ڪوڙو ۽ فضل
ڪوڙو ۽ فضل ٻه بهترين دوست ٻئي گڏ مال چاريندا هئا، گڏجي جهنگ مان ڪاٺيون ڪندا هئا، گڏجي ميلو گُهمڻ ويندا هئا، گڏ شهر ويندا هئا ڪجهه پُراڻي خيال جا هئا سو ڪپڙي لٽي تي خاص ڌيان نه هوندو هئن بس عيد تي جيڪو وڳو مليو سڄو سال مال چاريندي ڍنڍن ڍورن مان ڌوئي پوئي پيا پائيندا هئا.
هنن جي يارن ۾ راوتو ڪولهي، وڏيري ولو جو هاري آچر ڀيل، وڏيري نبن جو هاري ڦوٽو اوڏ، عيدو ڪُنڀر ۽ ٻيا انهن جهڙا غريب يار دوست هوندا هئا جن سان بغير مذهبي ڀيد ڀاءُ جي پيا گهمندا ڦرندا کائيندا هئا. هنن کي ته اها به خبر نه هئي ته ڪو نفرت ڇا ٿيندي آهي!، مذهبن سان ماڻهو وڏو ڪيئن ٿيندو آهي!.
سالن پُٺيان سال گُذريا، وقت واريءَ مُٺ ويو گُذري هڪ ڏينهن ڳوٺ جي مسجد جي مؤذن سڀني ڳوٺ وارن کي چيو ته، “ڪي پري کان وڏا مذهبي ماڻهو آيا آهن جيڪي توهان کي دين سيکاريندا”.
ڳوٺ ۾ سُس پُس شروع ٿي وئي، “ابو هي ڇا؟، اسان سڀ مسلمان نبي جي دين کي مڃڻ وارا حاجي حسين سٺ جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ڳوٺ مان پيرين پنڌ حج ڪري آيو، ڳوٺ ۾ معشوقڙي مسجد ٺهيل آهي، سڀ نماز به پڙهندا آهن اڃان هي ڪهڙو اسان کي دين سيکاريندا!؟”.
ڪوڙي ۽ فضل به ويٺي سڄيون ڳالهيون ڪن ڏئي ٻُڌيون، سوچين ان اوچي مخلوق کي به ڏسي ٿا اچئون سو ڳوٺ جو پاسڙو ڏيو ويا مسجد انهن کي ڏسڻ.
مار ڇا ڏسن ڏهه پندرنهن ماڻهو وڏين ڏاڙهين سان بسترا ڪُلهن تي، ڪئونرا (لوٽا) هٿن ۾، سنهڙا ڪپڙا، پانچا ڀيڏين کان مٿي اصل مسجد کي اُرهه ڏيو بيٺا هئا. هنن ٻنهي يارن کسڪڻ جي ڪئي جو پريان کان وڏيري هڪل ڪين، “اڙي ٻئي هيڏانهن اچو مسجد ۾ ڪيڏانهن ٿا وڃو دين جون ڳالهيون ٻُڌو!”.
ويچارا ٻئي ڊڄندا ڏڪندا وڃي مسجد ۾ پُٺئين صف تي ويٺا، وڏو گهٻيڙ مُلان جيڪو سڀني جو ليڊر پئي لڳو ممبر تي چڙهيو ويٺو هو. ڪُفر پئي ڪيائين ڪعبي کي پُٺي ڏيو ويٺو هو، بيان شروع ٿيو، “اسان سڀ مسلمان آهيون پر اسان کي سهي دين خبر ناهي، توهان ڳوٺ وارن کي سهي نماز نٿي پڙهڻ اچي، توهان پورا مسلمان ڪونه آهيو، توهان هندو ڪافرن سان گڏ کائو ٿا، انهن کي گڏ ويهڻ ٿا ڏيو توهان ڪفر ٿا ڪريو، توهان جنهن فرقي سان آهيو اهي مسلمان ڪونهن، اسان جو فرقو اصل حق تي آهي، توهان جهاد نٿا ڪريو، اسلام جو وڏو قرض آهي توهان مٿان، توهان اسان سان تبليغ ڪريو، هندو ڪافرن ۽ توهان جهڙن جاهلن کي مسلمان ڪرڻ لاءِ چلي تي هلو ۽ وڏو مُلو الائي جي ڇا ڇا چوندو رهيو. ڪوڙي ۽ فضل جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي صفا چريا ٿي پيا کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هنن سڄي عمر نمازون پڙهيون، روزا رکيا، انسانن کي پاڻ کان گهٽ نه سمجهيو ته هي ڪافر ڪيئن ٿي ويا!؟.
هنن راوتي کي سدائين ڀاءُ سمجهيو هُو خراب ڪيئن ٿي ويو؟. هنن ڪڏهن پکي پکڻ کي به نه رنجايو ته پوءِ هي جهاد جي نالي تي ماڻهو ڪيئن مارين؟.
اصل ٻئي ڄڻا عهد ڪري نڪتا ته هنن جي چوڻ ۾ ناهي اچڻو. سڀ کان وڏو مذهب انسانيت آهي، انسانن سان محبت ڪرڻي آهي، ڪير به اوچو ناهي سڀ انسان برابر آهن، انسان سان محبت ڪرڻ سان ئي خدا خوش ٿيندو.
***