئي تنهن کي وڌيڪ سخاوت ڪرڻ نه گهرجي. وڌيڪ سخاوت ڪرڻ جو قرآن مجيد بار بار تاڪيد ڪيو آهي، ۽ ان جو اجر نهايت اعليٰ آهي.

    حج
    مڪي ۾ حج ڪرڻ سڀ ڪنهن مسلمان تي حياتي ۾ هڪ ڀيرو فرض آهي، بشرطيڪ هن کي مسافري جو خرچ ۽ سگهه هجي، ۽ پوين لاءِ پورو خرچ ڇڏي ٿو سگهي. جان جي سلامتي به ضروري شرط آهي. حج ذوالحج مهيني ۾ ڪبو آهي ۽ حاجين کي ستين تاريخ کان اڳ مڪي پهچڻ گهرجي. حج جا ارڪان هي آهي:
    1) احرام ٻڌڻ – حاجي پنهنجا رواجي ڪپڙا لاهي ڦٽي ڪندا آهن، ۽ سڀئي هڪ قسم جو لباس پهريندا آهن. اهو لباس آهي فقط ٻه چادرون. مٿو اگهاڙو هوندو آهي.
    2) طواف – يعني ڪعبة الله جي چوڌاري ست ڀيرا ڦرڻ.
    3) سعي – يعني صفا ۽ مرو (جي ٻه ٽڪريون آهن) جي وچ ۾ ست ڀيرا ڊوڙڻ.
    4) عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ.
    هن مان ڏسبو ته احرام سڀني مردن ۽ عورتن کي مساوات جي ميدان ۾ هڪ جهڙو ڪري ٿو ڇڏي سڀ هڪ جهڙي سادي پوشاڪ پهرن ٿا، ۽ هڪ جهڙي سادي حالت ۾ رهن ٿا. مرتبن، رنگن، دولت ۽ قوم جا سڀ تفاوت اتي گم ٿي ٿا وڃن، ۽ بادشاه ۽ ڪڙميءَ کي اتي سڃاڻي ڪين سگهبو. سڄي ذات انسان پنهنجي خالق جي اڳيان هڪجهڙو نظارو ۽ هڪ جهڙي روش اختيار ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح انسانن جي برابري جو سڀ کان وڌيڪ شاندار ۽ اعليٰ نظارو عرفات جي عجيب بياباني ميدان ۾ ظهور وٺي ٿو، جو سچ پچ انسان کي پنهنجي خالق جي سچي ڄاڻ حاصل ڪرائي ٿو. لفظ ”عرفات“ ”عرف“ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”هن ڄاتو“. سڄي دنيا اهري سچي برادري ۽ عملي مساوات جي شاندار تصوير ڪٿي به ڪانه ٿي ڏيکاري. حج ۾ سڀني جي واسطي اهو سادو لباس انهيءَ لاءِ رٿيو ويو آهي ته هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب (قرآن شريف) تي ايمان رکڻ وارا هڪ صورت ۽ هڪ لباس ۾ هڪ ئي سطح تي نظر اچن، ۽ ظاهري اک کي به هنن باطني ميلاپ رکندڙن جي وچ ۾ ڪو ظاهري اختلاف يا فرق معلوم نه ٿئي.
    حج ڪندڙ جي حالت ۽ ان جون حج بنسبت هلتون جهڙوڪ طواف ۽ هيڏي هوڏي ڊوڙڻ درحقيقت انهيءَ منزل جو ظاهري نظارو آهي جنهن ۾ عابد خدا جي سچي عشق ۾ ڀرپور ٿي ٿو وڃي. دل ۾ خدائي عشق جي آگ لڳڻ ڪري هو سچي عاشق وانگر جسماني ضرورتن جو ڪوبه خيال نه ٿو رکي، ۽ پنهنجي محبوب واسطي پنهنجي دل ۽ روح کي قربان ڪرڻ ۾ هن کي وڏي راحت حاصل ٿي ٿئي. سچي عاشق وانگر محبوب جي گهر جي چوڌاري ڦيرا ٿو ڏئي ۽ هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ ڏي ڊوڙون ٿو ڀري. هو حقيقتاً ڏيکاري ٿو ته هن پنهنجون خواهشون ڦٽي ڪيون آهن ۽ پاڻ کي پوري طرح خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿس ۽ خدا جي واسطي پنهنجون ذاتي لذتون قربان ڪري ڇڏيون اٿس. حيواني لاڳاپا سڀ قطع ٿي ويا آهن، ۽ هن دنيا جون لذتون هن کي هاڻي بلڪل ڪين ٿيون وڻن. هي حقيقتاً روحاني ترقي جي آخري منزل ٿو ڏيکاري، ۽ حج ڪندڙ پنهنجي ظاهري حالت ۾ هلتن سان سڄي دنيا کي ظاهر ڪري ٿو ڏيکاري ته ڪيئن انساني ڪماليت جي مقصد کي رسڻ لاءِ حيواني لاڳاپا لاهي ڇڏجن، جا ڪماليت فقط خدا جي قربت حاصل ڪرڻ سان ملي ٿي.
    ياد رکڻ گهرجي ته اسلام اهو محبت جو پيغام آهي جو وڇڙيلن کي ملائي ٿو ۽ اڻ واقفن کي واقف ۽ واقفن کي سچا دوست بنائي ٿو. اسلام جي منشاءِ اها ئي آهي ته مختلف شخص کي هڪ ملت (نيشن) ٺاهي هڪ ڪلمي تي جمع ڪيو وڃي.
    هر هڪ پاڙي جي ماڻهن ۾ محبت ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ پنجن نمازن جي وقت هڪ مسجد ۾ جمع ٿيڻ، پاڙي جي ماڻهن تي واجب ٿيو. سڄي شهر جي ماڻهن ۾ محبت ۽ تعلقات وڌائڻ لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو انهن جو مسجد ۾ گڏ ٿي جمع جي نماز ادا ڪرڻ ضروري ٺهرايو ويو.
    شهر ۽ آسپاس جي رهڻ وارن ۾ ڄاڻ سڃاڻ تعلق ۽ محبت قائم ڪرڻ لاءِ سال ۾ ٻه ڀيرا عيد جون نمازون مقرر ڪيون ويون آهن. ٻنهي موقعن تي ڳوٺن جا ماڻهو شهر ڏانهن اچن ٿا، ۽ شهر جا ماڻهو ٻاهر نڪري انهن سان ملن ٿا، ۽ رلي ملي عبادت ادا ڪن ٿا.
    سڄي اسلامي دنيا ۾ دين جي ميلاپي ڌاڳي کي مضبوط ڪرڻ، مختلف قومن، مختلف نسلن، مختلف ٻولين، مختلف رنگن ۽ مختلف ملڪن جي ماڻهن کي هڪ دين جي وحدت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حج سڄي عمر ۾ هڪ ڀيرو فرض ڪيو ويو آهي.
    حج جو مقصد اسلام جي شوڪت جو اظهار به آهي، ۽ خشڪي ۽ پاڻي جي سفر مان جي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا سي به هن مقصد ۾ داخل آهن. بادشاه کي جو مطلب شاندار درٻارون ڪرڻ مان حاصل ٿئي ٿو سو سڀ حج مان ملي سگهي ٿو.
    هڪ سپه سالارکي جو مطلب وڏي فوج کي نظر مان ڪڍڻ ڪري حاصل ٿئي ٿو سو به حج اندر موجود آهي. ڪانفرنسن جو مطلب جو ساليانن جلسن ۽ ميمبرن تي جمع ٿيڻ مان نڪري ٿو سو به حج اندر رکيل آهي.
    سوداگرن جو مقصد جو عالمگير نمائش ڪرڻ مان نڪري ٿو سو به حج اندر موجود آهي.
    قديمي آثار ڳوليندڙن، ڌرتي جو علم ڄاڻندڙن، گهڻين ٻولين جي واقفن ۽ قومن ۽ قومن جي تاريخ ۽ ملڪن جي جغرافيه جي تحقيق ڪندڙن کي جن ڳالهين جي گهرج پوي ٿي سي سڀ حج مان ملي ٿيون سگهن.
    نوٽ – ارمان جي ڳالهه آهي جو مسلمان اهي فائدا نٿا وٺن. حج تي اڪثر اهي ماڻهو ويندا آهن جي اڻ پڙهيل ۽ مسڪين آهن جن ويچارن تي حج فرض ئي ناهي. اهي مٿي ڄاڻايل فائدن مان ڪي فائدا حاصل ڪري نه ٿا سگهن. مگر جيڪڏهن دولتمند، عالم، آفيسر، نواب ۽ بادشاهه به حج ڪرڻ وڃن ۽ اتي هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ رکن ته اهي سڀ فائدا حاصل ڪري سگهن ٿا.


    تعليمات اسلام

    ديباچو
    هن ننڍڙي ڪتاب کي تعليمات اسلام جو ديباچو سڏجي ته وڌيڪ شايان آهي. هن ۾ فقط اسلام جا بنيادي اصول بيان ڪيل آهن. تعليمات اسلام بابت انشاءِ الله تعاليٰ هي مسڪين ٻيو ننڍڙو ڪتاب لکندو.
    هن ڪتاب جون خوبيون اهو شخص چڱيءَ طرح پروڙي سگهندو جنهن کي سنڌ جي مسلمانن جي اعتقادن ۽ عملن جي پوري خبر هوندي. سنڌ جي مسلمانن جي اها ئي حالت آهي، جيڪا مرحوم شمس العلماءَ مولانا الطاف حسين حالي پنهنجي زبردست نظم مسدس ۾ بيان ڪئي آهي. انهيءَ نظم هندستان ۾ صور اسرافيل جو ڪم ڏنو آهي. مسلمانن کي ننڊ مان اٿاري سجاڳ ڪيو آهي. اهو ڪتاب ڏيکاري ٿو ته اوائلي مسلمانن جي هلت چلت ۽ خيالات قرآن شريف ۽ حديث موافق هئا. مگر زماني جي گردش ڪري مسلمانن ۾ عيش پرستي غالب پئجي وئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو جاهليت ۽ ٻيا سڀئي عيب نيم خواندنگي ۽ خود غرضي رفته رفته مسلمانن کي سچي دين کان غير واقف ڪري ڇڏيو. مولانا حالي ٿو فرمائي ته هاڻوڪا عالم سڌي ۽ سادي معنيٰ کي ڇڏي ڏنگا ڦڏا مطلب ٿا ڪڍن. اڪثر عالمن جو خيال آهي ته عقل ۽ شريعت هروڀرو موافق ناهن. حالانڪه قرآن شريف ۾ هر هڪ اعتقاد لاءِ دليل ۽ هر هڪ حڪم جا فائدا ٻڌايا ويا آهن. مرحوم مولانا شبلي نعماني، حضرت عمر رضي الله ۽ امام اعظم ابو حنيفه ؓ جي سوانح عمرين ۾ ڏيکاريو آهي ته هو ٻئي متبرڪ شخص عقل ۽ شريعت کي موافق سمجهندا هئا ۽ گهڻي قدر عقل کان ڪم وٺندا هئا. حديثن ۾ پڻ عقل ۽ سمجهه جي ضرورت سمجهائي ويئي آهي. اسان جيڪڏهن دماغ کولي قرآن شريف ۽ حديث پڙهي ڏسون ته هڪدم معلوم ٿي وڃي ته اسان جي ترقي، ديني خواه دنيوي جو بهترين وسيلو اسلام ئي آهي. جيڪڏهن اسين وري پورا مسلمان ٿيون ته هڪدم سڀني کان گوءِ کڻي وڃون.

    اسلام ۽ علم
    حضور اڪرم ﷺ کان اڳ عربن جي حالت سچ پچ وحشين جهڙي هئي. ڪنهن جو اٺ پرائي پوک ۾ پوندو هو يا هڪڙو شخص ٻئي کان گهوڙو اڳ ۾ ڪڍي ويندو هو ته جنگ جو اهڙو ڀنڀٽ ٻري پوندو هو جو هزارين خانا خراب ٿي ويندا هئا. ملڪ ۾ قانون ۽ ضابطو نه هئڻ ڪري ظلم زبردستي تمام گهڻي هوندي هئي. جان ۽ مال جي سلامتي بلڪل ڪانه هئي. تهذيب جو ته نشان به ڪو نه هو. ڌيئرن کي جيئري قبر جي حوالي ڪندا هئا. زنا جائز سمجهندا هئا. نه رڳو ايترو پر پيءُ جي زالن کان به نه ٽرندا هئا. شراب خوريءَ ۾ اهڙا مست ٿي ويندا هئا جو نشي ۾ پنهنجن عزيزن کي به قتل ڪري وجهندا هئا. ڪوڙ ۽ وعده شڪني جو عام رواج هو. دين جي اها حالت هئي جو ڪعبته الله ۾ 360 بت رکيل هئا. ازانسواءِ گهر گهر ۾ به بت رکيل هوندو هو. انهن بتن کي راضي ڪرڻ لاءِ هزارين اٺ ڪهي کڻي اڇلائيندا هئا جن کي ڪتا ۽ گدڙ پيا کائيندا هئا. ان وقت نه رڳو عرب جو ملڪ پر سڄي دنيا بگڙيل حالت ۾ هئي. اهو زمانو ايام جاهليت ٿو سڏجي. هن هڪڙي لفظ ۾ وڏو مقصد رکيل آهي. ڪفر جاهليت مان ٿو پيدا ٿئي، ڇو ته جاهل ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر ته اسلام ڇا آهي ۽ ڪفر ڇا آهي. حضور اڪرم ﷺ جو قول آهي ته الله تعاليٰ جا وڏا دشمن اهي آهن جي پاڻ کي سڏائين مسلمان مگر ڪم ڪن ڪفر جا. هن مان صاف ظاهر آهي ته جاهليت ڪفر کي ويجهي آهي ۽ علم کان سواءِ پورو مسلمان ٿيڻ محال آهي.
    جڏهن سڄي دنيا جهل ۽ فساد ۾ غرق ٿي ويئي تڏهن الله تعاليٰ جي غيرت جو درياءُ جوش ۾ آيو ۽ سندس رحمت نازل ٿي. جهل جي ظلمات کي دور ڪري دنيا کي هدايت ۽ علم جي نور سان منور ڪرڻ لاءِ اسلام جو آفتاب مڪي معظم کان اڀري عالمتاب ٿيو. جاهليت هلي ويئي، علم جو دور آيو. عرب پاڻ ۾ ڀائر ٿي پيا، محبت ۽ اتفاق منجهن پيدا ٿيو. اتفاق ۽ علم جي ڪري مسلمان اندلس (اسپين) کان گنگا تائين پکڙجي ويا. بغداد ۽ بخارا مصر ۽ ڪارڊووا علم جا مرڪز ٿيا. پهريون پهريون وحي جو حضرت جبرئيل ؑ آنحضرت ﷺ وٽ آندو سو هي هو:
    اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیْ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاْ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
    ترجمو: پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان جنهن خلق کي خلقيو ۽ انسان کي ٻڌل رت جي ڦڙي مان ٺاهيو، پڙهه رب تنهنجو ڏاڍو مهربان آهي جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ انسان کي اهي ڳالهيون سيکاريائين جن جي خبر ئي ڪانه هيس. (سورت العلق:1-5)
    هن مان به صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ جو پهريون حڪم جو اسان جي نبيﷺ کي مليو سو لکڻ ۽ پڙهڻ جو حڪم هو ۽ اسلام جهل کي ڪڍڻ ۽ علم پکيڙڻ لاءِ آيو. الله تعاليٰ جيڪي نالا پنهنجي ڪلام کي ڏنا آهن سي به لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت ٿا ڏيکارين، ”قرآن“ جي معنيٰ آهي ”جيڪي پڙهيو وڃي“ ۽ ”ڪتاب“ جي معنيٰ آهي ”جيڪي لکيو وڃي“، ازانسواءِ قرآن شريف ۾ جتي ڪافرن جو ذڪر ڪيل آهي اتي کين جاهل ڪوٺيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هو نٿا ڄاڻن. مطلب ته علم کان سواءِ اسلام حاصل ٿي نٿو سگهي. هاڻي هتي حضرت رسول ﷺ جا ڪي ٿورا قول (حديثون) علم بابت ڏجن ٿا:-
    1) علم جي طلب ڪريو اگرچه چين ولايت ۾ ملي.
    2) عالم جي مـَـسُ شهيد جي رت کان وڌيڪ پاڪ آهي.
    3) جو شخص عالم جي عزت ٿو ڪري سو منهنجي عزت ٿو ڪري.
    4) علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي.
    5) جو شخص علم جي شغل ۾ ٿو رهي سو گويا مري ئي نٿو.
    6) علم واري جا الفاظ ٻڌڻ ۽ ٻين کي علم جا سبق سيکارڻ عبادتن کان بهتر آهي.
    7) علم حاصل ڪريو، علم حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪرڻ سيکاري ٿو بهشت جو رستو ڏيکاري ٿو، بيابان ۾ اسان جو دوست آهي، اڪيلائي ۾ سنگتي آهي، هيڻائي ۾ همراهه آهي، اسان کي سعادت (سک ۽ آرام) ڏانهن نئين ٿو، مشڪلاتن ۾ اسان جو ٿنڀ آهي، دوستن ۾ سينگار آهي ۽ دشمنن ۾ زرهه آهي.
    اڄ ڪلهه گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته هي سڀ ديني علم واسطي چيل آهي نه ڪي دنيوي علم واسطي. پر جيڪڏهن ائين هجي ها ته خاص طرح علم الدين جو لفظ ڪم آندل هجي ها. در حقيقت سڀ مفيد علم دنيا خواهه دين لاءِ ضروري آهي. اسلام جي تاريخ مان معلوم ٿيندو ته مسلمان سڀ ڪنهن قسم جي علم ۽ هنر کي وٺي ويا. نه رڳو ٻين قومن جا ڪتاب پڙهيائون، پر انهن جو عربي ۾ ترجمو به ڪيائون، ۽ انهن علمن جي ڪري ئي ايتري ترقي ڪيائون جو اڌ دنيا تي سندن حڪم ٿي هليو.

