مهاڳ
شهدادڪوٽ منهنجي مهربانن جو شهر آهي. منهنجي ڀاءُ راجندر مهراج جي راحت گاهه، منهنجي پياري ويناشرنگيءَ جي جنم ڀومي.
هونئن ته سنڌ سڄي هيرن کاڻ آهي. پر جتان هيرو نڪرندو آهي اهوئي هنڌ جرڪا ڪندو آهي.
انهيءَ شهر شهدادڪوٽ مان رسالي، ‘نئين آس’ جي ايڊيٽر مرتضى لغاريءَ سورنهن (16) شاعرن جو ڪلام سهيڙي هڪ ڪتاب آڻڻ جي ‘نئين آس’ رکي آهي، جنهن جو مهاڳ مون کان لکرائڻ جي آس اٿس.
آئون ماڻهو، ماڻهن جهڙي، جنهن جون مصروفيتون البته گهڻن ماڻهن کان گهڻو مختلف بلڪه منفرد آهن جن کي ڳڻائي ڳڻائي ٿڪجي. ۽ هاڻي ته ڦڪي ٿيڻ لڳي آهيان انهن جي اڳيان، جيڪي پنهنجن ڪتابن لاءِ مهاڳ/ٻه اکر يا بئڪ ٽائيٽل مونکان لکرائڻ چاهيندا آهن.
ڇا ڪريان! مصروفيتون به جهڙيون تهڙيون هجن ته کڻي ٻيو ڪم به هٿ ۾ کڻجي. لطيف رحه تي تحقيق ڪرڻ. ۽ ‘شاهه جو رسالو’ ترتيب ڏيڻ ڀوڳ، مذاق ته ڪونهي. وقت ۽ ذهن مڪمل طرح جڏهن انهيءَ سچي ۽ اوريجنل ڪم لاءِ وقف ڪبا آهن، ارپبا آهن تڏهن ئي انهيءَ باڪمال ڪم لاءِ عمل جو مرحلو ايندو آهي. ۽ ڪاميابيءَ جي آس ڪري سگهجي آهي.
اها اميد، اهو آسرو پنهنجي ڪم ۾ اٿم.
جيئن جيئن انهيءَ ڪم ۾ ذهني طور ڳنڍجڻ ۽ ضم ٿيڻ چاهيندي آهيان تيئن تيئن منهنجا مهربان منهنجو وقت ۽ ذهن ٻي پاسي ڪرڻ چاهيندا آهن.
هاڻي ته پڪو پهه ڪيو هيم ته بيلحاظي ته بيلحاظي ئي سهي. ڪنهن تي به ڪجهه به نه لکنديس. رُسن ٿا ته وڃي ست پچائي کائين.
اهو سڀ طئي ڪري پنهنجي ڪم ڏانهن مڪمل ڌيان ۽ گيان ۾ هيس ته هي ٻه ڄڻا (مرتضى لغاري ۽ عزيز قاسماڻي) بلڪل منڪر نڪير جيان اچي نروار ٿيا. ۽لطيف رحه چواڻي،
هي جي ٻه ڄڻا، اونچا الاهي،
سا پار لنگهائين، اونـهـــي جا اوتــــڙ گـهڙي.
اسين وري وچڙڻ نٿا چاهيون. فونن جا ڪڙڪاٽ هجن ڪڏهن هِي ته ڪڏهن هُو. خير، اهي ته ٿيا ڀوڳ.
سنجيده ڳالهه اها آهي ته نيٺ انهن مونکان مهاڳ لکرائڻ جو اقرار ڪرائي ورتو. ۽ ڄڻ انهن سورنهن شاعرن کي مون سان ناراض ڪرائڻ چاهيو.
سورنهن (16) شاعر هي آهن:
1. عبدالله شاهه ‘‘اطهر’’ 2. شفيع محمد ‘‘شاد’’ 3. سميع ساجد جوڻيجو 4. ڪؤڙل قربدار 5. ناشاد رشيد سنڌي 6. رشيد خانواهي 7. پريتم قاضي 8. عمر ‘‘دراز’’ 9. مٺل سولنگي 10. شيخ نديم 11. سرتاج ڀٽو 12. بدر انصاري 13. بلال عزيز بروهي 14. پريت گهمرو 15. عائشه ميمڻ 16. مرتضى لغاري
سچ ٻڌايانوَ، هنن گهڻن شاعرن مان گهڻا ته منهنجا پڙهيل ته ڇا پر ٻڌل به ناهن.
