ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ڀڙوت

ٽاءِ کي سڌو ڪندي هُو سئولو ٿي ويٺو ۽ صاحب جي مُنهن ۾ بُکيي ڪُتي وانگر تڪڻ لڳو.
صاحب جو ڌيان ٻين ماڻهن طرف هو، هُن کنگهڻ جي اداڪاري ڪندي زبردستي ڳلي مان بي سُرا آواز ڪڍيا پر صاحب پوءِ به هن جي طرف مُتوجه نه ٿيو!. هي آهسته آهسته ڪُرسيون مٽائيندو وڃي صاحب جي ويجهو واري ڪُرسي تي ويٺو.
جڏهن ڏٺائين ته صاحب هن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو تڏهن صاحب جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ سندس تعريف ڪرڻ جي خيال سان چيائين؛ “سائين اوهان جو جُوتو ڏاڍو خوبصورت آهي، اهڙو جُوتو هن شهر ۾ ڪنهن وٽ ناهي!”. صاحب کيس ڏسندي مُسڪرايو ته هن وري ڳالهايو؛ “اوهان جي ٽاءِ امپورٽڊ ٿي لڳي شرٽ ته لاجواب آهي!!”.
صاحب مُسڪرائيندي هن جي طرف ڏٺو ۽ چيس؛ “صبح کان منهنجي مشهوري مُهم شروع ڪر، هاڻ وڃ وڃي ڪم سان لڳ......... تنهنجي “ڀڙوت” جو انداز ڏسي لڳي ٿو وڏي ترقي ڪندين!”.
***