    دين جي ضرورت ۽ اعتقادن جو عملن تي اثر
    اسان کي ڪنهن خلقيو؟ ڄمڻ کان اڳ اسان جي ڪهڙي حالت هئي؟ دنيا ۾ اسان ڇا لاءِ پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ مرڻ کان پوءِ اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ اهي سوال اهڙا آهن جي سڀ ڪنهن سمجهو ماڻهو کي دل ۾ پيدا ٿين ٿا. پر انهن جو پورو جواب عاقل ۽ فيلسوف به نه ڏيئي سگهيا آهن. انهن سوالن جي جواب تي انسان جي سعادت (سک) ۽ ترقي منحصر آهي. مگر تسلي جهڙن جوابن نه ملڻ ڪري انسان کي خدا تعاليٰ جي وجوديت (هئڻ) ۾ شڪ ٿو پوي، بلڪ هو خدا جي وجوديت جوانڪار به ٿو ڪري. تنهن ڪري هو بيخوف ٿي پنهنجي ناقص عقل موجب پنهنجي نفس کي خوش رکڻ لاءِ گناهن ۽ فسادن ۾ منهن ٿو وجهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو ٿئي جو ملڪ ۾ فتنا فساد ۽ مصيبتون ڪاهي ٿيون پون. يورپ جو مثال وٺو، يورپي ماڻهن اگرچه علم ۽ عقل ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي تڏهن به سندن ڪن قومن ۾ زنا، جوا، شراب خوري ۽ ٻيا ڪيترائي تباهه ڪندڙ عيب گهر ڪري ويا آهن. ڇو ته انسان جي ناقص عقل کي خبر ڪانه ٿي پوي ته اهڙن گناهن مان ڪيترو نقصان آهي. جيڪڏهن يورپ ۾ به هن وقت سچي دين جو اثر هجي ها ته سندن حالت عاليشان هجي ها. حقيقت هيءَ آهي ته مٿيان سوال انساني عقل کان ٻاهر آهن. فقط سچو دين ئي انهن جو جواب ڏيئي ٿو سگهي. ۽ فقط سڄو دين ئي نفس اماره تي غالب پئجي ٿو سگهي. تنهن ڪري سچي دين هئڻ کان سواءِ انسان سچو سک هرگز حاصل ڪري نٿو سگهي.
    جيڪڏهن انسان جي فطرت يا طبيعت کي جانچي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته انسان ۾ٻين قوتن سان گڏ روحاني قوت به رکيل آهي. جيڪي جهنگلي اگهاڙا ماڻهو جبلن ۾ وحشين وانگر ٿا رهن سي به ڪنهن نه ڪنهن بالائي طاقت ۾ ويساهه ٿا رکن ۽ ان کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪا عبادت ٿا ڪن. وري جي سڌريل قومن جي ڏاهن ۽ فيلسوفن کي ڏسندؤ ته اگرچه انهن مان ڪي خدا کي مڃيندڙ ناهن، تڏهن به مرڻ وقت جذبي طور بي اختيار خدا کي پڪاري رحمت ٿا گهرن. اها جا روحاني طاقت انسان ۾ رکيل آهي تنهن کي زور وٺائڻ ۽ سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ سچي دين جي ضرورت آهي.
    قومن جي تاريخ پڙهندي معلوم ٿيندو ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ ديني سڌارو ٿيو آهي تڏهن ان قوم دنيائي ڪمن ۾ به سڀ ڪنهن طرح ترقي ڪئي آهي. مگر جڏهن انهن ۾ ديني اعتقاد ڪمزور ٿي ويا، يا دين جو بگاڙو ٿيو تڏهن وري زواليت پاتائون. مسلمانن جي تاريخ ڏيکاري ٿي ته اسلام جي شروعات ۾ مسلمانن حيرت انگيز ترقي ڪئي، مگر جڏهن دولت ۽ حڪمراني هنن کي عيش پرست ۽ سست بنائي دين کان بي پرواهه ڪيو، تڏهن دنيائي شان و شوڪت به کانئن منهن موڙيو تان جو ترين ڀر اچي ڪريا. تاريخ اسان کي چٽيءَ طرح سبق ٿي سيکاري ته سچي دين کان سواءِ سچي ترقي ٿيڻ محال آهي.
    مٿي چيل آهي ته انساني عقل نفساني خواهشن تي ئي غالب پئجي نٿو سگهي، فقط ديني اعتقاد ئي نفس کي وس ۾ رکي ٿا سگهن. انهيءَ جو هڪڙو سبب هي آهي ته انسان جو عقل ڪامل ناهي. ڏسو ته عقل ۾ يورپ جي ماڻهن ڪيڏي ترقي ڪئي آهي تڏهن به هو اڃا شراب جا نقصان نٿا سمجهي سگهن. ٻيو سبب هي آهي ته نفساني جذبا تکا آهن مگر عقل ڍرو ۽ ديرينو آهي، تنهن ڪري جيستائين عقل کي فرصت ملي تنهن کان اڳي ئي نفساني جذبي موجب عمل ٿي ٿو وڃي. هن جو مثال هي آهي ته ڪيترائي ماڻهو ڄاڻن به ٿا ته شراب نقصان ڪار آهي ته به ڇڏي نه ٿا سگهن. مگر دين م ايترو ته اثر آهي جو جڏهن پهريائين پهريائين مديني ۾ پڙهو گهميو ته شراب حرام ٿي ويو، تڏهن هڪدم مسلمانن رکيل شراب هاري ڇڏيو، ۽ شراب پيئڻ هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائون. هن مان معلوم ٿيو ته چڱن عملن ڪرڻ لاءِ صحيح ديني اعتقادن جي ضرورت آهي. عمل ۽ اخلاق اعتقادن تي منحصر آهن. اسان جيڪو ئي ڪم ٿا ڪريون تنهن بابت پهريائين اهو ويساهه ٿا رکون ته هن عمل مان اسان کي فائدو پوندو، تنهنڪري جيڪڏهن اسان جا اعتقاد صحيح هوندا ته عمل به فائدي وارا ڪنداسين، جيڪڏهن اعتقاد غلط هوندا ته عمل به زيانڪار ڪنداسين. مثلن ايام جاهليت وارا عرب سمجهندا هئا ته جيڪي اٺ اسان ڪهي جهنگ ۾ ڦٽي ٿا ڪيون سي اسان جا ديوتائون کائي اسان تي راضي ٿين ٿا. انهيءَ غلط ويساهه جي ڪري هنن جا هزارين اٺ ضايع ٿيندا هئا. جيڪڏهن اسان هڪ الله کي قادر ۽ حاضر ناظر ڄاڻنداسين ۽ اهو اعتقاد پڪيءَ طرح دل تي وهارينداسين ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪلام آهي جنهن ۾ فلاڻن فلاڻن عملن جو حڪم ۽ فلاڻن فلاڻن جي سخت منع آهي ته ڪڏهن به اسان کي خراب عملن ڪرڻ تي دل نه ورندي. اها ته ڳالهه ظاهر آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪو گناهه ڪندو آهي تڏهن ٻين ماڻهن کان لڪي ڪندو آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان جي دل ۾ يقين هوندو ته الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر ناظر آهي ۽ جيڪي اسين ڪيون ٿا ۽ چئون ٿا سو سڀڪي ويٺو ڏسي ۽ ٻڌي ته اسان کي ڪيئن گناهه ڪرڻ جي جرات ٿيندي. ماڻهو جوگناهه ڪن ٿا سو هن ڪري جو هنن جو اهو اعتقاد رڳو زباني آهي نه دلي. ڇو ته پنهنجن عملن سان هو ڏيکارين ٿا ته انهيءَ ڳالهه جا هو سچ پچ منڪر آهن. جيڪڏهن اسان جو پڪو دلي اعتقاد هجي ته الله تعاليٰ جو فرمودو آهي ته فلاڻي ڪم ڪرڻ ڪري اسان کي هن دنيا خواهه آخرت ۾ عذاب ملندو ته ڇو جيڪر اهو ڪم ڪريون. آهي ڪو اهڙو شخص جيڪو ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي عذاب ۾ وجهي. دين جو جاهل ماڻهو بي سمجهه ٻار وانگر آهي. ننڍي ٻار کي خبر ڪانهي ته باهه ۾ هٿ وجهڻ ڪري هٿ سڙندو يا مٽي کائڻ ڪري تندرستي خراب ٿيندي. تيئن دين کان غير واقف يا بد اعتقاد ماڻهو کي به خبر ڪانهي ته ڪوڙ ۽ چوري وغيرهه مان ضرر رسندو. ڏسو ته ڪو ماڻهو بيمار ٿو ٿئي ۽ حڪيم ان کي ڪن شين کائڻ کان منع ٿو ڪري ته هو هڪدم هن تي ويساهه آڻي اهي شيون کائڻ ڇڏي ٿو ڏئي. اڄوڪي زماني جا ماڻهو الله تعاليٰ جي فرمودن کي ايترو وزن به نه ٿا ڏين جيترو حڪيمن جي چوڻ کي ٿا ڏين. هن مان صاف صاف معلوم ٿيندو ته اسان جو گناهه ٿا ڪيون ۽ خدا جي حڪمن کان منهن ٿا موڙيون سو رڳو انهيءَ ڪري جو يا ته اسان دين کان غير واقف آهيون يا ته پنهنجي دين کي چڱيءَ طرح پروڙي پڪو اعتقاد نه رکيو اٿئون. اسان جو اعتقاد دين اسلام ۾ ڪيئن پڪو ٿئي تنهن لاءِ هيٺين ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي.
    اسلام جي صداقت
    مٿئين باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته دنيا ۾ چڱيءَ طرح هلڻ لاءِ سچي دين ۽ صحيح اعتقادن جي ضرورت آهي. هاڻي سوال هي ٿو اٿي ته ڪيئن پڪ پوي ته اسان جو دين سچو آهي ۽ اسلام جا اعتقاد صحيح آهن. پهريائين اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته دين ڇا آهي. مٿي چيو اٿئون ته دين جا مسئلا جهڙوڪ خدا تعاليٰ جي وجوديت ۽ سندس صفتون انساني عقل کان ٻاهر آهن. جيڪڏهن ڪو به انسان پنهنجي عقل سان ديني مسئلن بابت راءِ ڏيندو ته اسان کي هرگز پڪ ڪين ٿيندي ۽ نڪي ٿيڻ گهرجي ته هن جا خيال هروڀرو برابر آهن. اسين ڏسون پيا ته ديني مسئلن بابت سڀني ماڻهن جا رايا هڪ جهڙا ڪين آهن، بلڪه اڪثر مخالف آهن. پوءِ ڪيئن پڪ پوندي ته ڪهڙا صحيح آهن ۽ ڪهڙا غلط آهن. ڪي ماڻهو وري چوندا آهن ته پنهنجو عقل ڪم آڻجي، ۽ جيڪي غلط نظر اچن تن کي رد ڪجي. پر اسان جو پنهنجو عقل ناقص ناهي ڇا؟ انهن مشڪلاتن لاهڻ واسطي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هر قوم ڏي وقت بوقت پيغمبر پي موڪليا آهن، ۽ انهن جي معرفت پنهنجا ڪتاب انسان جي هدايت لاءِ پي موڪليا اٿس. اهي ڪتاب انساني نه آهن، اهي خدائي ڪلام آهن. جيڪي ماڻهو اها ڳالهه نٿا مڃين يعني وحي ۾ ويساهه نٿا آڻين تن جي خبر ناهي ته پنهنجي ديني ڪتابن ۾، جن کي انساني ڪلام ٿا سمجهن، ڪيئن پڪو ويساهه رکندا هوندا. انساني ڪلام ته ضرور ناقص هوندو. هن مان ثابت ٿيو ته سچو دين اهو سمجهبو جو الله تعاليٰ پاڻ وحي جي رستي انسان کي سيکاريو. هاڻي اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته قرآن شريف سچ پچ الاهي ڪلام آهي.
    1 - اهڙي ثابتيءَ لاءِ پهريون ضروري شرط اهو آهي ته جنهن شخص تي الاهي ڪتاب نازل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي ٿي وڃي تنهنجي تاريخ سچي هجي ۽ سڄي حياتيءَ جو ذڪر چڱيءَ طرح معلوم هجي، انهي لاءِ ته ان شخص جي عملن تي نظر ڪري سندس سچائيءَ جو فيصلو ڪري سگهجي. تنهن کان سواءِ اهو شخص پاڻ ظاهر ڪري ته هي ڪتاب منهنجو تصنيف ڪيل ناهي، پر الاهي ڪلام آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جي حياتيءَ جو سچو ذڪر لکيل ناهي ته ڪيئن فيصلو ڪري سگهبو ته هو اعتبار جي لائق آهي يانه. پر جيڪڏهن اعتبار جي لائق به هجي تڏهن به جيڪڏهن پاڻ ئي ظاهر نه ڪيو هوندائين ته هي ڪتاب الاهي آهي ته اسان کي وري ڪهڙو حق آهي جو ان کي الاهي ڪتاب سڏيون. حضرت رسول ﷺ جي تاريخ اهڙي محقق ۽ ايتري قدر معلوم آهي جهڙي شايد ٻئي ڪنهن جي به نه هوندي. سندن دشمنن جون شاهديون به موجود آهن. جڏهن دشمنن ڪو عيب منجهن ڪو نه ڏٺو ۽ اسلام جو واڌارو کين حيران ڪرڻ لڳو تڏهن فقط ايترو چئي ٿي سگهيا ته هو جادوگر آهي. اسان اهي حالات پڙهي يقين سان چئي سگهون ٿا ته پاڻ نهايت پرهيزگار ۽ سچا هئا. الله تعاليٰ جي راهه ۾ هزار مشقتون ڏٺائون، بلڪ مال ۽ جان به قربان ڪيائون. اهڙو شخص جيڪڏهن فرمائي ته هي ڪتاب الاهي ڪلام آهي ته اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو ويساهه نه ڪريون. مطلب ته اسلام جي صداقت جي وڏي ثابتي آهي حضور اڪرم ﷺ جي سوانح عمري. جنهن شخص کي اسلام جي صداقت ڏسڻي هجي سو اڙدو ڪتاب رحمت اللعالمين پڙهي ڏسي يا مولانا شبلي جو سيرت النبي گهرائي پڙهي. جيڪو اڙدو نه ڄاڻي سو مولوي فتح محمد صاحب جو حيات النبي پڙهي يا هن ڪتاب جي مصنف جو ننڍڙو ڪتاب حالات نبوي پڙهي.
    2 - ٻيو ضروري شرط اهو آهي ته جنهن شخص ڪو دين سيکاريو هجي تنهن پاڻ انهن هدايتن تي عمل ڪري ڏيکاريو هجي. انگريزي ۾ پهاڪو آهي ته زباني نصحيت کان مثال بهتر اهي. پارسيءَ واري به چيو آهي ته کردن گفتن فرقي دارد (چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي). حضرت عائشه  کان ڪنهن شخص پڇيو ته رسول خدا ﷺ جا اخلاق ڪهڙا هئا. هن جواب ڏنو ته قرآن سندن اخلاق آهي، يعني سندن عمل ۽ اخلاق قرآن شريف سان موافق هئا. حضرت جن ﷺ کي الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ اسوة حسنه يعني بهترين نمونو سڏيو ويو آهي، ۽ اسان کي حڪم ڪيو آهي ته اوهان سندس پيروي ڪريو يعني هن وانگر هلو ۽ هن جهڙا عمل ڪريو. سندن حياتي اهڙين گهڻين ۽ مختلف حالتن ۾ ٿي گذري جو سڀ ڪنهن طبقي ۽ سڀ ڪنهن ڌنڌي جو شخص سڀ ڪنهن حالت ۾ سندن حالات مان پنهنجي لاءِ پوري پوري هدايت وٺي سگهي ٿو.
    3 - ٽيون ضروري شرط اهو آهي ته ان ڪتاب جي نازل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان ۾ ذرو به ڦيرڦار نه ٿيو هجي، جيڪڏهن ڪجهه به ڦير ڦار ٿيو آهي ته پوءِ ان کي الاهي ڪلام چوڻ غلط آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو فرمائي ته مون سڀ ڪنهن ملڪ ۾ ڪتاب موڪليا آهن، مگر انهن ۾ ماڻهن ڦيرڦار ڪري ڇڏي آهي. قرآن شريف جي لاءِ اهڙيون ثابتيون موجود آهن جو اسلام جي مخالفن کي به مجبورن قبول ڪرڻو ٿو پوي ته ان ۾ زير زبر ۽ نقطي جو به تفاوت ڪو نه ٿيو آهي. الله تعاليٰ پاڻ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته مان هن ڪتاب کي هميشه محفوظ رکندس. سبحان الله! گذريل تيرهن صدين ۾ قرآن شريف ۾ تر جيتري به تبديلي ڪانه ٿي آهي.
    4 - جڏهن حضور اڪرم ﷺ کي ڪافر چوندا هئا ته پنهنجي نبوت جي ثابتيءَ لاءِ ڪا نشاني ڏيکاريو يا معجزو؛ ظاهر آهي ته ٻيا معجزا فقط اهي ڏسي سگهندا جي حاضر آهن. مگر قرآن شريف اهڙو معجزو آهي جو پويان به ڏسي سگهندا. قرآن شريف جي عبارت اهڙي ڪامل آهي جو ڪو به انسان هڪ جملو به قرآن شريف جي ڪنهن به آيت جهڙو نه ٺاهي سگهيو آهي. حضرت رسولﷺ جن لکي پڙهي ڪين ڄاڻندا هئا. ان وقت جا شاعر شعر گوئي ۽ فصاحت ۾ ڪماليت حاصل ڪري چڪا هئا. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو ته ڪافرن کي چؤ ته فقط هڪ جملو قرآن شريف جي ڪنهن به آيت جي برابر ٺاهي سگهن ته پوءِ قرآن شريف کي سچو نه سمجهن. مگر ڇا مجال انسان جي جو الله تعاليٰ جي ڪلام سان پنهنجو ڪلام ڀيٽي سگهي. سڀ شاعر ۽ فصيح عاجز ٿي مسلمان ٿي پيا.
    5 - اسلام جي سچي تاريخ موجود آهي. ان تاريخ ۾ اسان پڙهي سگهون ٿا ته ڪافرن ڪيئن پهريائين اسلام جي مخالفت ڪئي، ۽ ڪيئن رفته رفته اسلام جي صداقت پنهنجو اثر مٿن پيدا ڪيو جو دشمنن جون دليون به ازخود اسلام ڏي مائل ٿي پيون، جنهنجو ثبوت مختصر طور هيٺ ٿو ڏجي:
    دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو اهڙا ٿي گذريا آهن جن پاڻ ئي ظاهر ڪو نه ڪيو ته اسان کي الله تعاليٰ توهان ڏي رسول ڪري موڪليو آهي، تنهن ڪري ماڻهن به انهن جي چال وغيره تي ڌيان ڪونه ڏنو. ان هوندي به انهن جي وفات کان ڪيترائي ورهيه پوءِ جاهل ماڻهو انهن کي پيغمبر يا ديوتا سمجهڻ لڳا. مگر رسول خدا ﷺ شروعات ۾ ئي پنهنجي نبوت جو اظهار ڪيو، دشمن ڪافر منجهن عيب ڳولهڻ لڳا، مگر ڪو به عيب نظر ڪونه آين، تڏهن مٿن سختيون ڪرڻ لڳا. جڏهن ڪافرن ڏٺو ته سختين ۽ ظلمن هوندي به حضرت ﷺ ۽ مسلمان اسلام سيکارڻ کان باز نٿا اچن ۽ ٻاهرين تي به قرآن جو اثر جادوءَ وانگر پئجي ٿو وڃي، تڏهن پاڻ ۾ گڏ ٿي صلاح ڪرڻ لڳا ته ٻاهرين مسافرن کي محمد ﷺ بابت ڇا چئجي جو هن کان پري ڀڄن. ڪن چيو ته چونداسين ته هو جوڳي آهي، ڪن چيو ته چونداسين ته هو ديوانو آهي ۽ ڪن چيو ته چونداسين ته هو شاعر آهي، پر وليد بن مغيره جو سڀني کان ٻڍو ۽ سياڻو هو تنهن چيو ته انهن ڳالهين جي محمد ﷺ سان ذرو به مشابهت ڪانهي. اسان کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن جو ماڻهو چون ته اسان ڪوڙا آهيون. هڪڙي چيو ته چوڻ گهرجي ته هو جادوگر آهي. وليد چيو ته جنهن پاڪائي ۽ لطافت سان محمد ﷺ ٿو رهي سا جادوگرن ۾ ڪٿي آهي. وليد پوءِ چيو ته اسان فقط ايترو چئي ٿا سگهون ته محمد ﷺ جي ڪلام ۾ عجيب ميٺاج آهي، هن جي ڪلام ۾ اهڙو تاثير آهي ۽ دل تي اهڙو اثر پيدا ٿو ڪري جو پي پٽ، ڀاءُ ۽ زال مڙس جي وچ ۾ جدائي وجهي ٿو ڇڏي. هڪڙي ڀيري هرقل روم جي شهنشاهه حضرت محمد ﷺ جي دشمن ابوسفيان کي گهرائي سندن حقيقت پڇي. هڪڙو سوال اهو به ڪيائينس ته هن ڪڏهن ڪوڙ به ڳالهايو آهي. ابوسفيان چيو ته نه. تنهن تي هرقل چيو ته جنهن شخص ڪڏهن انسان تي به ڪوڙ نه ٻڌو سو خدا تي ڪيئن ڪوڙ هڻندو.
    6 - اگرچه قرآن شريف ئي حضرت ﷺ جو دائمي ۽ ڪافي معجزو آهي تڏهن به کانئن ڪيترائي معجزا ۽ پيشنگويون صادر ٿيون جي اڄ تائين حيرت انگيز نظر اچن ٿيون. قرآن شريف ۾ ڪيتريون ئي پيشنگيون آهن جي سڀ سچيون ٿيون آهن. ڪيترائي ماڻهو عقل جي وسيلي پيشنگويون ڪندا آهن جي اڪثر ڪري سچيون ٿينديون آهن، مگر انهن کي ولي يا پيغمبر نه چئي سگهبو. پيشنگويون اهڙيون هجن جي چٽيون چيل هجن ۽ اهڙيون اڻ ٿيڻ جهڙيون ڏسڻ ۾ اچن جو انساني عقل اٽلندو انهن جي ابتڙ راءِ ڏئي. پوءِ به جيڪڏهن اهي سچيون ثابت ٿين ته سمجهبو ته سچ پچ اهي الهامي آهن. ٻيو شرط هي آهي ته سڀ پيشنگويون سچيون نڪرن. ائين نه ٿئي جو هڪڙيون سچيون ٿين ٻيون ڪوڙيون.
    7 - قرآن شريف هڪ زنده ۽ مشهور زبان ۾ سادي ۽ صاف عبارت ۾ لکيل آهي. جنهن ڪري ان جون هدايتون هر ڪوئي پڙهي ان تي عمل ڪري سگهي ٿو. ڪي مذهبي ڪتاب اهڙا وڏا آهن يا اهڙي ڏکي ۽ منجهيل عبارت ۾ لکيل آهن جو هن وقت اهي ڪتاب عام ماڻهن لاءِ ڪارائتا ٿي نٿا سگهن. تنهن کانسواءِ انهن جو مطلب چٽو نه آهي. جن جو چٽو آهي ته وري اهڙو عقل جي مخالف آهي جو ان کي مروڙي سروڙي پنهنجي معنيٰ ڪڍڻي ٿي پوي. مثلن قديم يوناني ماڻهن پنهنجي جهوني مذهب جي ڳالهين کي استعاره (پرولي) سمجهي مروڙ سروڙ ڪري پنهنجا مطلب ڪڍيا. پر آخرڪار ڪڪ ٿي اها بيقائدي ڪوشش بند ڪيائون. مگر قرآن شريف جي عبارت نهايت صاف آهي. حضرت رسول ﷺ جيڪي سمجهاڻيون ان بابت ڏنيون سي به موجود آهن ۽ سندن حياتي جو ذڪر به قرآن شريف جو گويا عملي تفسير آهي، تنهنڪري اسلام جي تعليمات سمجهڻ ۾ مشڪلات ڪانه ٿي پوي.
    8 - عربي زبانن جي ڏاڏي ۽ الهامي زبان آهي، يعني اها ئي زبان آهي جا الله تعاليٰ اسان جي ڏاڏي حضرت آدم ؑ کي سيکاري. خواجه ڪمال الدين صاحب پنهنجي اڙدو ڪتاب ام الالسنه (ٻولين جي ماءُ) ۾ انگريزي ۽ عربي لفظن جي ڀيٽ ڪري ڏيکاريو آهي ته انگريزي لفظ عربي زبان مان نڪتل آهن. اهڙيءَ طرح ٻين زبانن بابت به ثابت ڪري سگهجي ٿو ته اهي اصل عربي زبان مان نڪتل آهن. عربي زبان جي الهامي هئڻ لاءِ هي ثابتي پيش ٿو ڪري ته جيڪي شين جا نالا عربي زبان ۾ رکيل آهن تن جي لغوي معنيٰ مان انهن شين جي ڳجهي خاصيت معلوم ٿيو وڃي جنهن جي اڳي بلڪل خبر ڪانه هئي. عربي زبان ديني خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ با الخصوص لائق آهي. مثال لاءِ ٻه لفظ اثم ۽ توبه وٺو. اثم گناهه کي چئبو آهي. توبه جي لغوي معنيٰ آهي موٽي سنئين راهه تي اچڻ. عام ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته جيڪڏهن اسان ”توبه توبه“ چونداسين ۽ معافي گهرنداسين ته اسان جا سڀ گناهه مٽجي ويندا. مگر لغوي معنيٰ چٽيءَ طرح ڏيکاري ٿي ته اڳين گناهن جي معافي تڏهن ملندي جڏهن ڏنگي راهه ڇڏي سڌي سنئين راهه تي هلبو. ڏسو ته عربي زبان ۾ ڪهڙي حڪمت رکيل آهي. خواجه ڪمال الدين صاحب ائين به ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته عربي زبان ۾ اصل کان وٺي حضرت ﷺ جي زماني تائين ڪو بگاڙو ڪو نه پيو آهي ۽ ڦير ڦار کان صاف رهي آهي. هن بيان مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته آخري ۽ ڪامل مڪمل دين لاءِ اها ئي زبان موزون آهي.
    9 - قرآن شريف جون تعليمات به ان جي الاهي ڪتاب هئڻ جو ڪافي ثبوت آهن. ڪنهن به الاهي ڪتاب ۾ اهڙي ڳالهه هڪ به نه هئڻ گهرجي جا ظاهر ظهور غلط ثابت ٿي هجي، مثلن ان ۾ ائين لکيل نه هجي ته ڌرتي سنئين سڌي پکڙيل آهي ۽ شيش نانگ جي مٿي تي يا ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي. جيڪڏهن پوريءَ طرح ثابت ٿي وڃي ته ڌرتي هڪ ڳوڙهو آهي ۽ ڪنهن به شيءَ تي نه آهي ته پوءِ اهڙي ڪتاب کي الاهي ڪتاب ڪيئن چئي سگهبو؟ تنهن کانسواءِ سڀني ماڻهن لاءِ ۽ سڀ ڪنهن زماني لاءِ الاهي ڪتاب اهو سمجهبو جنهن ۾ سڀ ضروري هدايتون هجن جن مان جاهل خواهه فيلسوف فائدو وٺي سگهن، ۽ اهي هدايتون به اهڙيون هجن جن کان بهتر هدايتون ٿي ڪين سگهن. ٻيو انهيءَ ڪتاب ۾ سڀني ضروري مسئلن جو پورو پورو جواب ڏنل هجي (انهيءَ لاءِ ڏسو انگريزي ننڍڙو ڪتاب ٽيچنگز آف اسلام). فقط اهڙي ڪتاب کي ئي ڪامل چئي سگهبو ۽ بيشڪ قرآن شريف ڪامل ۽ مڪمل ڪتاب آهي. اڄ تائين هر هڪ مذهب جي ماڻهن ايئن پئي سمجهيو آهي ته فقط اسان جو مذهب سچو آهي ۽ ٻيا سڀ ڪوڙا آهن. مگر قرآن شريف ۾ ئي سچي حقيقت ڏنل آهي ته اصل ۾ سڀ مذهب سچا هئا، ۽ سڀني ۾ هڪ الله تعاليٰ جي عبادت جو حڪم ڪيل هو. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته سڀ ڪنهن زماني ۾ ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏي سچا پيغمبر ۽ سچا ڪتاب موڪليل هئا. مگر هر هڪ ڪتاب فقط ان زماني ۽ ان قوم جي حالت لاءِ ڪافي هو. تنهن کان سواءِ انهن ڪتابن ۾ زماني جي گردشن ڪري ڦير ڦار به ٿي ويو. مگر جڏهن سڄي دنيا جي ميلاپ ۽ ترقي جو زمانو آيو تڏهن سڀني قومن لاءِ فقط هڪ ڪامل مڪمل ڪتاب جي ضرورت ٿي ۽ قرآن شريف نازل ٿيو.
    اڄ ڪلهه دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن (اڪثر اهي جي مذهبي ڪتابن ڏي نهارين به ڪين) جي چون ٿا ته سڀئي مذهب سچا آهن ۽ سڀني ۾ خدا کي مڃڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم آهي. جيڪڏهن ڪو ٿورو فرق آهي ته واٽن ۾ آهي تنهن جي گهڻي حرڪت ڪانهي ڇو ته ڪنهن شهر ڏي وڃڻو هوندو آهي ته ڪيترين ئي واٽن کان وڃي سگهبو آهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي. پهريائين ته سڀئي واٽون ساڳئي شهر ڏي ڪين وينديون، شايد ڪي اهڙيون ڏکيون هجن جو مسافر واٽ تي ڦرجي وڃن يا پاڻي نه ملڻ ڪري مري وڃن. سچ هي آهي ته نه رڳو واٽن ۾ فرق آهي پر بلڪل ضروري ۽ مکيه اعتقادن ۾ به فرق آهي. مثلن اسلام سيکاري ٿو ته خدا هڪ آهي جو نه ڪنهن مان ڄائو آهي ۽ نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس. مگر عيسائن جو مکيه اعتقاد آهي ته حضرت عيسيٰ ؑ خدا جو پٽ آهي، ۽ خدا آهي، نه انسان. پوءِ ڪيئن چئي سگهجي ته هاڻوڪي حالت ۾ سڀني مذهبن جي تعليم ساڳي آهي. ٻيو مثال وٺو. اسلام ۾ شراب ورتائڻ جي سخت منع آهي. مگر بائبل ۾ منع بلڪل لکيل ڪانهي اٽلندو ڪن پيغمبرن جي بيان ۾ ائين آيل آهي ته هن شراب پيتو. هن مان به سمجهبو ته هاڻوڪن سڀني مذهبن جي تعليم ساڳي نه آهي. گهڻا ماڻهو اهو مٿيون خيال هن نيت سان ظاهر ڪندا آهن ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعصب ۽ نفاق آهي سو هليو وڃي. اها نيت نهايت چڱي آهي، پر هڪڙي غلط خيال جي مدد سان اها مراد پوري ٿي ڪين سگهندي، نه رڳو اها مراد پوري نه ٿيندي پر اٽلندو اهو نقصان ٿيندو جو ماڻهو دين جو اڀياس کليل دماغ سان نه ڪندا، بلڪه دين کي صفا ڇڏي ڏيندا. دنيا ۾ مذهبي خواه ٻين خيالن جو اختلاف هميشه رهيو آهي ۽ شايد هميشه رهندو. رڳو ٻه ڀائر به اهڙا ڪين لڀندا جي هم خيال هجن. مخالف خيالن هئڻ ڪري هروڀرو دشمني پيدا ٿيڻ گهرجي ڇا؟ اسلام ته چٽيءَ طرح سان سيکاري ٿو ته غير مسلمانن سان گڏ کائي پي سگهجي ٿو، ۽ حڪم ٿو ڪري ته غير مسلمانن سان شفقت ۽ عزت سان هلو، جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر انهن سان ڀلائي ڪريو، مظلومن جي مدد ڪريو ۽ ذات انسان سان محبت رکو. جيڪا دشمني قومن جي وچ ۾ آهي سا جاهليت ۽ گمراهي جي ڪري آهي. جنهن شخص کي دنيا ۽ آخرت جي سعادت حاصل ڪرڻي آهي تنهن کي گهرجي ته دين جي مسئلن کي سڀ ڳالهه کان وڌيڪ ضروري سمجهي، پنهنجي ۽ پرائي مذهب جو پورو اڀياس ڪري حق کي اختيار ڪري. جنهن کي اسلام جون تعليمات معلوم ڪرڻيون هجن تنهن کي گهرجي ته سيد امير علي جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، خواجه ڪمال الدين جو رسالو اسلامڪ ريويو، مرزا غلام احمد قادياني جي اسلام تي هڪ تقرير ڪنهن ديني ڪانفرنس ۾ ڏنل، جنهنجو انگريزي ترجمو ٿيل آهي ۽ نالو ٽيچنگز آف اسلام رکيل اٿس سا، خواجه ڪمال الدين جو ننڍڙو ڪتاب سيئنگس آف محمد جنهنجو مون ترجمو احاديث نبوي جي نالي سان ڇپايو آهي سو ۽ مولوي محمد علي صاحب جو انگريزيءَ ۾ هولي قرآن جنهن ۾ قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير ڏنل آهي سو پڙهي ڏسي.

    اسلام ۽ تسليم ڪرڻ
    اسلام لفظ جي اصلي معنيٰ آهي صلح ڪرڻ. مسلمان اهو آهي جنهن الله تعاليٰ سان خواهه انسان سان صلح ڪيو آهي. الله تعاليٰ سان صلح جي معنيٰ آهي تسليم يعني خدا تعاليٰ جي مرضيءَ تي هلڻ ۽ سندس رضا تي راضي رهڻ. خدا تعاليٰ جي مرضي فطرت جي قاعدن ۾ ڏيکاريل آهي ۽ قرآن شريف ۾ پوريءَ طرح بيان ڪيل آهي. اسان جي دين تي اهو نالو الله تعاليٰ پاڻ قرآن شريف ۾ رکيو آهي ۽ هڪڙي آيت ۾ چيل آهي ته اسلام انسان جو فطري دين آهي. انسان سان صلح ڪرڻ جي معنيٰ آهي سڀني سان ڀائرن وانگر پيش اچڻ. تنهن ڪري اسان کي لازم آهي ته سڀني ماڻهن سان صلح سانت ۾ رهون. نه رڳو ايترو پر ٻين جو ڀلو به چاهيون. حديث شريف ۾ آهي ته خدا تعاليٰ ٿو فرمائي ته: ”اي بندا مون سان محبت اٿيئي، ته پهريائين سڀني انسانن سان محبت رک.“ اسان کي ڪنهن به انسان مسلمان توڙي غير مسلمان سان دشمني رکڻ جائز ناهي، نڪي ڪنهن کي به ناحق رنجائڻ مناسب آهي. پر انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو ماڻهو اسان کي سڄي ڳل تي چماٽ هڻي ته کٻو ڳل به ڦيرائي ڏجيس. ائين ڪرڻ چڱو هجي ها ته نڪي ڪورٽون هجن ها ۽ نڪي قاعدا، بدمعاشن کي سزا ڏيڻ يا ڏيارڻ ته اٽلندو ثواب آهي. جج ڪنهن چور يا ڌاڙيل يا خونيءَ کي سزا ٿو ڏئي سو نه انهيءَ ڪري ته هن سان دشمني اٿس يا ذاتي تعصب اٿس پر هن ڪري ته ذات انسان جي سلامتي رهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو شخص هروڀرو اسان جو نقصان ڪري ته هن کي سزا ڏيڻ يا ڏيارڻ ثواب جو ڪم آهي. پر جي سزا ڏيڻ کان سواءِ هن کي سڌاري چڱو ڪري سگهجي ته معافي ڏيڻ ۾ وڌيڪ ثواب آهي. مگر جيڪڏهن هن جي سڌارڻ لاءِ ٻيو علاج ڪونهي ته هن کي ضرور سزا ڏيڻ يا ڏيارڻ گهرجي. جيڪو ائين نه ڪندو سو بزدل يعني ڊڄڻو يا بيوقوف سمجهبو. ڇا ڪاڻ ته ڏوهه ڪندڙ کي سزا نه ايندي ته هو وري ٻيا ڏوهه به ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي به آزاريندو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي قصاص يا بدلي وٺڻ جي طاقت ڪان هجي ته سڀني مسلمانن تي فرض آهي ته هن کي قصاص وٺڻ ۾ مدد ڪن نه ته سندن جان ۽ مال جي به سلامتي ڪانه رهندي. مظلوم جي مدد ڪرڻ ۾ سڀني جو فائدو آهي، ڇو ته جيڪڏهن ظالم کي سزا نه ايندي ته ٻين سان به ظلم ڪندو ۽ سڀني تي ظلم جو وارو ايندو. اڄ ڪلهه ڪو زبردست ڪنهن هيڻي تي ظلم ٿو ڪري ته مدد ته پنهنجي ماڳ اٽلندو هن زبردست ظالم جو پاسو ٿا وٺن ۽ هن جي پاران ڪورٽ ۾ قسم تي ڪوڙي شاهدي ڏيئي پنهنجي قيامت به ٿا خراب ڪن. ائين نٿا سمجهن ته اڄ هن غريب تي ظلم ٿيو آهي، سڀاڻي اسان جو به وارو ايندو. اهڙن ڪمن ۾ ظالم کان ڊڄڻ نه گهرجي. الله تعاليٰ حق جي حمايت ڪندو آهي. ظالم کي سزا نه ڏيارڻ ۽ سندس پاسو وٺڻ خود ظالم سان به دشمني ڪرڻ آهي. ڇو ته هن کي سزا نه ايندي ته وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ خوار ۽ ذليل ٿيندو ۽ دوزخ جو ٿنڀ بڻبو. جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص به ڪنهن هيڻي مظلوم جي مدد نه ڪري ته پوءِ صبر سان سختيون سهي، ۽ الله تعاليٰ کان ان بدمعاش جي سڌرڻ لاءِ دعا گهري؛ ذاتي دشمني بلڪل ڪانه رکي. جيڪڏهن هو نه سڌرندو ته الله تعاليٰ ضرور هن کي خراب ڪندو. اهڙيءَ طرح جيڪا قوم ٻي قوم تي ظلم ڪندي سا به ضرور زواليت ڏسندي ۽ ضرور برباد ٿيندي، خصوصن تڏهن جڏهن مظلوم قوم حق تي هوندي، ۽ چڱا عمل ڪندي. جيڪڏهن خراب عمل هوندس ته ظالم جي هٿان برباد ٿي ويندي.