مرتضى لغاريءَ چيو، ”اوهان جڏهن رسالي، ‘سوجهرو’ ۾ ايڊيٽر اِن چيف هئا تڏهن اوهان هميشه مونکي رد ڪيو هو.
چيومانس، ‘مرتضى، يقين ڪر ته مون نالو ڏسي (وڏو يا ننڍو) نه ڪڏهن ڪو ليک/شعر ڇپيو آهي ۽ نه ئي نالو ڏسي ڪڏهن ڪو ليک/شعر رد ڪيو آهي.“
چيائين، ”پوءِ ته هاڻي به توهان مونکي رد ڪندا.“
پڇيومانس، ‘ڇو؟ ڪيئن؟“
چيائين، ”هاڻي به اهائي شاعري موڪلي اٿم جيڪا اوهان رد ڪئي هئي.“
کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟
2003ع ۾ آئون ‘سوجهرو’ جي ايڊيٽر اِن چيف هيس ۽ هاڻي 2013ع پڄاڻي تي آهي يعني انهن 10-11 سالن ۾ هن ڪابه نئين شاعري نه لکي آهي.
حيران آهيان ته جيڪا سندس شاعري مون رد ڪئي هئي/نه ڇپي هئي اها ئي وري مون ڏانهن ڇو موڪلي آهي؟ ڳالهه آهي حيرت جهڙي! جيڪڏهن سچ آهي ته!! وڏي حيرت جي ڳالهه اها ته هو ان شاعريءَ کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ چاهي ٿو. ان کان به وڏي حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هو ان جو مهاڳ مونکان لکرائڻ چاهي ٿو. پوءِ ته کيس مهميزون سَهڻيون/برداشت ڪرڻيون پونديون.
جَان وَاهڙَ ۾ وَهُه، تَان تُون مَڇَ نَه مَوٽِئو،
ڪَائي ۾ ڪُوهُ ڪَرئين، مَوٽڻ جو پَهُه،
هاڻي سِرَ مَٿي سَهُه، مَهَميزون مَلاحن جُون.
(شاهه رحه)
شاعريءَ جي پرک جو سٺو طريقو ڊبليوايمپس جو آهي،
”شاعريءَ کي سمجهڻ نالو آهي انهيءَ عمل جو جنهن وسيلي اسين (نقاد) انهيءَ تخليق کي پنهنجي ذهن ۾ ٻيهر جوڙي سگهون ٿا.“
ساڳئي ڳالهه سرپرسي نن به ڪئي آهي، ”شعر جي سڃاڻپ جو مطلب شعر کي نئين سِر تخليق ڪرڻ، شاعر ۽ نقاد جي قابل ٿيڻ آهي.“ اهائي سوچ، اسان جو به نيم هئڻ گهرجي. جڏهن ته اسان وٽ مُئي وانگي ڪک به نٿو سهي سگهجي. هر ڪو اهو ٿو چاهي ته سندس تعريف ڪئي وڃي.
تنقيد سهڻ کان هر ڪو ايئن ٿو ڀڄي، جيئن ڪانءُ ڪمان کان. اهڙي صورت ۾ مونکان مهاڳ لکرائڻ مرتضى لغاريءَ جو درست فيصلو ناهي.
مون رسالي ‘سوجهرو’ کي ڏنل پنهنجي تازي انٽرويو ۾ به اهوئي چيو آهي، ‘سنڌي شاعر وٽ پنهنجي شاعريءَ جا اسي يا سؤ صفحا گڏ ٿين ٿا ته کيس ڪتاب ڇپائڻ جي هورا کورا، اڻتڻ ٿي پوندي آهي.“
مونکي ته مرتضى لغاريءَ هر شاعر جا هن ڪتاب ۾ شامل 13/14 صفحا موڪليا آهن، جن کي به اهي شاعر گڏي سڏي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ چاهين ٿا.
ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو؟ ڄڻ دنيا ختم ٿيڻ واري هجي!! ڇا ٿي پوي جو ٿورو ترسي، ڪنهن جي رهنمائيءَ ۾ ڪجهه سکي، بهتر ۽ وڌيڪ شاعري ڪري پوءِ ڪتاب آڻجي. لطيف پاڪ به ته ايئن ئي فرمائي ٿو،
ڏَورِ مَ ڏِيئان ڌار، ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو
ڪَوڙين لک هزار، اِن اُونداهيءَ انڌا ڪيا.
