ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ڀوپو

هن کي ڪڏهن ڪڏهن دماغي چڪر ٿيندو هو، هلندي هلندي ڪري پوندي هئي، ڪڏهن ٻنيءَ ۾ گاهه ڪندي، ڪڏهن پاڻي ڀريندي ته ڪڏهن وري ويٺي ويٺي الائي جي ڇا ٿي پوندو هئس بس پٽ تي ڪري پوندي هئي، هٿ پير برف وانگر ٿڌا ٿي ويندا هئس، وري ڪجهه ٽائم کان پوءِ ٺيڪ ٿي پوندي هئي.
اهو سلسلو هلندڙ هو، ڪافي ماڻهن، مٽن مائٽن کيس سمجهايو ته گُلان ڇوڪري کي جِن جو اثر آهي پر گُلان جو وڏو پُٽ جيڪو هاڻ ٻارنهن ڪري نرسنگ جو ڪورس پئي ڪيائين سدائين چوندو هو، “او امان ادي کي دماغي مسئلو آهي ڪنهن سائڪالاجسٽ ڊاڪٽر کي ڏيکاريون ٿا ڪو جِن ناهي!”.
پر گُلان ويچاري به ڪري ته ڪري ڇا!؟. ڳوٺ جون سڄيون مايون جو هڪ پاسي هيون ۽ مڙسالا به اصل بِر ٿيو بيٺا هئا سو مجبور ٿي گُلان پنهنجي ڀاءُ جي ڳالهه مڃي سامي مڙهي تي ويٺل ڀوپي ڏي وئي جنهن لاءِ وڏو مشهور هو ته هو ماني ناهي کائيندو رڳو فروٽ تي گذارو اٿس. اصل صفا پهتل آهي، ڀڳوان سان سڌو ٽاڪس ڪندو آهي ۽ جِن ته اصل سندس حاضري نوڪر آهن.
گُلان پنهنجي ڀاءُ کي وٺي ڀوپي وٽ وئي، ڀوپو کايو پيو صفا مست لڳو پيو هو. مڙهي ۾ سنڌور جو واس لڳو پيو هو اصل دونهين سان اکيون ڳاڙهيون لڳيون پيون هئس. اصل جيئن نينگري تي نظر پيس، شڪاري ڪُتي وانگر نُوس نُوس ڪري اکيون مٿي ڪري ڪجهه بڻ بڻ ڪيائين ۽ پوءِ چيائين، “هن ڇوڪري تي جِنن جي سردار ديو جو سايو ٿي پيو آ جيڪو وڏو خطرناڪ آهي، مون کي ست ڏينهن هڪ ٽنگ تي بيهي چٻري وانگر واڇون ٽيڙي چِلو ڪاٽڻو پوندو ۽ توهان ڪارو ڇيلو کڻي اچو پڙهائي لاءِ ڪارو ڪُڪڙ به ڇوڪري تان گهوري وڃي رستي تي اڇلي اچو، ستن ڏينهن کان پوءِ اچي آئون پڙهائي ڪري جِن ڪڍندومانس”.
گُلان ويچاري هڙان وڙان ڪري پِني سِني ڀوپي جون سڄيون شرطون پوريون ڪيون. ستن ڏينهن کان پوءِ ڀوپي اچي ٺڪاءُ ڪيو جنهن چيو ته اڪيلي ڪمري ۾ ڦيڻو ٿيندو، گُگر، سينڌور جا واس ڏئي دونهون ڪري ڀوپي ماحول ٺاهي ڇوڪري کي پٽ تي ليٽائي ڪجهه پڙهڻ شروع ڪيو ۽ آهستي آهستي سندس جسم تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيا جو ڇوڪري وٺي رڙيون ڪيون، ٻاهر سڙٻاٽ شروع ٿي ويا، “ڀوپي سان جِن وڙهي ٿو جو ڀوپي زور زور سان منتر پڙهڻ شروع ڪيا”.
نينگريءَ اُڀ ڏاريندڙ رڙيون شروع ڪيون پر اندر ڏسي ڪير........ ايتري ۾ گُلان جو پُٽ به شهر کان پڙهي واپس آيو، سڄي ماجرا ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو، پنهنجي همٿ سان زور لڳائي دري جو هڪ تاڪ کولي وڌائين ڇا ڏسي ڀيڻ هيٺ فرش تي اُگهاڙي پئي آ ۽ ڀوپو مٿان چڙهيل اٿس.
بس پوءِ ته رڙيون ڪوڪون شروع ٿي ويون اصل ڀوپي کي ڏاڍي ڦيهه ڪڍين ۽ قسم کنين ته اڄ کان پوءِ ڪنهن به ڪوڙي ٺوڳي دوکيباز ڀوپي جي چڪر ۾ نه اچبو.
***