    ڪلمه طيب ۽ ان جو عملي نتيجو
    اسان هڪ جملي ۾ چئي ٿا سگهون ته مسلمان ڪنهن کي ٿو ڪوٺجي. انهيءَ جملي ۾ سڀ مسلمان ۽ سڄو اسلام اچي ٿو وڃي. مسلمان اهو جو مڃي ته لا اله الا الله محمد رسول الله. يعني الله کان سواءِ ڪو معبود (عبادت يا ٻانهپ جو لائق) ڪونهي ۽ محمد ﷺ الله تعاليٰ جو پيغام پهچائيندڙ آهي. اڄ ڪلهه مسلمان رڳو زبان سان ڪلمو پڙهن ٿا مگر سمجهن ڪجهه به ڪين ٿا. ايمان آهي ”اقرار باالسان وتصديق با القلب“. اڄوڪي زماني جا مسلمان قلب سان تصديق ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ پر رڳو زباني اقرار به نالي جو ٿا ڪن. ڇو ته طوطي وانگر پڙهڻ کي اقرار ڪين چئبو. ڪلمو ته ٻين مذهبن جا ماڻهو به چئي ٿا وڃن. مگر مسلمان انهيءَ کي چئبو جو ڪلمي تي ويساهه آڻي ۽ قبول ڪري. ڪا به ڳالهه قبول تڏهن ڪبي آهي جڏهن سمجهه ۾ ايندي آهي. نه سمجهبي آهي ته چئبو آهي ته مان سمجهان ئي نٿو. جيڪڏهن ڪنهن رڳو سنڌي ڄاڻندڙ ماڻهوءَ سان ڪو انگريزي دان انگريزيءَ ۾ ڳالهائي ۽ هو سنڌي دان سمجهڻ کان سواءِ هائو هائو ڪندو وڃي ته هو ڪهڙو نه بيوقوف چئبو. اهو ئي حال آهي اڄوڪن مسلمانن جو. هو قبرن ۽ پيرن جي به پوڄا ڪرڻ لڳا آهن ڇو ته لا اله الا الله جي معني جي هنن کي بلڪل خبر ڪانهي.
    حضرت محمد ﷺ جيڪو خدا جو پيغام اسان کي پهچايو آهي سو آهي قرآن شريف. سڀڪو ئي مولوي ۽ سياڻو ماڻهو چئي سگهندو ۽ قرآن شريف ۾ بار بار فرمايل آهي ته الله تعاليٰ قرآن شريف انهيءَ لاءِ موڪليو آهي ته ان جون نصيحتون ۽ هدايتون پڙهي انهن تي عمل ڪري هن دنيا ۾ خوش گذاريون ۽ آخرت ۾ به سعادت پرايون. اڄوڪي زماني جي مسلمانن انهيءَ مقصد کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. هو الله تعاليٰ جي نياپي جي اها عزت ٿا ڪن جو ان کي پوتيون پهرائي مٿي جاري ۾ رکي ٿا ڇڏين، يا ان جو قسم ٿا کڻن، يا بيمار ماڻهوءَ کي ٿا بخشارائين يا استقاط وقت ڪم ٿا آڻين. ڪي ڪي مسلمان وري قرآن شريف پڙهن ٿا پر سمجهن ذرو به ڪين ٿا. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ اسان لاءِ هدايتون موڪليون آهن جن تي عمل ڪرڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. سمجهو ته هڪڙو ماڻهو پنهنجي پٽ ڏي خط ٿو موڪلي تنهن ۾ نصيحتون ۽ حڪم لکي ٿو موڪليس. پٽ ڇا ٿو ڪري جو خط کي بنان پڙهڻ جي پوتيون پارائي رکي ٿو ڇڏي ۽ هر روز چميون ٿو ڏيس. هاڻي ٻڌايو ته اهو پٽ عقلمند چئبو يا بيوقوف؟ ۽ سندس پيءَ اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيندو يا ڪاوڙبو؟ انهيءَ مثال مان سمجهي سگهبو ته قرآن شريف کي نه رڳو پوتيون پهرائجن پر پڙهجي به. وري سمجهو ته هڪڙو بادشاهه پنهنجي هڪ زيردست نواب ڏي فرمان ٿو موڪلي. فرمان انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، مگر اهو نواب انگريزي نٿو ڄاڻي. هو ڇاٿو ڪري جو اهو خط پڙهڻ سکي ٿو مگر معنيٰ نٿو پڇي. پوءِ هو هر روز ان خط کي پيو ٿو پڙهي، پر اها خبر ڪانه ٿي پويس ته بادشاهه مون ڏي ڇا لکيو آهي، تنهنڪري جيڪي حڪم بادشاهه لکيا اٿس تن جي تعميل نٿو ڪري. هاڻي ٻڌايو ته اهو نواب عقلمند چئبو يا بيوقوف؟ ۽ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيندو يا غصي ۾ اچي ويندو؟ انهيءَ مثال مان سمجهي سگهبو ته ضروري آهي ته يا عربي زبان سکي قرآن شريف پڙهجي يا سنڌيءَ ۾ لکيل ديني ڪتاب ۽ قرآن شريف سنڌي ترجمي سان پڙهڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح جڏهن خدا جي حڪمن جي خبر پوندي تڏهن انهن تي عمل ڪرڻ جو شوق به ٿيندو، ڇو ته پوري اڀياس ڪرڻ مان معلوم ٿيندو ته انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اسان جو ئي فائدو آهي.

    ديني فرض ۽ انهن جو سمجهڻ
    اسان ديني فرض روزا، نماز، زڪوات وغيرهه پاڻ تي بار ٿا سمجهون سو رڳو انهيءَ ڪري جو اهي سڀ ڪم اسان بنا سمجهڻ جي ٿا ڪيون. درحقيقت سمجهه کان سواءِ ديني احڪامن بجا آڻڻ ۾ گهڻو فائدو ڪونهي. حديث شريف ۾ آهي ته جا شيءِ پهريائين خلقي ويئي سا آهي عقل. ٻي حديث ۾ آهي ته هڪڙو ماڻهو روزا ٿو رکي، نمازون ٿو پڙهي وغيره وغيره پر هن کي ثواب فقط اوترو ملندو جيتري سمجهه ڪم آندي هوندائين. ٽين حديث ۾ آهي ته جنهن نماز ۾ جسم سان دل شامل نه آهي تنهن نماز تي الله تعاليٰ ڌيان ڪونه ٿو ڏئي. دل شامل تڏهن ڪري سگهبي جڏهن نماز ۽ نماز جا الفاظ ۽ ارڪان سمجهبا. روزن جي بابت حديث ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوڙ گلا ۽ ٻيا گناهه نٿو ڇڏي ته ان جي رڳو بک ڪڍڻ تي الله تعاليٰ راضي ڪونه ٿو ٿئي. اهڙي طرح سڀئي ديني احڪام پورين هدايتن ۽ سمجهه سان بجا نه آڻبا ته پورو ثواب نه ملندو. خيرات به خيرات جي حقدارن کي نه ڏبي ته گهڻو ثواب نه ملندو.
    هن زماني ۾ مسلمان نڪي ڪلمون ٿا سمجهن نڪي نماز. نڪي دعا ٿا سمجهن نڪي خطبو، نڪي نڪاح ٿا سمجهن نڪي طلاق. عالمن کي گهرجي ته هر روز مغرب جي نماز وقت ڳوٺ جي ماڻهن کي سڏي فقط پنج منٽ ديني تعليم ڏين، نه وعظ جي نموني، پر سيکارڻ جي نموني. ماڻهن کان ائين سوال پڇن جئين سبق پڇبو آهي. ڪلمي کان وٺي ديني تعليم ڏين. مسجد ۾ خواهه عيدگاهه ۾، شادين تي خواه غمين تي، ميلن ۽ مجموعن ۾ پڻ ديني تعليم ڏيندا رهن. رڳو هڪ هڪ لفظ هر روز سيکارين ته به ديني تعليم ماڻهن ۾ گهڻي قدر پکڙجي وڃي. اهو خيال بلڪل نه ڪجي ته ماڻهو ڪين ٻڌندا ۽ اثر ڪونه ٿيندو. مولوين کي پنهنجي هدايت ۽ رهنمائي دائما جاري رکڻ گهرجي. اثر رفته رفته ضرور پيدا ٿيندو.

    توحيد ۽ مساوات
    جارج سيل صاحب قرآن شريف جي ترجمي جي ديباچي ۾ ٿو لکي ته اسلام جون سڀ تعليمون توحيد (يعني الله تعاليٰ جي هيڪڙائي) جو لازمي نتيجو آهن. يعني جيڪو قبول ڪندو ته الله تعاليٰ هڪ آهي تنهن کي اسلام جون سڀ تعليمون مڃڻيون پونديون. هن جو اهو چوڻ سچ آهي. لا اله الا الله ۾ سڄو اسلام سمايل آهي. اسان هتي لا اله الا الله جي فقط هڪ نتيجي جو ذڪر ٿا لکون.
    خواجه ڪمال الدين صاحب پنهنجي اڙدو ڪتاب براهين نيره ۾ ٿو لکي ته ڪلمه توحيد يعني لا اله الا الله جي حقيقت خود شارع اسلام ﷺ نهايت چئن لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏي آهي. پاڻ فرمايائين ته لا اله الا الله جي مراد آهي لا معبود لي - ولا مقصود لي - ولا مطلوب لي الا الله - يعني انسان هڪ خدا کي ئي پنهنجو مخدوم ۽ متبوع ۽ حاڪم ڪري مڃي، ۽ انهيءَ هڪ کي پاڻ کون وڏو ڪري سمجهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي به وڏائي ۽ شان شمار ۾ نه آڻي. توحيد جي هن مراد کي ذهن ۾ رکي خدا جي مخلوقات تي نگاهه ڪبي ته ڪل مخلوقات الاهي ٻن قسمن ۾ ڏسڻ ايندي. جيڪڏهن انسان کان وڏو فقط هڪ الله تعاليٰ ئي آهي ته باقي ڪل مخلوق يا ته انسان سان برابر يا انسان کان مرتبي ۾ گهٽ رهجي ويندا. اهڙي طرح جيڪڏهن خدا تعاليٰ ئي انسان جو هڪ مخدوم ۽ مالڪ آهي ته وري باقي جو ڪجهه آهي سو يا ته انسان سان برابر يا انسان جو خادم ۽ تابع ٿيندو. هاڻي ڪل مخلوقات کي جيڪڏهن اسين ٻن ڀاڱن، انسان ۽ غير انسان ۾ ورهائينداسين ته انسان ۾ برابري ۽ انسان ۽ غير انسان ۾ حاڪم ۽ نوڪر، مخدوم ۽ خادم جو فرق نظر ايندو. هي اهو توحيد جي مسئلي جو راز آهي جو قرآن شريف اسان کي سمجهايو. خدا نه اسان جي تعريف ۽ نه اسان جي خالص مخلص عبادت جو محتاج آهي، بلڪه هي سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته خدا تعاليٰ کان سواءِ اسان جي نگاهه ۾ ڪوئي وڏو نه رهي. باقي سڀ مخلوق يا ته اسان سان برابريءَ جي درجي تي اچي وڃي يا ته اسان ان کي پنهنجو خادم يا غلام سمجهون. الغرض توحيد جو وڏو مقصد هڪ هي آهي ته انسان پاڻ ۾ اتحاد (ميلاپ) ۽ مساوات (هڪجهڙائي) جو لاڳاپو پيدا ڪن ۽ باقي مخلوقات ۾ مخدوم ۽ خادم جو لاڳاپو ٿي وڃي. هن حقيقت جي قائم ٿيڻ تي سڀني ترقين جو دروازو کلي ٿو پوي.
    تنهنڪري جو سبق قرآني توحيد مان ڪو انسان حاصل ڪري ٿو سو مساوات جو سبق آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام سان گڏ ئي مساوات دنيا ۾ اچي ويئي، ۽ يورپ جو ڪجهه جمهوريت (رعيتي راڄ) بابت سکيو سو مسلمانن کان. فقط مسلمانن ئي هي اصول دنيا ۾ سڀني کان اڳي قائم ڪيو ته انسان انسان سان برابر ۽ همسر آهي. هي اهو پاڪ ۽ بلند خيال آهي جنهن سان انسان جي همت بلند ۽ هن جو نصب العين (مقصد) اوچو ۽ اعليٰ ٿي ٿو پوي. هن سان ذات پات جو فرق، رنگ، ملڪ ۽ قوم جو ڀيد، جنهن هر جاءِ انسان کي سچي تهذيب (اخلاقن جي سڌاري) کان روڪيو آهي سو غالب ٿي ٿو وڃي. ”مان اهو ئي ڪري سگهان ٿو جو فلاڻي ۽ فلاڻي ڪيو، منهنجون قوتون ۽ لياقتون اهي ئي آهن جي فلاڻي فلاڻي جون آهن“. هي اهو حوصله وڌائيندڙ خيال آهي جو سڀ ڪنهن انسان ۾ ريس ۽ ڪنهن ٻئي سان برابر ٿيڻ جو شريف جذبو پيدا ڪري هن کي زندگيءَ جي سڀ ڪنهن امر ۾ پنهنجي همعصرن (وقت جي ماڻهن) جي سامهون مقابلي لاءِ آڻي ٿو. اها قوم ڪهڙي ترقي ڪندي، ۽ تهذيب جي اصولن کي ڪيئن سمجهندي جنهن انسانن کي مختلف (جدا جدا) قبيلن ۾ ورهائي قبائلي فرق کي زور شور سان قائم ڪيو. سڀني انسانن جون قوتون الله جي طرف کان هڪجهڙيون آهن، ۽ اهي هڪ ئي طرح دنيا ۾ آيا ۽ هڪ جهڙو ساز و سامان وٺي ڪائنات ۾ داخل ٿيا. يورپ جي ترقيءَ جو راز به اهو ئي جمهوريت ۽ انساني مساوات جو پاڪ خيال آهي. اتي ڪنهن به شخص جي عزت يا شرافت هن جي پنهنجي ذاتي ڪمالات تي گهڻي حد تائين منحصر آهي.
    قرآن شريف ”ان اکرمکم عندالله اتقاکم“ جو مسئلو تيرهن سو ورهيه اڳي سيکاري قومي فرقن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان ۾ شريف، توهان ۾ مڪرم، توهان ۾ عزت جو لائق اهو ناهي جو وڏي خاندان جو هجي، بلڪه اوهان ۾ اشرف ۽ اڪرم اهو ئي آهي جو تقويٰ رکي. يعني انهن راهن کان بچندو ۽ پري ڀڄندو رهي جي انسان کي بهبودي (چڱائي ۽ سڌارو) ۽ تهذيب کان روڪين ٿيون. ها! ”مسلمانن کي ڇا ٿي ويو جو هو هندستان ۾ اچي ان امر ۾ بدلجي تهذيب جي سڀني اعليٰ جذبن کي ڇڏي ذات پات جي جهڳڙن ۾ پئجي ويا ۽ تباهه ٿي ويا. ياد رکو ته توحيد فقط هن تائين ختم نٿي ٿئي ته اسان ڪنهن کي به خدا جو شريڪ نه بنايون. هي ته ادنيٰ درجي جي توحيد آهي. اهو انسان عملن مشرڪ آهي جو ڪنهن ٻئي کي وڏو ٿو سمجهي. پاڻ کي ان جهڙو ٿيڻ جو لائق نٿو سمجهي: اهڙي طرح اهي ڀلي ذات جا دعويٰ ڪندڙ سيد، مغل، شيخ يا پٺاڻ به مشرڪ آهن جي ڪنهن ڪوري يا موچي مسلمان ڀاءُ کي گهٽ سمجهي پاڻ سان برابريءَ جو وَجهه (موقعو) نٿا ڏين، ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي واسطي وڏائي جو اهو مقام ٿا ٺاهين جو خدا تعاليٰ پنهنجي واسطي خاص ڪيو آهي“ (خواجه ڪمال الدين صاحب جو مضمون هت پورو ڪيو ويو).
    مساوات جو مسئلو هيٺين حديثن ۾ به تمام چٽيءَ طرح سيکاريل آهي. شرف الانسان با العلم والحسب لابالمال والسنب- يعني انسان جو شرف علم ۽ نيڪيءَ سان آهي نه دولت ۽ خاندان سان. جڏهن حضرت ﷺ جن مڪو فتح ڪيو ۽ مغرور قريش سردار پيش پيا تڏهن پاڻ کين فرمايائون ته "قريش جي جماعت اڄ الله تعاليٰ اوهان جي جاهلانه هٺ ۽ ابن ڏاڏن تي فخر ڪرڻ جي مغروريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو. سچ ته هي آهي ته سڀ ماڻهو آدم جو اولاد آهن ۽ آدم مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو. خدا تعاليٰ ٿو فرمائي ته اي انسانو مون اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو، ذاتيون ۽ قبيلا سڀ سڃاڻپ واسطي بنايا ويا آهن. خدا وٽ انهي جي عزت زياده آهي جنهن ۾ تقويٰ زيادهه آهي“.
    ناظرين هن سڄي مضمون کي غور سان پڙهن ۽ وري وري پڙهن، تنهن کان پوءِ سنڌ جي حالت تي ٿوري نظر ڪن جتي سيد، پير ۽ زميندار وڏائي جي نشي ۾ مست ٿي ويا آهن. پاڻ کي پاڻهي شريف ٿا سمجهن. نه انهي ڪري ته ٻين کان وڌيڪ نيڪ اخلاق آهن، پر انهي ڪري ته هو دولتمند، بنيادي ۽ عالي خاندان آهن. پر اگرچه ڪو شخص تقويٰ ۽ نيڪ اخلاقن ۾ ٻين کان برتر هجي تڏهن به پاڻهي پنهنجي لاءِ عزت جو مقام ٺاهڻ اسلام جي تعليم جي ابتڙ آهي. خود حضرت ﷺ جن به ائين ڪين ڪندا هئا جئين اسان جا زميندار ۽ پير ٿا ڪن. حضرت جن سڀني سان برابر وهندا هئا، ماني ٻين سان ته ڇڏيو پر نوڪرن سان به گڏجي کائيندا هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته مان اوهان جهڙو انسان آهيان. اسان جي پيرن يا زميندارن وٽ ڪو کٽ تي چڙهي وهي ته خبرناهي ته ان سان ڪهڙي تعدي ڪن.

    عملن جي ضرورت
    اڄوڪي زماني جا مسلمان اڪثر چوندا آهن ته اسان ڪهڙا به گناهه ڪيون تڏهن به بهشت ۾ وينداسين ڇو ته اسان ڪلمي گو يعني ڪلمون پڙهندڙ آهيون. ڪي وري ائين به چوندا آهن ته توبه ڪنداسين ته اسان جا سڀ گناهه لهي ويندا. پر مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته اڄوڪي وقت جا ڪي مسلمان ڪلمو رڳو نالي جو ٿا پڙهن، هنن کي سچو ڪلمي گو ڪوٺڻ ٺهي ئي نٿو. ڇو ته هو قلب سان تصديق بلڪل ڪونه ٿا ڪن. پر جيڪڏهن قلب سان تصديق ڪجي ته ان تي عمل به ضرور ڪرڻ گهرجي نه ته اها تصديق به نالي جي آهي. مثلن هڪڙو پٽ پنهنجي پيءُ کي پيءُ ڪري ٿو مڃي ۽ عزت به ڏئيس، پر جيڪو حڪم پيءُ ٿو ڏئيس تنهنجي ابتڙ ٿو ڪري ۽ پيءُ جو چوڻ نٿو وٺي. هاڻي ٻڌايو پڻس منجهانئس راضي رهندو يا رنج؟ ۽ ائين ڪرڻ سان پٽ فائدو پرائيندو يا نقصان هيٺ ايندو؟ ٻيو مثال وٺو. ڪو ڪليڪٽر صاحب پنهنجي عملدار ڪمشنر صاحب کي مناسب عزت ڇو ڏئيس جو سندس حڪمن تي بلڪل عمل نٿو ڪري. هاڻي ٻڌايو ته اهو ڪليڪٽر صاحب انعام جو لائق ٿيندو يا سزا جو. انهن مثالن مان سمجهي سگهبو ته جيڪي مسلمان الله تعاليٰ جي حڪمن تي نٿا هلن ۽ الله تعاليٰ جي نافرماني ٿا ڪن سي دنيا ۽ آخرت ۾ سعادت پرائيندا يا ٻنهي جهانن ۾ سخت عذاب ڏسندا. اسلام جي تعليم آهي ته عمل ڪرڻ دين جو اهڙو ئي ضروري ڀاڱو آهي جهڙو ايمان آڻڻ. قرآن ۾ بار بار چٽي طرح ڏيکاريل آهي ته اسان جيڪي عمل ڪيون ٿا سي مرڻ کان پوءِ به پاڻ سان کڻي ٿا هلون ۽ انهن جو نتيجو ضرور ڏسڻو پوندو. اسلام جي تعليم موجب رڳو ايمان آڻڻ ڪنهن ڪم جو ناهي جيستائين ان تي ايمان موجب عمل نه ڪجي. قرآن شريف ۾ ڪيترائي ڀيرا مومنن جي ذڪر ۾ هي الفاظ ”اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ “ آيل آهن جنهن مان صاف طرح ثابت ٿو ٿئي ته ايمان سان گڏ عمل ضرور هئڻ گهرجي. هڪڙي حديث آهي ته هڪڙي ڀيري حضرت ﷺ جن ڪنهن شخص جي سوال جي جواب ۾ فرمايو ته خدا جو قسم آهي ته بهشت ۾ اهو ئي ويندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا. حضرت جن جي سڄي تعليم، سندن سڀ وعظ اخلاقن جي بيان سان ڀريل هوندا هئا، ۽ نيڪ اخلاق اختيِار ڪرڻ مسلمان ٿيڻ لاءِ ضروري ڳالهه سمجهڻ ۾ ايندي هئي. مثلن جڏهن مديني جي ڪن ماڻهن حضرت جن جي دست مبارڪ تي بيعت ڪئي تڏهن هنن ڳالهين تي بيعت ڪيائون:-
    1) اسان هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ ڪنهن کي هن جو شريڪ نه بنائينداسين.
    2) اسان چوري ۽ زنا ڪڏهن ڪين ڪنداسين.
    3) اسان پنهجي اولاد کي قتل نه ڪنداسين (انهن ڏينهن ۾ عرب نياڻين کي جيري قبر ۾ پوريندا هئا).
    4) اسان ڪنهن تي ڪوڙي تهمت نه لڳائينداسين ۽ نه ڪنهن تي چغلي هڻنداسين.
    5) اسان نبي ﷺ جي فرمانبرداري هر ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ ڪندا رهنداسين.
    باقي رهي اها ڳالهه ته توبه ڪرڻ سان سڀ گناهه لهي ٿا وڃن. اها ڳالهه سچي آهي پر ماڻهن توبه جي معنيٰ نه سمجهي آهي. جيڪڏهن گناهه ڪري پوءِ چئبو ته يا رب! مان توبه ٿو ڪيان، مون کي معاف ڪر، ۽ پوءِ به ساڳيو گناهه وري وري پيو ڪبو اها توبه نه چئبي. توبه جي معني آهي موٽي راهه تي اچڻ. يعني گناهه جا ڪم ڇڏي چڱا ڪم ڪرڻ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهه ڇڏي آئينده لاءِ چڱا ڪم ٿو ڪري ته هن کي اڳين گناهن جي معافي ملي ٿي. ”توبه“ جي هن معنيٰ مان سمجهبو ته جڏهن ڪو ماڻهو پوڙهو ٿو ٿئي ۽ گناهن ڪرڻ جي طاقت ڪانهيس يا جڏهن ڪو ماڻهو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي ٿو اچي تڏهن هو پڇتائي ٿو ۽ پشيمان ٿو ٿئي ته اها توبه به ڪم جي نه آهي. ڇو ته هن کي ان وقت گناهن ڦٽي ڪرڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي توفيق ئي ڪانهي. ڪي ماڻهو اهڙا به لڀندا آهن جي سڄي عمر چوري ۽ زنا ڪري پوڙهائي ۾ تسبيح هٿ ۾ کڻندا آهن، ڇو ته ان وقت ۾ چوري ۽ زنا ڪري ئي نٿا سگهن.
    تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهن ڪوڙين اميدن کي ڦٽو ڪري هڪدم چڱا عمل ڪريون. شايد موت اڄ ئي اچي وڃي، پوءِ توبه ڪرڻ يعني گناهن جا ڪم ڇڏي چڱن ڪمن ڪرڻ جو وقت ڪونه ملندو. اخلاق ۽ عملن جي ضرورت قرآن شريف ۾ هر جاءِ زور سان ڏيکاريل آهي. حديثون به ڪيتريون ئي آهن. هيٺيون حديثون ڏسو ته ڪهڙيون زور ڀريون آهن.
    1) مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان سڀ مسلمان سلامت رهن.
    2) جنهن شخص ۾ فقط هڪ داڻو مغروري جو آهي سو بهشت ۾ نه ويندو.
    3) جنهن کي لڄ ناهي ۽ بيشرم ڪمن کان پرهيز نٿو ڪري سو مسلمان ناهي.
    4) اهو مومن ئي ناهي جو زنا ٿو ڪري يا چوري ٿو ڪري يا شراب ٿو پيئي يا ڦر ٿو ڪري يا امانت ۾ خيانت ٿو ڪري، خبردار! خبردار!!
    5) منافق اهو آهي جو ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي، انجام ڪري ته ڀڃي، عهد ڪري ته پورو نه ڪري ۽ جهيڙو ڪري ته فحش بڪي.
    6) جو شخص ڪنهن ڀاءُ جو حق ٿو ماري سو خدا تعاليٰ جي وحدت ۾ ايمان آڻيندڙ ناهي.

    دين جو اعليٰ مقصد
    هن ننڍڙي ڪتاب ۾ تعليمات اسلام جو ذڪر ڏيئي نٿو سگهجي. مگر هڪڙي ڳالهه آهي جنهن بابت ٻه ٽي لفظ لکڻ جي ضرورت ڀانئجي ٿي. ڪي ماڻهو اسلام تي هڪڙو وڏو اعتراض آڻيندا آهن، هو چوندا آهن ته اسلام ۾ اها اعليٰ تعليم آهي ئي ڪانه جنهن سان الله تعاليٰ جو ميلاپ حاصل ٿو ڪجي. جتي ڪٿي ملن ۽ مولوين تي ٺٺوليون پيون هلن. باقي اهي ماڻهو جيڪي ڪفني پائي ڌوڙ لڱن کي مکي مڪانن يا جهنگن ۾ ٿا ويهن، تماڪ، چرس، ڀنگ ۽ شراب کي لڳي مست مست پيا ڪن سي اڄ فقير ۽ ولي ٿا سڏجن. اسلام موجب علم کان سواءِ ولايت ملي نٿي سگهي. رهبانيت يعني گهر ٻار ترڪ ڪرڻ ۽ جان کي عذاب ڏيڻ جي موڪل به اسلام نٿو ڏئي. اسلام جي تعليم اهڙي ڪامل آهي جا گهر ٻار ڇڏائڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جو ميلاپ حاصل ڪرائي ٿي. سڀ ڪوئي انسان گهر ٻار ڇڏي ڏئي ته دنيا ڪيئن هلي سگهي. اسان جون چار حالتون آهن، بدني، دماغي، اخلاقي ۽ روحاني. اسلام چئني حالتن کي ڪماليت وٺائڻ لاءِ ڪامل هدايتون ڏنيون آهن. اهي چار ئي حالتون هڪ ٻئي سان اهڙو تعلق رکن ٿيون جو هڪ ۾ نقص هئڻ ڪري ٻين کي به نقصان رسي ويندو. تندرستي چڱي نه هوندي ته نڪي دماغ ڪم ڪندو نڪي دل ڪاڏي ورندي. جيڪي ماڻهو علم ڌاران ۽ اخلاقن سڌارڻ کان سواءِ دنيا ڇڏي ذڪر ٿا ڪمائين، ۽ الله تعاليٰ جي عشق جو دم ٿا هڻن سي درحقيقت جوڳي آهن، ۽ هو اهو جوڳ ٿا ڪمائين جنهن کي آمريڪا جا ماڻهو مسميريزم ٿا ڪوٺين. اهي پنهنجو دم پچائي خيال کي هڪ هنڌ رکي ڪي طاقتون پاڻ ۾ پيدا ڪن ٿا جنهنڪري پاڻ کي ولي ٿا سمجهن. درحقيقت هو ڌوڪي ۾ اچي گمراهه ٿيا آهن.
    اسلام جي تعليم آهي ته علم ضرور سکجي. خصوصن قرآن شريف ۽ حديثون سکي انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ گهڙي کن اڪيلائي ۾ويهي فطرت تي ويچار ڪرڻ گهرجي ته ان مان اسان کي الله تعاليٰ جي اپار قدرت ۽ رحمت جي خبر پوندي. انهيءَ خبر پوڻ ڪري اسان ۾ الله تعاليٰ واسطي سچي محبت پيدا ٿيندي ۽ اسان هر طرح هن جي مرضي ۽ قاعدن تي هلي سندس راضپو حاصل ڪنداسين. رفته رفته محبت وڌيڪ ٿيندي ويندي ايتري قدر جو الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ ڏانهن دل ڪين ورندي تان جو الله تعاليٰ سان هڪ ٿي وڃبو. هن ننڍڙي مضمون ۾ سڄو بيان ڏئي نه ٿو سگهجي. فقط هيترو ڏيکارڻو آهي ته درحقيقت سچي صوفياني تعليم اسلام ئي ڏني آهي. انهي ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ فقط هي ئي حديثون ڪافي آهن.
    1 - الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته جو شخص منهنجو پيار حاصل ٿو ڪري تنهن جو مان ڪن آهيان جنهن سان هو ٻڌي ٿو، هن جو نور آهيان جنهن سان هو ڏسي ٿو، هن جو هٿ آهيان جنهن سان هو (ڪا شي) جهلي ٿو ۽ هن جا پير آهيان جنهن سان هو هلي ٿو.
    2 - الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته اي انسان! فقط منهنجي قانونن جي پيروي ڪر ته تون مون جهڙو ٿي پوندين، پوءِ جي چوندين ته ”ٿي“ ته ائين ٿي پوندو.


