ڪيڏا گهاوَ پراڻا ٿي پيا، ڪيڏا گهاوَ پراڻا ٿي پيا، ڳلڙا لڙڪن هاڻا ٿي پيا. نيٺ ته پيارا موٽي ايندا، واءُ ۾ ديپ اجهاڻا ٿي پيا. زنگ لڳي ويو جيون کي ڄڻ، پل ۾ ساٿ اياڻا ٿي پيا. ڪاٿي الائي منزل پنهنجي، پير دڳن ۾ ساڻا ٿي پيا. **