ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

سماجي اڳواڻ

سماجي اڳواڻ

وڏي ڪرولا گاڏي مان لهڻ کان پوءِ پاڻ سڌو اچي پريس ڪلب تي مظاهرين جي وچ ۾ بيٺو ته مائيڪ واري همراهه سندس ڪپڙا، گاڏيءَ ۽ ٺٺ ٺانگر ڏسي وري گذريل ڳاڙهي ٻوڙ ۽ ڪڙي پاڻي واري دعوت ياد ڪري هيئن تعارف ڪرايس، “سائين چنيسر خان ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي!. سائين وارن جي خاندان جو شجرو آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ (تاريخ کان اڻ ڄاڻائي ۽ ٻوڙ جي آسري ۾) مير صادق ۽ جعفر جي خاندان سان وڃي ملي ٿو. سائين جن هتي بيواهن لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. اصل سماجي ادارو ٺاهي سماج لاءِ آفيسرن جي درن تي ڌُوڙيا لائي ڏنا اٿئين. بيروزگاري شهر مان پنجاهه پرسنٽ ختم ڪري ڇڏي اٿائين. اصل حڪومت جي پاليسين تي سخت موقف رکندو آهي ۽ هاڻ هاڻ تازو دبئي مان اوهان جي شهر لاءِپروجيڪٽ وٺڻ ويو هو!”.
مائيڪ واري ايڏي تعريف ڪيس جو خوشيءَ ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ۽ پيٽ ڇوليون هڻڻ لڳس. پريس ڪلب تي تعليمي بجيٽ گهٽ هئڻ ڪري حڪومت خلاف مظاهرو هو، سڀني تقريرون ڪيون، هن سماجي اڳواڻ به زورن سان تقرير ڪئي. اوچتو سندس آئي فون ليٽسٽ ماڊل تي ڪاموري صاحب جو ميسيج آيس، “سائين اوهان وٽ ته حصو پهتو آهي نه پوءِ توهان به؟”.
رپلائي ڏنائين، “سائين “چُوتين” جي ٽيم آهي ٻيو ڪو اچي توهان جي ڳلي ۾ فِٽ ٿيندو ان کان مون اچي اڳواڻي ڪئي آهي، سڀ پنهنجا آهيون ٻين کي ڪهڙي خبر؟”.
ٻئي پاسي کان “ڪاموري” وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، “واهه “سماجي اڳواڻ!”. هن جو پيٽ به لُڏڻ لڳو.
***