    حالات نبوي عرف حيات النبي ﷺ

    افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا اڪثر مسلمان حضرت محمد ﷺ جي حالات کان بلڪل واقف نه آهن. جيڪي پڙهيل آهن تن کي اڪبر، اورنگزيب، شيواجي ۽ ٻين ڪيترن شخصن جي تاريخ جي ڪجهه معلومات آهي، مگر جنهن رسول مقبولﷺ جي کين پيروي ڪرڻي آهي تنهن جي ايتري به واقفيت ڪا نه اٿن. هن مختصر ڪتاب لکڻ جو مقصد اهو آهي ته سڀ ڪو سنڌ جو مسلمان آسانيءَ سان ٿوري قيمت تي ان کي خريد ڪري نبي سڳوري جو احوال پڙهي سگهي. جن کي وڌيڪ احوال پڙهڻو هجي سي جناب مولوي فتح محمد جو ”حيات النبي“ وٺي پڙهن. اردو ڄاڻندڙن کي گهرجي ته اڙدو ڪتاب گهرائي پڙهن. انگريزي دانن کي جناب سيد امير علي صاحب جا ديني ڪتاب پڙهڻ گهرجن.
    هي ڪتاب جناب قاضي سليمان صاحب مسلمان منصور پوري جي مشهور ڪتاب رحمة العالمين جو مختصر ترجمو آهي. هن صاحب مهرباني فرمائي ترجمي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي جنهن لاءِ آءُ سندس هت شڪرگذاري ظاهر ٿو ڪريان. مان جناب مرزا قليچ بيگ صاحب جو پڻ شڪر گذار آهيان جنهن تڪليف وٺي هي ڪتاب نظر مان ڪڍيو آهي. (1919ع)

    نسب
    حضرت عيسيٰ ؑ کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي بابل جي سلطنت اوج ۾ هئي. ان وقت حضرت ابراهيم ؑ کي الله تعاليٰ پيغمبر ڪري موڪليو. هن کي ٻه فرزند هئا، وڏي جو نالو هو اسماعيل ؑ ۽ ننڍي جو اسحاق ؑ. حضرت اسماعيل ؑ بيبي هاجره  مان ڄاول هو. حضرت ابراهيم ؑ شام ملڪ ننڍي پٽ کي ڏنو. ۽ عرب ملڪ وڏي پٽ کي. حضرت ابراهيم پنهنجي وڏي پٽ ۽ ان جي والده کي انهيءَ جاءِ تي وهاريو جتي هاڻي مڪي جو شهر آهي. اتي پيءُ ۽ پٽ گڏجي هڪ مسجد بنائي جا اڃا تائين قائم آهي، ۽ ڪعبة الله ۽ بيت الحرام جي نالن سان مشهور آهي. حضرت اسماعيل ؑ کي ٻارهن پٽ هئا جن عرب جي ملڪ کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو. انهن جي اولاد جلد سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. حضرت اسماعيل ؑ جي اولاد مان سندس ٻيو فرزند قيدار نهايت نامور شخص ٿي گذريو آهي قيدار جي اولاد مان 37هين پيڙهي ۾ عدنان مشهور ٿي گذريو آهي. ان کان 15 پيڙهيون پوءِ قصيءَ، پوءِ ان جو پٽ عبد مناف، پوءِ ان جو پٽ هاشم، وري ان جو پٽ عبدالمطلب ان جو پٽ ابو طالب پنهنجي پنهنجي وقت ۾ مڪي جو سرادر ٿيندا رهيا. سيدنا محمد رسول ﷺ جنهن جو مختصر احوال هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڏجي ٿو سو عبدالمطلب جو پوٽو هو. هن ذڪر مان معلوم ٿيندو ته حضرت ﷺ جن ڀلاري پيغمبر حضرت ابراهيم ؑ جي اولاد مان آهن.

    ايام جاهليت
    عربستان هڪ وڏو ملڪ آهي، ان جو گهڻو ڀاڱو خصوصا وچون ڀاڱو بيابان لڳو پيو آهي. حضرت ﷺ جن جي پيدا ٿيڻ وقت هن ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي تي حبش جي سلطنت اڀرندي حصي تي ايران جي سلطنت ۽ اتر وارن ضلعن تي روم جي سلطنت جو قبضو هو. مگر ملڪ جو اندريون ڀاڱو آزاد هو ۽ هميشه کان آزاد رهيو هو. اندروني ملڪ جي ماڻهو تي انهيءَ خودمختياريءَ ۽ دنيا کان الڳ رهڻ، تمام خراب اثر پيدا ڪيو هو. هو هڪ ٻئي کي قتل ڪندا هئا، بيڪاريءَ ۽ سستيءَ هنن ۾ جوا ۽ شراب جي عادت پيدا ڪئي هئي. هو پنهنجين نياڻن کي جيئري زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا. جاهليت جي ڪري انهن ۾ بت پرستي جو رواج ٿي ويو. ڀرمن هنن جي دل ۽ دماغ تي پورو پورو قبضو ڪري ڇڏيو، پٿر، وڻ، چنڊ، سج، جبل، درياه مطلب ته فطرت جي هر چيز جي پوڄا ڪرڻ لڳا. انساني حقن جي حفاظت لاءِ منجهن ڪو قانون ڪو نه هو، انسان جو قتل، رهزني، ناحق بند ڪرڻ، ناجائز طرح ٻئي جي ملڪيت قبضي ۾ آڻڻ، بيجا دخل ڪرڻ، عورتن کي زور يا ٺڳيءَ سان ڀڄائي وڃڻ، نياڻين کي جيئري ڌرتي جي حوالي ڪرڻ اهي ۽ ٻيا گناهه جا ڪم هو بنا شرم جي ڪندا هئا. عرب ملڪ جا ماڻهو ڪن ٿورن شخصن کان سواءِ لکي پڙهي ڪو نه ڄاڻندا هئا، ۽ سڌاري ۽ ترقيءَ کي ته سڃاڻندا به نه هئا. نه رڳو عرب جا ماڻهو اهڙي وحشي حالت ۾ هئا، پر سڄي دنيا جا سڀ ڪنهن مذهب جا ماڻهو ان وقت پنهنجي پنهنجي سچي مذهب کان ڦري ويا هئا، ۽ هر طرح بگڙجي ويا هئا.

    نبي ﷺ جي هدايت ڪرڻ ۽ فتحيابي
    اهڙي زماني ۾ رب العالمين پنهنجي فضل سان سيدنا محمد رسول الله ﷺ کي پيدا ڪيو انهيءَ لاءِ ته سڀني ماڻهو کي هدايت ڪري وري سنئين راهه تي آڻي. اهڙي زماني ۾ هدايت ڪرڻ بلڪل مشڪل ڪم هو، مگر حضرت ﷺ جن صبر، استقامت ۽ تحمل سان ڪم شروع ڪيو. تهذيب عملاً ۽ اخلاقاً پکيڙيائون. شاهوڪاري ۽ خاندانيءَ تي فخر ڪرڻ جا خيال مٽائي مساوات يعني هڪ جهڙائي جو ٻج ماڻهن جي دلين ۾ پوکيائون. نفرت ۽ دشمني جي جاءِ تي محبت ۽ ڀائپي پيدا ڪيائون. اونداهي ۽ جاهليت کي ڪڍي سچائي ۽ علم جي نور کي پڪو ڪيائون تڏهن نهايت کليل پيشاني ۽ مرڪندڙ چهري سان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائون.
    نبي ﷺ هدايت جو ڪم ڪهڙي خوبي ۽ فتحيابي سان ڪيو تنهنجي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪي ٿورا مثال ڏجن ٿا: -
    حبش جو بادشاهه ۽ عمان جو بادشاهه مسلمان ٿي نجد جي وحشين ۽ تهامه جي بدوين سان ڪلهو ڪلهي ۾ هڻي بيهڻ کي فخر ٿا سمجهن.
    عبدلله بن سلام بهوت جي امامت، ورقه بن نوفل عيسائيت جي، ۽ عثمان بن طلحه ابراهيميت جي امامت ڦٽي ڪري اسلام جي خادمن ۾ شمار ٿيڻ تي فخر ٿا ڪن.
    يهودين جو زر خريد غلام سلمان فارسي اسلام اختيار ڪري ايڏي عزت ٿو پائي، جو خود حضرت عمر رضي الله به کيس سائين سائين ڪري ٿو سڏي. مطلب ته اسلام جي تعليم جي ڪري خانداني لفظ رڳو زبان تي آڻڻ به هڪڙو ڪمينائي جو دليل بنجي پيو هو. دشمن دوست ٿي پيا، ۽ جان وٺندڙ ڦري جان قربان ڪندڙ ثابت ٿيا.
    اهو ئي عمرو بن عاص جو ويچارن ظلم جي ڀڄايل مسلمانن کي حبش مان گرفتار ڪرڻ لاءِ ويو هو، سو ٿورن سالن کان پوءِ عمان جي بادشاهه وٽ اسلام جي دعوت ڪرڻ ٿو وڃي ۽ هزارن شخصن جي مسلمان ٿيڻ جي خوشخبري نبي ﷺ جي خذمت ۾ ٿو آڻي. اهو ئي خالد بن وليد جو احد جي جنگ ۾ بت پرستن جي ٽولي جو سپه سالار هو، سو ٿوري مدت کان پوءِ اسلام جي جنگين ۾ وڏي درجي جو جنرل ثابت ٿو ٿئي. اهو ئي طفيل دوسي رضي الله جو مڪي ۾ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي گهمندو هو ته محمد ﷺ جو آواز ڪن ۾ نه پوي آخر پنهنجي وطن ۾ گهر گهر ۾ محمد ﷺ جو آواز ٿو پهچائي. اهو ئي عبدياليل ثقني جنهن طائف ۾ غلامن ۽ ڇوڪرن کي حضرتﷺ جي پٺيان لاتو، انهيءَ لاءِ ته کيس پٿر هڻن، سو آخر مديني ۾ حاضر ٿي پنهنجي قوم جي لاءِ ايمان جا جواهر کڻي ٿو اچي. اهو ئي بريده بن الحصيب اسلمي جو قريشن کان سو اٺن جي انعام جو وعده وٺي نبي ﷺ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نڪتو، سو ٿورڙن ڪلاڪن کان پوءِ نبي ﷺ جو جهنڊو کڻندڙ بنجي ٿو پوي. مطلب ته اهڙن مثالن لاءِ هڪڙو دفتر گهرجي. اها سڀ ڪرامت انهيءَ پاڪ تعليم جي هئي جا آهستي آهستي دلين کي فتح ڪندي ٿي وئي. گهڻن نبيبن عليهم السلام معجزا ڏيکاريا، ۽ لٺ، نانگ، پٿر، درياهه ۽ باهه جون خاصيتون مٽائي ڏيکاريون، مگر نبي ﷺ عظيم الشان معجزو اهو ڏيکاريو جو دليون مٽائي ڇڏيائون، ۽ روح کي پاڪ بنايائون.
    شال مسلمان انهيءَ پاڪيزه تعليم جو قدر ڪن، شال هو نبي ﷺ جي پاڪ مقصد جي واقفيت حاصل ڪن، شال اسلام جي حفاظت کي پنهنجو فرض سمجهن، شال هو اسلام جي بقا کي پنهنجي پنهنجي اولاد جي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي حياتين کان زياده ضروري سمجهن.
    پڙهندڙو ! نبي ﷺ جي حياتي ۾ هي عجيب خصوصيت آهي ته ان مان هر ڪنهن قسم جو ماڻهو هدايت پرائي ٿو سگهي، ڇو ته سندن حياتي مختلف حالتن ۾ ٿي گذري.

    سيدنا محمد بن عبدلله بن عبد المطلب بن هاشم
    بن عبد مناف بن قصيءَ جو تولد (ڄمڻ)

    ولادت
    سومر ڏينهن تاريخ 9 ربيع الاول سنه 1 (عام الفيل) مطابق 22 – اپريل 571ع ۾ مڪي ۾ ٿيو. سندن ماءُ جو نالو آمنه هو. سندن والد سندن ولادت کان اڳ ئي فوت ٿي ويو هو. سندن ڏاڏي عبدالمطلب پنهنجي خاندان جا نالا ڇڏي اهو نالو محمد ﷺ (واکاڻ جو لائق) انهيءَ ڪري رکيو هو جو سندس خواهش هئي ته منهنجو پوٽو سڄي دنيا ۾ واکاڻ جو لائق ٿئي.

    يتيمي حالت
    حضرت ﷺ جن دائي حليمه سعديه جي حوالي ڪيا ويا، جنهن کين ٻئي هنڌ کڻي وڃي نپايو جڏهن چئن ورهين جا ٿيا، تڏهن والده شريف کين پاڻ وٽ رکيو. جڏهن عمر ڇهه ورهيه ٿي، تڏهن والده وفات ڪئي ۽ سندن سنڀال ڏاڏي پنهنجي ذمي کنئي. اڃا حضرت ﷺ اٺن ورهين جي عمر کي پهتا ته ڏاڏي عبدالمطلب به وفات ڪئي. ابو طالب حضرت ﷺ جو سڳو چاچو هو، تنهن هاڻي سندن سنڀال پنهنجي ذمي کنئي.

    سوداگري
    ٻارهن ورهين جي عمر ۾ حضرت ﷺ پنهنجي چاچي ابوطالب سان گڏجي شام جي ملڪ ۾ سوداگريءَ ويا ۽ فائدو تمام گهڻو ٿيو.

    خديجه  سان شادي
    هن سفر ۾ خديجه  جو ٻانهو ميسره حضرت ﷺ سان گڏ هو. هن حضرتﷺ جون جيڪي خوبيون ۽ بزرگيون پاڻ ڏٺيون، تن سڀني جو بيان خديجه کي ٻڌايو. اهي وصفون ٻڌي پاڻ ئي درخواست ڪري حضرت ﷺ سان نڪاح ڪيائين، اگرچه خديجه  هن کان اڳي وڏن وڏن سردارن سان نڪاح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. جڏهن هي نڪاح ٿيو تڏهن حضرت ﷺ جي عمر 25 ورهيه، ۽ بيبي خديجه  جي عمر 40 وره هئي. حضرت ﷺ جي نڪاح ۾ 25 ورهين تائين جيئري رهي. حضرت ﷺ ان جي وفات کان پوءِ اڪثر سندس ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ سندس سهيلين سان عزت ۽ مهرباني جي هلت هلندا ها.

    امن قائم ڪرڻ لاءِ انجمن
    هن شاديءَ کان پوءِ حضرت ﷺ پنهنجو سڄو وقت خدا جي عبادت ۽ بني آدم سان ڀلائي ڪرڻ جي ڪمن ۾ لائيندا هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ گهڻن قبيلن جي سردارن ۽ سمجهو ماڻهن جي ڌيان تي اها ڳالهه آندائون ته ملڪ ۾ بي امني آهي، رستا خطرناڪ آهن، مسافر لٽجي ٿا وڃن ۽ غريبن تي زبردست ماڻهن جا ظلم ٿا ٿين انهن خرابين کي بند ڪرڻ گهرجي. نيٺ انهن ڪمن لاءِ هڪڙي انجمن قائم ٿي، جنهن جي وسيلي بني آدم جي جان ۽ مال جي گهڻي حفاظت ٿي، اهڙن نيڪ ڪمن ۽ سچائي جو اثر ماڻهن جي دلين تي ايترو ٿيو جو کين الصادق (سچو) يا الامين (ايماندار) ڪري سڏيندا هئا.

    نبوت جو ملڻ/ اڪيلو غار ۾ عبادت ڪرڻ
    نبوت کان ست ورهيه اڳي هڪ روشني ۽ چمڪو نظر اچڻ لڳو هو، جنهن کي ڏسي حضرت ﷺ جن کي خوشي ٿيندي هئي. نبوت جو وقت جيئن ويجهو پوندو ويو تيئن حضرت ﷺ جي غار ۾ اڪيلائي ۾ وهڻ جي عادت وڌندي وئي. حضرتﷺ جن اڪثر پاڻي ۽ کجور کڻي شهر کان ڪيترا ڪوه پري حرا جبل جي غار ۾ ويهي عبادت ڪندا هئا. عبادت ۾ خدا جي واکاڻ ۽ پاڪائي جو ذڪر به هوندو هو، ۽ خدا جي قدرت تي غور ڪرڻ به. هاڻي حضرت ﷺ کي خواب اچڻ لڳا خواب اهڙا سچا ٿيندا هئا جو جيڪي رات جو خواب ۾ ڏسندو هئا سو ئي ڏينهن جو سچ پچ ظاهر ٿيندو هو.

    جبرئيل ؑ جو پهريون دفعو اچڻ
    جڏهن حضرت ﷺ 40 ورهين جي عمر جا ٿيا، تڏهن 9 ربيع الاول ڏينهن سومر جي روح الامين خدا وٽان نبوت جو حڪم کڻي حضرت ﷺ وٽ آيو. ان وقت آن حضرت ﷺ حرا جي غار ۾ هئا. هن واقعي کان پوءِ نبي ﷺ جن هڪدم گهر آيا، ۽ پنهنجي بيبيءَ کي فرمايائون ته مان اهڙا واقعا ٿو ڏسان جو مون کي پنهنجي جان جو خوف آهي. خديجته الڪبريٰ  جواب ۾ چيو ته نه توهان کي ڇا جو ڊپ آهي. مان ڏسان ٿي ته مائٽن تي مهربان آهيو، هميشه سچ ٿا ڳالهايو، رنن زالن ڇورن ۽ بيواهن جي مدد ٿا ڪريو، مهمان نواز آهيو، ۽ مصيبت ۾ پيل ماڻهن سان همدردي ٿا ڪريو، خدا توهان کي ڪڏهن به پريشان نه ڪندو.

    ورقه جي شاهدي
    پوءِ خديجه  حضرت ﷺ کي پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ وٺي ويئي، ڇو ته هو اڳين نبين تي لٿل ڪتاب ڄاڻندو هو. ورقه سڄي ڳالهه ٻڌي چيو، ته هي اهو ئي ناموس آهي جو موسيٰ ؑ تي لٿو هو. شال مان انهيءَ وقت تائين جيئرو هجان جڏهن قوم توهان کي ڪڍي ڇڏيندي!
    رسول ﷺ پڇيو ته مون کي قوم تڙي ڪڍندي ڇا؟ ورقه چيو ته هائو، هن دنيا ۾ جنهن اهڙي تعليم ڏني، تنهن جي خلاف دشمني ٿيندي رهي آهي.
    ٿورن ڏينهن کان پوءِ فرشتو وري آيو، ۽ نبي ﷺ کي جي لکڻ پڙهڻ اڃا تائين ڪو نه سکيا هئا، خدا جو اهو پاڪ نالو ۽ پاڪ ڪلام پڙهايائين، جو سڀني علمن جي ڪنجي ۽ سڀني حقيقتن جو خزانو آهي. روح الامين هي آيتون پڙهي ٻڌايون.

    قرآن شريف جو نازل ٿيڻ
    بـسم الله الرحمن الرحيم
    اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیْ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاْ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
    شروع آهي الله جي نالي سان جو ڪمال رحمت ۽ نهايت رحم وارو آهي.
    ترجمو: پڙهه پنهنجي پروردگار جي نالي سان جنهن (سڀ ڪجهه) پيدا ڪيو، جنهن انسان کي رت جي ڄميل ڦڙي مان ٺاهيو. پڙهه، تنهنجو پروردگار ڏاڍو ڪريم آهي جنهن قلم جي وسيلي تعليم ڏني، ۽ جيڪي انسان نه ڄاڻندو هو سو سڀ ڪجهه سيکاريائين.
    پڙهندڙؤ! ڏسو ته پهريون حڪم الله تعاليٰ رسول ﷺ ۽ بني آدم ڏي موڪليو آهي سو علم بابت آهي. علم کان سواءِ اسلام رڳو نالي جو آهي. نبوت کان جو زمانو ٿورو اڳ ٿي گذريو سو ايام جاهليت ٿو سڏجي نه ايام ڪفر، ڇو ته ڪفر به جاهليت جو ئي نتيجو آهي. جاهليت ۽ ڪفر کي ڪڍڻ لاءِ الله تعاليٰ پهريائين اهو حڪم موڪليو ته علم پڙهو.

    پهريان مسلمان
    هنن آيتن پڙهڻ کان پوءِ روح الامين حضرت ﷺ جي روبرو وضو ڪيو ۽ حضرت ﷺ جن به ائين ڪيو. پوءِ ٻنهي گڏجي نماز پڙهي. روح الامين پڙهائي. نبيﷺ گهر پهچڻ شرط اسلام سيکارڻ شروع ڪيو. خديجه  (بيبي) علي رضي الله (سؤٽ ڏهن سالن جي عمر جو) ابوبڪر رضي الله (دوست) زيد بن حارثه (نوڪر) پهرين ئي ڏينهن مسلمان ٿيا. انهن شخصن جو ايمان آڻڻ. جن کي حضرت ﷺ جي چاليهن ورهين جي رڳو اٿڻ ويهڻ جي به خبر هئي، نبي ﷺ جي سچائي جو پڪو دليل آهي. ابوبڪر رضي الله واپار ڪندڙ هو، ۽ گهڻن ماڻهن سان ميل ميلاپ هوس. هن جي تعليم سان عثمان غني، زبير، عبدالرحمن بن عرف، طلحه ۽ سعد بن ابي وقاص مسلمان ٿيا، پوءِ ٻيا به ٿورا مڙد ۽ عورتون مسلمان ٿيا.

    ظاهر ظهور اسلام جي تبليغ ڪرڻ
    انهن ڏينهن ۾ مسلمان جبل جي پاسي وڃي نماز پڙهندا هئا. نبي ﷺ نبوت جي پهرين ٽن سالن ۾ ماڻهن کي لڪ ڇپ ۾ سمجهائيندا هئا، ۽ پٿرن وڻن چنڊ ۽ سج جي پوڄا کان هٽائي خدا جي بندگي ڪرڻ سيکاريندا هئا. ٽن سالن کان پوءِ خدا جو حڪم آيو ته ظاهر ظهور پنهنجي پرودگار جي بزرگي جو اظهار ڪريو، ۽ انهي ڪم ۾ جيڪي تڪليفون درپيش اچن سي صبر استقلال سان سهو. نبي ﷺ نهايت ثابت قدمي سان پهريائين پنهنجي مائٽن ۾ تبليغ يعني سيکارڻ جو ڪم شروع ڪيو، پوءِ پنهنجي قوم ۽ شهر جي ماڻهن ۾، پوءِ مڪي جي آس پاس وارن قبيلن ۾، پوءِ عرب جي سڀني ماڻهن ۾ ۽ پوءِ دنيا جي سڀني مشهور قومن ۽ مشهور مذهبن جي ماڻهن ۾. انهيءَ زماني ۾ سڄي دنيا ۾ انسانيت ۽ تهذيب ۽ اخلاق جو نشان به ڪو نه هو. عربن ۾ ته وري سڄي دنيا جون خرابيون اچي گڏ ٿيون هيون. پهريائين نبي ﷺ پنهنجي عزيزن کي دعوت ڏني. کائڻ پيئڻ بعد هنن کي اسلام جي دعوت ڪيائون. فقط حضرت علي سندن ٻانهن ٻيلي ٿيڻ قبول ڪيو، ٻيا سڀئي کلندا مسخريون ڪندا هليا ويا.
    هاڻي نبي ﷺ سڀني ماڻهن کي عام طرح سمجهائڻ شروع ڪيو.

    اسلام جي تعليم
    سڀ ڪنهن مجلس ۾، ميلي ۾، سڀ ڪنهن رستي ۽ گهٽيءَ ۾، وڃي ماڻهن کي توحيد (خدا جو هڪ هئڻ) جي خوبي ٻڌائيندا هئا، بتن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا کان روڪيندا هئا. ڌِيُن کي مارڻ کان منع ڪندا هئا، زنا کان منع فرمائيندا هئا، جوا ڪرڻ کان روڪيندا هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته اي آدميو پنهنجي جسم ۽ ڪپڙن کي گندگيءَ کان، زبان کي گندين ڳالهين کان، دل کي ڪوڙن ويساهن کان پاڪ ۽ صاف رکو. وعده ۽ اقرار جي سخت پابندي ڪريو، ڏيتي ليتي ۾ دغا نه ڪريو، خدا جي ذات کي گهٽتائي عيب ۽ غليظائي کان پاڪ سمجهو. هن ڳالهه جو پڪو ويساهه رکو ته زمين، آسمان، چنڊ، سج ننڍو وڏو سڀ خدا جا پيدا ڪيل آهن، سي سندس محتاج آهن. دعا جو قبول ڪرڻ، بيمار کي تندرستي ڏيڻ، مرادون پوريون ڪرڻ الله جي اختيار ۾ آهن، الله جي مرضي ۽ حڪم کان سواءِ ڪوئي به ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي، فرشتا ۽ نبي به هن جي حڪم جي خلاف ڪجهه نه ٿا ڪن.
    مغرور قريشن کي نبي ﷺ جو وعظ پسند نه آيو، ڇو ته هو خاندانيءَ تي نهايت مغرور هئا، ۽ اسلامي ڀائپي قبول ڪرڻ کي هنن خواري ٿي ڀانيو. هنن ۾ بت پرستي گهر ڪري وئي هئي، تنهن ڪري ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن به خوبيءَ جو هئڻ هنن کي خيال ۾ نه ٿي آيو. هنن جي زنا، جوا، بيحد عورتن جو گهر ۾ رکڻ، رهزني، قتل، عهد شڪني ۽ هر ڪنهن قانون ۽ قاعده جي بندش کان آزادي جي عادت ڄمي وئي هئي، تنهن ڪري اسلام جي تعليم هنن کي پنهنجي پيارين عادتن جي خلاف معلوم ٿئي پئي. تنهن کان سواءِ هنن ۾ گهڻن قبيلن جي هاشم جي اولاد سان سخت دشمني هئي. انهي ڪري هنن حضرت ﷺ جي مخالفت ڪرڻ لاءَ ڪمر ٻڌي، ۽ اسلام جي نالي نشان مٽائڻ جو فيصلو ڪيو. پهرين تدبير هيءَ ڪيائون ته ”اسلام“ اختيار ڪندڙن کي سخت ايذاءُ پهچايو ٿي، ته جئين جيڪي مسلمان ٿيا هجن، سي موٽي پون، ۽ ڪوئي به نئون ماڻهو مسلمان نه ٿئي.

    نون مسلمان سان قريش جا ظلم
    قريش جيڪي ظلم مسلمانن تي ڪيا، تن جو پورو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. هتي مختصر طور ٿورن بزرگن جو احوال ٿو ڏجي.
    بلال رضي الله حبشي هو، اميه بن خلف جو ٻانهو هو. جڏهن اميه ٻڌو ته بلاول رضي الله مسلمان ٿيو آهي، تڏهن هن قسمن قسمن جا عذاب ڳولي ڪڍيا.
    1. ڪَنڌَ ۾ رسي وجهي ڇوڪرن جي هٿ ۾ ڏني ويندي هئي جي جبلن ۾ هن کي گهليندا وتندا هئا، ۽ رسيءَ جو نشان ڳچيءَ تي ظاهر ٿي بيهندو هو. 2 – گرم واريءَ تي هن کي ليٽائيندا هئا ۽ گرم پٿر هن جي ڇاتيءَ تي رکندا هئا. 3 – هن کي اس ۾ وهاريندا هئا. 4 – بکيو رکندا هوس. حضرت بلال رضي الله انهن سڀني حالتن ۾ احد احد (هڪ هڪ) جو نعرو هڻندو رهيو. ابوبڪر صديق رضي الله حضرت بلاول کي خريد ڪيو، ۽ خدا جي واسطي آزاد ڪري ڇڏيائينس.
    2. عمار رضي الله، ان جو والد ياسر رضي الله ۽ ان جي والده سميه  مسلمان ٿيا هئا. ابوجهل هنن کي قسمن قسمن جا عذاب پهچايا. هڪڙي ڏينهن نبي ﷺ هنن کي مار کائيندي ۽ عذاب سهندي ڏٺو ۽ فرمايائون ته صبر ڪريو، اوهان جو مڪان جنت آهي. ڪم بخت ابوجهل بيبي سميه کي ڳجهي عضوي ۾ نيز وهڻي ماري ڇڏيو.
    3. عثمان بن عفان جي اسلام آڻڻ جي خبر چاچنهس کي پئي، تڏهن هو ڪمبخت حضرت عثمان کي کجور جي صف ۾ ويڙهي ٻڌي هيٺان دونهون ڏيندو هو.
    مطلب ته اهڙيون وحشي سزائون ڏيندا هئا جو فقط اسلام جي سچائي انهن جو مقابلو ڪري پئي سگهي. اڳين امتن ته کوٽا روپيه وٺي نبين کي گرفتار، بلڪ قتل به ڪرائي ڇڏيو هو.
    نبي ﷺ جي رستي ۾ ڪنڊا پکيڙي ڇڏيندا هئا، ته رات جو اونداهه ۾ پير زخمي ٿي پونس ۽ سندن گهرجي دروازي تي غليظ شيون اڇلائي ڇڏيندا هئا.

    نبي ﷺ سان ظلم
    امن عمرو بن العاص رضي الله جو اکين ڏٺو بيان آهي ته هڪڙي ڏينهن نبي ﷺ ڪعبي ۾ نماز پي پڙهي. عقبه بن ابي معيط آيو ۽ پنهنجي چادر وٺي رسي وانگر ڪيائين جڏهن نبي ﷺ سجدو ڏنو تڏهن چادر کي حضور جي گردن ۾ وجهي گهلڻ شروع ڪيائين. گردن مبارڪ گهٽجڻ لڳو. حضرت ابوبڪر رضي الله آيو ۽ عقبه کي ڌڪو ڏيئي هٽايائين. ڪي شرير ابوبڪر صديق رضي الله کي وڪوڙي ويا، ۽ ڏاڍي مار ڏنائونس. اهڙي طرح هڪڙي ڀيري ڪعبي ۾ پيغمبر ﷺ جي مٿان اٺ جي ڪني اوجهري وڌائون. معصوم فاطمه  اچي ويئي، تنهن اچي والد جي پٺيءَ تان اوجهري لاهي اڇلي.

