ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

عيد مُبارڪ

عيد مُبارڪ

اڳئين صِف ۾ بيٺل مولوي صاحب اٿيو ۽ خُطبي لاءِ ممبر تي چڙهي بيٺو، “مسلمانو توهان خوشنصيب آهيو جو توهان کي الله سائين عيد جهڙي خوشي ڏني، جن به توهان مان رمضان جا ٽيهه روزا رکيا ڄڻ بهشت ۾ پنهنجو گهر پڪو ڪري ورتو. اي مسلمانو پاڻ ۾ تفرقو ختم ڪريو، محبت سان رهو، پاڙي وارن جو خيال رکو، عيد جي ڏينهن جي مُناسبت سان پاڻ مان جهيڙا جهٽا ختم ڪري کير کنڊ ٿي وڃو ته الله توهان تي مهربان ٿيندو، توهان تي پاڙي وارن جا ۽ غريبن جا حق آهن انهن جا حق ادا ڪريو.
مولوي صاحب خطبو ڏيندو رهيو، سڀ چُپ چاپ وڏي غور سان کيس ٻُڌي رهيا هئا، خطبو پورو ٿيو عيد نماز پڙهي سڀ پاڻ ۾ ملڻ لڳا، ساجن به ڊوڙ ڪري وڃي مولوي کي ڀاڪر پائي عيد مُبارڪ چئي.
کيس چتيون لڳل ڪپڙا پاتل هئا، پيرن ۾ ٽُٽل چمپل پيل هئس، ان وقت مُلان رئيس سان عيد ملڻ لاءِ اٿيو هو، مُلان ساجن کي ٻانهن کان جهلي ڌڪو ڏيندي پري ڪيو ۽ اڳتي گُذري ويو، اڌ ماڻهو پاڻ ۾ عيد ڪونه مليا ڇو ته آچو ۽ الو پاڻ ۾ ڪونه ٺهن، شان ۽ سليمان ڪونه ٺهن، رمون ۽ خمون ڪونه ٺهن، رئيس ڪُرسي تان اُٿي ڪنهن کي هٿ ڪونه ڏنو، گهمنيو جوڳي خيرات لاءِ ويٺل هو پر نبي جي دين جا محافظ کيس نظرانداز ڪيو اڳتي وڌندا پئي ويا.
ويرسي رائمل وارا جيڪي ويچارا صبح کان چريون کوٽي باهيون ٻاري عيد نماز پڙهڻ وارن لاءِ برياني تيار ڪري ويٺل هئا اُهي جيئن چانور وٺڻ آيا ته پريان زين صاحب هڪل ڪئي، جيڪو تازو آفريڪا مان ٻارنهن مهينا چلو هڻي آيو هو، “انهن کي متان چانور ڏنا اٿئو، اهي پاڪ نمازين جا ثواب وارا چانور آهن، هي ته ڪافر آهن!”.
ننڍڙا ٻار مستين ۾ پورا هئا، علي سڄو منظر ڏٺو ويٺي سو پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي “عيد مُبارڪ” ڪنهن کي چئجي...... انهن منافقن کي چوندو نڪري آيو......
***