ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ضمير جو موت

ضمير جو موت

“صاحب مون کي فرياد داخل ڪرائڻو آهي”. ايس ايڇ او صاحب، “بابا ڇا ٿيو آهي؟، ڪنهن تي فرياد داخل ڪرائڻو آهي؟”.
“صاحب تون واعدو ڪر ته منهنجو فرياد داخل ڪندين!.”.
ايس ايڇ او، “بابا تون ٻُڌائي ته سهي ٿيو ڇا آهي؟، ڪهڙو واقعو ٿيو آهي؟، توسان آخر ڪهڙو ويل آهي؟”.
“صاحب هونئن ته اسان ماڻهو هميشه ويل ۾ هوندا آهيون پر هيءَ جيڪا واردات ٿي آهي نه ان کان پوءِ منهنجي جيئڻ جي ڪا معنى نٿي رهي. ان واردات کان پوءِ منهنجو وجود ڌرتيءَ تي بوجهه بڻيل آهي. ان واردات کان پوءِ آئون ڪچري کان به غليظ ۽ گندو ٿي پيو آهيان. صاحب ان واردات کان پوءِ منهنجو ڌرتيءَ ته هُجڻ بدبُوءَ جو سبب بڻجندو پيو وڃي مون کي ڊپ آهي ته منهنجي وجود ڪارڻ ڪٿي مُعاشري ۾ ناسُور ڦٽن جي وبا نه ڦهلجي پئي صاحب منهنجو فرياد لِک!”.
“بابا لکرائي ڇا ٿيو آهي؟”.
“صاحب ڳالهه ٿوري ڊگهي آهي پر پيرائتي ڪري ٻُڌايان ٿو، صاحب سڀ کان پهريان جڏهن مون ڏٺو ته هڪ ماڻهو کي روڊ تي زنده جلايو پئي ويو ۽ هُن اُڀ ڏاريندڙ رڙيون پئي ڪيون ته آئون اُن وقت بيٺو اهو لقاءُ ڏسي رهيو هئس. مون ان سڄي واقعي کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري وساري ڇڏيو ايستائين جو سندس تڏي تي روئندڙ ٻارڙن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ به ڪونه ويس، ان کان پوءِ مون ڏٺو ته منهنجي پاڙي مان ڪجهه نوجوان “گُم” ٿي ويا!”.
“اچانڪ گُم...... خبر ناهي کين ملائڪ کڻي ويا يا خبر ناهي کين ٻي دُنيا جا “ايلينس” کڻي ويا!. سندن مائرون ڀينرون روئنديون رهيون پر آئون سندن ڳوڙها به اُگهي نه سگهيس. صاحب ان کان پوءِ منهنجي گهر جي ڀرسان هڪ معصوم ٻارڙيءَ سان زيادتي ٿي ۽ سندس گٽر مان لاش مليو، پوءِ ڳليءَ جي ڪُنڊ تي گُلن جهڙي معصوم ٻار کي ڏاڍائي ڪري اڇليو ويو، پوءِ پاڙي ۾ منهنجي نياڻي جي عُمر جي ڇوڪري سان ريپ ٿيو ۽ هُن رسو ڳچي ۾ ٻڌي ڦاهو کائي ڇڏيو صاحب آئون انهن ٽنهي جي تڏي تي به ڪونه ويس نه وري ڪڏهن اهو ٽائم مليو جو کين انصاف ڏيارڻ لاءِ ويٺل روڊ تي سندن مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ پيئرن سان گڏ ٻه منٽ کڻي ويهان ها، صاحب ان کان پوءِ منهنجي پاڙي ۾ هڪڙو ٻار ماني چوري ڪندي پڪڙجي پيو!”.
“شايد ڪافي ڏينهن جو بُکايل هو، مون پنهنجي گهر ۾ روز بچيل بي انتها کاڌي مان ذرو کڻي سندس بُک اجهائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي. صاحب ان کان پوءِ منهنجي ڳوٺ جي هارين جون زمينون پاڻي ڪارڻ سُڪي ويون مٿان کان بااثرن سندن پيئڻ وارو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو، مون انهن جي ڏک ۾ ڀائيوار ٿيڻ جو به ٽائم نه ڪڍيو نڪي انهن سان گڏجي ڪا رڙ ڪُوڪ ڪئي!. صاحب ان کانپوءِ نياڻين کي رستي تي اسڪولن ڪاليجن ۾ حراسان ڪرڻ جو دور شروع ٿيو ته به آئون خاموش رهيس. صاحب ٿر ۾ هزارين ٻار مري ويا، روڊن رستن تي لاشن جا ڍير لڳي ويا، ماڻهن جون آهون دانهون ٻُڌي به آئون اکين تي سڀ ٺيڪ جي بي حيائي واري پٽي ٻڌي آرامي رهيس. صاحب مان مڊل ڪلاس جو اهو وائٽ ڪالر ماڻهو آهيان جيڪو پنهنجو پيٽ ڀريل ڏسي ٻين جي ڍئو تي هُجڻ جو گُمان ڪري چٻري وانگر اکيون پوري ڇڏيندو آهي. صاحب مون اڄ تائين پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪڏهن ناهي سوچيو صاحب منهنجو فرياد لک!”.
ايس ايڇ او، “اڙي آخر ان سڄي ڪهاڻي مان آئون فرياد لکان ڪنهن تي؟؟”.
“صاحب تون فرياد لِک آئون شهمير پُٽ عبدالله اعتراف ٿو ڪريان ته آئون قاتل آهيان، مون قتل ڪيو آهي”.
صاحب، “بابا ڪنهن جو قتل ڪيو اٿئي!؟”.
“صاحب مون پنهنجي ضمير جو قتل ڪيو آهي، مون پنهنجي هٿن سان پنهنجي ضمير کي ماري ڇڏيو آهي، منهنجو ضمير مري چُڪو آهي ها صاحب منهنجو فرياد لِک آئون قاتل آهيان قاتل آهيان پنهنجي ضمير جو قاتل آهيان آئون “بي ضمير” ٿي چُڪو آهيان.......
***