مُڙس ماڻهون
“اڙي ٻُڌ تون ناشتو ٻاهر پيو ڪرين؟، خير تو واري مائي ڪيڏانهن وئي يار!”.
“اُن جي طبيعت ٺيڪ نه هئي سو چيومانس تون آرام ڪر ته آئون ٻاهران ناشتو ڪري ٿو اچان”.
“پوءِ ڀلا ڏينهن واري ماني ۽ ڪپڙا؟؟”.
“يار ماني ٻاهران وٺي وٺندس ۽ ڀاڄي پاڻ ٺاهي وٺندس!”.
“اڇا..... ها ڀلا ٿيو ڇا اٿس!؟”.
“بس هلڪو بُخار ٿي پيو اٿس ۽ زُڪام به!”.
“هل ڙي.......... شابس اٿئي اها به ڪا بيماري آ ڇا؟ جو تون مائي کي آرام ويٺو ڪرائين، هُوءَ کايو پِيو مست ٿيو ليٽي پئي هجي ۽ تون ويٺو ڪم ڪرين!. اڙي ٻُڏي مر تون ته صفا ڀاڙيو آهين منهنجي مائي ائين ڪري ها نه ته هڏ ڀنڃي ڇڏيانس ها”.
“اڇا ڇو اها انسان ناهي ڇا؟”.
“اڙي ڇا جي انسان؟. شادي ماڻهون سُک لاءِ ڪندو آهي نڪي مائيءَ جي ٽپالگيري لاءِ، مون واري مائيءَ ته سڄو گهر جو ڪم ڪار به ڪري، ٻارن کي تيار ڪري موڪلي، ناشتو ٺاهي صبح جو مون کي ڪپڙا استري ڪري ڏئي ۽ منهنجو جوتو به پالش ڪري ڏي!”.
“اڙي تون پنهنجي گهر واري کان جوتو پالش ڪرائيندوآهين؟”.
“ها ته ٻيو باقي ڇا لاءِ ورتي اٿم!”.
“اڙي ٻُڏي مر.......... تو جهڙا نه “مُڙس ماڻهوءَ” هن قوم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا. اڙي تنهنجو ايندڙ نسل به توکي گاريون ڏيندو. تنهنجي ٻارن تي ڪهڙي اثر پوندو، ڪجهه لڇڻ ڪر!”. هُو کيس سمجهائيندو رهيو پر “مُڙس” ماڻهوءَ “مُڇ” وٽيندي چيس، “اڙي اها اسان مڙسن جي روايت آهي تون ته ڀاڙيو آهين”.
***