ڪردار
حاجي امام بخش ڏاڙهي مُبارڪ تي هٿ ڦيريندي ڳالهه جي شروعات ڪئي؛ “ادا جُمن اڄڪلهه ايمان موڪلائي ويو آهي، نفسا نفسي جو دور آهي، ماڻهو پيا هڪٻئي جو ماس پٽين، نوجوانن ۾ به اچي بُرائين جي وبا ڪاهي پئي آهي، سڄو ڏينهن وتن نشا پتا ڪندا ۽ اهو نڀاڳو موبائل سڄو ڏينهن اٿن هٿ ۾، پنهنجي مُنهن وتن ٿا ڀئونر وانگر ڀُون ڀُون ڪندا!. “ڪردار” نالي ڪا شئي نه رهي اٿن!”. جُمن هائو حاجي بلڪل سچ ٿا چئو.
حاجي صاحب وري ڳالهه شروع ڪئي؛ “اسان جي دور ۾ ايمان هو، حياءُ هو، هاڻ ته ڇورن ۾ لڇڻ ئي ڪونهي!. وڏي ننڍي جو ادب ئي نٿا ڪن”. ڪئبن تي ويٺل الُو به حاجي صاحب جي ڳالهه جي تائيد ڪندي هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. پٽيل الهرکيي سڄي ڪچهري ٻُڌي ويٺي ۽ ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ويٺي ڪئي. پٽيل ڳالهائيندي چيو؛ ؛حاجي صاحب اوهان جون ڳالهيون برحق سچيون آهن پر هڪ ڳالهه مون کي به ٻڌايو اسان جي ڳوٺ جي ڇورن جي بگڙجڻ جي وجهه ڪهڙي آهي؟”.
حاجي صاحب مٿو کنهندي چُپ ٿي ويو، پٽيل وري ڳالهايو؛ “حاجي پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻاويهه سالن کان اسڪول ٺهيل آهي ۽ جنهن ڏينهن اسڪول ٺهيو اوهان جي اڳيان وڏيري غلام علي کي ماستري جو آرڊر مليو”. حاجي صاحب هائوڪار ڪئي، “حاجي ماشاءَ الله وڏيرو غلام علي هينئر سورهين “عمري شريف” جي سعادت لاءِ عربستان ويل آهي ۽ پنج کن حج ڪري ويٺو آهي پر حاجي صاحب، جُمن، الو اوهان شاهد آهيو انهن ٻاويهه سالن ۾ غلام علي ڪڏهن اسڪول ۾ ويهي ناهي پڙهايو. مطلب ته اهي ٻاويهه نسل خراب ٿيا، هاڻ جي اهڙا حال هوندا ته ڇورن ۾ لڇڻ ڪٿان ايندو؟، واقعي مڃيان ٿو ڇورا ڪردار ۾ پُٺتي پئجي ويا آهن پر پنهنجي مُعززين جا ڪردار به ڳڻڻ جهڙا ناهن رهيا!!.
***