ترقي
“بابا خير ته آهي، اڄ آچر جو ڏينهن آهي منهنجي موڪل آهي اڄ ته سُمهڻ ڏيو!”.
“واحد پُٽ اڄ اوطاق تي مرشد گيدوڙي فقير جو پروگرام رکيل آهي، تون اڃان سمهڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهين”.
“بابا انهن گيدوڙن ۽ ڏاڙهن کي پاڻ وڃي ڏسو آئون نه هلندس!”.
واحد جو پيءُ اها ڳالهه ٻُڌي تيش ۾ اچي ويو؛ “اڙي نڀاڳا پِٽجي ويندين!، مُرشد سڳورو پُهتل آهي پنهنجو...... اڙي وات ڳاڙها تون جڏهن ننڍو هئين ته تنهنجي وارن جي چڳ ڪٽي سائين توکي مُريد ڪيو هو”.
“بابا ان وقت به منهنجي وارن جي ڀينگ اوهان ڪرائي هوندي!، مون ۾ جي عقل هجي ها ته تڏهن ئي مرشد کي اک وارو پٿر هڻان ها”.
بابو واحد کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو ٻاهر نڪري آيو وري ڏاڏو اندر واحد جي ڪمري ۾ داخل ٿيو؛ “بابا واحد پڻهين کي ڇا تي ڪاوڙايو اٿئي جو گارين جي لولي پئي ٿي پويس!”.
“ڏاڏا الائي جي ڪهڙو گيدوڙو ٿو اچي!. بابا چئي ٿو پنهنجو مرشد آهي اچ اوطاق تي”.
ڏاڏي شفقت ۽ پيار سان واحد کي سمجهائيندي چيو؛ “پُٽ گيدوڙي فقير جا پاڻ ابن ڏاڏن کان مريد آهيون، اسان گيدوڙي سائين جي والد محترم مرشد داسوڙي فقير جا مريد آهيون، مرشد هميشه گهوڙي تي پٽڪو ٻڌي اچي اوطاق تي پهچندو هو ۽ ڪئي ڏينهن هتي رهيو پيو هوندو هو، پوءِ اسان پيا فيض وٺندا هئاسين ۽ ڏن گڏ ڪري ڏيندا هئاسين، ان دور ۾ اسان ڏاڍا خوشحال هئاسين، منهنجي والد تنهنجي پڙ ڏاڏي وٽ پنهنجي ذاتي جيپ هوندي هئي”.
“ڏاڏا ڀلا گيدوڙو فقير به گهوڙي تي چڙهي ايندو آهي!؟”.
“نه پُٽ الله جي ڪرم سان مرشد گيدوڙي فقير وٽ ٻه لينڊڪروزر گاڏيون آهن ۽ هن سال مُرشد اليڪشن ۾ پُڻ حصو پيو وٺي!”.
واحد؛ “واهه ڏاڏا واهه...... توهان جيڪي ابن ڏاڏن کان رئيس هئا، جن وٽ ايترو سڀ ڪجهه هو، انهن وٽ هينئر چڙهڻ لاءِ گڏهه به ڪونهي ۽ هي ٺڳ ۽ جعلي مرشد اوهان جي ڏن جي پئسن مان لينڊڪروزر تي چڙهيو پيا گُهمن!”.
واحد جو ايترو چوڻ هو ۽ ڏاڏي لٺ ۾ هٿ وڌو ۽ گاريون ڏيندي هڪل ڪيائينس؛ “اڙي مُنڪر......... مُرشد پاڪ جي خلاف ٿو ڳالهائين!؟؟”.
واحد چمپل هٿ ۾ ڪئي ۽ ڪمري مان ڊوڙي نڪري ويو.
***