يعني، ڏيئي/روشني کان سواءِ سفر ڏاڍو مشڪل آهي ۽ انهيءَ اونداهيءَ (بنا روشنيءَ) ڪروڙن، لکن، هزارن کي انڌو ڪيو آهي.
بنا ڪنهن سونهين ۽ واقفڪار جي دشت جو سفر ڪيئن ٿا ڀانيو؟ سواءِ ريتيءَ ۾ داڦوڙا هڻڻ جي ٻيو ڪجهه به نه. شاعري به ايئن ئي رڻ جي سفر وانگي آهي. اڳتي هرڪو مرضيءَ وارو آهي. پر آئون ڇو ڪنهنجي به مرضيءَ تي هلان ۽ واکاڻيون ڪريان.
هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو ڪو مقصد آهي. اصول آهي/هئڻ گهرجي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد آزادي آهي. ۽ اصول، تنظيم ۽ منظم هئڻ آهي.
لفظ ‘آزادي’ جي معنى ۽ مطلب کان سڀڪو واقف آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙ (عملي) ڪرڻ جو تصور به تصوراتي دنيا جو ڪو خوبصورت خواب لڳي ٿو.
ٺيڪ آهي اهي آسائشون ۽ موقعا اسان کي ميسر ناهن. قلم ته آهي. چؤڏسائن ۾ نگاهه ڦيرائڻ کانپوءِ به اها قلمي پتوڙ نظر نٿي اچي.
سنڌي شاعر جو شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ عشق رڳو جسماني وابستگيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي. پيار، محبت ۽ عشق هڪ لازوال، لافاني جذبو آهي.لطيف رحه چواڻي،
نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
۽ لطيف پاڪ ايئن به چوي ٿو،
نَه کِلن نَه کِين ڪِين، نَڪي ڳالهائين،
ڪنهن جنهن ۾ آهين، سا پروڙڻ ڏاکڙو.
معنى: نڪو کلن ۽ خوش ٿين ٿا، نه ڪجهه کائين ٿا نه ئي ڳالهائين ٿا. انهن سان ڪهڙي ماجرا آهي/سندن اندر ۾ ڇا آهي. اهو راز پرکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
‘آزادي’ لطيف وٽ قيمتي وِٿ آهي،
سَنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مُون مارن سين ساهُه
وَيٺي سَاريان سُومرا، گَولاڙا ۽ گاهُه
هِنيون منهنجو هُتِ ٿيو، هِتِ مٽي ۽ ماهُه
پکن منجهه پَسَاهُه، قالِب آهي ڪوٽ ۾.
عمر بادشاهه هو. ۽ مارئي سندس رعيت ۾ هڪ عام غريب ڇوڪري.
اها عام غريب، اڻ پهچ نوجوان ڇوڪري (مارئي) آزاد رهڻ جي عادي هئي. کيس عمر جا محل ۽ ماڙيون، سون ۽ زيور نٿي وڻيا. ۽ هوءَ انهن کي ٿڏي ٿي. ۽ لطيف سرڪار سندس زبان بنجي پوي ٿو،
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءَ
وَرَ جيڏين سان جوءِ، فاقو فرحت ڀانيان.
معنى: اسان جي ٻانهن/ڪَراين ۾ ڪارا (سڳا/ڌاڳا) آهن. سَونُ اسان لاءِ سوڳ آهي. پنهنجي جيڏين سان گڏ پنهنجي ملڪ ۾ (آزاد) رهڻ مبارڪ آهي. اتي جو فاقو ۽ بک به مون لاءِ فرحت آهي/راحت آهي.
