روينيو وارو صاحب
روينيو عملدار حاجي خان جي پُٽ جي شادي جو ڪاڄ هو، هڙئي ضلعي جا گڙنگ وڏيرا ۽ آفيسر پهتل هئا، دعوت انتهائي اعلى درجي جي هئي، ڪُڪڙ، اڇو ٻُوڙ، ڳاڙهو ٻوڙ، ٻڪر اڇو ٻوڙ، ڀُڳل ٻڪر، برياني چائنيز، مِٺي ۾ پنج ڇهه قسم، تِتر جو گوشت، هرڻ جو گوشت، وڏي جو گوشت، مڇيءَ ۾ فنگر فِش، جهينگا، پلو، فروٽ چاٽ جا ٻه قسم، ٻڪر جي ران جون سجيون مطلب ته ويهارو کان مٿي کاڌن جا قسم هئا.
تر جو ايم پي اي صاحب سندس دعوت جو مهمان خاص هو. حاجي خان جي دعوت ۾ تر جو هر خاص ماڻهو شريڪ ٿيو هو. ائين وري اوڙي پاڙي جي غريب غُربي کي به نه وساريو هئائين.
ماستر “سڄڻ” کي به شادي جي دعوت هئي سو پنج سئو پُوئي جا کيسي ۾ وجهي موڀي پُٽ اصغر کي ساڻ ڪري اچي پهتو هو. اصغر جو هيڏي عاليشان دعوت ۽ ماڻهو ڏٺا ته اصل دنگ رهجي ويو ماستر کان پُڇيائين؛ “بابا هي “حاجي خان” ته وڏي ملڪيت ۽ پُهچ وارو ماڻهو آهي لڳي ٿو مائٽن جي وڏي جاگير اٿس!”.
ماستر اصغر کي؛ “پُٽ ڏهه سال اڳ ۾ حاجي خان ان ايم پي اي صاحب جو مُنڇي هوندو هو، جڏهن ايم پي اي صاحب جي پارٽي جي حڪومت آئي ته ان حاجي خان کي روينيو آفيسر ڀرتي ڪرائي ڇڏيو سو ان وٽ اها ملڪيت ابن ڏاڏن جي ڪونهي”.
اصغر؛ “بابا پر حاجي خان ته وڏو نيڪ ماڻهو آهي، گهر جي مٿان به تختي لڳل اٿس “هٰذا من فضل ربي”.
ماستر مُسڪرائي اصغر جي پُٺن تي ٿڦڪي ڏيندي چيو؛ “پُٽ اهو فضل انهن جو مُريد اٿئي...........
***