پردو
“او مُئي نڀاڳي عاشُو مٿي تي پوتي پاءِ ۽ ڪا قميص ڊگهي پائي کڻي پاسن مان سڄي چيلهه پئي ڏسجئي!”.
“اڙي نڀاڳي نياڻي ذات آهين ڪُجهه ابن ڏاڏن ۽ پِڻهين جي عزت جو خيال ڪر!”، پوڙهي صفوران عاشي کي زور سان سڏ به ڪيا پئي ته دڙڪا به ڏنا پئي.
عاشي، “امان ڇا ٿيو آ ڀلا؟ ڇو ڳلو ڦاڙي رڙيون پئي ڪرين؟. ڪير ڪونه ٿو کائي مون کي.”.
صفوران، “ائي ڇوري نڀاڳي توکي ڪهڙي خبر تون ته اڃان معصوم آهين هتي ماڻهو جانورن مان ڪونه مُڙن تون ته سُهڻي سيبتي ڇوڪري آهين!”.
عاشي، “پر امان ماڻهو ڀلا ائين ڇو ٿا ڪن؟”.
“ائي ڇوري هُو مڙد آهن اُهي ته ائين ڪندا نه!. عورت جي مٿان فرض آهي ته هُوءَ پردو ڪري، پنهنجي پاڻ کي لڪائي هلي”.
عاشي، “امان عورت به ته انسان آهي نه اها پردو ڪري هلي سگهي ٿي ته پوءِ ائين به ٿي سگهي ٿو ته عورت مرد کي ڏسي ان جي سونهن ۽ ڪشش کان متاثر ٿي لنئون لڳائي گُناهه جو رشتو جوڙي ڇڏي ته پوءِ!؟؟. امان مرد کي به ته عورت کان پردو ڪرڻ کپي نه؟. جيئن عورت جي دل ۾ خراب خيال پئدا نه ٿين!”.
صفوران، “ائي ڇوري اجايو مٿو نه کاءُ هاڻ ائين کڻي سمجهه ته مرد اهو “سان ڍڳو” آهي جيڪو جل پيو چري ۽ عورت پيرن هيٺيان لتاڙيل گاهه مثل آهي جيڪو “سان” لتاڙي پيو”.
***