هن کي پنهنجن اباڻن سان پيار آهي جيڪي ڏکيا بکيا ۽ ان اگهاڙا آهن. ۽ ولين ۾ ويڙهيا گهمن ٿا. ۽ سندس ساهيڙيون جن جو صحرا/رڻ، سَتُر آهي/پردو آهي. هوءَ انهيءَ قيد ۾ خواب به پنهنجن جا ڏسي ٿي،
سُتي لَڌم سُوهڻو، لَوئيءَ ۾ لَيٽي
ته مَنڌي پايو مَٽ ۾، وِلوڙيان ويٺي
پَکي آئون پَيٺي، کِيرون ڏينم جيڏيون
(شاهه رحه)
مارئي جو موضوع بيحد خوبصورت ۽ وسيع آهي. جنهن کي لطيف رحه آزاديءَ جي اهڃاڻ طور چونڊيو آهي. ‘حُب الوطن مِن الايمان’ اهوئي مارئيءَ (سُر) ۾لطيف رحه جو پيغام آهي، ‘الائين مَ هوءِ، جي آئون مران هن بند ۾.’
اهائي آزاديءَ جو سڪ آهي، ڇڪ آهي جيڪا هنن سورنهن ئي شاعرن ۾ اڻ هوند جيتري آهي سواءِ بي ربط، هڪ ٻن بندن جي.
سميع ساجد جوڻيجي جو بند،
قائم رهندي دل ۾ ساجد، سنڌ امڙ جي عظمت ساڳي
ڪؤڙل قربدار،
سنڌ تنهنجي ساٿ کان.
پئي وفا شاعر ٿي گهرجي.
بند ۾ لفظ، ‘سنڌ’ کانسواءِ ٻيو هو پاڻ ئي سمجهي سگهي ٿو ته ڇا چوڻ چاهي ٿو؟ سندس نظم نالي، ‘سنڌ’ جون هي ٻه سِٽون سٺيون آهن (وزن ۽ بحر جي برعڪس)
نئين نسل جي هوش جوش کي
سنڌ جون ڪيان ٿو پارتون.
سندس نظم، ‘جيءَ جياريو جيجل جهولي’ پڻ سٺو خراج آهي.
عبدالله شاهه ‘اطهر’ جو شعر،
سنڌ تنهنجي مٿان، جند گهوري ڇڏيان
جو به ڏونگر ملي، ان سان ڏوري ڇڏيان.
سنڌ سان محبت جو اظهار ڪمزور شاعريءَ ۾. الائي ڇا پيو چوڻ چاهي، ‘جو به ڏونگر ملي...’ ‘ڏونگر’ واٽن تي پيل آهن ڇا؟ جو جيڪو به ملي پوي ان سان ڏوري ڇڏي، ان سان ڇا ڏوري ڇڏڻ چاهي ٿو؟ وضاحت ضروري آهي. ايئن ئي سندس وڏي بحر وارو گيت آهي،
زخم مٿان زخم سهي، اڃا ته مان جيئان پيو
اڃا ته ويڙهه ٿي هلي اڃا ته مان وڙهان پيو.
بيدل مسرور بدوي جي آواز ۾ ڳايل شيخ اياز جو گيت، ‘اڃا ته مان جيئان پيو.’ سڀني ٻڌو هوندو. خير، پاڻ ڄاڻن. پر گيت جو آخري بند ڏسو،
اڃا ته مون ۾ ساهه آ، ڇو آخري پساهه آ
اي عبدالله شاهه هن آزاديءَ تي ويساهه آ
نه پٺتي پير آ هٽيو اڳي اڳي وڌان پيو.
بس بنا ڪنهن تبصري جي بند ڏنو اٿم، جي راءِ ڏيان ها ته عبدالله شاهه اطهر...
شفيع محمد شاد جو نظم،
او جيڏا اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان
او سرتي اڄ توسان هڪڙي ڳالهه ڪيان
او گنگا... او جمنا.. او ڏونگر... او صحرا... او ڀنورا... او جگنو...
ايڏي گهل جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ايئن ته ٻيو به گهڻو ئي رهائي ڇڏيو اٿس. يعني، ‘اوچنڊ، او سج، او سمنڊ، او پوپٽ او... او...او... ڪيترو ساري سگهبو؟’
حالانڪه هيٺ آيل سندس خيال سٺو آهي. ايئن ئي ڪڏهن ڪو خيال ۽ جذبو مختصر لفظن ۾ طاقتور بڻجي پوندو آهي. وزن ۾ بهرحال اهو نظم به کٽل آهي. بلال عزيز بروهي جولطيف رحه تي لکيل غزل سٺو آهي.
رشيد خانواهيءَ جو نظم، ‘سنڌ جو ڪيڏارو’ درست راهه تي آهي جنهن ۾ لفظ الائي ڇو زوران زوريءَ آندل آهن، نظم جو هڪ بند آهي،
ڪالهه کسيائون سنڌ جو پاڻي، اڄ ڪٺائون سنڌ جي نياڻي!
