تعارف
پرائمري جي دور ۾ منهنجا رهنما ۽ شفيق استاد غلام سرور لغاري ۽ استاد بهار علي لغاري جن هئا. منهنجي تعليمي سفر ۾ منهنجي ماءُ جو اهم ڪردار رهيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي ۽ مان اڄ به پنهنجي امان سائنڻ لاءِ ٻاتا ٻول ڳالهائيندڙ پتڪڙو پٽ آهيان ۽ مون انهن استادن کي به نه وساريو آهي جيڪي مڊل کان هائير تائين منهنجا رهنما رهيا. انهن ۾ سائين هيبت علي ڀرڳڙي ۽ عبدالنبي ڀٽي نمايان نانءَ آهن. مون ادبي زندگي جي شروعات 1990ع کان ڪئي، شاعري جي سفر ۾ منهنجي رهنمائي سائين عبدالله شاه ‘‘اطهر’’ ڪئي، جنهن مون کي هٿ کان وٺي هي راهه ڏيکاري. منهنجي زندگيءَ جو پهريون شعر غزل جو روپ رکي ٿو، جڏهن ته نثر ۾ ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم وغيره به سهيڙيا اٿم، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف مئگزينن، اخبارن ۾ شايع ٿيا. مگر منهنجي ادبي سڃاڻپ شاعري ئي آهي. شاعري جي سڀني صنفن ۾ لکڻ معمول رهيو، پر پنهنجن خيالن جو اظهار غزل جي فارميٽ ۾ خوبصورت ۽ سولو سمجهان ٿو. اڄ تائين نثر توڙي نظم ۾ ٽڙيل پکڙيل تحريرون سهيڙيندس ته ڀايان ٿو پنج کن ڪتاب ٿي سگهن ٿا، جيڪي سڀئي اڻڇپيل صورت ۾ موجود آهن انهن کي ڇپائڻ جي قابل نه ٿي سمجهيو يا اهو ڳرو خرچ ڀرڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو.
1995ع کان ادبي سرگرمين ۾ ‘‘بزم پيرل قمبر’’ کان وٺي ‘‘پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ ‘‘ سان وت ۽ وس آهر ناتو جڙيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. ان کان پوءِ 1999ع ۾ مرڪ پبليڪيشن جي نانءُ سان هڪ اداري جو بنياد وڌو. جتان دوستن جي سهڪار سان سلسليوار ‘‘نئين آس’’ مئگزين شهدادڪوٽ مان شايع ڪرائڻ اول ترجيح ۾ شامل هو. جيڪو هن وقت ماهوار شايع ٿئي ٿو. جنهن ۾ ڪجهه وقت مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر طور ادبي خدمتون سرانجام ڏيڻ منهنجي فرضن ۾ شامل ٿي ويو. ذاتي ڪرت ۾ اٺين ڪلاس کان وٺي محنت مزدوري منهنجي ورثي ۾ آئي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي. منهنجي خانداني پسمنظر ۾ ڪو به شخص ادب سان وابسته نه هيو، ويتر اسان تي بلوچ قبيلن جو اثر رهيو جيڪو منهنجي علمي ادبي زندگيءَ تي اثرانداز ٿيو. منهنجي سوچن جڏهن کان بالغ ٿيڻ شروع ڪيو تڏهن کان جاگيردارن جي غلامي کان بغاوت رهي جنهن جي نتيجي، مون وڏيراشاهي جي هن دور ۾ ڪو به سرڪاري عهدو رتبو نه ماڻي سگهيس. جنهن جي ڪري اڄ تائين هڪڙي هٿ ۾ ڪاغذ قلم ۽ ٻي هٿ ۾ محنت ۽ مزدوري جا اوزار منهنجي ذاتي زندگي جي سڃاڻپ آهن. منهنجي تاحيات سوچ، منهنجي خواهش اديبن سان جيئڻ لاءِ جتن ڪندي سنڌي ادب جو پاند ڇڏڻ نه ٿي ڏئي.ان ڪوشش ۽ جدوجهد ۾ ڪيترو سرخرو آهيان، اهو اوهان ادب دوست ئي بهتر سمجهي سگهو ٿا .
اهڙي طرح 1995ع کان پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي الوداع چئي پاڻ شهدادڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪيم ، جيڪا اڄ تائين برقرار آهي، هن وقت باقر آباد محلي ۾ ننڍڙي فيملي سان زندگي بسر ڪري رهيو آهيان.
(مرتضيٰ لغاري)