    قريش جون باقاعده ڪاميٽيون
    مڪي جي قريش نبي ﷺ ۽ مسلمانن تي جيڪي ظلم پي ڪيا تن کي ڪافي نه سمجهيائون. تنهنڪري باقاعده ڪاميٽيون ٺاهيائون. هڪڙي ڪاميٽي جو مير مجلس ابولهب هو، ۽ مڪي جا 25 سردار ان جا ميمبر هئا. هن ڪاميٽيءَ ۾ هڪڙو سوال اهو ٿيو ته مڪي ۾ پري پري جا ماڻهو ٿا اچن. انهن کي محمد ﷺ به نسبت ڇا چئجي، جو هو مٽجي ڳالهين ۾ ڦاسي نه وڃن ۽ هن جي عظمت کي مڃن. هڪڙي چيو ته اسان چونداسين ته هو هڪ ڪاهن (يعني جوڳي) آهي. وليد بن مغيره جيڪو هڪ پوڙهو شخص هو، جنهن چيو ته مون گهڻائي ڪاهن ڏٺا آهن، ڪاڏي ڪاهنن جون تڪ بنديون ڪاڏي محمد ﷺ جو ڪلام، اسان کي اهڙي ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي، جنهن مان عرب جا قبيلا سمجهن، ته اسان ڪوڙ به ڳالهائيندا آهيون. هڪڙي چيو ته چونداسين ته هو ديوانو آهي. وليد جواب ڏنو ته ديوانگي کي محمد ﷺ سان ڪهڙي نسبت آهي؟ هڪڙي چيو ته چڱو چونداسين ته هو شاعر آهي. وليد چيو ته محمد ﷺ جي ڪلام کي شعر سان ذرو به مشابهت ڪانهي. هڪڙي چيو ته اسان ٻڌائينداسين ته هو جادوگر آهي. وليد چيو ته جنهن پاڪائي ۽ لطافت سان محمد ﷺ ٿو رهي سا جادوگرن ۾ ڪٿي آهي. جادگرن جون صورتون منحوس (پليت) ۽ عادتون گنديون ٿيون ٿين. سڀني عاجز ٿي چيو ته چاچا تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا چوڻ گهرجي؟ وليد چيو ته سچ هي آهي ته محمد ﷺ جي ڪلام ۾ عجيب ميٺاج آهي. اسان ته فقط هيترو چئي ٿا سگهون ته هن جي ڪلام ۾ اهڙو تاثير آهي جنهن کان پيءُ، پٽ، ڀاءُ، ڀاءُ ۽ مڙس زال ۾ جدائي پئجي ٿي وڃي. آخر هن ريزوليوشن (ٺهراءُ) تي اتفاق ٿيو ته محمد ﷺ کي هر طرح تڪليف ڏجي، هن جي ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيئي کلجي، ۽ محمد ﷺ کي سچو سمجهڻ وارن کي سخت ۾ سخت تڪليفن جو شڪار بڻايو وڃي.

    هجرت حبشه
    جڏهن ڪافرن مسلمانن تي بيحد ظلم شروع ڪيو تڏهن نبي ﷺ اصحابن کي اجازت ڏني، ته جنهن کي وڻي سو پنهنجي جان ۽ ايمان جي بچاءَ واسطي حبش جي عيسائي بادشاه وٽ هليو وڃي. هن اجازت کان پوءِ هڪ ننڍو قافلو 12 مردن ۽ 4 عورتن جو رات جي اونداه ۾ حبش ڏانهن روانو ٿيو. عثمان بن عفان رضي الله پنهنجي بيبي سميت هن قافلي جو سالار هو، انهن کان پوءِ ٻيا به ٿورا مسلمان لڪ ڇپ ۾ روانا ٿيا. قريش سمنڊ تائين هنن جي پٺيان پيا پرهو اڳئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا هئا.
    مڪي جا ڪافر حبش جي عيسائي بادشاهه وٽ تحفا کڻي ويا، ۽ وڃي چيائون ته جيڪي شخص اسان جي ملڪ مان ڀڄي آيا آهن سي اسان جي حوالي ڪيا وڃن. مسلمان درٻار ۾ ڪوٺايا ويا. حضرت ﷺ جي سؤٽ جعفر رضي الله درٻار ۾ هڪ عمدي تقرير ڪئي، جا ٻڌي بادشاهه چيو ته مون کي قرآن شريف ٻڌايو جعفر طيار هن کي سورت مريم ٻڌائي. بادشاهه تي ايترو اثر ٿيو جو هو روئڻ لڳي ويو ۽ چيائين ته محمد ﷺ ته اهو ئي رسول آهي جنهن جي خبر يسوع مسيح ڏني هئي، الله جو شڪر آهي جو مون کي هن رسول ﷺ جو زمانو مليو. پوءِ بادشاهه مڪي جي ڪافرن کي درٻار مان ڪڍي ڇڏيو.

    نبي ﷺ کي لالچائڻ جي ڪوشش
    جڏهن مڪي جي ڪافرن ڏٺو ته حبش تائين وڃڻ مان ڪجهه ڪين وريو تڏهن انهن چيو ته محمد ﷺ کي پهريائين لالچ ڏيون، پوءِ ڌمڪي ڏيون، ڪنهن طرح ته مڃي ويندو. اها صلاح ڪري مڪي جي مشهور مالدار سردار عتبه کي نبي ﷺ ڏي موڪليائون، جنهن هي تقرير ڪئي ته منهنجا ڀائٽيا محمد! ﷺ جيڪڏهن هن ڪاروائي سان دولت جمع ڪرڻ جي خواهش اٿو ته اسان خود ئي توهان کي گهڻي دولت جمع ڪري ٿا ڏيون، جيڪڏهن توهان عزت جا بکيا آهيو ته اسان سڀ توهان کي پنهنجو رئيس ٿا ڪريون. جيڪڏهن حڪومت جي خواهش آهي ته توهان کي عزت جو بادشاهه ٿا بنايون، جيئن مرضي هجيو تئين ڪرڻ لاءِ حاضر آهيون، مگر توهان هي پنهنجو رستو ڇڏيو، جيڪڏهن توهان جي دماغ ۾ ڪجهه خلل آهي ته ٻڌايو ته اسين ان جو علاج ڪرايون. نبي ﷺ جن فرمايو ته جيڪي ڪي توهان منهنجي بابت چيو سو ذرو به صحيح ناهي. مون کي مال، عزت، دولت ۽ حڪومت جي ڪجهه به خواهش ڪانهي، نڪي منهنجي دماغ ۾ ڪو خلل آهي. پوءِ نبي ﷺ ڪي آيتون پڙهي تقرير ڪئي. پاڪ ڪلام ٻڌڻ کان عتبه اهڙو محو ٿي ويو جو هٿن تي ٽيڪ ڏيئي ٻڌڻ لڳو، ۽ نيٺ چپ چاپ ۾ اٿي هليو ويو. قريش معلوم ڪرڻ لاءِ مشتاق ۽ منتظر ويٺا هئا، عتبه کي ڏسي هڪدم هن وٽ جمع ٿيا. عتبه چيو اي قريش جي جماعت! مان اهڙو ڪلام ٻڌي آيو آهيان جو نڪي ڪهانت (جو ڳپڻ) آهي نه شعر آهي نه جادو آهي نه منتر آهي. توهان منهنجو چوڻ مڃو، محمد ﷺ کي ڇڏي ڏيو ماڻهن هيءَ راءِ ٻڌي چيو ته اجهو، عتبه تي به محمد ﷺ جي زبان جو جادو هلي ويو.

    ابو طالب کي ڌمڪي
    جڏهن لالچ جي تدبير نه هلي تڏهن سڀني قبيلن جا سردار گڏجي نبي ﷺ جي چاچي ابو طالب وٽ آيا ۽ چيائون ته اسان توهان جو گهڻو ادب ڪيو، توهان جو ڀائيٽو اسان جي بتن جي گلا ٿو ڪري، هاڻي اسان صبر ڪري نه ٿا سگهون، توهان هن کي سمجهائي چپ ڪرايو، نه ته اسان هن کي قتل ڪنداسين. سڄي ملڪ جي دشمني ڏسي چاچي جي دل درد ۽ محبت سان ڀرجي آئي. هن نبي ﷺ کي سڏي سمجهايو ته بت پرستيءَ جي مخالفت نه ڪريو، نه ته مان به توهان جي ڪجهه حمايت نه ڪري سگهندس.
    نبي ﷺ تنهن تي فرمايو ته چاچا جيڪڏهن هي ماڻهو سج کي منهنجي سڄي هٿ تي ۽ چنڊ کي منهنجي کٻي هٿ تي اچي رکن ته به مان حڪم مان الله تعالى جي هڪ حرف به گهٽ ڪين ڪندس، اگرچه هن ڪم ۾ منهنجي جان به هلي وڃي.

    امير حمزه جو مسلمان ٿيڻ
    نبوت جي ڇهين ورهيه جو ذڪر آهي ته صفا جي جبل تي ابو جهل نبي ﷺ کي گاريون ڏنيون، ۽ هڪ پٿر زور سان مٿي مبارڪ تي هنيائين جنهن ڪري رت وهڻ لڳو. نبي ﷺ جي چاچي امير حمزه کي خبر پيئي، جو اڃان مسلمان ڪو نه ٿيو هو. هن ابوجهل کي تير هڻي زخمي ڪيو. پوءِ نبي ﷺ وٽ اچي چيائين ته توهان خوش ٿيا هوندو جو ابوجهل کان مون توهان جو بدلو ورتو آهي. نبي ﷺ جن فرمايو ته مان اهڙين ڳالهين کان خوش ڪين ٿيندو آهيان، پر جي تون مسلمان ٿي پوين ته مون کي بيشڪ وڏي خوشي ٿئي. حمزه رضي الله انهيءَ ئي وقت مسلمان ٿيو.

    حضرت عمر رضي الله جو مسلمان ٿيڻ
    امير حمزه کان ٽي ڏينهن پوءِ عمر بن خطاب مسلمان ٿيو. هو وڏو دلير ۽ بهادر شخص هو. هڪڙي ڏينهن بهادريءَ تي ڀروسو رکي نبي ﷺ کي مارڻ لاءِ گهر کان نڪتو. واٽ تي هن کي پتو پيو ته سندس ڀيڻ ۽ ڀاڻيجو مسلمان ٿيا آهن. هي ٻڌي ڀيڻ جي گهر ويو ۽ ٻنهي کي خوب ماريائين. ڀيڻ چيو ته توهان پهريائين اهو ڪلام ٻڌو جنهن کي ٻڌي اسان ايمان آندو آهي، جيڪڏهن توهان کي نه وڻي ته اسان کي ماري ڇڏجو. عمر رضي الله چيو ته چڱو ٺيڪ آهي. هڪ اصحابي جو اتي لڪل هو، تنهن قرآن شريف پڙهيو. عمر رضي الله ٻڌي بي اختيار رنو. الغرض عمر رضي الله انهي ئي وقت نبيﷺ ۽ قرآن تي ايمان آندو. جو شخص گهر کان قاتل بنجي نڪتو هو سو جان نثار بنجي پيو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس لقب فاروق ٿيو. هن وقت تائين مسلمان گهرن ۾ لڪي نماز پڙهندا هئا. هاڻي ڪعبه ۾ وڃي پڙهڻ لڳا، تنهن تي ڪافرن کي وڌيڪ ساڙ لڳو، ۽ مسلمانن کي بيحد تڪليفون ڏيڻ لڳا.

    بنو هاشم تي سختي، ابو طالب ۽ خديجه  جي وفات
    جڏهن ڪافرن ڏٺو ته تڪليفن هوندي به نبي ﷺ نهايت جرائت سان پنهنجو ڪم پيو ڪري، تڏهن صلاح ڪري سڀني بنو هاشم سان تعلق ٽوڙي ڏيتي ليتي بند ڪئي. نبي ﷺ جو قبيلو لاچار ٿي جبل ۾ وڃي رهڻ لڳو، جتي کائڻ جي شين جو وڃڻ به قريشين بند ڪيو. اهو لکيل ٺهراءُ قريش ڪعبي جي ڀت تي چهٽائي ڇڏيو هيو. ٽن ورهن کان پوءِ اهو ڪاغذ هڪ جيت کائي ڇڏيو، تڏهن نبي ﷺ جن ٻاهر نڪتا، ۽ وعظ جو سلسلو وري شروع ڪيائين.
    نبوت جي ڏهين سال ابوطالب ۽ بيبي خديجه  وفات ڪئي، جنهن ڪري نبي ﷺ کي سخت صدمو رسيو. هاڻي قريش نبي ﷺ تي زياده ظلم شروع ڪيو، مگر نبي ﷺ تنهن هوندي به زياده جوش سان وعظ جو ڪم ڪندو رهيو.

    طائف جو بيان
    ٿورن ڏينهن کان پوءِ نبي ﷺ مڪي کان ٻاهر وعظ ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا، زيد بن حارث ساڻ هو. مڪي ۽ طائف وڃي پهتا. اتي جا ماڻهو بنو ثقيف ملڪ جي سر سبز ۽ آباد هئڻ ڪري بلڪل مغرور هئا. نبي ﷺ پهريائين ٽن سردارن کي جي ڀائر هئا اسلام جي دعوت ڏني هنن نهايت سخت جواب ڏنا. هڪڙي چيو ته خدا کي توهان کان سواءِ، جنهن کي سواري به ڪانهي، ٻيو ماڻهو ئي ڪو نه ٿي لڌو جنهن کي رسول ڪري موڪلي ها؟ هن کي رسول موڪلڻو هجي ها ته ڪنهن حاڪم يا سردار کي رسول ڪري موڪلي ها! پوءِ نبي ﷺ اتان کان اٿي عام ماڻهن ۾ وعظ شروع ڪيو. هنن سردارن پنهنجي ٻانهن ۽ شهر جي ڇوڪرن کي سيکاري ڇڏيو، جن وعظ وقت ايترا پٿر اڇلايا جو حضور ﷺ رتو رت ٿي ويا، رت وهي وهي جتي مبارڪ ۾ ڄمي پيو، ۽ وضوءَ جي وقت پير مان جوتو ڪڍڻ مشڪل ٿي پيو. وعظ ڪندي ڪندي. خدا جي رسول کي ايتريون چوٽون لڳيون، جو حضور ﷺ بيهوش ٿي ڪري پيا، زيد کين پٺيءَ تي کڻي ٻاهر ويو، ۽ پاڻي جي ڇنڊن سان نبي ﷺ جن وري هوش ۾ آيا. هن سفر ۾ ايترين تڪليفن ۽ ايذائن بعد هڪ شخص جي به مسلمان نه ٿيڻ جي رنج ۽ صدمي جي وقت به نبي ﷺ جي دل خدا جي عظمت ۽ محبت سان ڀرپور هئي. انهيءَ وقت جا دعا گهريائون تنهن جا ڪي الفاظ هي آهن:- الهٰي! تون سڀني رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين، جڏهن مون تي تنهنجو غضب ناهي. تڏهن مون کي هنن تڪليفن جي ڪجهه پرواهه ناهي. مان تنهنجي ذات جي نور جي پناهه ٿو گهران، جنهن سان سڀ اونداهيون روشن ٿيون ٿين. مون کي تنهنجي ئي رضامندي ۽ خوشنودي درڪار آهي، ۽ نيڪي ڪرڻ ۽ بديءَ کان بچڻ جي طاقت مون کي تنهنجي طرف کان ٿي ملي.
    نبي ﷺ طائف کان واپس اچڻ وقت هيئن به فرمايو ته مان هنن ماڻهن جي تباهي واسطي ڇو دعا گهران. جيڪڏهن هي ماڻهو خدا تي ايمان نٿا آڻين ته ڇا ٿيو، اميد آهي ته هنن جا ايندڙ نسل ضرور هڪ خدا تي ايمان آڻيندا.

    جادوگر جو مسلمان ٿيڻ
    طائف مان موٽڻ بعد نبي ﷺ مڪي ۾ ۽ مڪي کان ٻاهر ڪيترن قبيلن ۾ وعظ ڪندا رهيا. انهن ڏينهن ۾ سو يدبن صامت ۽ رياس بن معاذ فقط قرآن ٻڌڻ سان مسلمان ٿي پيا. انهن ئي ڏينهن ۾ ضماداري مڪي ۾ آيو. هي يمن جو رهاڪو ۽ عرب جو مشهور افسون گر هو. جڏهن ٻڌو ته محمد ﷺ تي جنن جو اثر آهي تڏهن قريشن کي چيائين ته مان محمد ﷺ جو علاج پنهنجي منتر سان ڪري سگهندس هو نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته محمد ! چو ته توهان کي منتر ٻڌايان نبي ﷺ فرمايو ته پهريائين منهنجو ته ٻڌو، پوءِ نبي ﷺ هن کي ڪي جملا قرآن شريف جا ٻڌايا. ضماد هٿ ٻڌي هڪدم چيو ته اهي جملا وري ٻڌايو. ٻي ٽي دفعا ٻڌي بي اختيار چيائين ته مون گهڻا ڪاهن جادوگر ۽ شاعر ڏٺا ٻڌا آهن، مگر اهڙو ڪلام مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو. هي ڪلما ته هڪ بي ڪنار سمنڊ وانگر آهن. محمد ﷺ خدا جي واسطي پنهنجو هٿ وڌايو ته مان اسلام جي بيعت (تابعداري) ڪيان.

    معراج
    نبوت جي ڏهين سال معراج ٿيو، ۽ الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ملڪوت السموات والارض جو سير ڪرايو.

    طفيل جو مسلمان ٿيڻ
    انهن ڏينهن ۾ طفيل بن عمرو مڪي ۾ آيو. هو اوس جي قبيلي جو سردار هو، ۽ شاعر ۽ هوشمند شخص هو. قريش هن جو استقبال ڪري هن کي سمجهائي ڇڏيو ته محمد ﷺ جي زبان جي جادوءَ ۾ پاڻ کي نه ڦاسائجو. طفيل ڪنن ۾ ڪپهه وجهي گهمڻ لڳو. هڪ ڏينهن اوچتو ڪعبي ۾ نبي ﷺ کي نماز پڙهندي ڏٺائين. قرآن شريف جو ڪلام کيس ڏاڍو وڻيو، ۽ چيائين ته خدا جو قسم آهي ته اهڙو پاڪيزه ڪلام مون ڪڏهن نه ٻڌو. الغرض طفيل انهيءَ وقت مسلمان ٿيو. جنهن کي قريش گهڙيءَ گهڙيءَ مخدوم سڏيندا هئا سو گهڙيءَ ۾ نبي ﷺ جو خادم بڻجي ويو.

    هجرت جا سبب عقبه جي پهرين بيعت
    سنه 11 نبوت جي حج جي موسم جو ذڪر آهي ته نبي ﷺ رات جي اونداهي ۾ مڪي کان ٿورا ميل پري عقبه وٽ ڪن ماڻهو کي ڳالهائيندي ٻڌو. هو ڇهه ماڻهو هئا، ۽ يثرب (مدينه) کان آيل هئا. نبي ﷺ هنن جي اڳيان خدا جي عظمت (وڏائي) ۽ جلال (شان) جو بيان شروع ڪيو، ۽ نيڪي ڪرڻ جي تعليم ڏني، ۽ قرآن مجيد پڙهي ٻڌايو. هنن يثرب جي يهودين کان ٻڌو هو ته هڪڙو نبي ﷺ جلد پيدا ٿيڻو آهي هن تعليم جي ڪري هو هڪدم مسلمان ٿيا، ۽ وطن ۾ اچي اسلام جا سچا پکيڙيندڙ ٿيا. هنن اها خوشخبري پي ٻڌائي ته اهو نبي ﷺ جنهن لاءِ سڄيءَ دنيا پي نهاريو، اسان جي اکين هن جو ديدار ڏٺو، ۽ هن اسان کي هميشه جيري رهڻ واري خدا سان ملايو آهي، هاڻي دنيا جي زندگي ۽ موت اسان جي اڳيان ڪجهه ناهي.
    هنن ماڻهن جي خوشخبري پهچائڻ جو نتيجو اهو ٿيو جو يثرب جي گهر گهر ۾ حضرت ﷺ جو ذڪر ٿيڻ لڳو، ۽ ٻئي سال يثرب جا 12 ماڻهو حضرت ﷺ جي خدمت ۾ اچي مسلمان ٿيا. هنن ماڻهن جن ڳالهين تي بيعت ڪئي سي هي آهن:
    1) اسان هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ ڪنهن کي هن جو شريڪ نه بنائينداسين.
    2) اسان چوري ۽ زنا ڪڏهين ڪين ڪنداسين.
    3) اسان پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنداسين.
    4) اسان ڪنهن تي ڪوڙي تهمت نه لڳائينداسين نڪي چغلي هڻنداسين.
    5) اسان نبي ﷺ جي فرمانبرداري سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ ڪنداسين.

    مديني جي ماڻهن جو مسلمان ٿيڻ
    جڏهن هي ماڻهو موٽڻ لڳا تڏهن نبي ﷺ هن کي مصعب ابن عمير ساڻ ڪري ڏنو، انهيءَ لاءِ ته هو هنن کي اسلام سيکاريندو رهي. يثرب جا 2 سردار ڪاوڙ جي معصب سان وڙهڻ آيا، پهريائين گاريون ڏنائون. پر معصب جي سمجهائڻ ۽ قرآن ٻڌڻ بعد مسلمان ٿيا. پوءِ سندن قبيلا به مسلمان ٿيا.

    عقبه جي ٻي بيعت
    ٻئي سال يعني نبوت جي 13 سال 73 مردن ۽ 2 عورتن کي يثرب جي ماڻهن نبي ﷺ ڏانهن انهيءَ لاءِ موڪليو ته هو نبي ﷺ جي يثرب ۾ اچڻ جي دعوت ڪن. هي قافلو انهيءَ متبرڪ (برڪت واري) جاءِ تي، جتي ٻن سالن کان وٺي يثرب جا مشتاق حاضر ٿيندا هئا، رات جي انڌاري ۾ اچي پهتو، ۽ خدا جو رسول ﷺ به پنهنجي چاچي عباس رضي الله سان گڏ اتي وڃي نڪتو. يثرب جي ماڻهن عرض ڪيو ته حضور ﷺ اسان جي شهر ۾ هلي رهن، ته اسان کي پورو پورو فيض حاصل ٿئي. نبي ﷺ پڇيو ته اوهان سچي دين جي پکيڙڻ ۾ پوري پوري مدد ڪندؤ، ۽ جڏهن اتي هلي رهون تڏهن منهنجي ۽ منهنجي ساٿين جي مدد پنهنجي عيال وانگر ڪندو؟ ايمان وارن پڇيو ته ائين ڪرڻ لاءِ اسان کي عيوض ۾ ڇا ملندو؟ نبي ﷺ فرمايو ته بهشت! وري ايمان وارن عرض ڪيو ته حضور اسان کي تسلي ڏين ته وري اسان کي ڇڏي نه ويندا. نبي ﷺ فرمايو ته نه، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ اوهان سان گڏ ٿيندو. هن جملي ٻڌڻ شرط هي سچا اسلام جا عاشق عجيب خوشيءَ سان جان قرباني جي بيعت ڪرڻ لڳا.

    مهاجرن تي سختيون
    هن ٻي بيعت کانپوءِ جي مسلمانن قريشن جي ظلم کان بيتاب هئا، تن کي يثرب ڏانهن هجرت ڪرڻ جي اجازت ملي. هنن ايمان وارن کي گهر ٻار، مٽ مائٽن پي ڀاءُ ۽ زال ڇڏڻ جو ذرو به غم نه هو، بلڪ اها خوشي هين ته يثرب ۾ خدا جي عبادت پوريءَ آزادي سان ڪري سگهنداسين.
    هجرت ڪرڻ وارن کي به مڪي جي قريشن جي سخت روڪ جو مقابلو ڪرڻو پي پيو. ڪيترن ئي کي قريشن گرفتار ڪري مارون ڏيئي قيد ۾ پي رکيو.

    (هجرت)
    نبي ﷺ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش
    جڏهن مسلمان مڪي ۾ ٿورا وڃي رهيا، ۽ مشهور اصحابن مان فقط ابوبڪررضي الله ۽ علي رضي الله باقي رهيا، تڏهن قريشن چيو ته هاڻي محمد ﷺ کي قتل ڪرڻ جو چڱو وجهه آهي. قريشن گڏجي ڳجهيءَ طرح صلاح مصلحت ڪئي. ڪجهه بحث کان پوءِ ابو جهل جي تدبير سڀني کي پسند آئي. اها هيءَ هئي ته عرب جي هر ڪنهن قبيلي مان هڪ جوان مرد چونڊجي، اهي سڀ بهادر رات جي اونداهيءَ ۾ محمد ﷺ جي گهر کي گهيرو ڪري وڃن، ۽ جڏهن نبي ﷺ صبح جو نماز واسطي ٻاهر نڪري، تڏهن سڀ پنهنجي پنهنجي ترار سان هن تي حملو ڪن، ۽ ٻوٽي ٻِوٽي ڪري ڇڏن.

    الله تعاليٰ جي حمايت سان سندن بچڻ
    انساني تدبير جي مقابلي ۾ هاڻي الاهي طاقت ۽ رباني حمايت کي ڏسو. جڏهن هنن رسول ﷺ جي گهر کي گهيرو ڪيو، تڏهن خدا جي نبيءَ ﷺ پنهنجي پياري سوٽ عليءَ رضي الله کي فرمايو ته تون منهنجي بستري تي منهنجي چادر پائي سمهي رهه، ذرو به فڪر نه ڪجانءِ، ڪوئي به شخص تنهنجو وار به ڏنگو ڪري نه سگهندو. حضرت علي رضي الله هنن تلوارن جي پاڇي ۾ نهايت بي فڪريءَ سان مزي جي ننڊ ۾ پئجي ويو. خدا جو رسول ﷺ خدا جي حفاظت ۾ ٻاهر نڪتو، ۽ هنن دل جي انڌن جي اکين ۾ خاڪ وجهي سورت يٰسين پڙهندو صاف نڪري ويو، ۽ ڪنهن به کيس نه ڏٺو. هي واقعه 27 صفر سنه 13 نبوت خميس ڏينهن ٿيو.

    غار ۾ لڪڻ
    نبي ﷺ سڌو ابوبڪر رضي الله جي گهر ويا. ۽ اتان ٻئي گڏجي ثور جبل جي غار ۾ وڃي لڪا، ٽن ڏينهن تائين اتي رهيا چوٿين رات ابوبڪر رضي الله جي گهر مان ٻه ڏاچيون آيون، جن کي انهي سفر لاءِ متارو ۽ تيار ڪيو ويو هو. هڪڙيءَ تي نبيﷺ ۽ ابوبڪر رضي الله ۽ ٻيءَ تي عامر بن فهيره ۽ عبدلله بن اريقط سوار ٿيا ۽ مدينه جي طرف روانه ٿيا.

    ام معبد جي گهر کان لنگهڻ
    هي مبارڪ قافلو غار کان نڪري پهرين ئي ڏينهن ام معبد جي خيمي کان اچي لنگهيو. هي عورت مسافرن جي گهڻي ٽهل ڪرڻ لاءِ مشهور هئي. اتي پهچي ٻڍيءَ زال کان پڇيائون ته تو وٽ ڪا شيءَ آهي. هن چيو ته نه، هجي ها ته پڇڻ کان اڳ ئي حاضر ڪريان ها. نبي ﷺ خيمي جي ڪنڊ ۾ هڪڙي ٻڪري ڏٺي ۽ پڇيائون ته هي ٻڪري ڇو بيٺي آهي. ام معبد جواب ڏنو ته هيڻي آهي. ڌڻ سان وڃي نه ٿي سگهي. نبي ﷺ فرمايو ته اجازت ملي ته اسان هن مان کير ڏهون. ام معبد چيو ته جي حضور کي کير معلوم ٿئي ٿو ته ڀلي ڏهن. نبي ﷺ ٿڻن کي هٿ هڻي برتن گهريو، اهو اهڙو ڀرجي پيو جو کير اڇلجي زمين تي ڪري پيو. اهو کير حضرتﷺ ۽ ساٿين پيتو. ٻئي ڀيري به ٿانءُ ڀريو جو سنگتين پيتو. ٽئين ڀيري به برتن ڀرجي پيو، اهو ام معبد جي واسطي ڇڏي اڳتي روانا ٿيا. جڏهن ام معبد جو مڙس گهر آيو تڏهن کير ڏسي حيران ٿيو. ام معبد کي چيائين ته انهيءَ متبرڪ شخص جو ڪجهه بيان ٻڌاءِ، ام معبد سڄو بيان ٻڌايو. هن ٻڌي چيو ته هي ته ضرور اهو صاحب قريش آهي جنهن جي تلاش ۾ هوس، هاڻي ضرور وڃي هن سان ملندس.