بحر ۽ وزن ڏانهن به کڻي اک نه کڻجي. پر خيال ۽ جذبو ته سنڌ لاءِ/ڌرتيءَ لاءِ هجي، اهو به شعرن ۾ سمايل نظر نه آيو.
شاعريءَ ۾ مرتضى لغاريءَ جي غزل جو هڪ بند،
اوهان ٽنهي جو نڀاءُ ڪيئن آ
سڄو مهينو، پگهار ۽ تون.
(پهرين پگهار جي ته خبر پوي ته ڪيتري آهي پوءِ فيصلو ڪبو ته نڀاءُ ٿيندو يا نه!) شعر ۾ سنڌي سماج جي غربت جو طاقتور عڪس چٽيل آهي. باقي سندس ٻي شاعريءَ لاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو جڏهن هو پاڻ لاءِ پاڻ ئي چوي ٿو ته،
هي ٽٽل ۽ ڦٽل سٽون جوڙيم
شاعريءَ جو ڪتاب ٿي ويو آ.
سميع ساجد جوڻيجي جي شاعري ڪجهه سرت ڀري لڳي. پوءِ به کيس وڌيڪ سکڻ ۽ ڌيان ڏيڻ گهرجي. سندس پهريون غزل آهي:
منهنجي آڱڻ تي آيو دلبر
ٻهڪي پيو ٿو گهر جو آڳر
روايتي ۽ ورجايل ڳالهه ۽ ‘پيو’ ۽ ‘ٿو’ جو گڏيل استعمال غير فصيح آهي. شعر وزن کان خارج آهي:
يار مليو مون ڀاڪر پائي
چمڪي پيو آ منهنجو مقدر
هتي به ساڳيو حال آهي. آخري بند آهي:
ڪڏهن ڏسان ٿو پاڻ کي ساجد
ڪڏهن ڏسان ٿو هن کي هر هر
هتي بحر وزن بنهه مختلف ٿي بيٺو آهي.
اڄ ڀي آهي دل ۾ تو لئه
پيار وفا ۽ چاهت ساڳي.
سٺو غزل آهي ساجد جو.
مٺل سولنگيءَ جو پهريون غزل آهي:
هن جي گهٽيءَ ۾ جهومن ٿا
نيڻ خوشيءَ ۾ جهومن ٿا
شاعريءَ جو اهو اصول آهي ته پهرين سِٽ سان ٻي سِٽ جو ربط هجي. هتي، هُن جي گهٽيءَ ۾ ڇا ٿا جهومن جو نيڻ به خوشيءَ مان جهومن ٿا؟
سندس غزل:
هوءَ وئي اڄ مري هميشه لئه
ٿي وئي دل چري هميشه لئه
بحر وزن ۾ پورو آهي:
پريت گهمرو جي شاعري پڙهي به اٿم ته ڇپي به اٿم. پهرين غزل جو بند اٿس:
خواب جي ڀرپاسي اوندهه ٿي تري
چنڊ چهرو ڪاش ڪو هينئر وري
کيس وزن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي:
هوريان هوريان تجربو ٿيندو وڃي
هانءُ منهنجو ماٺ ۾ سڏڪا ڀري
بند جي پهرين سِٽ جو غزل جي وزن سان سڱ نه سياڪو. ۽ هتي ڇا پئي چوڻ چاهين پريت!
اسان جا خواب سڀ ٽوڙي، اوهان کي ڇا مليو آخر
اسان جون خواهشون لوڙهي اوهان کي ڇا مليو آخر
سڄو غزل سٺو ۽ باوزن آهي.
عائشه ميمڻ جي شاعري ۾ وسيع پختگي آهي.
سندس غزل جو بند آهي،
لڙڪ هوندا نه درد ڪو هوندو
پاڻ ٻيهر جي ٻار ٿينداسين.
يا،
عائشه اڻ جهل اکين مان آب ٿي
اوچتو ايئن درد تون وهندو نه ڪر!
عائشه ميمڻ جي شاعري بهترين آهي.
مٽي ماڻهو مٽي ٿيندو
مٽي ناهين ته ٻيو ڇاهين
واهه سٺو شعر آهي.
