ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

پڙهيل ڳڙهيل 

“توکي قسم آهي ٻيلي ائين نه ڪر!. مون مسڪين تي ڪو رحم ڪر، آئون تنهنجي سِڪ ۾ صفا سُڪي سڙي ويو آهيان!. ٻيلي وارو ڪر.... ڪا مِنٿ ميڙ مڃ......... هاڻ معاف ڪر ڀلا.... مون سچي ۾ فيس بُڪ هلائڻ به ڇڏي ڏنو آهي. آئون توکان سواءِ ڪجهه سوچيندو ئي ناهيان. تون مون مسڪين تي ايڏو ظلم نه ڪر!”.
“ها ها مون کي خبر آهي تون ڪيترو مسڪين آهين!. ڪلهه جو ڳليءَ جي ڪُنڊ تي وات ڦاڙيو پراين مائين کي پئي ڏٺئي اهو ڇا هو؟؟”.
“اڙي اُتي ته آئون مون واري يار گُلو جي انتظار ۾ بيٺو هئس”.
“سُڃاڻيائين ٿي اها نُوس نُوس جي عادت توکي يونيورسٽي ۾ به هوندي هئي ڳالهائيندو مون سان هئين ۽ ڏسندو وري مون واري سهيلي ککر کي هُئين!.”.
“پليز ڇڏ کڻي پراڻن قصن کي هاڻ ته ڏس نه تنهنجي ڪيڏي خدمت ٿو ڪريان؟. ٻيلي سنڌي ته سڀ درگاهي آهن پوءِ ڀلا انهن کي مڃ لطيف جو قسم اٿئي........ سچل جو قسم اٿئي..... قلندر جو قسم اٿئي....... شاهه عنايت جو قسم اٿئي...... گروڙهي جو قسم اٿئي...... سمن سرڪار جو قسم اٿئي........... عيسن شاهه جو قسم اٿئي...... شاهه يقيق جو قسم اٿئي..... ڀڳت ڪنور جو قسم اٿئي....... شِو جو قسم اٿئي......... راما پير جو قسم اٿئي...... ساڌ ٻيلي جو قسم اٿئي مڃ کڻي!!”.
چيائين، “اڙي نڀاڳا لڇڻ ڪر لڇڻ.... ايڏو جو پڙهيو آهين رڳو انهن درگاهن جي نالن جي خبر اٿئي ٻي ڪا خبر نه اٿئي!!”.
چيم، “منهنجو علم ته ان ڏينهن دماغ مان موڪلائي ويو جنهن ڏينهن عشق جي چڪر ۾ لڳي ويچاري ماسيءَ ڦاپيءَ واري ڌيءَ انبڙي سان رشتو ٽوڙي توسان عشق جي شادي ڪيم. مون سمجهيو زندگي رڳو گُرو رجنيش ۽ فرائيڊ جي اصولن تي گذاربي، رڳو پيار ڪبو، عشق ڪبو، آئوٽنگ ڪبي اصل انجوائي ڪبو پر اها خبر ٿورئي هئي ته ڪا تون اندريان کان هٽلر جي مائٽياڻي نڪرندين ۽ مون کي ڪنهن يهودي ڪئمپ ۾ گئس چئمبر حوالي ڪندين. مون ته خوابن جي دنيا ۾ الائي ڇا ڇا پئي سوچيو!!”.
“هل هل هاڻ گهڻئي سوچئيي ننڍڙي پيشاب ڪيو آهي ان کي پيمپر چئنج ڪرائي آئون ڪم پئي ڪريان رڳو ڄاڙي ويٺو هڻين!!”.
***