    مديني پهچڻ
    8 ربيع الاول سنه 13 نبوت سومر ڏينهن خدا جو نبي قبا ۾ پهتو. اتي ٽي ڏينهن رهيا، انهن ڏينهن ۾ پهريون ڪم اهو ڪيائين جو خدا تعاليٰ جي عبادت لاءِ هڪ مسجد جوڙيائون. هن جاءِ تي علي مرتضيٰ رضي الله به پيرين پيادو اچي نڪتو. هن کي نبي ﷺ انهيءَ لاءِ پٺتي ڇڏيو هو ته جن ماڻهن جون امانتون حضرت ﷺ جي گهر ۾ هيون سي انهن کي موٽائي ڏجن. ٻارهين ربيع الاول جي جمعه جي ڏينهن نبي ﷺ جن قبا کان سوار ٿي بني سالم جي گهرن تائين پهتا، ته جمعي جو وقت ٿي ويو. هتي 100 ماڻهن سان گڏ جمعو پڙهيائون. هي اسلام ۾ پهريون جمعو هو. جمعي جي نماز کان فارغ ٿي نبي ﷺ جن يثرب جي ڏاکڻي پاسي کان شهر ۾ داخل ٿيا، ۽ ان ڏينهن کان وٺي شهر جو نالو مدينة النبي (نبي جو شهر) ٿيو، جنهن کي مختصر طرح رڳو مدينو ٿو ڪوٺجي. داخلو عجيب شاندار هو، گهٽين ۽ رستن ۾ خدا جي تعريف جا نعرا لڳي ويا، ۽ مرد عورتون ٻار ۽ پوڙها سڀ خدا جي نور جي جلوه جو ديدار ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.

    انصارن جي ڪشاده دلي
    بزرگ انصار (يعني مدينه جا مسلمان) ڪي وڏا شاهوڪار يا جاگيردار ڪين هئا مگر دل جا اهڙا ڪشادا ۽ اسلام تي اهڙا فدا هئا جو جڏهن ڪو مسلمان مهاجر (هجرت ڪري آيل) پنهنجي جان بچائي بکيو اڃيو مديني ۾ پهتو ٿي ته هر ڪنهن انصاريءَ جي مرضي اها هئي ته اهو مهاجر مون وٽ هلي ٽڪي. آخر ڪڻن تي فيصلو پي ٿيو، ۽ هر ڪنهن انصاريءَ پنهنجي مهاجر ڀاءُ کي اڌ ملڪيت جو ورهائي ٿي ڏنو، ۽ رات تي شڪر پي ڪيائين ته خدا دين جي هڪ ڀاءُ کي هن جو حصي دار بنايو آهي.

    مديني جي حالت
    مڪي ۾ فقط قريش قوم جو زور هو، جن جو مذهب بت پرستي هو. مگر مديني ۾ گهڻيون قومون ۽ گهڻا مذهب هئا. اتي بت پرست به هئا، يهودي به ۽ ٿورا عيسائي به. يهودي واپار ڪرڻ ۽ وياج کائڻ ڪري بلڪل شاهوڪار هئا ۽ جدا قلعن ۾ رهندا هئا. يهودي ۽ عيسائي هڪ پيدا ٿيڻ واري نبي جي انتظار ۾ هئا، تنهن هوندي به هو نبي ﷺ جا دشمن ٿيا. يهودي هن ڪري دشمن ٿيا جو نبي ﷺ مسيح کي سچو پيغمبر ڪري سمجهندا هئا، عيسائي هن ڪري جو انهن جي ڪيترن مسئلن کي، مثلاپوپ جي الاهي طاقت کي نبي ﷺ رد ڪيو. يهودين کان سواءِ مديني ۾ عبدلله بن ابي سلول به هڪ زور وارو شخص هو. هن کي مديني جي رئيس ٿيڻ جي اميد هئي. مگر جڏهن ڏٺائين ته اوس ۽ خزرج جون قومون مسلمان ٿي ويون تڏهن لاچار پاڻ به ظاهر مسلمان ٿيو. جڏهن هن ڏٺو ته يهودي نبي ﷺ جي خلاف آهن تڏهن ڳجهي طرح هنن سان شامل ٿي مسلمانن کي نقصان رسائڻ کان ڪين ٽرندا هئا. اهڙن ماڻهن کي مسلمان منافق سڏيندا هئا. هن مان معلوم ٿيندو ته نبي ﷺ کي مديني ۾ به گهڻين تڪليفن کي سامهون ٿيڻو پيو.

    قريش ۽ يهودين جا حملا ۽ عهدناما
    مديني ۾ پهچي نبي ﷺ هي مناسب خيال فرمايو ته سڀني قومن جي وچ ۾ هڪ عهدنامو ڪجي جو نسل ۽ مذهب جو اختلاف، قوميت (نيشن) جي وحدت سان مٽجي وڃي، ۽ سڌاري ۽ ترقي ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان مدد ملندي رهي. هن عهدنامي جا ڪي جملا هي آهن ته هي سڀ ماڻهو هڪ قوم سمجهڻ ۾ ايندي. يهودي مسلمانن سان گڏ هڪ قوم ٿي رهندا. عهدنامي ڪرڻ وارين قومن سان ڪو جنگ ڪندو ته مسلمان هن جي مدد ڪندا. مسلمانن جو تعلق عهدنامي وارين قومن سان خير خواهي ۽ فائدي پهچائڻ وارو ٿيندو ۽ نه ضرر ۽ گناهه جو. جنگ جي ڏينهن ۾ يهودي مسلمانن سان خرچ ۾ شامل رهندا، يهودين جي دوستدار قومن جا حق يهودين جي برابر سمجهڻ ۾ ايندا ۽ مظلومن جي مدد ڪئي ويندي. مديني جي اندر قتل ڪرڻ حرام سمجهيو ويندو. هن عهدنامي تي مديني جي سڀني قومن جون صحيحون ٿيون. تنهن کان پوءِ نبي ﷺ جي مرضي ٿي ته آسپاس جي قومن کي به هن عهدنامي ۾ شامل ڪجي هن مبارڪ ارادي سان نبي ﷺ جن ڪن شهرن تائين سفر ڪيا، ۽ اتي جي ماڻهن کي عهدنامي ۾ شامل ڪيو. هن مبارڪ ارادي جي پوري ڪرڻ واسطي پورو وقت ملي ها ته دنيا کي معلوم ٿئي ها ته رحمت للعالمين (نبي جو لقب) دنيا ۾ تلوار هلائڻ نه آيا هئا بلڪ صلح پکيڙڻ ۽ امن قائم ڪرڻ واسطي آيا هئا.

    جنگ بدر
    نبي ﷺ ۽ ٻيا مسلمان اگرچه وطن ڇڏي 300 ميل پري وڃي رهيا ته به قريش کي آرام نه آيو يهودين سان ڳجهي طرح ملي مسلمانن کي چوائي موڪليائين ته مغرور نه ٿجو، اسان مديني ۾ ئي اچي اوهان جي ستيا ناس ڪنداسين. هن پيغام کان پوءِ هنن ڍڳا ڍور کڻي وڃڻ ۽ فصل ناس ڪرڻ شروع ڪيو. رمضان مهيني سنه 2 هجري ۾ ابوجهل مڪي ۾ ظاهر ڪيو ته جيڪو اسان جو قافلو زر ۽ مال سان ڀريل شام کان پيو اچي تنهن کي مسلمان لٽيندا. انهيءَ مان هن جو مطلب اهو هو ته جن جو مال يا مائٽ انهيءَ قافلي ۾ آهن ۽ جن کي مسلمانن سان سخت دشمني آهي سي سڀ جنگ لاءِ تيار ٿيندا، ٿيو به ائين. هڪ هزار بهادرن جي فوج (جن جي سواريءَ ۾ ست سو اٺ ۽ ٽي سؤ گهوڙا هئا) وٺي ابوجهل اڳتي وڌيو. قافلو ته خير سان مڪي ۾ پهچي به ويو هو، ته به ابوجهل مديني ڏانهن وڌندو ويو، تڏهن مسلمانن کي ڪجهه به شڪ نه رهيو ته هي چڙهائي غريب مسلمانن تي آهي.
    نبي ﷺ اصحابن سان صلاح ڪئي، هنن تسلي جهڙو جواب ڏنو. انصارن به چيو ته حضور جن جيڪو حڪم ڏيندا تنهن جي تعميل ڪنداسين. مسلمان اڳئي تيار ٿيل نه هئا. انصار ۽ مهاجر گڏجي سڀ 313 شخص ميدان ۾ وڃڻ جهڙا نڪتا، تن کي به نڪا پوري سواري هئي نڪي پورا هٿيار هئا. سڄي لشڪر ۾ 26 گهوڙا ۽ 60 اٺ هئا، مگر هو اسلام تي اهڙا فدا هئا جو مرڻ کي هنن هميشه جي زندگي ٿي سمجهيو. هن وقت تائين مسلمانن کي جنگ جي اجازت ڪا نه هئي. هاڻي خدا وٽان حڪم آيو جنهن ۾ جنگ جي اجازت جا سبب هي ڏيکاريل آهن:
    1) بچاءُ لاءِ وڙهڻ وارن جو مظاهرو هئڻ ۽ حملي ڪرڻ وارن جو ظالم هئڻ.
    2) هنن کي گهر ٻار کان تڙي ڪڍڻ ۽ ملڪيت کان بيدخل ڪرڻ سو به رڳو مذهب جي اختلاف جي سبب.
    3) ڪيل عهدنامي جي حفاظت، مذهب جي آزاديءَ جو اصول قائم ڪرڻ ۽ عهدنامي وارين قومن جي مندرن وغيره جو بچاءُ ڪرڻ.
    جڏهن 313 ماڻهن جو لشڪر بدر ۾ پهتو تڏهن ڏٺائون ته دشمن جو لشڪر سامهون لٿل آهي. نبي ﷺ جنگ جو ميدان ڏٺو، ۽ ٻڌايائون ته سڀاڻي انشاءَلله فلاڻو دشمن هن جاءِ تي ۽ فلاڻو فلاڻو هن جاءِ تي قتل ٿيندا. 17 رمضان جمع ڏينهن جنگ ٿي. جنگ کان اڳي نبي ﷺ دعا گهري جا هر طرح مقبول ٿي. خدا ئي مدد سان مڪي وارن کي شڪست آئي. انهن جا 70 مشهور ماڻهو قيد ٿيا ۽ 70 بهادر مارجي ويا. ابوجهل به اتي ئي مارجي ويو. هن زماني جي قانون موجب ۽ مصلحت واسطي سڀني قيدين کي قتل ڪرڻ گهربو هو، مگر رحمدل نبي ﷺ عيوض وٺي سڀني کي ڇڏي ڏنو. جيڪي قيدي لکي پڙهي ڄاڻندا هئا تن جو عيوض (فديو) اهو مقرر ٿيو ته انصارن جي ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکارين.
    عمير جو اسلام آڻڻ
    بدر جي جنگ کان ٿورا ڏينهن پوءِ صفو ان بن اميه جنهن جو پيءَ بدر ۾ قتل ٿيو هو ۽ عمير بن وهب جنهن جو پٽ اڃان مسلمانن جي هٿ ۾ قيد هو، سي مڪي کان ٻاهر هڪڙي وير ان هنڌ گڏجي صلاح ڪرڻ لڳا. عمير چيو ته مون تي قرض نه هجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جو خيال نه هجي ته محمد ﷺ کي قتل ڪري اچان. صفو ان جواب ڏنو ته قرض مان ڀريندس ۽ تنهنجي ڪٽنب کي به مان خرچ ڏيندس. عمير جڏهن نبي ﷺ وٽ آيو تڏهن نبي ﷺ هن کي ٻڌايو ته تون فلاڻي جاءِ تي صفوان سان صلاح ڪري مون کي مارڻ لاءِ آيو آهين. عمير کي حيرت لڳي ته جنهن ڳالهه جي صفوان کان سواءِ ڪنهن کي خبر ڪانهي تنهن جي خبر نبي ﷺ کي ڪيئن خبر پئي سو هڪدم مسلمان ٿي پيو.

    ابو سفيان جو حملو
    بدر جي شڪست کان پوءِ ابو سفيان بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو، سو ٻه سؤ سوار وٺي مديني ۾ هڪڙي يهودي وٽ رات جي وقت ويو. مقابلي جو وجهه نه ڏسي فقط ڦز سان ڀريل کجين کي باهه ڏيئي هڪڙي مسلمان کي ماري پٺتي موٽيو.

    احد جي جنگ
    ٻئي سال مڪي جي قريش وري مديني تي حملو ڪيو هن دفعي ماڻهن کي جوش ڏياري چندو ڪيائون نيٺ پنج هزار بهادرن جو لشڪر جنهن ۾ ٽي هزار اٺ سوار 2 سؤ گهوڙي سوار ۽ ست سؤ زره پوش پيادا هئا وٺي مديني ڏانهن وڌيا. نبيﷺ جي راءِ هئي ته مديني ۾ اندر رهي بچاءُ جي ڪوشش ڪجي. مگر گهڻن جي راءِ تي فيصلو ٿيو ۽ مسلمانن احد جي ڳاڙهي جبل تائين ٻاهر نڪري مقابلو ڪيو. مسلمان تعداد ۾ هڪ هزار هئا. اهڙي مهل ۾ عبدلله بن ابي سلول دغا ڪئي ۽ پنهنجي ٽن سون شخصن کي موٽائي وٺي ويو. تنهنڪري 700 مسلمانن تي 5 هزار حمله ڪندڙن جو بار پيو. پهريائين دشمن شڪست کاڌي، پر جن تير اندازن کي پٺيان جبل تي بچاءُ لاءِ بيهاريو ويو هو، سي فتح ڏسي پنهنجي جاءِ ڇڏي اڳتي وڌيا، چالاڪ دشمن وجهه ڏسي هڪدم پٺيان حملو ڪري ڏنو. مسلمانن کي اهڙو سخت وقت آيو جو ستر اصحابي شهيد ٿيا، ۽ لشڪر جو وڏو حصو ڇڙو ڇڙ ٿي ويو. نبي ﷺ وٽ فقط ٻارهن اصحابي وڃي رهيا، ۽ سڄي ميدان ۾ ستر اصحابي وڃي بچيا. دشمنن خدا جي نبي تي پٿر اڇلايا سندن پيشاني ۽ ٻانهن زخمي ٿي پيا، ۽ چار ڏند مبارڪ به شهيد ٿي پيا. پوءِ حضرت جن هڪڙي کڏ ۾ ڪري پيا. افواه ٿيو ته حضور ﷺ شهيد ٿيا. ان وقت بيبي فاطمه، بيبي عائشه ۽ ٻيون عورتون ڊوڙنديون آيون ۽ اچي زخمن کي ڌوتائون.
    نبي ﷺ جن ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت
    هن جنگ ۾ مصعب بن عمير رضي الله شهيد ٿيو، ۽ نبي جو چاچو امير حمزه رضي الله پڻ شهيد ٿيو. جنهن وقت پيغمبر ﷺ وٽ باقي 12 اصحابي وڃي رهيا هئا، تنهن وقت انهن اصحابن گهڻي شجاعت ڏيکاري نبي ﷺ جي چوڌاري هڪڙو قلعو ٺاهي بيهي رهيا. طلحه پنهنجص هٿ کان ڍال جو ڪم ورتو، ۽ حضرت ﷺ ڏانهن اڇلايل تير هٿ سان روڪيندو ويو. اهو هٿ هميشه لاءِ شل ٿي ويو. هن جنگ ۾ اصحابن نبي ﷺ کي عرض ڪيو، ته هنن ڪافرن تي بددعا فرمايو. نبي ﷺ فرمايو ته مان لعنت ڪرڻ واسطي نبي ڪين ٿيو آهيان، مون کي الله تعالى ماڻهن کي ڏانهس آڻڻ ۽ رحمت جي لاءِ موڪليو آهي، يا خدا! تون منهنجي امت کي هدايت فرماءِ، هو مونکي نٿا سڃاڻن.

    اصحابين کي دغا سان قتل ڪرڻ
    احد جي جنگ کانپوءِ دشمنن مسلمانن کي پامال ڪرڻ لاءِ مختلف تدبيرن تي عمل ڪيو. هڪڙي ڀيري قريشن ڏهن اصحابن کي دغا سان ٻاهر ڪڍي حملو ڪيو. اٺ اصحابي مقابلو ڪندي شهيد ٿيا، باقي ٻه خبيب ۽ زيد گرفتار ٿيا. هنن کي ڦاسي جي هيٺيان بيهاري چيائون ته اسلام ڇڏي ڏيو ته اسان توهان کي ڇڏي ڏينداسين. هنن جواب ڏنو ته جڏهن اسلام نه رهيو ته جان کي رکي ڇا ڪنداسين نيٺ هنن کي ڦاسيءَ ۾ لٽڪائي نيزن سان هنن جي جسم کي چچري ڇڏيائون ۽ هنن رڳو اف به نه ڪئي. ٻئي ڀيري به ستر اصحابي دغا سان اسلام سيکارڻ جي بهاني تي گهرايا ويا، ۽ سڀئي قتل ڪيا ويا.

    مڪي تي چڙهائي
    سنه 80 هجري ۾ مسلمانن کي لاچار ٿي رمضان جي مهيني ۾ مڪي تي چڙهائي ڪرڻي پئي. سبب هيءَ هو جو سنه 6 هجري ۾ قريش سان حديببه جو عهدنامو ٿيو هو، جنهن جا ڪي شرائط هئا، ته ڏهن سالن تائين جنگ نه ٿيندي، ۽ جي قومون نبي ﷺ سان ملڻ گهرن ملڻ گهرن سي انهن سان ملي وڃن. عهدنامي کي اڃا ٻه ورهيه به پورا نه ٿيا هئا ۽ بنوبڪر جي قبيلي بنو خزاعه تي حملو ڪيو، ۽ قريش بنوبڪر کي هٿيارن جي مدد ڏني. ويچارن بنو خزاعه وارن امان گهري، ڀڄي ڪعبي ۾ پناه به ورتي ته به هنن کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو. مظلومن جا چاليهه ماڻهو جن ڀڄي جان بچائي، سي نبي ﷺ جي خدمت ۾ پهتا، ۽ پنهنجي مظلومي ۽ برباديءَ جو داستان ٻڌايائون. (1) عهدنامي جي پابندي (2) مظلومن جي داد رسي (3) ۽ دوستدار قبيلن جي آئينده حفاظت جي غرض سان – نبي ﷺ مڪي جي طرف روانا ٿيا ۽ ڏهه هزار آدمي ساڻ هليا اڃان ٻه منزلون مس هليا هئا ته ابوسفيان بن الحارث نبي ﷺ جو سوٽ ۽ عبدلله بن اميه نبي ﷺ جو پڦاٽ حضور ﷺ ساڻ مليا. هنن نبي ﷺ کي سخت ايذاءُ پهچايا هئا ۽ اسلام کي برباد ڪرڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون هيون، تنهنڪري نبي ﷺ هن کي ڏسي منهن مبارڪ ٻئي پاسي ڦيرايو. تنهن کان پوءِ حضرت علي هنن کي سمجهايو ته جن لفظن ۾ يوسف ؑ جي ڀائرن معافي گهري هئي اهي ئي لفظ ڪم آڻيو ته ضرور فتحياب ٿيندو. انهن ائين ڪيو ته نبي ﷺ هنن کي معافي ڏني. ان وقت ابوسفيان عجب ۽ خوشيءَ کان ڪي بيت پڙهيا، ۽ دل وجان سان مسلمان ٿيو. نبي ﷺ جي خواهش هئي ته سندن اچڻ جي خبر مڪي وارن کي نه پوي. ٿيو به ائين، جڏهن مڪي جي ٻاهران پهچي تنبو هنيائون تڏهن هنن کي خبر پئي. ٻئي ڏينهن نبي ﷺ حڪم ڏنو ته فوج مختلف رستن کان شهر ۾ داخل ٿئي ۽ هنن حڪمن جي پابندي ڪري:
    1) جو شخص هٿيار ڦٽي ڪري تنهن کي قتل نه ڪجو.
    2) جو شخص ڪعبي جي اندر پهچي وڃي تنهن کي قتل نه ڪجو.
    3) جو شخص گهر ۾ ويهي رهي تنهن کي قتل نه ڪجو.
    4) جو شخص ابوسفيان جي گهر ۾ وڃي رهي تنهن کي قتل نه ڪجو.
    5) جو شخص حڪيم بن خزام جي گهر وڃي رهي تنهن کي قتل نه ڪجو.
    6) ڀڄڻ واري جي ڪڍ نه پئجو.
    7) زخميل کي قتل نه ڪجو.
    8) قيد ڪيل کي قتل نه ڪجو.

    نبي ﷺ جو ڪعبي ۾ وڃڻ
    جيڪي ٽوليون شهر ۾ گهڙيون تن مان فقط خالد بن وليد واريءَ ٽوليءَ کي ٿورو مقابلو ڪرڻو پيو، جنهن ۾ مڪي جي ماڻهن ڀاڄ کاڌي. باقي سڀ ٽوليون بنا روڪ جي مڪي جي اندر داخل ٿيون. مقابلو ۾ 2 مسلمان ۽ 28 دشمن قتل ٿيا.
    خدا جي رسول ﷺ جنهن وقت (20 رمضان) شهر ۾ داخل ٿيا تنهن وقت سر جهڪائي قرآن مجيد (سورت الفتح) پڙهڻ فرمايائون، ۽ اٺ تي سوار ٿي بيت الله ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي خدا جي گهر کي بتن کان پاڪ ڪيائون، پوءِ ڪنجي وٺي دروازو کولي هر هڪ ڪنڊ ۾ الله اڪبر جو ترانو لڳايائون، ۽ پوءِ شڪراني جي نماز پڙهندي نهايت عجز ۽ نياز سان رب جي اڳيان پيشاني خاڪ تي رکي سجدو ڪيائون.
    قريش سردارن کي تقرير
    ايتري ۾ مڪي جا سڀ سردار جن ڪئين مسلمان قتل ڪيا هئا، جن سون مسلمانن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو، جن مسلمانن کي تباه ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ورتي هئي سي سڀ ڪعبي جي ٻاهران اچي گڏ ٿيا هئا. نبي ﷺ نماز کان فارغ ٿي ٻاهر نڪري هن جماعت ڏانهن منهن ڪري فرمايائون ته اي قريش جي جماعت! خدا اوهان جي جاهلاڻي تڪبر ۽ وڏن جي بزرگيءَ تي فخر جو هٺ اڄ ڀڃي ڇڏيو. سڀ ماڻهو آدم ؑ جو اولاد آهن ۽ آدم ؑ مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو. خدا ٿو فرمائي ته انسانو! مون اوهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو، ۽ قبيلا رڳو سڃاڻڻ جي لاءِ بنايا ويا آهن، نه ته خدا وٽ ته ان جي عزت زياده آهي جنهن کي تقويٰ (دينداري) زيادهه آهي، ۽ پوءِ فرمايائون ته وڃو توهان آزاد آهيو ۽ توهان سان اڄ ڪو مواخذه (تڪرار) ڪونهي.

    نبي ﷺ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش
    فتح جي ٻئي ڏينهن جو ذڪر آهي ته نبي ﷺ ڪعبي جو طواف پئي ڪيو، فضاله بن عمير وجهه ڏسي حضرت ﷺ کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن ويجهو پهتو تڏهن پاڻ فرمايائون ته فضاله ٿو اچي؟ فضاله چيو ته هائو. پاڻ پڇيائون ته هينئر ڪهڙو ارادو پئي ڪيئي؟ فضاله چيو ته ڪجهه نه مون ته الله الله پئي ڪيو. هي ٻڌي نبي ﷺ کي کل اچي وئي ۽ فرمايائون ته چڱو پنهنجي خدا کان پنهنجي واسطي معافي جي درخواست ڪر. ائين فرمائي هن جي سيني تي به هٿ رکيائون فضاله جو بيان آهي ته هٿ رکڻ سان منهنجي قلب تي اهڙي فرحت آئي، ۽ حضرت ﷺ جي لاءِ منهنجي دل ۾ ايتري محبت پيدا ٿي، جو حضور کان وڌيڪ ڪو ئي به محبوب نه رهيو.

    نبي ﷺ جي پاران ڏوهين کي معافي
    مڪي جي ڪافرن سان جيڪا نبي ﷺ هلت ڪئي تنهنجو مثال شايد دنيا جي تاريخ ۾ مشڪل ملندو. هڪ مرد ۽ هڪ عورت کان سواءِ سڀني کي معافي ڏني ويئي، اگرچه ڪيترائي شخص اهڙا هئا جن کي قتل ڪرڻ انصاف جو ڪم هو. هبار بن الاسود جنهن سيده زينب (نبي ﷺ جي نياڻي) کي جڏهن هو مڪي کان مديني ڏي پئي وئي نيزو هنيو هو ۽ ڪجاوه ڪيرائي وڌو هو، انهيءَ صدمي کان هن جو ٻار ڪري پيو هو، ۽ آخر انهيءَ صدمي کان هن وفات پاتي هئي. اهڙن ڏوهين کي معافي ڏيڻ نبي الرحمت جو ئي ڪم آهي.

    مسلمانن جو پنهنجي ملڪيت تان هٿ کڻڻ
    جي مهاجر مسلمان مڪي مان نڪري مديني ويا هئا تن جي گهرن تي ڪافرن قبضو ڪيو هو. هاڻي انهن مسلمانن درخواست ڪئي ته اسان جي ملڪيت ۽ گهر موٽي ملن. پاڻ اها درخواست منظور نه فرمايائون. گويا حضرت ﷺ جي مراد اها هئي ته جن شين کي خدا جي واسطي توهان ڇڏي ڦٽو ڪيو تن جي موٽي ملڻ جو سوال ڇو ٿا ڪريو. الله اڪبر ! مسلمانن دشمنن جي شهر فتح ڪرڻ وقت دستور موجب لٽ ته ڪا نه ڪئي، پر اٽلندو پنهنجي ملڪيت به واپس نه ورتائون.

    اسلام جو وڌيڪ پکڙجڻ
    مڪي جي فتح کان پوءِ اسلام قبول ڪرڻ وارن جو تعداد بلڪل گهڻو ٿي ويو. تنهن جا ڪي سبب هي هئا.
    1) گهڻا قبيلا قريش سان عهدنامي ۾ ٻڌل هئا. هن کان اڳ اسلام اختيار ڪرڻ عهد شڪني جي برابر هو.
    2) قريش جي زور هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مسلمانن سان تعلق ئي ڪو نه رکندا هئا.
    3) گهڻن قبيلن جو ويساهه هو ته مسلمان تڏهن سچا سمجهبا جڏهن مڪي تي قبضو ڪندا، ڇو ته سون سالن کان انهن ۾ قومي روايتون هليون اينديون هيون ته مڪي تي ڪوئي به شخص قبضو ڪري نه سگهندو سواءِ ان جي جنهن سان پاڻ الله تعاليٰ مددگار هوندو. ڪيترائي پوڙها اڃا تائين جيئرا هئا جن حبش جي بادشاهه جو مڪي تي حملو ڏٺو هو، جنهن جو لشڪر هاٿين سميت خدا تعاليٰ پاڻ پائمال ڪري ڇڏيو هو.
    4) هاڻي اسلام جي سمجهائڻ ۽ وعظ ڪرڻ جي مسلمانن تان روڪ لهي ويئي. ٻڌندڙ آزادي ۽ آرام سان وعظ ٻڌڻ لڳا. ۽ اسلام جي ڪشش ماڻهن کي خود به خود پاڻ ڏي ڇڪيندي ويئي.

    حنين جي جنگ
    مڪي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ هوازن ۽ بنوثقيف جي قبيلن خيال ڪيو ته جي اسان مسلمانن کي شڪست ڏينداسين، ته مڪي وارن جا باغ ۽ جاگيرون جي طائف ۾ آهن، سي اسان کي هٿ اينديون، ۽ مسلمانن کان بت شڪني جو بدلو به ورتو ويندو، تنهنڪري هنن ٻين قبيلن کي به پاڻ سان ملائي ڇهه هزار پهلوان وٺي مڪي تي چڙهائي ڪئي، ۽ حنين جي ماٿريءَ ۾ اچي لٿا. هنن پنهنجون زالون ٻار ۽ مال به ساڻ کنيو انهي لاءِ ته هر ڪوئي ثابت قدميءَ سان وڙهي ۽ جنگ ڇڏي ڀڄي نه وڃي. اسلامي لشڪر ۾ ٻه هزار شخص وڌيڪ شامل ٿيا هئا. فوج ۾ مغروري پيدا ٿي، ۽ دور انديشي ڪرڻ ۾ گهڻو قصور ڪيائون. نوجوان مسلمان بي خبريءَ ۾ تيرن جي چوٽن هيٺ اچي ويا. دشمن ايترا تير وسايا جو فوج هٽي ڀڄڻ لڳي، فقط هڪ سو اصحابي ميدان ۾ وڃي رهيا. حضرت ﷺ لاثاني شجاعت ڏيکاري پاڻ خچر تان لهي فرمايائون ته مان نبي (ﷺ) آهيان انهيءَ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي، مان عبدالمطلب جو فرزند آهيان. سندن مطلب اهو هو ته منهنجي سچائيءَ جي پرک فوج جي شڪست يا فتح ناهي. حضرت عباس رضي الله مهاجرن ۽ انصارن کي سڏڻ شروع ڪيو. هو ڪبوترن وانگر وري پلٽجي پيا. فوج کي وري درست ڪري اڳتي وڌايو ويو. دشمن هن حملي کان ڀڄي نڪتو، ۽ ٻه حصا ٿي پيو (1) هنن جو سردار ملڪ بن عرف جنگي مردن کي وٺي طائف جي قلعي ۾ وڃي ويٺو (2) ٻي ٽوليءَ ۾ هن جا ٻار، زالون زر ۽ مال هئا سي اوطاس ۾ وڃي لڪا. نبي ﷺ طائف ڏانهن ابو عامر اشعري کي موڪليائون. ابو عامر اتي پهچي، زالن، ٻارن، زر ۽ مال تي قبضو ڪيو. جڏهن رحمدل نبي ﷺ کي اوطاس جو نتيجو معلوم ٿيو تڏهن گهيري ڇڏڻ جو حڪم ڏنائون. ڇو ته هنن ماڻهن تي زالن ۽ ٻارن جي هٿان وڃڻ جي وڏي مصيبت پئجي چڪي هئي.