پريتم قاضيءَ جو نالو ۽ شاعري مون لاءِ نئين آهي.
غزل جو بند آهي:
زندگي زهر کان به وڌ ٿي ڪڙي آهي
پوءِ به ماکيءَ کان وڌ مٺي آهي.
....
زهر هن زندگي جو آ پيئڻو پيو
اسان کي مگر پوءِ به جيئڻو پيو
...
مرڻ جت نه سولو جيئڻ آهي ڏکيو
آ هر هر جيئڻ لاءِ مرڻو پيو.
....
ڪؤڙل قربدار جو غزل آهي،
اسانجي خوشي پئي نچي ٿي اڱڻ تي
مٺي اڄ سينگاريون اچي ٿي اڱڻ تي
ڪير پئي اچي اڱڻ تي جو، ‘مٺيءَ’ کي به سينگارڻ لاءِ سڏجي پيو. ۽ ‘مٺي’ اچي ڇا کي سينگاري؟ غزل جو بند آهي،
گلابن جي خوشبو جو مهڪيل هٿن ۾
ڏيڻ گلدستو اچي ٿي اڱڻ ۾.
بحر ۽ وزن ته هونئن ئي ڪريل آهي. آئون ته گرامر ۾ ئي منجهي پئي آهيان. سندس نظم،
نينهن جون نوازشون رهيون
بي بها ۽ بي مثال اڻ ميون
۽ غزل
جرئتن سان گهار زندگي
سينو سپر ڌار زندگي
مخاطب ڪنهن سان آهي؟ پاڻ سان يا زندگيءَ سان؟ ۽ زندگي سينو سپر ڪيئن ڪري؟ البته سندس نظمن ۾ ساهه آهي. حوالي لاءِ ڪائي مخصوص سِٽ نٿي ڏيئي سگهان. باقي مجموعي طور سندس نظمن کي بهتر چئي سگهجي ٿو.
سرتاج خير محمد ڀٽو جو پهريون غزل آهي:
اڄ وهي نيڻن منجهان پيا نار هن
ويا پرين مونکان اکين جا ٺار هن
بهترين غزل آهي. سرتاج خير محمد ڀٽو وٽ ڏات به آهي ته ڏانءُ به آهي. جنهن کي وڌيڪ ڌيان ۽ گيان جي ضرورت آهي. ‘ضرورت’ وارو سندس غزل،
جيئڻ جي لئه جيئن جاني پساهن جي ضرورت آ
تيئن مونکي مٺا تنهنجي ئي چاهت جي ضرورت آ
استاد بخاريءَ جي ياد ڏياري ويو. استاد بخاري جو شعر آهي:
ايئن دلدار مونکي تنهنجي محبت جي ضرورت آ
جيئن دنيا کي بي انداز دولت جي ضرورت آ
ڪوبه شاعر ڪنهن به شاعر کان متاثر ٿي سگهي ٿو، سٺي ڳالهه آهي. ائين ئي ڪو نئون شاعر وڏي شاعر کان سکندو ۽ اتساهه حاصل ڪندو آهي. پر ان کي جيئن جو تيئن کڻڻ جرم جي زمري ۾ اچي وڃي ٿو، جنهنجو خيال رکڻ انتهائي ضروري آهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ ڏوهن جو کارو ذهني ڪلهن لاءِ وڏو بار ثابت ٿيندو. ۽ اهي ڇڻي يا جهڪي پوندا. ناشاد رشيد سنڌيءَ جو غزل آهي:
هڪ درد مون رکيو آ، دل ۾ دوا جي خاطر
ڳوليان پيو مسيحا جڳ ۾ شفا جي خاطر
سٺو بند آهي. ساڳيئي غزل جا هيٺيان ڪي بند مختلف بحر ۽ وزن ۾ آهن سندس هڪ غزل جو بند مونکي مرڪ ڏيئي ويو،
توکان ڌار رشيد نه جيئندو،
مسجد ۾ بيشڪ وٺي وڃ.
