مهاڳ: ڪهاڻي قافلي جو نئون مسافر
هڪ سٺي ڪهاڻيڪار ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن، هڪ ته ان ۾ ڪنهن به معاملي کي اظهارڻ جي جرئت هجي ۽ ٻيو قصي کي بيان ڪرڻ جو فن.
سنڌي ڪهاڻيءَ جو سفر هڪ صديءَ جو سفر ٿي چڪو آهي ۽ ان سفر دوران جيڪو ڪهاڻيڪارن جو قافلو هليو، ان ۾ڪيترائي ڪهاڻيڪار آيا ۽ هليا ويا پر پوءِ اڄ تائين به اهو سلسلو هلي رهيو آهي. جيئن ڪنهن به سماج ۾ نفسياتي رويا نسل در نسل منتقل ٿيندا رهندا آهن، اهڙي ريت ڪهاڻي به نسل در نسل منتقل ٿيندي آهي. ڪالهه سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو، نسيم کرل، ماڻڪ، علي بابا، اياز قادري، نجم عباسي ۽ ٻيا ڪهاڻيون لکي رهيا هئا، پر پوءِ ان سلسلي کي شوڪت حسين شوري، رحمت الله ماڃوٺي، حفيظ ڪنڀر، اڪبر سومري، غلام نبي سومري، امر لغاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن اڳيان وڌايو. پر خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ڪهاڻي جو سلسلو اڄ به جاري آهي ۽ نوجوان ٽهي به ڪهاڻي جهڙي اهم ترين صنف ۾ پنهنجو پورهيو ڪري رهي آهي. ظاهر آهي هي اڄوڪي دور جي ڪهاڻي آهي تنهنڪري اها ان ڪهاڻي کان ڪافي مختلف آهي، جيڪا اسان ماضي ۾ پڙهي چڪا آهيون.
ان نوجوان ٽهي ۾ مرتضيٰ ناريجو به هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي ڪهاڻي لکڻ سان شايد عشق آهي. سندس ڪهاڻين جو هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ جنسي بک کان وٺي مالي توڙي اخلاقي ڪرپشن جا رويا اسان کي واضح نظر اچن ٿا. ڪنهن به سماج ۾ ڪهاڻيڪار جو ڪردار ان ڪري به اهم هوندو آهي جو هو پنهنجي زماني جو سچ ڪهاڻي وسيلي ئي بيان ڪندو آهي، ڪهاڻي ڪنهن تخلقيڪار لاءِ اهڙي زرهه آهي، جيڪا کيس رياست جي حملي کان وٺي سماجي حملي کان بچائيندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي جهڙي صنف ۾ ئي اسين اهو سڀڪجهه بيان ڪري سگهون ٿا، جيڪو گهڻو ڪري اسين عام طور تي بيان ڪرڻ کان گهٻرائيندا آهيون. تنهنڪري مرتضيٰ به ڪهاڻيءَ جي زرهه جو استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي زماني جي حملن کان بچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هو ”دوزخ جو دورو”، “راڌا”، “ضمير جو موت” “ڀڙوت” ۽ “پروفيشنل” جهڙيون ڪهاڻيون نه لکي سگهي ها. ڪهاڻيءَ ۾ جتي ڊائيلاگ اهم جز آهي، اتي منظرنگاري به بنهه ضروري آهي. مرتضيٰ جون ڪهاڻيون پڙهي اها ڳالهه محسوس ٿي ته هن وٽ منظرنگاريءَ جي کوٽ آهي. پر ٻئي پاسي هن گهڻو ڪري انتهاپسندي جهڙي موضوع کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏني آهي.
9/11 واري واقعي جا سموري دنيا جي سياست تي اثر پيا، اهڙي ريت ان جا اثر ادب تي به پيا آهن. پوسٽ نائن اليون ادب جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته مرتضيٰ جون لکيل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ان پيرائي ۾ اچن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ انتهاپسندي هڪ ناسور جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. تنهنڪري اها اسان کي تعليمي ادارن کان وٺي ڪرڪيٽ ٽيم تائين نظر اچي ٿي ۽ ان پنهنجا اثر عملي طور به ڇڏيا آهن. جڏهن ڪوبه سماج انتهاپسنديءَ کي پنهنجي ايمان جو جز سمجهي هنڊائيندو آهي ته پوءِ سماجي سطح تي جيڪا ماڻهو مار مهم شروع ٿيندي آهي يا جيڪو اسهپ وارو رويو نفسياتي طور ڪنهن به سماج تي حاوي ٿيڻ لڳو آهي، اهو سماج کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندو آهي.
مرتضيٰ پنهنجن ڪهاڻين وسيلي انهن روين کي نروار ڪرڻ جي پنهنجي پر هڪ ڪوشش ضرور ڪئي آهي پر جيئن ته اهو لقاءَ ڪو معمولي ناهي تنهنڪري ان سموري سماج کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن ڪو ڪهاڻيڪار انهن روين کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڪردار وسيلي بيان ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته سماج واقعي به انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ان مان ڪڍڻ جو ڪم ڪنهن ڪهاڻيڪار جو ناهي پر ان جي نشاندهي ڪرڻ ڪهاڻيڪار جي وس ۾ ضرور هوندو آهي.
مرتضيٰ جو هي ڪتاب بحيثيت ڪهاڻيڪار هن لاءِ پهرين وک آهي، ايندڙ وقت به ۾ هو ڪهاڻيون لکندو رهندو، ڇو ته ڪهاڻيءَ جو سلسلو هلندو رهڻ گهرجي، جنهن وسيلي اسين سماجي نفسيات توڙي انساني روين جي پرک ڪري سگهون ٿا ۽ زماني کي اهو ٻڌائي سگهون ٿا ته زماني جو اصل چهرو ڪهڙو آهي، پاڪ پوتر بڻيل ماڻهو اصل ۾ غلاظتن سان ڀريل وجود آهن، جيڪي پنهنجي منهن تي ٻوٿاڙا چاڙهيو پيا هلن. سو هن ڪتاب لاءِ مرتضيٰ کي مبارڪون هجن ۽ اميد آهي ته هو ڪهاڻيءَ سان پنهنجو ناتو قائم رکندي ايندڙ وقت ۾ به پڙهندڙن کي پنهنجون ڪهاڻيون ضرور آڇيندو رهندو.
[b]اختر حفيظ
[/b] حيدرآباد
22 جون 2019