ماڻهو ڪوئي ڄڻ بيٺو آ. ماڻهو ڪوئي ڄڻ بيٺو آ. راهه ۾ هڪڙو وڻ بيٺو آ. آڏو جواني مرڪي ٿي پئي، ۽ پويان ننڍپڻ بيٺو آ. آٿت جهڙو فرحت جهڙو، منهنجي سامهون سڄڻ بيٺو آ. چنڊ ‘‘مٺل’’ هلندو ئي وڃي ٿو. تاڏي برپٽ رڻ بيٺو آ. **