خوبصورت سماجي/روايتي جملو آهي ‘واهه.’ ناشاد رشيد سنڌيءَ وٽ شاعريءَ جا گُنَ (هنر) آهن، ساڳيئي ڳالهه ته شاعري جيڪو ٿورو وقت گهري ٿي اهو ان کي ڏيڻ گهرجي. عبدالله اطهر جو غزل آهي:
وار وکريل وري پار ڪنهن لئه پرين
ٿا ڳلن تان وهن نار ڪنهن لئه پرين
سڄو غزل بهترين آهي پر آخري نالي واري بند (مقطع) ۾ هروڀرو پنهنجو پورو نالو ذات ۽ تخلص سڀ آڻڻ جي ڪري وزن ڪري پيو. بند آهي ته
عبدالله شاهه ‘اطهر’ سان تو جي ڪيا
هاڻ ڏس تو اهي عار ڪنهن لئه پرين
چوڻ به الائي ڇا ٿو چاهي! جيڪو سندس نالي ۽ تخلص جي ور چڙهي ويو آهي. ٺيڪ آهي جتي گنجائش هجي/شعر جي صحت کي ڪو نقصان نه ٿي اتي سڀ ڪجهه بلڪه ولديت به آڻي سگهجي ٿي. باقي نالي ۽ تخلص کي ضرور آڻڻ وارو ضد نقصانڪار ٿئي ٿو. تعجب اهو اٿم ته عبدالله شاهه ‘اطهر’ سٺو شعر سٺن خيالن سان لکندي لکندي واٽ تان هٽي ڇو ويندو آهي.
بدر انصاري کي شاعري جي تڪبندين سان دلچسپي آهي. اڃا کيس گهڻو سکڻو ۽ شاعريءَ جي لوازمات سان مسلح ٿيڻو آهي.
سندس غزل:
جيئن مصور جي لڳي تصوير اڌ
ايئن سواءِ تنهنجي اٿم تقدير اڌ
غزل جي آخري بند ۾ آيل قافيو، ‘لڪير’ درست ناهي ۽ وزن به ڪيرائي ٿو.
عڪس جيون جو بدر پيو ٿو لڳي
آ هٿن ۾ ڀاڳ جي لڪير اڌ!
باقي سڄو غزل بهتر آهي. شيخ نديم جو غزل آهي:
وساريم گهڻو ئي مگر ياد آيو
۽ وسريو ڪٿي همسفر ياد آيو
هيٺيون بند به ڏسي سگهجي ٿو
سکيءَ جي سڳي ۽ ڦلي جو ڏٺي مون،
فڪر ياد آيو بحر ياد آيو
شفيع محمد شاد جو نظم؛
اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾، تسلسل ۽ وزن آهي. باقي خيال عام ۽ گٺل آهي. سندس غزل جو هي شعر،
مئڪدو ٿو وڻي مئڪشي ٿي وڻي
نيڻ اٽڪيا تڏهن زندگي ٿي وڻي
سٺو شعر آهي. ٻيو غزل اٿس،
جدائيءَ جي علامت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو
وڇوڙي جي ملامت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو
وڇوڙو ملامت نه عذاب هوندو آهي، قهر هوندو آهي. اتي لفظ ‘ملامت’ جي جاءِ تي لفظ ‘طوالت’ (ڊيگهه) اچي سگهي ٿو. آخري بند آهي:
محبت جي تقاضا جو محبت آ ڀرم رکندي
اهڙي درسي ديانت کي نه تو سمجهيو نه مون سمجهيو.
هڪ ته لفظ ‘اهڙي’ وزن کي ضربي ٿو ٻيو وري ‘خيال’ ٻاتاڙيل آهي. ڇا ٿو چوڻ چاهي، ‘اهڙي درسي’ جو مطلب؟
بلال عزيز بروهي وٽ ڏات آهي باقي ڏانءُ سکڻ سندس ڪم آهي. ڇوته هو هلندي هلندي سڌي واٽ تان ٿڙي وڃي ٿو. ۽ مون وٽ مثال لاءِ به ڪجهه نٿو ڇڏي پوءِ به آئون سندس هڪ غزل جو حوالو ڏينديس:
زندگي هڪ پيار وارو دل پسند آهي قصو
ياد ماضيءَ جو سهارو دل پسند آهي قصو.
غزل درست آهي وزن وغيره ۾. زندگي، ماضي، حال ۽ مستقبل تائين جي ساٿ ڏي ته، ‘زندگي’ ئي آهي، پوءِ ماضيءَ جو سهارو يا دل پسند قصو ڪيئن ۽ ڇو آهي؟ ‘خيال’ وضاحت چاهي ٿو.