    طائف جي سخت دشمن سان رحم جي هلت
    نبي ﷺ اڃا جنگ جي ميدان جي ويجهو ئي رهيا پيا هئا ته هوازن جا ڇهه سرادار آيا ۽ رحم جي درخواست پيش ڪيائون. هي اهي شخص هئا، جن طائف ۾ نبي ﷺ تي پٿر وسايا هئا. نبي ﷺ فرمايو ته مان پاڻ توهان لاءِ منتظر هوس ۽ انهيءَ انتظام ۾ ٻه هفتا گذري ويا آهن ته به اڃا غنيمت جو مال به تقسيم نه ڪيو ويو آهي. مان پنهنجي خاندان جي حصي جي قيدين کي آساني سان ڇڏي ٿو سگهان، ۽ جيڪڏهن مون سان رڳو انصار ۽ مهاجر هجن ته سڀني قيدين کي ڇڏي ڏيڻ به مشڪل ناهي. مگر توهان ڏسو ٿا ته مون سان اهڙا شخص به آهن جي اڃان مسلمان ڪين ٿيا آهن، تنهنڪري توهان سڀاڻي صبح جي وقت اچو ۽ سڀني جي روبرو پنهنجي درخواست پيش ڪريو. ٻئي ڏينهن اهي سردار آيا ۽ عام مجمع ۾ قيدين جي آزاديءَ جي درخواست نبي ﷺ جي خدمت ۾ پيش ڪئي. نبي الرحمت فرمايو ته مان پنهنجي ۽ بنو عبدالمطلب جي قيدين کي عيوض کان سواءِ ڇڏيان ٿو انصارن ۽ مهاجرن چيو ته اسان به قيدين کي عيوض وٺڻ کانسواءِ ڇڏيون ٿا. هنن کي عجب ٿي لڳو ته حملي ڪندڙ دشمن تي ايترو رحم ڪيئن ٿو ڪيو وڃي. هر هڪ قيدي جي قيمت ڇهه اٺ مقرر ڪئي وئي. هيءَ قيمت نبي ﷺ پاڻ ادا ڪئي. اهڙي طرح قيدين کي آزاد ڪرائي پراڻا لباس پهرائي رخصت فرمائي، پوءِ نبي ﷺ غنيمت جو مال وراهيو، ۽ انصارن کي ڪجهه ڪين ڏنائون. فرمايائون ته انصارن سان مان پاڻ آهيان. انصار هن حڪم تي اهڙا خوش ٿيا جو ايتري خوشي مال وارن کي حاصل نه هئي.

    يهودين جون شرارتون

    يهودين جي پهرين شرارت
    اسان اڳئي لکي چڪا آهيون ته ڪيئن يهودين جي نبي ﷺ سان دشمني ٿي. آخر هنن اهو فيصلو ڪيو ته محمد رسول الله ﷺ سان به اها ئي هلت ڪجي جيڪا مسيح ؑ سان ڪئي هئائون. بدر جي جنگ وقت هڪ مسلمان عورت يهودين جي محلي ۾ ويئي. ٿورن يهودين هن کي بازار جي وچ ۾ اگهاڙو ڪيو. هڪ مسلمان ان عورت جون رڙيون ٻڌي اتي پهتو، ۽ غصي ۾ اچي فساد انگيز يهوديءَ کي قتل ڪري وڌائين. تنهن تي سڀ يهودي جمع ٿيا، ۽ ان مسلمان کي ماري وڌو. نبي ﷺ دريافت ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪوٺايو. هنن عهدنامي جو ڪاغذ ڏياري موڪليو ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيا. نبي ﷺ هنن کي اها سزا ڏني ته مدينو ڇڏي وڃي خيبر ۾ رهن.

    ٻي شرارت
    هڪڙي ڀيري نبي ﷺ بنو نظير يهودين جي محلي ۾ تشريف وٺي ويا. هنن نبي ﷺ کي هڪ ڀت جي هيٺان وهاريو ۽ تدبير اها ڪيائون ته ابن حجاش وڃي نبي ﷺ تي پٿر ڪيرائي. نبي ﷺ کي زباني حمايت سان هن شرارت جي خبر پئجي وئي ۽ بچي موٽي آيا. بنو نظير کي به اها سزا ڏني وئي ته وڃي خيبر ۾ رهو.

    خندق جي جنگ
    يهودين کي خيبر ۾ به آرام نه آيو. عربن جي قبيلن کي پاڻ سان شامل ڪري ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي سنه 5 هجري ۾ مديني تي ڪاهيائون. مسلمانن جڏهن اهڙي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت پاڻ ۾ نه ڀانئي، تڏهن شهر جي چوڌاري کڏ کوٽيائون. نبي ﷺ پاڻ کڏ کوٽڻ ۾ لڳي ويا، ۽ سيني مبارڪ جا وار مٽيءَ سان لٽجي ويا. مسلمان فقط ٽي هزار هئا. بنو قريضه يهودي جيڪي اڃان مديني ۾ هئا، ۽ عهدنامي موجب مسلمانن سان شامل ٿيڻو هون سي هن وقت دشمن سان ملي ويا. تنهنڪري انهن ٽن هزارن مان به هڪڙو حصو شهر جي امن قائم رکڻ لاءِ جدا ڪرڻو پيو. حملي ڪندڙ فوج جو گهيرو ويهن ڏينهن تائين رهيو. ايتري مدت ۾ ڪوئي مورچو وٺي نه سگهيا تنهنڪري نا اميد ٿي رات جي وقت ۾ سامان کڻي ويندا رهيا.

    بنو قريضه کي سزا
    هن مصيبت کان ڇٽڻ بعد نبي ﷺ بنو قريضه ڏانهن ماڻهو موڪليو. هنن قلعي ۾ پناهه وٺي لڙائي جي تياري ڪئي. هيءَ بنو قريضه جي هي پهرين دغا نه هئي، بدر جي جنگ وقت به قريشن کي هٿيارن جي مدد ڏني هئائون. ان وقت رحمدل نبي ﷺ هنن جو قصور معاف ڪيو هو. هاڻي لاچار مسلمانن کي جنگ ڪرڻي پيئي. پنجويهن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ بنو قريضه ماندا ٿيا، ۽ سعد بن معاذ کي پاڻ امين واري چيائون ته جيڪو فيصلو هو ڪري سو منظور ٿئي. سعد بن معاذ انهن ڏينهن جي دستور موافق فيصلو ڪيو، جنهن موجب بنو قريضه کي تمام سخت سزا آئي. جيڪڏهن يهودي نبي ﷺ تي فيصلو ڇڏين ها ته جئين ٻين سان رحم جي هلت ٿي، تئين بنو قريضه به اهڙي سخت سزا کان ڇٽي وڃن ها.
    حديبيه جي صلح بعد خيبر جي يهودين جنگ ڪئي حضرت علي رضي الله جي شجاعت سان خيبر جو قلعو فتح ٿيو، ۽ يهودي مطيع ٿيا.

    عيسائين سان جنگيون
    عرب جي عيسائي قومن سان نبي ﷺ جو رستو دوستانو رهيو. فقط هڪ عيسائي سردار سان ننڍي جنگ ٿي.

    شام جي عيسائين سان جنگ
    موڌ شام جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. اتي جي سردار نبي ﷺ جي ايلچي حارث کي قتل ڪرايو. ايليچن جي حفاظت لاءِ نبي ﷺ کي جنگ ڪرڻي پئي، ۽ اٽڪل ٽن هزارن جي فوج رواني ڪيائون. اتفاقا شهنشاهه هر قل هن علائقي ۾ آيل هو. دشمن جي فوج هڪ لک تائين وڌي ويئي. مسلمانن کي لاچار وڙهڻو پيو. زيد، جعفر طيار ۽ عبدلله بن رواحه هڪ ٻئي پٺيان لشڪر جا سپه سالار ٿي شهيد ٿيا. پوءِ خالد بن وليد فوج کي سنڀاليو ۽ ڏيڍ ڏينهن جي سخت جنگ کان پوءِ چاليهوڻي فوج کي ڀڄائي ڪڍيو. هن جنگ ۾ نؤ تلوارون حضرت خالد جي هٿ ۾ دشمنن کي ماريندي ڀڳيون. نبي ﷺ مديني ۾ انهن ئي ڏينهن سڄو جنگ جو بيان صحابين کي ٻڌايو. هن جنگ کان پوءِ خالد کي سيف الله (لله جي تلوار) جو خطاب مليو. هڪ قافلو شام کان آيو جنهن ظاهر ڪيو ته قيصر جون فوجون مديني تي حمله ڪرڻ لاءِ تيار پيون ٿين. نبي ﷺ خيال ڪيو ته حملي ڪندڙن جو مقابلو عرب جي سرزمين ۾ گهڙڻ کان اڳ ئي ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي امن ۾ خلل نه پوي. هي مقابلو اهڙي سلطنت سان هو جا اڌ دنيا تي حڪمران هئي، ۽ تازو ايران جي سلطنت کي سخت شڪست ڏني هئائين.

    شام جي حملي کي روڪڻ لاءِ تبوڪ ڏانهن سفر
    مسلمانن کي هٿيار ۽ سامان بلڪل ڪو نه هئا، سفر دوريءَ وارو هو ۽ گرمي سخت هئي. نبي ﷺ سامان جي تياري واسطي چندي جي فهرست کولي. مسلمانن نهايت ڪشادي دل سان چندو ڏنو ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا. عبدلله بن ابي سلول مشهور منافق ٻين منافقن کي تسلي ڏني ته هاڻي نبي ﷺ ۽ هن جا ساٿي مديني ڪين موٽندا. قيصر هنن کي قيد ڪري مختلف ملڪن ڏي موڪلي ڇڏيندو. خدا جو نبي ﷺ ٽيهن هزارن جي فوج سان تبوڪ ڏانهن روانا ٿيو. لشڪر ۾ سواري تمام ٿوري هئي. واٽ تي پاڻي ۽ کاڌي جي تڪليف تمام سخت ٿي هئي. تڏهن به صبر ۽ استقلال سان تبوڪ وڃي پهتا. اتي پهچي هڪ مهيني تائين رهيا. شام جي ماڻهن تي نبي ﷺ جي دليري جو ايترو اثر ٿيو، جو هنن حملي جو خيال لاهي ڇڏيو، ۽ خيال ڪيائون ته نبي ﷺ جي وفات کان پوءِ حملي ڪرڻ جو بهتر موقعو ملندو. تنهنڪري نبي ﷺ به حملو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، سڀئي صحيح سلامت مديني واپس آيا.

    جنگين جو خاتمو
    الحمد الله ! جو سڀني دشمنن جي شر ۽ فساد جو نيٺ خاتمو ٿيو، ۽ نبي ﷺ لاثاني رحمدلي سان سڀني کي معافي ڏني. هنن سڀني جنگين ۾ نبي ﷺ ۽ مسلمانن کي لاچار وڙهڻو پيو. ڪڏهن به مسلمانن پاڻ ڪڏي جنگ ڪا نه ڪئي. سڀ جنگيون حملن روڪڻ ۽ جان بچائڻ لاءِ ڪيون ويون. نبوت جي زماني ۾ هڪ شخص به انهي لاءِ قتل ڪو نه ٿيو ته هو بت پرست يا پارسي يا يهودي هو يا عيسائي هو. قرآن مجيد ۾ خدا تعاليٰ هن مطلب کي صاف ۽ چٽو بيان ڪيو آهي. قرآن شريف ۾ آهي لا اڪراه في الدين يعني دين جي معاملي ۾ ڪنهن تي زور ڪونهي.

    بادشاهن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلڻ
    نبي ﷺ کي خدا جي حڪم موجب اسلام سڄيءَ دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻو هو. تنهنڪري جلد ئي سڀني ملڪن ڏانهن قاصد ۽ خط اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ موڪليائون. خطن ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن ڏانهن لکيو ويو ته توهان پنهنجي ملڪ جا سردار آهيو، جيڪڏهن اوهان اسلام رد ڪندو ته اوهان جي ماڻهن جي گمراهيءَ جو بار به اوهان جي سر تي پوندو.
    جيڪي خط نبي ﷺ لکيا سي اڃا تائين موجود آهن مگر هن ننڍڙي ڪتاب ۾ هي خط نه ٿا ڏيئي سگهجن. حبش جو بادشاهه نجاشي عيسائي هو. نبي ﷺ جي مبارڪ خط جي پڙهڻ بعد هو مسلمان ٿيو.
    منذر بن سادي بحرين جو بادشاهه هو، ايران جي شهنشاه کي خراج ڏيندڙ هو. نبي ﷺ جي خط پهچڻ شرط مسلمان ٿيو ۽ هن جي رعيت جو به گهڻو حصو مسلمان ٿيو. عمرو بن عاص عمان جي بادشاهه ڏي خط کڻي ويو. هو ۽ هن جو ڀاءُ مسلمان ٿيا ۽ رعيت جو به وڏو حصو مسلمان ٿيو.
    جيع بن متي، (لقب مقوقس) مصر ۽ سڪندريه جو شاهه عيسائي هو. بادشاهه چيو ته اسان کي پنهنجو مذهب آهي. اسان ان کي ترڪ نه ڪنداسين جيستائين ڪو ٻيو بهتر دين نه ملندو. ايلچيءَ جوان چيو ته مان توهان کي اسلام جي دعوت ٿو ڏيان جو سڀني مذهبن جي ماڻهن لاءِ ڪامل مذهب آهي. ڪجهه بحث کان پوءِ مقوقس چيو ته مون هن ڳالهه جو غور ڪيو آهي اڃان مون کي اسلام آڻڻ جي رغبت ڪا نه ٿي ٿئي، اگرچه هو ڪنهن به وڻندڙ شيءِ کان ڪو نه ٿو روڪي. مان ڄاڻان ٿو ته محمدﷺ نه نقصان پهچائيندڙ جادوگر آهي نه ڪوڙو ڪاهن آهي، ۽ هن ۾ نبوت جي ئي علامت ٿي ڏسجي. مان هن ڳالهه جو وڌيڪ ويچار ڪندس. پوءِ خط کي هاٿي جي ڏندن جي دٻي ۾ رکي مهر هڻي خزاني ۾ رکرايائين، ۽ نبي ﷺ ڏي هڪ خط تحفن سميت موڪليائين. دلدل مشهور خچر به هن ڏياري موڪليو هو.

    روم جي قيصر ڏانهن خط
    هر قل قسطنطنيه جو شاهه، روم جي بادشاهت جو نامور شهنشاهه هو ۽ عيسائي هو. نبي ﷺ جو ايلچي خط مبارڪ هن کي بيت المقدس ۾ وڃي ڏنو. هر قل ايلچيءَ جي شان لاءِ هڪ وڏي درٻار ڪئي، ۽ کائنس نبي ﷺ به نسبت گهڻيون ڳالهيون پڇيون. تنهن کان پوءِ وڌيڪ تحقيقات واسطي حڪم ڪيائين ته ملڪ ۾ ڪو مڪي جو شخص آيل هجي ته پيش ڪيو وڃي. اتفاق سان ابوسفيان ٻين مڪي جي سوداگرن سان گڏ شام ۾ آيل هو. هن کي درٻار ۾ آندائون قيصر هن جي ساٿين کي چيو ته مان ابوسفيان کان سوال ٿو پڇان. جيڪڏهن هو غلط جواب ڏي ته ٻڌائجو. ابوسفيان انهن ڏينهن ۾ نبي ﷺ جو جاني دشمن هو. هن جو پنهنجو بيان آهي ته مون کي اهو ڊپ نه هجي ها ته منهنجا ساٿي منهنجو ڪوڙ ظاهر ڪندا ته گهڻيون ڳالهيون ڪوڙيون ٺاهيان ها، مگر هن وقت قيصر جي اڳيان سچ ڳالهائڻو پيو. سوال ۽ جواب هي آهن:
    قيصر : محمد ﷺ جو خاندان ۽ نسب ڪهڙو آهي؟
    ابوسفيان: شريف ۽ عظيم.
    هي جواب ٻڌي هرقل چيو ته سچ آهي ته نبي شريف گهراڻي مان ٿا ٿين، انهيءَ ڪري ته انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ ۾ ڪنهن کي مار (شرم) نه ٿئي.
    قيصر : محمد ﷺ کان اڳي به ڪنهن عرب ۾ يا قريش ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي؟
    ابوسفيان: نه .
    هي جواب ٻڌي هرقل چيو ته ائين هجي ها ته مان سمجهان ها ته اڳين جي ريس ٿو ڪري.
    قيصر: نبي ٿيڻ کان اڳي ڪڏهن هي شخص ڪوڙ ڳالهائيندو هو يا ڪوڙ ڳالهائڻ جي تهمت مٿس آئي يا نه؟
    ابوسفيان: نه
    هرقل جواب تي چيو ته ائين ٿيڻو ئي ناهي ته جنهن شخص ماڻهن تي ڪوڙ نه ٺاهيو سو الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٻڌي.
    قيصر : هنجي پيءُ ڏاڏن ۾ ڪو شخص بادشاهه ٿيو آهي؟
    ابوسفيان: نه.
    هرقل هن جواب تي چيو ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته مان سمجهان ها ته نبوت جي بهاني سان پي ڏاڏي جي سلطنت حاصل ڪرڻ جو خيال اٿس.
    قيصر : محمد ﷺ کي مڃڻ وارن ۾ مسڪين عرب ماڻهو زياده آهن يا سردار يا زور وارا گهڻا آهن؟
    ابوسفيان : مسڪين ۽ حقير ماڻهو.
    هرقل هي جواب ٻڌي چيو ته هر هڪ نبي کي پهريائين مڃڻ وارا هميشه مسڪين ۽ غريب ماڻهو پي ٿيا آهن.
    قيصر : هنن ماڻهن جو تعداد روز بروز وڌي ٿو يا گهٽجي ٿو؟
    ابوسفيان : وڌي ٿو.
    هرقل چيو ته ايمان جي اها خصوصيت آهي جو آهسته آهسته پيو وڌي ۽ وڃي ڪماليت کي پهچي.
    قيصر : ڪوئي شخص هن جي دين کان بيزار ٿي وري ڦري وڃي ٿو يا نه؟
    ابوسفيان : نه.
    هرقل چيو ته ايمان جي لذت جو اهو ئي تاثير آهي جو جڏهن دل ۾ ويهي ٿو وڃي ۽ روح تي پنهنجو اثر قائم ٿو ڪري تڏهن جدا نٿو ٿئي.
    قيصر : هي شخص ڪڏهن وعدو يا عهدنامو ڀڃي ٿو؟
    ابوسفيان : نه، باقي هن سال اسان جو هن سان عهدنامو ٿيو آهي، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.
    ابوسفيان ٿو چوي ته مان فقط هن جواب ۾ ايترو جملو وڌيڪ وجهي سگهيس، مگر قيصر ان تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏٺو ۽ چيائين ته نبي عهد شڪن ڪين ٿيندا آهن. عهد شڪني دنيا وارا ماڻهو ڪندا آهن نبي دنيا جا طالب ڪين آهن.
    قيصر: ڪڏهن هن شخص سان اوهان جي لڙائي به ٿي آهي؟
    ابوسفيان: هائو.
    قيصر: جنگ جو نتيجو ڇا ٿيو؟
    ابوسفيان: ڪڏهن هو غالب پيو ڪڏهن اسان.
    هرقل چيو ته خدا جي نبين جو اهو ئي حال ٿيندو آهي پر آخرڪار خدا جي مدد ۽ فتح انهن کي ئي حاصل ٿي ٿئي.
    قيصر: هن جي تعليم ڪهڙي آهي؟
    ابوسفيان: هڪ خدا جي عبادت ڪريو، پي ڏاڏي جو طريقو (بت پرستي) ڇڏي ڏيو، نماز، روزو، سچائي، پاڪدامني، مائٽن لاءِ خاص شفقت انهن حڪمن جي پابندي اختيار ڪريو.
    هرقل چيو ته جنهن نبي جي اچڻ جو وعدو ٿيل آهي تنهن جون نشانيون اسان کي اهي ئي ٻڌايل آهن. مون سمجهيو ٿي ته نبي پيدا ٿيڻو آهي. مگر ائين نه ٿي ڄاتم ته عربن مان پيدا ٿيندو.
    ابوسفيان ! جيڪڏهن تو سچا پچا جواب ڏنا آهن ته هو هن جاءِ تي جتي مان ويٺو آهيان ضرور قبضو ڪندو شال مان سندس خدمت ۾ پهچان ۽ نبي ﷺ جا پير ڌوئان.
    تنهن کان پوءِ خط مبارڪ پڙهيو ويو. درٻار جي اميرن دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ مون کي درٻار مان ڪڍي ڇڏيائون. منهنجي دل ۾ انهيءَ ڏينهن کان پنهنجي ذلت جو نقش ۽ حضرت ﷺ جي آئينده عظمت جو يقين ٿي ويو.

    ايران جي ڪسريٰ ڏانهن خط
    خسرو پرويز ايران جو ڪسريٰ مشرقي دنيا جي اڌ جو شهنشاهه هو ۽ پارسي مذهب هوس. هن خط مبارڪ کي غصي ۾ چاڪ ڪري ڇڏيو، ۽ چيائين ته منهنجي رعيت جو هڪڙو گهٽ درجي جو ماڻهو مون ڏي ٿو خط لکي ۽ پنهنجو نالو منهنجي نالي کان اڳ ۾ ٿو لکي ! تنهن کان پوءِ خسرو بازان کي جو يمن ۾ سندس وائسراءِ هو حڪم لکيو ته هن شخص کي (نبي ﷺ) گرفتار ڪري مون ڏي روانو ڪريو.
    طائف جي ماڻهن ڏاڍي خوشي ڪئي ته هاڻي محمد ﷺ ضرور تباهه ٿيندو ڇو ته شهنشاهه ڪسريٰ هن کي گستاخي جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن هي آفيسر نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو تڏهن نبي ﷺ فرمايو ته سڀاڻي وري حاضر ٿجانءِ. ٻئي ڏينهن نبي ﷺ فرمايو ته اڄ رات تنهنجي بادشاهه کي خدا هلاڪ ڪري ڇڏيو: وڃ وڃي تحقيقات ڪر. آفيسر هي خبر ٻڌي يمن ڏانهن موٽي ويو. اتي وائسراءِ وٽ سرڪاري اطلاع اچي چڪو هو، ته خسرو کي سندس پٽ قتل ڪري وڌو آهي، تخت جو مالڪ شيرو به آهي جو پيءُ جو قاتل هو.
    هاڻي باذان نبي ﷺ جي عادتن، اخلاقن، تعليم ۽ هدايت جي پوري تحقيقات ڪئي، ۽ تحقيقات بعد مسلمان ٿيو، درٻار ۽ ملڪ جو گهڻو حصو به مسلمان ٿيا.
    جو ايلچي نبي ﷺ موڪليو هو تنهن موٽي اچي عرض ڪيو ته ايران جي شاهه خط کي چاڪ ڪري ڇڏيو. ان وقت نبي ﷺ فرمايو ته هن پنهنجي ملڪ کي چاڪ ڪري ڇڏيو. ٿيو به ائين ٿوري وقت کان پوءِ ايران جي سلطنت مسلمانن جي هٿ ۾ آئي ۽ جنهن قوم چار پنج هزار ورهيه اڌ دنيا تي بادشاهت ڪئي تنهنجو نالو نشان به مٽجي ويو.
    فرده بن عمرو خزاعي قيصر جي طرفان شام جو گورنر هو. جڏهن هو مسلمان ٿيو تڏهن قيصر کيس گهرائي چيو ته اسلام ڇڏي ڏي. فرده انڪار ڪيو. قيصر هن کي قيد ڪيو ۽ پوءِ قتل ڪيو. خدا جي پياري بندي دولت، حڪومت، عزت ۽ جان سڀ شيون ڦٽي ڪيون، مگر اسلام نه ڇڏيائين.
    ذي الڪلاع حميري يمن ۽ طائف جو حاڪم هو. هو پاڻ کي خدا ڪوٺائيندو هو، ۽ ماڻهن کي پنهنجي اڳيان سجدو ڪرائيندو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ ارڙهن هزار ٻانها آزاد ڪيائين، عمر رضي الله، فاروق جي عهد ۾ سلطنت ڇڏي مديني ۾ اچي رهيو ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ لڳو.

    وفدن (ڊيپوٽيشن) جو اچڻ
    نبي ﷺ جي مشهور ٿيڻ کان پوءِ عرب ملڪ جي هر ڪنهن ڀاڱي مان هر ڪنهن قبيلي جا مکيه ماڻهو نبي ﷺ وٽ دين به نسبت گفتگو ڪرڻ ۽ عهدنامي لاءِ اچڻ لڳا – گهڻو ڪري سڀني کي اسلام سچو نظر آيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ موٽڻ بعد پنهنجن ماڻهن کي به اسلام تي آندائون. انهن وفدن جو بيان ۽ دين بابت گفتگو هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڏيڻ محال آهي مگر ڪي مکيه ڳالهيون هت لکجن ٿيون.

    محارب جو وفد
    محارب جي وفد ۾ هڪڙو شخص هو جنهن کي نبي ﷺ سڃاتو، ۽ فرمايائون ته مون توکي اڳي به ڏٺو آهي. هن شخص چيو ته هائو حضور ﷺ مون کي ڏٺو به هو ۽ مون سان ڳالهايو به هو. ۽ مون بلڪل خراب لفظن ۾ حضور کي جواب ڏنا هئا، ۽ تمام خراب طرح سان حضور جي ڪلام جو رد ڪيو هيم هي عڪاظه جي بازار جو ذڪر آهي جتي حضور جن ماڻهن کي سمجهائيندا پي وتيا.
    پوءِ هن شخص عرض ڪيو ته يا رسول الله! منهنجي پهرين حالت جي معافيءَ واسطي دعا فرمايو. رسول الله فرمايو ته اسلام انهن سڀني ڳالهين کي ميٽي ٿو ڇڏي جي ڪفر ۾ ٿيون هجن.
    عامد جي وفد ۾ ڏهه شخص هئا. هو هڪڙي ڇوڪري کي سامان تي وهاري نبي ﷺ وٽ حاضر ٿيا. نبي ﷺ پڇيو ته سامان تي ڪنهن کي وهاري آيا آهيو. هنن جواب ڏنو ته هڪڙي ڇوڪر کي. پاڻ فرمايائون ته توهان کان پوءِ هو سمهي پيو، هڪڙو شخص آيو، خرزين چورائي کڻي ويو. هڪ شخص چيو ته خرزين ته منهنجي هئي. پاڻ فرمايائون ته هائو گهٻراءِ نه، هو ڇوڪر اٿيو، چور جي پٺيان پيو، هن کي وڃي پڪڙيائين، ۽ سڀ اسباب صحيح سلامت ملي ويو. جڏهن هي ماڻهو موٽي ويا تڏهن ڇوڪرن کان معلوم ٿين ته سچ پچ اهو واقعو ٿي گذريو هو. هي ماڻهو انهيءَ تي ئي مسلمان ٿي پيا.

    نجران جا عيسائي
    نجران جي عيسائين جو وفد حاضر ٿيو. هو مسلمان به ٿيا. هنن سان عهدنامون ٿيو جنهن موجب هنن جزيه ڀرڻ قبول ڪيو، ۽ ان جي عيوض هنن کي هي سند ملي. نجران وارن کي خدا ۽ محمد رسول الله ﷺ جي حفاظت حاصل ٿيندي. جان مذهب زمين ۽ ملڪيت جي متعلق سڀني کي جي حاضر آهن يا غير حاضر آهن قبيلن جا صاحب آهن يا تابعدار آهن سڀني جي حالت ۾ يا حقن ۾ ڦير گهير نه ڪبي، ۽ جو ڪجهه گهٽ يا وڌ انهن جي قبضي ۾ آهي سو بدلايو نه ويندو. گذريل زماني جا خون ۽ جهڳڙا معاف اٿن. هنن کي بيگر ۾ نه وهائبو هنن کان پيداش جو ڏهون حصو نه ورتو ويندو ۽ هنن جي علائقي مان فوج نه لنگهائبي. هڪڙو عيسائي راهب (درويش) هن وفد جي موٽي اچڻ جي خبر ٻڌي سڄي حقيقت معلوم ڪري نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اسلام اختيار ڪيائين.

