ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

پاڙو

پاڙو

نيڪ ماڻهن واتان ٻُڌو اٿم ته پاڙي وارن جا حق سڀ کان پهريان آهن پوءِ ٻيا حق لاڳو ٿيندا آهن پر هتي ته قصو ئي الڳ هو. هُوءَ ڇُڳل کٽ تي پاسا ورائي سُور کان تڙپي رهي هئي، ڪنهن ڪنهن ٽائم برداشت ختم ٿيڻ تي سُور جي شدت کان دانهن نڪري پئي ويس. کيس اڄ پيٽ ۾ سخت سُور هو. شديد سُور هئڻ ڪري هلڻ ڦرڻ لائق به نه رهي هئي. جنهن گهر ۾ ڪم ڪندي هئي اتان کان به صبح کان وٺي ٻه ٽي نياپا آيا هئس پر کين طبيعت خراب هُجڻ جو ٻُڌايائين ته ميڊم چوائي موڪليس، “اهو تنهنجو روز روز جو ڊرامو اسان کان برداشت نٿو ٿئي اڳتي ڪم تي نه اچجان!”.
جواب ٻُڌي سُور ويتر وڌي ويو هئس، هُوءَ ويچاري ته ٻين پاڙي وارن جي سڀني گهرن جو به ننڍو وڏو ڪم ڪندي هئي. صبح کان وٽس اُتان کان به ڪئي نياپا آيا هئا، سڀني کي طبيعت خراب هجڻ جو ٻُڌايائين.
ڪُجهه مايون ته گهر سڏڻ به آيس پر ڪنهن به اهو ڪونه پُڇيس ته تون ڪيئن آهين؟. تو کي دوا دارون جي ضرورت آهي!. ڪُجهه کاڌو اٿئي؟. ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي وغيره.
هر ڪو بس پنهنجي ڪم جي لالچ سان ٻڌل هو. هُوءَ ڇڳل کٽ تي سُور ۾ لُڇي پڄري رهي هئي. سوچيائين پئي پاڙي وارن جي دين ۾ ته درس مليل آهي سڀ کان پهريان “حقوق العباد” آهن پوءِ “حقوق الله” آهن پر هتي ته هي پاڻ ئي ان ڳالهه جا انڪاري آهن جو هنن جي ته پنهنجي لالچ ئي پوري نٿي ٿئي، سندن ڀڀ آهن جيڪي ڀرجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. پاڙو ۽ حُقوقن کي ته هي گهر جي ڪُتي جيتري به اهميت نٿا ڏين!!!.”.
***