رشيد خانواهي جو پهريون غزل، مارئي جو عمر سان تخاطب سٺو غزل آهي. ٻين شعرن ۾ به هو ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ بحر ۽ وزن سان نڀائي ٿو. وري اهوئي سڀاڳ بحر ۽ وزن جي علم جي عدم موجودگيءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي شعر لڏندا ۽ ڪرندا رهن پيا. جنهن کي سنڀالڻ سندس ڪم آهي.
عمر دراز جو غزل،
ڪٿي قرار ڪرڻ لئه وٺان مزو ڪوئي،
ڪٿي ملي ته خريدي اچان مزو ڪوئي.
سڄو غزل مڪمل طرح وزن ۾ پورو غزل آهي. ائين سندس غزل بحر ۽ وزن ۾ ڄڻ ته سڀيئي پورا آهن ڪمي آهي ته خيال جي آهي جيڪو ناپيد آهي، ڪمي آهي ته ‘لفظن جي درست چونڊ جي’ آهي.
آئون پوءِ به مايوس ناهيان. هي جيڪي سورنهن شاعر آهن انهن جي شاعريءَ مان اميد جا ڪرڻا ٽانڊاڻن جيان ٽِمڪي منهنجي اميد کي نويد ڏيئي رهيا آهن.
داد ڏي مونکي ته ڪاريءَ رات ۾
روشنيءَ جي وصل جي اميد ڪئي. (ج.ع.منگهاڻي)
هوريس لاطيني ادب جو هڪ اهم شاعر ۽ نقاد ٿي گذريو آهي. جنهنجو چوڻ آهي ته، ‘شاعر جو مقصد يا راحت بخشڻ يا ٻئي ڪم آهن.’
مون سڀني (16) شاعرن جا سڀئي شعر هڪ هڪ ڪري توجهه ۽ دلچسپي سان پڙهيا آهن. ڊرائيڊن جي لفظن ۾ چونديس ته، ”رڳو زندگيءَ جو مشاهدو ئي شاعريءَ لاءِ ضروري ناهي بلڪه ان مشاهدي جي تخيلاتي استعمال سان ئي شاعري وجود ۾ ايندي آهي.“
اسان وٽ ته زندگيءَ جو به ڪو مشاهدو نظر نٿو اچي ته ان جو تخيلاتي استعمال ڪٿان ٿيندو؟ هتي ته ٽڙيل پکڙيل عجيب الخلقت خواب ميڙي چونڊي اڌورا ٽٽل لفظ ڪتب آڻي ڪتاب ڇپائي ايئن مطمئن ٿي ويهندا آهن جيئن، ‘جنرل انشورنس ٿيل شيءِ جا مالڪ مطمئن هوندا آهن ته نقصان ڀرجي ملندو.’
اهو ماحول ان ڪري جڙي راس ٿيو آهي جو اسان وٽ مطالعي جو شوق ناهي، پڙهڻ جي عادت ڪانهي. جديد دنيا ۾ ايئن ناهي اتي سڀ کان وڌيڪ اوليت تعليم ۽ مطالعي کي ڏني وڃي ٿي اتي ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا. ڀلي سڀ ڪجهه ڪمپيوٽرائزڊ هجي. ڀلي هڪ ئي بٽڻ دٻائڻ سان دنيا جو علم، ادب ۽ آرٽ اڳيان اچي وڃي پوءِ به اتي زورشور سان ناول، ڪهاڻي، شاعري وغيره لکجي، ڇپجي ۽ پڙهي ويندي آهي. ايتري قدر جو جڳ مشهور دانشور بائيبل چوي ٿو، ”آئون پنهنجي مطالعي ۽ ڪتاب جي شوق عيوض دنيا جو تخت ۽ تاج ٺڪرائڻ پسند ڪندس.“
بس، اهوئي سڀ ڪجهه چوڻو هيم. وڌيڪ ڪنهن به هدايت جي ڪنهن کي به ڪابه ضرورت ناهي. شال جيڪو چاهيان ٿي اهوئي آئينده ڏسي ۽ پڙهي سگهان.
هَيجُ نَه هُوندَو جِنِ، سَي ڪِيئن وِندر وِينديون
وِهو وِچ رهن، سهسين سَڌُن واريون.
(شاهه رحه)
ج.ع.منگهاڻي
05 ڊسمبر 2013ع
ڪراچي