    آل عمران
    هن کان پوءِ اسقف ابو الحارث عيسائي جيڪو گرجا (مندر) جو امام هو ۽ جنهن جي عزت قسطنطيه جي بادشاهه وٽ تمام گهڻي هئي، سو ان علائقي جي جج ۽ گورنر ۽ ٻين سردارن سان گڏ نبي ﷺ جي خدمت ۾ پهتو. نبي ﷺ هنن کي مسجد ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني. هنن اڀرندي طرف منهن ڪري عبادت ڪئي. بحث واسطي ڪيترا يهودي به اچي گڏ ٿيا. هڪڙي ڀيري يهودين ٻنهي مسلمانن ۽ عيسائن تي اعتراض ڪرڻ جي غرض سان چيو ته محمد صاحب اوهان جي اها مرضي آهي ڇا ته اسان توهان جي عبادت ڪريون جيئن عيسائي عيسيٰ ؑ جي عبادت ڪندا آهن؟ نبي ﷺ فرمايو ته الله جي پناه ! جو مان الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪريان يا ڪنهن ٻئي کي غير الله جي عبادت جو حڪم ڏيان. خدا مون کي انهي ڪم واسطي نه موڪليو آهي، نڪي مون کي اهڙو حڪم ڏنو اٿس. جڏهن اهي عيسائي موٽڻ لڳا تڏهن هنن نبي ﷺ کان هڪ سند ساڳي قسم جي حاصل ڪئي، مگر هن ۾ مندرن ۽ پادرين حفاظت جو وعدو وڌيڪ چٽائي سان بيان ٿيل هو. نبي ﷺ ابو عبيده کي هنن سان گڏ جزيو اڳاڙڻ واسطي موڪليو. هن جي فيض واريءَ صحبت کان ان علائقي ۾ اسلام گهڻو پکڙيو.

    ڪي ٿورا واقعا
    هن ڪتاب لکڻ ۾ جنگين جو ذڪر لکڻ وقت ٻيا واقعا لکڻ ۾ نه آيا انهي ڪري ته متان ان ذڪر سمجهڻ ۾ مشڪلات پوي. تنهنڪري هن باب ۾ ڪي رهيل ٿورا مکيه واقعا لکجن ٿا.

    حضرت عبدلله (يهودي) جو مسلمان ٿيڻ
    حضرت عبدلله يهودين جيڪو وڏن فاضل شخصن مان هڪڙو هو، هن جو نسب يوسف ؑ سان ٿي مليو. هن نبي ﷺ کي وعظ ڪندي ڏٺو ۽ هيٺيان نبيﷺ جا الفاظ ياد ڪري ڇڏيائين. انسانو! پنهنجي پرائي کي سلام ڪندا ڪريو، ماني کارائيندا ڪريو، مائٽن سان چڱي هلت رکو ۽ رات جي وقت جڏهن ماڻهو سمهي رهن تڏهن توهان خدا جي عبادت ڪندا ڪريو. هي لفظ ٻڌي هن جي دل ايمان سان روشن ٿي. نبي ﷺ جي خدمت ۾ اچي ڏکين مسئلن بابت گفتگو ڪيائين، ۽ تسلي جهڙا جواب ٻڌي مسلمان ٿيو. پوءِ هن عرض ڪيو ته منهنجن ماڻهن کان منهنجي به نسبت راءِ پڇو. نبي ﷺ يهودين کي گهرايو عبدلله لڪي بيٺو. سڀني يهودين چيو ته هو عالم سيد بن سيد آهي، ۽ اسان سڀني کان بهتر آهي. يهودين ائين چيو ئي مس ته حضرت عبدلله هڪدم ٻاهر نڪري ڪلمون پڙهندي سامهون اچي بيٺن. جڏهن هنن ڏٺو ته هي مسلمان ٿيو آهي تڏهن چوڻ لڳا ته هو جاهل بن جاهل ذليل آهي، ۽ اسان سڀني کان خراب آهي. خداوند ڪريم هن بزرگ صحابي کي اسلام تي آڻي سڀني يهودين لاءِ پنهنجي حجت ختم فرمائي.

    ابوقيس (عيسائي) جو مسلمان ٿيڻ
    حضرت عبدلله کان پوءِ ابوقيس سرمه بن ابي انس به اسلام قبول ڪيو. هو عيسائي راهب (درويش) هو. نهايت فصيح شاعر، وعظ ڪندڙ ۽ مذهبي علم جو فاضل هو. هن بزرگ کي اسلام تي آڻڻ سان خداوند رحيم سڀني نصارن تي حجت ختم فرمائي.

    سلمان پارسي جو مسلمان ٿيڻ
    سنه 2 هجريءَ ۾ سلمان پارسي مسلمان ٿيو. هو اصفهان جو ويٺل هو. هن جي قديم مذهب ۾ ابلق گهوڙي جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، هو سچي دين جي تلاش ۾ گهر کان نڪتو، ۽ عرب ملڪ تائين آيو. ڪنهن هن کي پڪڙي ٻانهو ڪري وڪڻي ڇڏيو. علمي تحقيقات کان پوءِ يهودي مذهب ۾ داخل ٿيو. جنهن يهوديءَ وٽ ٻانهپ ۾ رهندو هو اهو اڪثر پيدا ٿيڻ واري نبي ﷺ جون وصفون بيان ڪندو هو. جڏهن حضرت سلمان رضي الله مديني ۾ نبي ﷺ کي ڏٺو، تڏهن انهن نشانين ۽ آثارن ۽ خبرن مان جي پنهنجي ڌڻيءَ کان ٻڌيون هيائين، حضرت ﷺ کي سڃاڻي ورتائين ۽ مسلمان ٿيو.
    هن ننڍڙي ڪتاب ۾ اهو بيان نٿو لکي سگهجي ته نماز، روزا، زڪواة، حج، اذان (بانگ) وغيره. ڪڏهن مقرر ٿيا ۽ منجهن ڪهڙا فائدا آهن. مگر شراب به نسبت ڪجهه ٿورو بيان هن واسطي ٿو لکجي ته خبر پوي ته مسلمان خدا جي حڪمن جي تعميل ڪئين هڪدم ڪندا هئا.

    شراب جو حرام ٿيڻ
    هجرت جي چوٿين سال جي برڪتن مان وڏي برڪت هي آهي ته شراب جي حرام ٿيڻ جو اشتهار ڪڍيو ويو. حضرت انس جو بيان آهي ته ڪي ماڻهو ابو طلحه جي گهر ويٺا هئا. مون هنن کي شراب پي پياريو. ايتري ۾ پڙهو اچڻ لڳو ته شراب حرام ٿي ويو. ابو طلحه ٻڌندئي چيو ته جيترو شراب باقي آهي سو ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ ڏينهن مديني جي گهٽين ۾ شراب وهي هليو.

    ثمامه جو مسلمان ٿيڻ
    سنه 5 هجري ۾ نبي ﷺ ڪجهه سوار نجف جي طرف روانا فرمايا. هو موٽڻ وقت ثمامه بن اثال کي گرفتار ڪري آيا ۽ مسجد جي ٿنڀ سان ٻڌي ڇڏيائونس. نبيﷺ اتي اچي پڇيو ته ثمامه ڪهڙو حال آهي؟ ثمامه چيو ته محمد منهنجو حال چڱو آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي قتل جو حڪم ڪيو ته اهو حڪم هڪڙي خوني جي حق ۾ بجا آهي. جيڪڏهن توهان انعام فرمائيندو ته هڪ شڪرگذار تي رحمت فرمائيندو، ۽ جيڪڏهن مال جي ضرورت هجيو ته جيترو گهر جيو اوترو ٻڌايو. نبي ﷺ ٻئي ڏينهن به ساڳيو سوال ڪيو ۽ ٽئين ڏينهن به ساڳيو سوال ڪيو. ثمامه جواب ساڳيو ئي ڏنو. پاڻ حڪم ڪيائون ته ثمامه کي ڇوڙي ڇڏيو. ثمامه آزاد ٿي باغ ۾ ويو. اتي غسل ڪري مسجد ۾ موٽي آيو ۽ اچڻ سان ڪلمو پڙهيائين.
    ثمامه چيو ته يا رسول الله! خدا جو قسم آهي ته سڄي جهان ۾ حضور کان وڌيڪ ڪنهن به شخص سان مون کي نفرت نه هئي، پر هاڻي ته سڄي دنيا ۾ حضور کان وڌيڪ مون کي ڪو پيارو ڪونهي.

    ڪافرن سان رحمدلي
    ثمامه مڪي پهتو ته مڪي جي ڪافرن کي چيائين ته ياد رکجو ته ثمامه کان هاڻي اوهان کي هڪ داڻو ڪڻڪ جو به نه ايندو، جيستائين نبي ﷺ جي اجازت نه ملندي. ثمامه پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ شرط مڪي ڏي وڃڻ وارو ان بند ڪيو. ان جي بند ٿيڻ ڪري مڪي جا ماڻهو ڏاڍا تنگ ٿيا. نيٺ هنن لاچار ٿي نبي ﷺ کي استدعا ڪئي نبي ﷺ کي لکيو ته ان دستور موجب وڃڻ ڏيو. ياد رکڻ گهرجي ته انهن ڏينهن ۾ مڪي جا ماڻهو نبي ﷺ جا جاني دشمن هئا. هن قصي مان نبي ﷺ جي رحمت ڏسو جو هڪ ته هڪڙي خونيءَ جي جان بخشي فرمايائون، ۽ ٻيو دشمنن ڪافرن کي به ان جي تڪليف کان ڇڏايائون.

    حديبيه جو صلح
    سنه 6 هجري ۾ نبي ﷺ پنهنجو هڪڙو خواب مسلمانن کي ٻڌايو. فرمايائون ته مون ڏٺو ته مان ۽ مسلمان مڪي پهتا آهيون ۽ بيت الله جو طواف پيا ڪريون. هي خواب ٻڌڻ سان وطن جي سڪايل مسلمانن کي تمام گهڻو شوق جاڳيو ۽ نبي ﷺ کي مڪي جي سفر لاءِ سنباريائون. سفر ذوالقعد مهيني ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ دستور موجب عرب جنگ ڪين ڪندا هئا. مسلمانن جنگ جو سامان پاڻ سان ڪو نه کنيو. جڏهن حديبيه ۾ پهتا، تڏهن عثمان بن عفان کي قريش ڏانهن ايلچي ڪري موڪليائون. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسلامي لشڪر ۾ هُلُ اٿيو ته عثمان رضي الله کي قتل ڪري وڌو اٿن، تنهن تي نبي ﷺ بنا هٿيارن ۽ بنا سامان جي لشڪر کان جان قرباني جي بيعت ورتي. بيعت ڪندڙن جو تعداد چوڏهن سو ٿيو. هن بيعت جو حال ٻڌي قريش ڊڄي ويا. عروه بن مسعود جيڪو قريشن جي طرف کان آيو هو تنهن موٽي وڃي قريشن کي چيو ته اي قوم! مان ڪيترائي ڀيرا نجاشي قيصر ۽ ڪسريٰ جي درٻار ۾ ويو آهيان. مگر مون کي اهڙو بادشاهه نظر ڪو نه آيو جنهن جي عظمت ان جي درٻارين جي دل ۾ اهڙي هجي جهڙي محمد ﷺ جي سندس ساٿين ۾ آهي. منهنجي راءِ آهي ته هن سان صلح ڪيو. پوءِ نيٺ صلح ٿيو. جنهن جو ڪجهه بيان اڳي به ڏنل آهي. صلح جو هڪڙو شرط هو ته قريش جو ڪو ماڻهو مسلمان ٿي مسلمانن وٽ ويندو ته نبي ﷺ اهو شخص موٽائي ڏيندو. پر جيڪڏهن قريشين وٽ ويندو ته قريش موٽائي نه ڏيندا. اهو شرط ٻڌي سڀ مسلمان جوش ۾ اچي ويا. مگر نبي ﷺ کلي اهو شرط به منظور ڪيو. انهيءَ شرط به نسبت قريش جو خيال هو ته هن شرط کان ڊڄي ڪوئي به شخص آئينده مسلمان نه ٿيندو. پر اڃا شرطن تي صحيح ئي ڪا نه ٿي هئي ته سهيل بن عمرو (جنهن مڪي جي ماڻهن جي طرفان صحيح ڪئي) تنهنجو پٽ ابوجندل مسلمان ٿي نبي ﷺ جي خدمت ۾ پهچي ويو. قريش هن جا وار ٻڌي پيرن ۾ زنجير وجهي گهلي وٺي ويا مسلمانن کي جوش ڏاڍو آيو پر نبي ﷺ جو حڪم سمجهي صبر ۾ رهيا.
    نبي ﷺ جن حديبيه ۾ ئي رهيل هوا ته اسي ماڻهو تنعيم جبل کان صبح جي وقت، جڏهن مسلمان نماز ۾ مشغول هئا، هن ارادي سان لٿا، ته مسلمانن کي نماز منجهه ئي قتل ڪري ڇڏيون. هي سڀ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا ۽ حضرت ﷺ انهن کي رحمدلي ڪري ڇڏي ڏنو.
    عهدنامي جو هڪڙو شرط اهو هو ته هن سال مسلمان موٽي وڃن، ۽ ٻئي سال کين طواف ڪرڻ جي اجازت آهي. تنهنڪري حديبيه کان سڀئي مديني ڏي موٽيا. هن عهدنامي کان پوءِ سورت الفتح جو نزول حديبيه ۾ ئي ٿيو هو. حضرت عمر پڇيو ته يا رسول الله اهي عهدنامو اسان جي لاءِ فتح آهي ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته هائو.
    ابو جندل کي قريش قيد ۾ بند رکيو هو. هن قيد ۾ ئي سچي دين جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. جو شخص هن جي نگهباني لاءِ رکيو ويندو هو تنهن کي هو ايمان جي هدايت ڪندو هو. خدا جي قدرت جو ابوجندل پنهنجي سچي دل جي ڪوشش ۾ فتحياب پي ٿيو، ۽ اهو شخص مسلمان پي ٿيو. قريش هن ٻئي مسلمان کي به گڏ قيد ڪندا هئا، ۽ ٻئي قيدي گڏجي انهي ئي قيدخاني ۾ اسلام جي تبليغ ڪندا هئا. الغرض ابوجندل جي قيد ٿي مڪي ۾ پهچڻ جو نتيجو اهو ٿيو جو هڪ سال ۾ اٽڪل ٽي سؤ شخصن ايمان آندو. هاڻي قريشن پڇتايو ته اسان ڇو عهدنامي ۾ ايمان وارن کي موٽائي وٺڻ جو شرط درج ڪرايو، پوءِ ڪي ٿورا شخص چونڊي نبي ﷺ جي خدمت ۾ موڪليائون ته اسان عهدنامي جي هن شرط تان هٿ ٿا کڻون. هنن مسلمانن کي پاڻ وٽ گهرايو. نبي ﷺ عهدنامي جي برخلاف ڪرڻ پسند نه فرمايو. هاڻي نيٺ مسلمانن سمجهيو ته جو شرط ظاهرا مشڪل ٿي لڳو سو ڪيتري قدر مفيد ثابت ٿيو. هاڻي مسلمانن سمجهيو ته ڇو اگرچه نبي ﷺ مسلمانن کي انهيءَ شرط جي برخلاف ڏٺو ته به کلي منظور ڪيو هئائون. حضرت عمر نٿي سمجهيو ته اهو عهدنامو سچ پچ مسلمانن لاءِ فتح هو، هاڻي اها ڳالهه به ثابت ٿي.

    اسلام جو واڌارو
    هر ڪوئي شخص جنهن کي سر ۾ دماغ آهي ۽ دماغ ۾ فهم آهي سو ابو جندل جي قصي مان سمجهي ويندو ته اسلام جي صداقت ڪهڙي الاهي طاقت سان پي پکڙي، ۽ ڪهڙي طرح حق جي طالبن جي دل تي قبضو پي ڪيائين جو وطن جي دوري، مائٽن کان جدائي، قيد، ذلت، بک، اڃ، خوف، طمع، ترار، ڦاسي مطلب ته دنيا جي ڪائي شيءِ ۽ ڪوئي جذبو هنن کي اسلام کان روڪي نه ٿي سگهيو. هن حديبيه جي صلح جو حقيقي فائدو هي ٿيو جو ٻنهي طرفن کان آمدرفت جي روڪ لهي ويئي، ۽ ماڻهو مسلمانن سان ملي ٿي سگهيا. تنهنڪري اسلام جي حقيقت سمجهائڻ لاءِ وڌيڪ وجهه مليا. انهي ڪري جيترا ماڻهو هن سال مسلمان ٿيا ايترا اڳي ڪنهن به سال ۾ نه ٿيا هئا.

    نبي ﷺ جو حج
    سنه 7 هجري ۾ صلح جي شرط موجب نبي ﷺ ٻه هزار صحابي ساڻ ڪري مڪي پهتا. مڪي وارن عهدنامي موجب روڪ ڪانه ڪئي، پر پاڻ گهرن کي قفل هڻي ابوقبيس جبل جي چوٽيءَ تي هليا ويا. اتان مسلمانن جا اعمال ڏسندا رهيا. نبيﷺ جن ٽي ڏينهن مڪي ۾ رهي پوءِ مديني ڏي واپس ٿيا. مڪي جي منڪرن تي مسلمانن جي جوش، عبادت جي سادي طريقي ۽ هنن جي اعليٰ ايمانداري (جو خالي شهر ۾ ڪنهن جو پائي جو نقصان به نه ٿيو) جو عجيب اثر پيو، جنهن سون کي اسلام جي طرف مائل ڪيو.

    ٽن مدبر شخصن جو مسلمان ٿيڻ
    انهن ايمان آڻڻ وارن ۾ هڪڙو خالد بن وليد هو جنهن پوءِ مسليم ڪذاب کي شڪست ڏني ۽ سڄو عراق ۽ اڌ شام فتح ڪئي. اهڙي جاني دشمن ۽ بهادر سپاهي جو خود به خود مسلمان ٿيڻ اسلام جي سچائي جو معجزو آهي. هن وقت عمرو بن عاص به مسلمان ٿيو، اهو ساڳيو عمرو جو اعليٰ قابليت جي ڪري حبش جي بادشاهه ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو ويو هو انهي لاءِ ته حبش ڏانهن ڀڄي ويل مسلمانن کي واپس موٽايو وڃي، سو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ مصر جو فاتح (فتح ڪندڙ) ٿيو ۽ مصر جي گورنري هلائڻ ۾ نهايت مدبر پالٽيشن ثابت ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ عثمان بن طلحه به مسلمان ٿيو. هو ڪعبي جو مهتمم ۽ ڪنجي جو مالڪ هو. جڏهن هي ناميارو سردار، جنهن جي شرافت ۽ حسب نسب سڄي ملڪ ۾ مشهور هئي، نبي ﷺ جي خدمت ۾ مديني پهتو تڏهن نبي ﷺ فرمايو، ته اڄ مڪي پنهنجي جگر جو ٽڪر اسان کي ڏنو.

    بني طي جو فساد
    سنه 9 هجريءَ ۾ بني طي جي قبيلي بغاوت (فساد) ڪئي. ان وقت انهيءَ علائقي جو حاڪم علي المرتضيٰ هو هن فسادين کي پڪڙي مديني موڪلي ڏنو. انهن قيدين ۾ حاتم طائي مشهور سخيءَ جي ڌي به هئي. هن نبي ﷺ جي خدمت ۾ هئين عرض ڪيو ته مان ترم جي سردار جي ڌيءَ آهيان منهنجو پيءُ رحم ۽ ڪرم ۾ مشهور هو، بکين کي طعام ڏيندو ۽ غريبن تي رحم ڪندو هو. هو مري ويو، ڀاءُ شڪست کائي ڀڄي ويو، هاڻي توهان مون تي رحم ڪريو. هي ٻڌي نبي ﷺ فرمايو ته تنهنجي پيءُ ۾ مومنن واريون صفتون هيون. پوءِ هن کي ۽ هن جي سهيلين وغيره کي ڇڏي ڏنائون، ۽ مسافريءَ جو سٽمر ۽ لباس به عنايت فرمايائون.

    عدي بن حاتم جو مسلمان ٿيڻ
    عدي بن حاتم جو پنهنجو بيان آهي، ته مون کي رسول الله جي نالي تي سخت نفرت هئي، ڇو ته مان عيسائي هوس، پنهنجي قوم جو سردار هوس ۽ منهنجي قوم غنيمت جو چوٿون حصو مون کي ڏيندي هئي. هن فساد وقت مان شام ڏانهن هليو ويو هوس. منهنجي ڀيڻ نبي ﷺ وٽان آزاد ٿي سڌو مون وٽ شام ۾ آئي. منهنجي ڀيڻ نهايت دانا ۽ عقلمند هئي. مون پڇيس ته نبي ﷺ به نسبت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي. هن جواب ۾ چيو ته منهنجي راءِ آهي ته جلد هن وٽ وڃ. مان مديني ويس، ان وقت نبي ﷺ مسجد ۾ هئا. مون وڃي سلام ڪيو. فرمايائون ته ڪير آهين؟ مون چيو ته عدي بن حاتم. نبي ﷺ مون کي وٺي گهر ڏانهن هليا. واٽ تي هڪ بلڪل پوڙهي عورت ملي. هن نبي ﷺ کي بيهاريو. پاڻ دير تائين هن وٽ بيٺا رهيا. ۽ هوءَ پنهنجو ڊگهو داستان ٻڌائيندي رهي. مون دل ۾ چيو ته هي شخص بادشاهه ته هرگز ناهي. پوءِ حضرت ﷺ گهر پهتا، ۽ هڪڙو چمڙي جو گاديلو کاٻر سان ڀريل منهنجي اڳيان وڇايائون، ۽ فرمايائون ته هن تي ويهو. مون چيو ته نه حضور جن هن تي ويهن. فرمايائون ته نه توهان ئي ويهي رهو. مان گاديلي تي ويٺس. حضرت ﷺ زمين تي ويٺا وري به منهنجي دل اها شاهدي ڏني ته هي بادشاهه هرگز ناهي.
    هاڻي نبي ﷺ فرمايو ته توهان ته رڪوسي (عيسائن جو هڪڙو فرقو) آهيو؟ مون چيو ته هائو. فرمايائون ته پنهنجي قوم کان غنيمت ۽ پيدائش جو چوٿون حصو وٺندا آهيو؟ مون چيو ته هائو. نبي ﷺ فرمايو ته ائين ڪرڻ ته توهان جي دين ۾ جائز ناهي. مون چيو ته سچ آهي ۽ دل ۾ چيم ته هي ضرور نبي (ﷺ) آهي سڀ ڪجهه ٿو ڄاڻي، هن کان ڪجهه به لڪل ڪانهي. پاڻ وري فرمايائون ته عدي شايد هن دين ۾ داخل ٿيڻ کان هن ڪري ٿو ڀڄين جو سڀ ماڻهو غريب آهن. خدا جو قسم هنن ۾ ايترو ڌن اچڻو آهي جو ڪوئي شخص ڌن وٺڻ وارو نه لڀندو.
    عدي ! هن دين ۾ داخل ٿيڻ کان هن ڪري ٿو ڀڄين جو اسان تعداد ۾ ٿورا آهيون، ۽ اسان جا دشمن گهڻا آهن. خدا جو قسم اهو وقت ويجهو اچي پيو آهي جڏهن تون ٻڌندين ته اڪيلي عورت قادسيه (ايران جو اڳيون تختگاهه) مان هلندي، ۽ مڪي جو حج ڪندي، ۽ هن کي ڪنهن جو به خوف نه ٿيندو.
    عدي ! هن دين ۾ داخل ٿيڻ کان هي ڳالهه به شايد توکي روڪي ٿي ته حڪومت ۽ سلطنت ٻين قومن جي هٿ ۾ آهي. خدا جو قسم اهو وقت ويجهو آيو آهي جڏهن تون ٻڌندين ته بابل جو سفيد محل (نوشيران جو درباري ديوانخانه) مسلمانن جي هٿ ۾ ايندو.
    عدي ! ٻڌايو ته لا اله الا الله جي چوڻ ۾ توهان کي ڪهڙو انديشو آهي؟ خدا کان سواءِ ڪو ٻيو عبادت جو لائق ٿي سگهي ڇا؟
    عدي ! ٻڌايو ته الله اڪبر جي چوڻ ۾ اوهان کي ڪهڙو عذر آهي الله کان وڏو ڪوئي به آهي ڇا؟
    عدي ٿو چوي ته هن تقرير کان پوءِ مان مسلمان ٿيس منهنجي اسلام آڻڻ بعد نبي ﷺ جي چهري مبارڪ تي خوشي ۽ فرحت ظاهري پي ڏسڻ ۾ آئي. عدي ٿو چوي ته هن واقعي کي ٻه سال گذريا ۽ ٽيون سال پي هليو ته مون بابل جي محلات کي فتح ٿيندي به ڏٺو ۽ هڪ پوڙهي عورت کي قادسيه کان مڪي حج لاءِ اڪيلو ايندي به ڏٺو، ۽ مون کي اميد آهي ته ٽين ڳالهه به سچي نڪرندي.

    نبي ﷺ جو آخري حج
    سنه 10 هجريءَ ۾ نبي ﷺ حج جو ارادو ڪيو. جڏهن ماڻهن کي خبر پئي تڏهن نبي ﷺ سان گڏ مڪي وڃڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه اچي مديني ۾ جمع ٿيا. رستي ۾ به ٽولين جون ٽوليون شامل ٿينديون ويون. مڪي ۾ هڪ لک ۽ چاليهه (يا چوويه) هزار ماڻهو جمع ٿيا. نبي ﷺ ٽڪريءَ تي چڙهي نهايت موثر خطبو پڙهڻ فرمايو، ۽ شروعات ۾ فرمايائون ته مان خيال ٿو ڪريان ته وري ڪڏهن اهڙي مجلس ۾ مان اوهان کي نه ملندس. (نبي ﷺ کي خبر هئي ته سندس لاڏاڻو ويجهو آيو آهي.) خطبي ۾ تمام چڱيون هدايتون ڏيڻ فرمايائون، ۽ ائين به چيائون ته مان اوهان ۾ اها شيءِ ڇڏي ٿو وڃان جنهن کي جيڪڏهن مضبوط جهليندؤ ته ڪڏهن گمراهه نه ٿيندؤ. اهو اهي قرآن، الله جو ڪتاب. پڻ فرمايائون ته اوهان منجهه هميشه اهڙا ماڻهو هجن جي اسلام جي تعليم ڏيندا رهن. تنهن کان پوءِ ماڻهن کي فرمايائون ته قيامت ڏينهن منهنجي به نسبت اوهان کان پڇيو ويندو. توهان ڇا چوندو؟ سڀني چيو ته اسان شاهدي ڏينداسين ته توهان الله جا حڪم اسان کي پهچايا، ۽ رسالت ۽ نبوت جا حق ادا ڪيا.
    جڏهن نبي ﷺ خطبي کان فارغ ٿيا تڏهن هن آيت جو نزول ٿيو ته اڄ مون توهان جي دين کي ڪامل ڪيو، ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت کي پورو ڪيم، ۽ مون توهان لاءِ دين اسلام پسند فرمايو.

    نبي ﷺ جي رحلت جي ويجهائي
    سنه 11 هجري اهو سال آهي جنهن ۾ خدا جي رسول رسالت جي حق ادا ڪرڻ بعد پنهنجي موڪليندڙ ڏانهن موٽڻ فرمايو. انتقال (وفات) کان ڇهه مهينا اڳي اذا جاءَ نصر الله سورت نازل ٿي. هن جي نازل ٿيڻ بعد نبي ﷺ امت کي چئي ڏنو ته مان جلد دنيا مان وڃڻ وارو آهيان. آيت اکملت لکم دينکم جي نازل ٿيڻ کان پوءِ هي مطلب وڌيڪ چٽو ٿيو.
    مسلمانن کي آخري هدايتون
    نبي ﷺ رمضان ۾ ڏهن ڏينهن جو اعتڪاف ڪندا هئا، مگر آخري رمضان ۾ 20 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيائون، تنهنجو سبب بيبي فاطمه  کي اهو ٻڌايائون ته منهنجو موت ويجهو آهي. صفر مهيني جي منڍ ۾ خدا جي نبي ﷺ آخرت جي سفر جي تياري به ڪئي. هڪ مهينو اڳي مهاجرن ۽ انصار کي گڏ ڪري خطبو پڙهيائون ۽ وصيتون ڪيائون، ۽ مسلمانن کي دعائون ڪيائون. ائين به فرمايائون ته مان انهن فتحن کي ڏسان پيو جيڪي توهان کي حاصل ٿينديون، مون کي اهو انديشو ڪونهي ته توهان مشرڪ ٿيندو، پر ڊپ هي آهي ته دنيا جي رغبت ۾ ۽ فتنهي۾ پئجي هلاڪ نه ٿيو، جيئن اڳيون امتون هلاڪ ٿيون. آخر ۾ فرمايائون ته سلام توهان تي ۽ انهن سڀني تي جي اڄ کان وٺي قيامت تائين اسلام جي وسيلي منهنجي بيعت ۾ داخل ٿيندا.

    تپ جو شروع ٿيڻ
    29 صفر سومر جي ڏينهن بيماري شروع ٿي، سخت تپ (بخار) سان مٿي ۾ سور ٿيو. بدن اهڙو گرم هو جو هٿ سهي نٿي سگهيو. نبي ﷺ فرمايو ته نبين کان وڌيڪ ڪنهن کي تڪيلف ڪانه ٿي ٿئي. تنهنڪري اجر به زياده ٿو ٿئي. حضرت ﷺ جڏهن بيمار ٿيندا هئا تڏهن هڪڙي دعا پڙهي پنهنجا هٿ جسم تي ڦيرائيندا هئا. هنن ڏينهن ۾ بيبي عائشه  ساڳي دعا پڙهي سندن هٿ تي شوڪاري هٿ ڦيرائڻ تي هئي ته نبي ﷺ س